Tuesday, 25 December 2018

Value your parents پنھنجي والدين جو قدر ڪر

MyDairyAsgharSagar

Vitamin B6 وٽامن بي6 | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
وٽامن بي6    Vitamin B6
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ھن وٽامن کي پريڊوڪسين Pyridoxine بہ سڏيو وڃي ٿو. توانائي جي سطح  ۽ گهرڙبدليت Metabolism برقرار رکڻ لاء وٽامن بي6 جي ضرورت پوي ٿي. ھي وٽامن چرٻين Fats ۔ نشاستن Carbohydrates ۽ پروٽين Protein کي ٽوڙڻ لاء ٻين وٽامنن سان گڏجي ڪم ڪري ٿي. وٽامن بي6 رت جي پروٽين پيدا ڪرڻ لاء خاص ڪردار ادا ڪري ٿي. دماغ جي گهرڙن کي عملي طور تي عصبي نفوذو Neurotransmitter  ڄاتو وڃي ٿو ۽ جسم ۾ ردعمل طور 100 کان وڌيڪ بائيو ڪيميڪل ڪردار ادا ڪن ٿا.
وٽامن بي6 ساڳن ڪيميائي مرڪبن سان واسطو رکي ٿي جيڪي حياتياتي سرشتي سان واسطو رکن ٿا. وٽامن بي6 وٽامن بي گروپ جو حصو آھي. ھن جي سرگرم جوڙجڪ پريڊوڪسل 5۔فاسفيٽ Pyridoxal 5′-phosphate آھي ۽ امينو ايسڊ Amino acid ۔ گلوڪاڻ Gulucose ۽ چرٻ گهرڙبدليت Lipid metabolism ۾ 100 مددو خامرن طور ڪم ڪري ٿي.
ٻارن جي خاص دماغ جي اوسر ۽ سڀني عمر جي ماڻھن لاء وٽامن بي5 جي ضرورت پوي ٿي. اھاجسم کي سيروٺ Serotonin harmone ھارمون ٺاھڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪو مزاج کي باقائدي ڪري ٿو ۽ نوريپ Norepinephrine ھارمون جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪو جسم کي ڇڪتاڻ Stress سان منھن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
 وٽامن بي 6 جا مختلف فعل آھن ان ڪري صحت جي بھتري لاء ھن وٽامن جي روز ضرورت پوي ٿي. وٽامن بي6 دماغ Brain ۔ چمڙي Skin ۽ وارن Hair جي صحت کي برقرار رکي ٿي ۔ فالڄ جي روڪ ڪري ٿي ۔ ڇڪتاڻ Stress ۽ مونجھ Depression کي مٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۔ رت جي کوٽ دور ڪري ٿي ۔ ٿڪ ھٽائي ٿي ۔ سڪون واري ننڊ ڏئي ٿي ۔ خواب ڏيکارڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ خاص ڪري حمل وارين عورتن ۽ ٻارن لاء مفيد آھي.
وٽامن بي6 عصبي نفوذن Neuro transmitters جي اپت ۾ مدد ڪري ٿي، اھڙو ڪيمياڻ جيڪو جيڪو دماغ Brain ۽ تنت Nerve cells جي گهرڙن وچ ۾ رابطو پيدا ڪري ٿو ۽ پڪ ڏئي ٿو تہ گهرڙ بدل مرحلا جيئن چرٻي ۽ نشاستي جي گهرڙبدليت Metabolism ھموار ھلي ٿي ۽ پراڻي انفراديت ۾ مدافعتي سرشتي جي ڪم لاء اھم آھي. وٽامن بي6 دماغ لاءِ بھترين هوندو آهي، وٽامن بي 6 سيروٺ ٺاهيندو آهي جيڪو دماغ جي ڪارڪردگي کي بھتر ڪندو آهي، جسم جي موڊ کي صحيح رکي دٻاءُ کي گهٽ ڪندو آهي. تحقيق مان خبر پئي آهي تہ وٽامن بي 6 جي گهٽتائي ڊپريشن پيدا ڪري ڇڏيندي آهي، ان لاءِ جڏهن اوهان جو دماغ دٻاءُ کان آزاد ۽ خوشگوار موڊ ۾ هجي تہ اهو بھترين طريقي سان ڪم ڪندو آهي ۽ ڄاڻ کي محفوظ ڪندو آهي.

وٽامن بي6 جي کوٽ جون نشانيون :-
چمڙي جا داڻا      Skin Rashes

چپن تي ڏار        Cracked lips

چپن تي سوڄ     Sore Lips

زبان جي سوڄ    Sore tongue
   
لاسڙ زبان           Glossy Tongue

مزاج ۾ تبديليون Mood Changes

ڪمزور مدافعتي سرشتو
Weakened Immune Function

ٿڪ                  Tiredness

گهٽ توانائي       Low Energy

ھٿن ۽ پيرن ۾ درد   Pain in Hands and Feet

ھٿن ۽ پيرن ۾ ڌونڪ    Tingling in Hands and Feet
ھٿن ۽ پيرن ۾ ھڙڳ
ھٿن ۽ پيرن ۾ ٽراٽون

چيرون               Seizures

وٽامن بي6 جا وسيلا :-
ھن وٽامن ۾ ڪيلو ۔ انناس ۔ ليمو ۔ نارنگي ۔ پالڪ ۔ ساڳ ۔ سبزيون ۔ اڇي گجر ۔ صوف ۔ ٿوم ۽ بيدو وغيرھ شامل آھن.
ھلندڙ
پريڊوڪسين           Pyridoxine
چرٻين                   Fats
نشاستن                 Carbohydrates
پروٽين                   Protein
عصبي نفوذو          Neurotransmitter
پريڊوڪسل 5۔فاسفيٽ      Pyridoxal 5′-phosphate
امينو ايسڊ                        Amino acid
گلوڪاڻ                            Gulucose
چرٻ گهرڙبدليت                Lipid metabolism
سيروٺ                            Serotonin harmone
نوريپ                              Norepinephrine
 ڇڪتاڻ                           Stress
مونجھ                             Depression

Monday, 24 December 2018

Blue Java Banana نيرو ڪيلو ۔ نيرنج ڪيلو | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
“Blue Java Banana”
”نيرو ڪيلو ۔ نيرنج ڪيلو ۔ آئسڪريم ڪيلو ۔ حوائي ڪيلو“
”اصغر ساگر (اصغر علي چانڊيو)“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
دنيا ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڪيلن جا قسم آھن ھر ڪيلو پنھنجي مناسبت سان افاديت ۽ اھميت رکي ٿو ھر ڪيلو پنھنجو ذائقو رکي ٿو. نيرنج ڪيلو بہ انهن مان ھڪ آھي. يورپي ملڪن ۾ ھن ڪيلي کي محبت جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي ان ڪري اڪثر يورپي ھن ڪيلي کي پيار Love چوندا آھن. واقعي جڏھن ھن ڪيلي کي ڏسبو آھي تہ دل کي ازخود ھن جو منظر وڻندو آھي ايتري قدر جو ھي ڪيلو ھر گهر جي اڱڻ ۾ پوکيو ويندو آھي ۽ ھن کي ڏسي سڪ جي آسيس کي سڪون ملندو آھي.
نيرنج ڪيلن کي نيرو چاندي جھڙو رنگ ھوندو آھي جڏھن اھي اڃان ننڍا ۽ اوسر ۾ ھوندا آھن پر پچڻ کان پوء پيلا ٿي ويندا آھن. اھي عام ڪيلن جي ڀيٽ ۾ ننڍا ۔ مستطيل نموني ۽ گڪا plump  ھوندا آھن. ھن جو ذائقو ماکي ۽ ونيلا ڪسٽرڊ جھڙو ھوندو آھي. ھن جو ذائقو ونيلا آئسڪريم سان ملي ٿو ۽ ونيلا آئسڪريم جيترو بھترين ذائقو رکي ٿو.
نيرنج ڪيلي جو نباتات ۾ نالو موسا اڪيومنيٽا Musa acuminata آھي. نيري ڪيلي کي فجي ۾ پاڪا ۔ وچ آمريڪا ۽ اوڀر انڊيا ۾ ڪينزو ۽ فلپين ۾ ڪرائي ۽ حوائي ۾ حوائي ڪيلو يا آئسڪريم ڪيلي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
موسا بلبسيانا Musa balbisiana ۽ موسا ايڪيومنٽا Musa acuminata کي پيوند ڪري ھڪ نئون ڪيلو ٺاھيو ويو جنھن کي نيري ڪيلي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. 
ھي ڪيلو چرٻي گهٽائيندڙ ۽ دل لاء متوازن غذا Heart-healthy diet آھي. ھي توانائي ڏيڻ کان سوا ٻيا ڪيترائي فائدا رکي ٿو. ھن ۾ پوٽيشم ۔ وٽامن ۔ معدنيات ۔ غذا وارا خامرا ۽ نباتي متوازن جزا Phytonutrients ٿين ٿا. نيرو ڪيلو ھر کاڌي ۾ استعمال ٿئي ٿو ۔ ڪسٽرڊ ۾ پوي ٿو ۔ مانين ۾ شامل ٿي ان کي ذائقيدار ڪري ٿو ۔ ڪيڪن جي زينت بنجي ٿو ۔ آئس ڪريم جي سواد کي وڌائي ٿو ۽ ڪريمن جي ذائقي کي وڌائي ٿو.
نيري ڪيلي مان ڪافي ذائقيدار شيون ٺھن ٿيون. ھي اخڙوٽ ۔ چاڪليٽ ۽ تازن ميون سان گڏجي غذادار ڏھي يو ڪريم جي سواد کي وڌائي ٿو.  Blue Banana Frozen Yogurt کي جنوري 2011ع ۾ ايجاد ڪيو ويو جنھن کي کائڻ سان وڏو لطف اچي وڃي ٿو ۽ دل ان کي وري وري کائڻ لاء چوي ٿي.
نيري ڪيلي سان 2 ڪھاڻيون منسوب آھن. پھرين ھن کي يورپ جي بليو بنانا ڊسٽرڪٽ سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آھي. ٻيو ھن بابت رايو آھي تہ اھو ڏکڻ برطانيہ مان شروع ٿيو پوء اتر فرانس ڏي وڌيو. ان کان پوء اوڀر کان ٿي جرمني ڏي ۽ آخر ۾ ڏکڻ کان اٽلي ڏي. مڙيل ھئڻ ڪري ھن تي بليو بنانا ضلعي جو نالو پيو.
بليو ڇو؟
ھي بليو بنانا ڊسٽرڪٽ اٽلي وارو علائقو يورپ جي معاشي ۽ سماجي ڪرنگهي کي ظاھر ڪري ٿو جتي ڪيلي کي ٻن ڪيلن کي پيوند ڪري تخليق ڪيو ويو. نيري ڪيلي مان ٺاھيل ڏھي تمام سواد واري ٿئي ٿي جنھن کي اڃان بہ کائڻ لاء دل چوندي آھي. ھن مان ٺھيل حوائي واري آئسڪريم تمام مشھور آھي. حوائي ملڪ ۾ 100 کان وڌيڪ ڪيلن جا قسم اپايا وڃن ٿا سڀ جا سڀ ذائقيدار.
ھن ڪيلي ۾ نشاستو ۽ کنڊ ٿئي ٿي. نشاستو کنڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. جڏھن ھي ميوو پچي ٿو، ھن ڪيلي ۾ حقيقي مٺاڻ ۽ سواد اچي وڃي ٿو. حوائي ۾ ھن ڪيلي کي آئسڪريم ڪيلو چيو وڃي ٿو. ھي 15 کان 20 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. ھن جون ٽاريون ننڍيون ٿين ٿيون ھي 7 کان 9 ھٿ رکي ٿو. شڪل ۾ ڪٻو يا گڪو Plump نظر اچي ٿو. ھن ڪيلي جي کل سخت ٿئي ٿي ان ڪري ٿڌ برداشت ڪرڻ جي وڏي سھپ آھي ڀلي طوفان اچن پر ھي ڪيلي جو وڻ لکا محسوس نٿو ڪري.
نيرنج ڪيلا مشھور ڪيلا آھن ڇوجو انهن کي رڌي يا تازو کائي سگهجي ٿو. ھي ذائقي جي حساب سان مقبول آھن جن جو ذائقو ونيلا آئسڪريم سان ٺھڪي ٿو. ھي ڪيلو کائڻ وقت آئسڪريم ۾ 14 چنڊ لڳائي ٿو.
نيري ڪيلي کي صوف ڪيلو يا منانو ڪيلو بہ سڏيو وڃي ٿو. ھن ڪيلي ۾ 8 امينو ايسڊ ٿين ٿا جن کي اسان جو جسم پاڻ پيدا ڪري نٿو سگهي.
نيرنج ڪيلي جا فائدا :-
◀ھي ڪيلو ٻين ڪيلن وانگر پوٽيشم جو بھترين ذريعو آھي
◀ترت توانائي مھيا ڪري ٿو
◀ٿڪ جي احساس کي جلدي ختم ڪري ٿو
◀پاڻ ۾ قدرتي مٺاڻ رکي ٿو
◀ھڏين جي نشونما ڪري ٿو
◀دستن ۾ مفيد آھي
◀ڀاڄي طور استعمال ٿئي ٿو جنھن کي کائڻ سان ذائقي جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا
◀ڏھي کي ڄمائي ٿو
◀ڏھي ۾ پنھنجي بھترين آميزش سان ان جي سواد کي بھترين بنائي ٿو
◀ذائقي ڀلي ھئڻ ڪري وڌيڪ کائڻ جي رغبت ڏئي ٿو.
By Asghar Ali Chandio

Vitamin B5 وٽامن بي5 | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
وٽامن بي5   Vitamin B5
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وٽامن بي5 جنھن کي پينٿونڪ ايسڊ Pantothenic acid چوندا آھن اھا انساني زندگي لاء اھم وٽامن ۾ شمار ٿئي ٿي. ھي وٽامن پاڻي ۾ حل ٿيڻ جوڳي آھي ان ڪري ھنجي واپرائڻ سان صحت کي ڪو نقصان نٿو ٿئي پر دست ٿي سگهن ٿا. ھي وٽامن ٻين بي وٽامنن وانگر پروٽين Protein ۔ نشاستن  Carbohydrates ۽ چرٻين Fats کي ٽوڙي توانائي ۾ تبديل ڪري ٿي. ھي وٽامن وارن Hair ۔ چمڙي Skin ۔ اکين Eyes ۽ تنتي سرشتي Nerve system لاء مفيد آھي. ھي تنتي سرشتي Nerve system کي فروغ ڏئي ٿي ۽ جيري جي ھاضمي جي سرشتي لاء رت جا ڳاڙھا گهرڙا تشڪيل ڏئي ٿي جيڪي جسم ذريعي آڪسيجن کڻي ھلن ٿا ۽ اڏور غدودن ۾ جنسي گهرڙا ٺاھن ٿا. وٽامن بي5 رت جي ڳاڙھن گهرڙن کي ترتيب ڏئي ٿي ۔ اڏور غدودن Adrenal glands کي منظم ڪري ٿي ۔ پت Cholesterol  جو مرڪب ٺاھي ٿي ۽ مٿ پت High cholesterol کي گهٽائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. چرٻاڻ Triglyceride  کي ختم ڪرڻ لاء ڏينھن ۾ 3 دفعا پينٽٿين 300 گرام وٺڻ گهرجي.
وٽامن بي5 ڪارگر موادن جيئن چرٻين Fats ۔ پت Cholesterol  ۔ پسارن Steroids ۔ عصبي نفوذن Neurotransmitters  ۔ ڳاڙھن گهرڙن Red cells جي ترتيب بندي ڪري ٿي. وٽامن بي5 تاڻي ھارمون Cortisol harmone کي باقائدي ڪري ٿو. جڏھن توھان جذباتي ڇڪتاڻ Emotional conflict مان گذرو ٿا تہ توھان وڌيڪ تاڻا ھارمون Cortisol harmone پيدا ڪريو ٿا جيڪي موٽ ۾ وٽامن بي5 کي کٽائين ٿا. کنڀي وري توازن ۾ مدد ڪري ٿي.
وٽامن بي5  (A (CoA مددو خامري جو مرڪب آھي جيڪو توانائي جي اپت ۾ چرٻين Fats ۽ نشاستن Carbohydrates، ان کان سوا اڏور ھارمونن Adrenal harmones ۽ رت جي گهرڙن Blood cells جي کاپي جو مرڪب آھي. ھي وٽامن خاص طور تي غيرمعمولي طور تي اڏور جي ڪم Adrenal function ۾ اھم آھي ۽ گهڻي عرصي کان اڏور جي ڪم Adrenal function ۽ گهرڙاتي گهربدليت Cellular metabolism جي ڪري ڇڪ روڪ وٽامن Anti stress vitamin سمجهي وڃي ٿي. 
حمل واريون عورتون يا ٿڃ ڏيندڙ عورتن لاء وٽامن بي اھم آھي. ھن جي کارائڻ سان عورت ۾ توانائي اچي وڃي ٿي ۔ رت وڌي ٿي ۔ ٿڃ پياريندڙ عورت جو کير وڌي ٿو ۽ ھن جو گهرڙبدل سرشتو برقرار رھي رھي ٿو.

وٽامن بي5 جي کوٽ جون نشانيون :-
اي ڊي ايڇ ڊي           ADHD
سنڌن جو سور          Arthrid
چمڙي جا مسئلا         Skin problems
الڪوحل جي ھير      Alcoholism
ايلرڄيون                  Allergies
وار ڪرڻ                  Hair loss
دم                            Asthma
دل جا مسئلا              Heart problems
آڱرين جو عصبي درد  Carpal tunnel syndrome
ڦڦڙن جو بگڙڻ                  Lung disorders
تنتي ڀڃ ڊاھ             Nerve damage
 آنڊي جي سوڄ         Colitis
 اکين جا ڇوت           Eye infections
 تشنج ۔ عضون جي ڇڪ    Convulsions
 بڪين جو بگڙڻ        Kidney disorders
ٻڦو                           Dandruff
 ذھني مونجھ            Depression
 شڳر جا مسئلا           Diabetic problems
مٿي جا سور              Headaches
ذھني ڇڪتاڻ            Hyperactivity
گهٽ بي پي                Low blood pressure
ننڊ نہ اچڻ                  Insomnia 
چڙ                             Irritability
ڪثرتي اوڄي درد       Multiple sclerosis
مشڪي درد                Mascular cramps

وٽامن بي5 جا وسيلا :-
ھي وٽامن کنڀي ۔ گرين ۔ ڦرين ۔ گوشتن ۔ ڊيري شين ۽ بيدن تي مشتمل آھي. ھن وٽامن ۾ ولايتي ناسپتي ۔ بيدو ۔ کير ۔ کنڀي ۔ پٽاٽو ۔ اناج ۔ خمير ۔ گوبي ۔ ڪڪڙ ۔ کيري ۔ مٽر جي ڦرين ۔ گل گوبي ۔ بڪي ۽ جيرو اچي وڃن ٿا.

چرٻيون ۔ چرٻين                                           Fats
پت                                                 Cholesterol
پسارا ۔ پسارن                                        Steroids
عصبي نفوذن                       Neurotransmitters
ڳاڙھا گهرڙا ۔ ڳاڙھن گهرڙن                      Red cells
تاڻو ھارمون ۔ تڻڪ ھارمون ۔ تاڻي ھارمون  Cortisol
ھلندڙ

Saturday, 22 December 2018

Vitamin B3 وٽامن بي3 | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
 وٽامن بي3        Vitamin B3
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

وٽامن بي3 جسم ۾ وڏي حد تائين استعمال ٿئي ٿو. ھي وٽامن ھاضمي جي سرشتي Digestive system ۔ چمڙي Skin ۽ تنتي سرشتي Nerves system جي فعلن ۾ مدد ڪري ٿي. وٽامن بي3 کي نياسن ۽ نڪووٽنيمائيڊ ۽ ۽ انوسيٽو ھيڪسانڪوٽنيٽ چئجي ٿو.
تحقيق مطابق وٽامن بي3 ٺوس پت HDL کي فروغ ڏئي ٿي ۔ چرٻاڻ Triglyceride کي گهٽ ڪري ٿي ۽ چرٻ پت LDL ۾ گهٽتائي آڻي ٿي.
  وٽامن بي3 مٿ پت High cholesterol  ۽ دل جي بيمارين Heart disease لاء ڪم اچي ٿي.
ڏسجي تہ وٽامن بي3 مٿ پت High cholesterol  کي ھيٺ لاھي اچي ٿو ۽ جيري جي نقصان Liver damage ۽ گئس باد جي مسئلن  Gastrointestinal problems کي حل ڪري ٿي ۔ دل جي دوري Heart attack جي جوکن کي گهٽ ڪري ٿي ۽ پيليگرا Pellagra بيماري کي روڪي ٿي.
وٽامن بي3 جسم جي 200 کان مٿي خامرن Enzymes
 جي ڪمن کي پاڻڀرو ڪري ٿي. وٽامن بي3 ٻن ڪيمياڻ نڪوٽنڪ ايسڊ Nicotinic acid ۽ نياسنيمائيڊ Niacinamide جي جوڙجڪ آھي. جسم انهن کي ٽوڙي ٻہ نوان ڪيمياڻ نيڊ NAD ۽ نيڊپ NADP پيدا ڪري ٿو.
نيڊ ۽ نيڊپ جسم ۾ مختلف ڪيميائي رد عملن ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ گهرڙي جي گهرڙبدليت Cell metabolism  کي مدد ڏين ٿا ان ڪري جن ماڻھن ۾ وٽامن بي3 جي کوٽ آھي اھي صحت جي مسئلن ۽ عارضن کي منھن ڏيئي سگهن ٿا جيڪي جيون کي ڌچڪو ڏيئي سگهن ٿا.
وٽامن بي3 پاڻي ۾ حل جوڳي وٽامن Water soluble vitamin آھي مطلب اھا جسم ۾ جسم نٿي ٿئي رت ۾ گردش ڪري مطلوبہ فائدا ڏيئي پيشاب ذريعي نڪري وڃي ٿي. گوشت ھن وٽامن جو متبادل ذريعو آھي.
وٽامنن بي وانگر ھي وٽامن نشاستي Carbohydrates ۔ چرٻين Fats ۽ پروٽين Protene کي ٽوڙي توانائي Energy ۾ تبديل ڪري ٿي. ان کان علاوا ھي جيري Liver ۽ غدودن Glands جي ڪمن ۾ ھاڪاري ڪردار ادا ڪري ٿي. ھي وٽامن اڏور غدودن Adrenal glands کي پيدا ڪري ٿي ۽ جيري مان نقصانڪار ڪيمياڻ خارج ڪري ٿي. ھي وٽامن اڌ مٿي جي سور Migraine  ۔ رت جي دوري  Circulation problems ۔ مٿي جي ڦيري Dizziness  ۽ ڪالرا سان منسلڪ ڊائريا Diarrhea associated with cholera جھڙن عارضن جي علاج طور ڪم اچي ٿي.

وٽامن بي3 جا وسيلا :-
ھي وٽامن گوشت ۔ جو جي ڏاري ۔ ڪڻڪ جي ڏاري ۔ ايڪڏو ۔ ٽماٽي ۔ کجور ۔ مٺي پٽاٽي ۔ کنڀي ۔ ڳاڙھي گجر ۔ بادام ۔ پالڪ ۔ نيري اسٽرابيري ۔ شملا مرچ ۔ اخڙوٽ ۔ گل گوبي ۔ بيدو ۔ اسٽرابيري ۔ سليمان مڇي ۔ ٽي ٻوٽو ۔ نارنگي ۔ ڪيلو ۔ صوف ۔ انناس ۔ پن گوبي ۔ ڪڪڙ ۔ گرين جيئن بوھي منڱ ۔ نيزي ۔ پستي ۽ کيري ۾ اچي وڃي ٿي.

وٽامن بي3 جي کوٽ جون نشانيون :-
پيليڳرا بيماري Pellagra.
شديد غصو.
لڙائي جهڳڙو.
چمڙي جي خارش.
ننڊ جي کوٽ.
جسماني ڪمزوري.
پيٽ جي خرابي.
دست.
ويسر.
ڪمزوري.
چمڙي جا مرض.
ڳڙ.
ڦرڙيون.
داڻا.
ٽڪا.
پيچش.
ھاضمي جي خرابي.
ننڊ نہ اچڻ.
ڪالرا واري ڊائريا.
اڌ مٿي جو سور.
ھلندڙ

Vitamin B2 وٽامن بي2 | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
 وٽامن بي2         Vitamin B2
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وٽامن بي 2 کي رائبوفليون Riboflavin پڻ سڏيو وڃي ٿو جيڪا تڪسيد روڪ Antioxidant پڻ آھي ھي آزاد تڪسيدي جزن Free radicals کي ختم ڪري جسم ۾ توانائي جو روح ڦوڪي ٿي. ھي وٽامن پروٽين Proteins ۔ امينوايسڊ Amino acid۔ نشاستي Carbohydrate  ۔ چرٻين Fats کي ٽوڙي توانائي ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ اوڄن Tissues کي برقرار رکي ٿي. ھي وٽامن پاڻي ۾ حل ٿيڻ جوڳي آھي. پاڻي ۾ حل ٿيڻ جوڳين وٽامنن جي اھا خوبي آھي جو اھي رت جي دوري ۾ ھلن ٿيون ۽ پيشاب ذريعي خارج ٿي وڃن ٿيون ساڳا اثر وٽامن بي2 رکي ٿي. ھن وٽامن جو اھم ڪم صحتمند رت جا گهرڙا ٺاھڻ آھي جيڪي اکين ۽ چمڙي کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿا گڏوگڏ توانائي جي سطح کي وڌائن ٿا. ھي وٽامن گهرڙ بدليت Metabolism کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۔ پيٽ وارين عورتن جي ھڏين کي مضبوط ڪري ٿي ۽ ٻار جي اعصابي قوت کي وڌائي ٿي. وٽامن بي 2 جي کوٽ ٿيڻ آسان ناھي ڇوجو ھي ڪافي شين ۾ موجود ٿئي ٿي. پنھنجي خوراڪ ۾ سبزين ۔ بيدن ۔ ميون ۽ کير کي شامل ڪجي. انهن شين ۾ شامل غذائيت جسم ۾ وٽامن بي 2 جي کوٽ پوري ڪري ٿي ۽ صحت کي بھتر بنائي ٿي. ھي وٽامن اسان جي چمڙي ۔ نڪ ۔ ڪن ۔ چپ ۽ زبان لاء مفيد آھي. وٽامن بي 2 يا ربوفلينن قدرتي طور تي ڪجھ غذائن ۾ ٿئي ٿي. ھي مصنوعي شڪل ۾ ٻين کاڌن ۾ موجود ھوندي آھي. وٽامن بي 2 ڳاڙھن گهرڙن جي تعمير ۾ مدد ڪري ٿي ۽ توھان کي توانائي پھچائيندڙ گهرڙاتي فعلن کي ٽيڪ ڏين ٿا جن ۾ چرٻي ۔ پروٽين ۽ نشاستي جون خرابيون شامل آھن. وٽامن بي 2 حاصل ڪرڻ لاء صحتمند ۽ متوازن غذا کائجي. وٽامن بي2 جتي غذائن ۾ ملي ٿي اتي ھن جون سپليمينٽون ملن ٿيون. ھي ننڍي آنڊي ۾ جذب ٿيندي آھي. ھي وٽامن فولاد ۔ فولڪ ايسڊ ۔ وٽامن بي1 ۔ وٽامن بي3 ۽وٽامن بي6 جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ انهن کي تحرڪ ڏئي ٿي.

وٽامن بي2 جا وسيلا :-
سبزيون ۔ اناج ۔ دل ۔ بڪي ۔ جيري ۔ بيدا ۔ ڳاڙھو گوشت ۔ ٽونو مڇي ۔ سامن مڇي ۔ ٻڪري جو گوشت ۔ رڍ جو گوشت ۔ سويا ۔ بادام ۔ بيدي جي اڇاڻ ۔ اسٽرابيري ۔ پالڪ ۔ مٺن پٽاٽن ۔ گل گوبي ۔ کنڀي ۔ اناج ۔ کير ۔ ڏھي ۔ املوڪ ۔ گرين ۔ ناسپتي ۽ پنير شامل آھن.

وٽامن بي2 جا فائدا :-
ھي وٽامن ھلڪي ۽ حساس ٿئي ٿي.
ھارمونن جي ترڪيب ڪري ٿي.
نظر کي بھتر بنائي ٿي.
تابڪاري شعائن کان ريٽينا جي حفاظت ڪري ٿي.
اکين جي رنگن جي تصور کي بھتر بنائي ٿي.
اعصابي نظام کي مضبوط ڪري ٿي.
ھڏين کي طاقت ڏئي ٿي.
ڏورن جي اوڄن کي قوت ۽ ترقي ڏئي ٿي.
چمڙي کي لسو رکي ٿي.
وارن کي بھتر بنائي ٿي.
پيٽ واري عورت لاء مفيد آھي.
ماء جي پيٽ ۾ ٻار کي وڌڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
ھي وٽامن وٽامن اي سان ملي اکين کي بھتر رکي ٿي.
وٽامن بي 6 ۽ فولڪ ايسڊ سان ملي جسم تي ھاڪاري اثر ڇڏي ٿي.

وٽامن بي 2 جي کوٽ جون نشانيون :-
ڪمزوري.
ٿڪ.
مزاج ۾ تبديلي.
ڳلي ۾ درد.
چمڙي جو ڏرا ڪرڻ.
چمڙي جي سوزش.
رت جي کوٽ.
چپ پچي پوڻ.
زبان ڪارسري ٿي وڃڻ.
زبان تي سوڄ اچڻ.
اکين ۾ جلن.
اکين ۾ سوزش.
نظر گهٽ ٿيڻ.
آنڊن جي خشڪي.
پيٽ خراب.
ڳلي ۾ بار بار خرابي.
اس نہ سھي سگهڻ
زبان جي سوزش Inflammation of the tongue 
چمڙي ۾ خشڪي Dry skin.
مٿي جي خشڪي.
مٿي جو سور
اڌ مٿي جو سور
پيٽ جون بيماريون Celiac
پيٽ جي سوزش  Crohn's disease
چپن ۾ ڏار Cracked lips
وات جي اندرين سوزش
Inflammation of the lining of the mouth
ڳاڙھا چپ Red lips
ڳلي جي سوڄ Sore throat
فولاد جي کوٽ Iron-deficiency 
اکين جي خارش Itchy eyes
اکين ۾ پاڻي اچڻ Watery eyes
رت نڪرڻ Blood shot
اکين جي حساسيت Eyes sensitivity
رت جي کوٽ Anemia

خاص فائدا :-

اڌ مٿي جو سور :-
تحقيق مطابق وٽامن بي2 اڌ مٿي جي سور کي فائدو ڏئي ٿو. روزانو 5 عدد بادامن کي گلاس پاڻي ۾ گهوٽي روز پيئجي ۽ ڪوپ کير ۾ 2 ڪوپ پاڻي جا ملائي روز پيئجي. سوزش گهٽجڻ سان مٿي جو سور گهٽبو ويندو.
ھلندڙ

Thursday, 20 December 2018

Vitamin B1 وٽامن بي1 | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
 وٽامن بي 1     Vitamin B1
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وٽامن بي1 کي ٿيامين Thiamine بہ چيو وڃي ٿو.  وٽامن بي ون وٽامن بي گروپ جو اھم اترين رڪن آھي. هي وٽامن پنهنجي اعصابي سرشتي جي سگنل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، خاص طور تي اهي جيڪي توهان جي جينياتي عضون ڏانهن ويندا آهن. ھي وٽامن اسان جي جسم ۾ نشاستي کي ھضم ڪري توانائي ۾ تبديل ڪري ٿي ۔ ٿڪ دور ڪري ٿي ۔ بک لڳڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ٿايامين جي کوٽ ٿي وڃي  تہ بيري بيري جي بيماري ٿي وڃي ٿي - اعصابي
نظام ۾ سستي اچي ٿي ۔ وزن ۾ کوٽ ۔ ويسر ۔ ٽنگن پنين ٻانھن ۾ پٽ ۔ بي ربط ڌڙڪن ۔ جسم تي سوڄ ۔ ٿڪ ۔ ياداشت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. شراب ۽ سگريٽ پيئڻ وارن ۾ بي 1 جي کوٽ عام ڳالھ آھي ۽ قبض ۔ ياداشت جي کوٽ ۔ پيٽ جي ڀرتي ۔ معدي ۽ آنڊي جي سوزش وغيرھ ٿئي ٿي.
 ھي بيري بيري ۽ اعصابي مرض ختم ڪري اعصابن کي سڪون بخشي ٿو. وٽامن بي 1 جيڪو ٿايامين ھائيڊروڪلورڪ ايسڊ جي صورت ۾ اڇو پائوڊر ٿئي ٿو جيڪو 1897ع ۾ دريافت ڪيو ويو ائين جيئن خمير ۽ ذائقو نمڪين ۽ پاڻي ۾ حل پذير ۽ الڪوحل ۾ گهٽ حل ٿئي ٿي. خشڪ حالت ۾ ھي پائوڊر پنھنجي حالت برقرار رکي ٿو ۽ موسمي تڪسيد کان محفوظ رھي ٿو. پچائڻ دوران وڌيڪ گرمي ھن جو وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو گرمي ھن کي تباھ ڪري ڇڏي ٿي ان ڪري وٽامن بي 1 وارين شين کي گهٽ پچايو وڃي. جيڪڏھن پچائڻ دوران مٺي سوڊا وڌي وڃي تہ اڃان ٻيڻو نقصان ٿي وڃي ٿو. پڪل شين ۾ وٽامن بي 1 جو 15 سيڪڙو تباھ ٿي وڃي ٿو. ان کان سوا وٽامن بي 1 کي گنڌڪ ۔ الڪوحل ۽ ڪيفين تي مبني شيون نقصان پھچائين ٿيون. انساني جسم ۾ موجود ننڍو آنڊو ھن وٽامن کي تقريبن پنج ايم جي روز جي حساب سان جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وٽامن بي 1 آنڊي ۾ حل ٿيڻ جوڳي ھوندي آھي. تقريبن 25 يا 30 ايم جي تبديل شدھ حالت ۾ انساني جسم ۾ ذخيرو ڪري سگهجي ٿي. عضلاتي ڍانچي ۔ دل ۔ جيري ۔ بڪي ۽ دماغ ۾ وٽامن بي 1 وڏي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي پوء بہ ھن وٽامن کي جسم ۾ وڌيڪ مقدار ۾ ڪٺو ڪري نٿو سگهجي. ان ڪري ھن جو روزانو استعمال ضروري آھي.

ڪم :-
وٽامن بي 1 جسم جي نشو نما ڪري ٿو ۔ دل کي محفوظ رکي ٿو ۽ دماغ جي ڪارڪردگي کي متحرڪ رکي ٿو. ھي ھي تمام اعصابي نظام کي باقائدي رکي ٿو ۔ نشاستي جي ھاضمي ۾ مدد ڪري ٿو ۔ پيشاب کي وڌائي مدر پيشاب جاري ڪندڙ آھي ۽ قبضي ٽوڙيندڙ آھي. ھي وٽامن رت جي ڳاڙھن جزن کي وچٿرو رکي ٿي ۽ رت جي گردش کي بھتر رکي ٿي جنھن سان چمڙي صحتمند رھي ٿي. ھي وٽامن ھٿ پير جي سوزش کان بچائي ٿي ۔ ٿڪ کي گهٽ ڪري ٿي ۔ توانائي وڌي ٿي ۔ دماغ کي تندرست ڪي پوڙھائپ کان بچائي ٿي ۽ نسل جي افزائش کي فروغ ڏئي ٿي. ھي وٽامن وٽامن بي جي ميمبرن سان ملي ھاڪاري اثر ڇڏي ٿي.

وٽامن بي 1 جي کوٽ جو علامتون :-
بيري بيري جو مرض ٿيڻ جنھن ۾ ھيٺيون ڌڙ سڪي وڃي ٿو.
ھلڻ ڦرڻ ۾ ڏکيائي
اعصابي ڪارڪردگي جو متاثر ٿيڻ
ھٿن ۽ پيرن ۾ درد ۽ سوڄ
دل جي بي ترتيب ڌڙڪن
عضون جو سن ٿيڻ
ويسر
ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي
دل جي عضون جو ڪمزور ٿيڻ
ھاضمي جي خرابي
گهر بدل ڪوما
بک ختم ٿيڻ
ھاضمي ۾ ڪمزوري
 وزن ۾ کوٽ
 ۔ قبضي
بي خوابي
دل جي حرڪت ڪمزور ٿيڻ
عضلاتي ڪمزوري
 ڏورا آڪڙجڻ
 بي چيني ۾ اضافو
 معدي ۾ ھيڊرو ڪلورڪ ايسڊ جي کوٽ
 دل جا عضوا ڍرا ٿيڻ
 وار ڪرڻ
 دل جا مٿيان خانا وڌي ڪمزور ٿيڻ
 اعصابي سوڄ
پيٽ ۾ مروڙ Convulsions
دماغ ۾ رت جي کوٽ

وٽامن بي 1 جا وسيلا :-
وٽامن بي 1 اناج ۔ اٽي ۔ ماني ۔ جيري ۔ بڪي ۔ دل ۔ ڳئون جي گوشت ۔ ڪڪڙ ۔ دالن ۔ مٽر ۔ تر ۔ مغزن ۔ کير ۽ ساون پنن وارين ڀاڄين ۔ گجر ۔ ٽماٽو ۔ ٽرائوٽ مڇي ۔ گوشت ۔ ڪدو ۔کاڄا ۔ مٽر ۔ مڪئي ۔ سويا ۔ سورج مکي ٻج ۔ ڦريون ۔ پالڪ ۔ کنڀي ۔ منڱ جون ڦريون ۔ لوبيا وغيرھ ۾ پاتي وڃي ٿي.

فائدا :-
وٽامن بي 1 نشاستي جي تعمير ڪري ٿي. اعصابي نظام جا گهرڙا نشاستي جي محتاج رھن ٿا ۽ اھو ڪم وٽامن بي 1 ڪري ٿي اعصبي نظام کي توانائي پھچائي ٿي ۽ اعصابي نظام کي نقصانن کان بچائي ٿي. ھي وٽامن اعصابي ڪمزوري ۔ عضلاتي ڪن درد ۽ ڇڪ ۾ ڪارگر آھي. ھي وٽامن ڪن درن ۔ اعصابي سوڄ ۔ اعصابي دردن سنڌن جي سور (روماتزمي درد) ۽ ڪن رڳ جو سور ۾ مفيد آھي.

Wednesday, 19 December 2018

Vitamin H وٽامن ايڇ | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
 وٽامن ايڇ      Vitamin K
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وٽامن ايڇ عام طور تي بايوٽين Biotin جي نالي سان ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي ھي وٽامنن جي بي ڪامپليڪس گروپ جو حصو آھي. سڀ وٽامن بي کاڌي يعني نشاستي Carbohydrate کي ٻارڻ يعني گلوڪاڻ Gulucose تبديل ڪن ٿيون جيڪا توانائي پيدا ڪرڻ لاء استعمال ٿئي ٿي.
وٽامن بي يا بايوٽين کي 1942ع ۾ ونسينٽ ڊو وگنوڊ ۽ ان جي ساٿي پاران دريافت ڪئي وئي. بي ڪامپليڪس وٽامنن جي صحت چمڙي ۔ وارن ۔ اکين ۽ جيري کي ضرورت پوي ٿي. وٽامن ايڇ بيدي جي پڪل زردي ۔ گوشت ۔ بڪي ۔ ڦرين ۔ سڄن انن ۽ چاڪليٽ ۾ پاتي وڃي ٿي. جيڪي کاڌا مرحلي مان نٿا گذرن اھي وٽامن ايڇ جو بھترين ذريعو آھن ڇوجو مرحلي مان گذريل کاڌا وٽامن ايڇ کي تباھ ڪن ٿا. وٽامن ايڇ بي ڪمپليڪس وٽامنن ۾ ھئڻ  ڪري جسم کي گهرڙ بدل چرٻ ۽ گهرڙ بدل پروٽين ۾ مدد ڪن ٿا.
ھڪ سوال اڀري ٿو وٽامن ايڇ کي بايوٽين ڇو ٿو سڏجي انهي ڪري جو وٽامن ايڇ نشاستن (توانائي) Carbohydrates - چرٻين Fats ۽ پروٽينن Protenes جي گهرڙ بدل Metabolism ڪن ٿيون. ان کان سوا اھا سڻڀاون تيزابن Fatty acids کي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، صحتمند تنتي اوڄن Nerve tissues کي فروغ ڏئي ٿي، مک Bone marrow  جي نشونما ڪري ٿي ۽ پگهر وارن غدودن Sweat glands کي واڌ ويجھ ڏئي ٿي. صحتمند وارن ۽ چمڙي کي بايوٽين جي ضرورت پوي ٿي.
بايوٽين جي کوٽ جي ڪري وار ڇڻ Hair loss ٿئي ٿي ۔ چمڙي خشڪ Dry scaly skin - وات ۾ ڏار Cracking or cheilitis اچن ٿا ۔ زبان ۾ سوڄ Glossitis اچي وڃي ٿي ۔ اکيون خشڪ Dry eyes ٿي وڃن ٿيون ۔ ھاضمي ۾ بگيڙو Loss of appetite اچي وڃي ٿو ۔ بي خوابي Insomnia ٿي وڃي ٿي ۽ ذھني ڇڪتاڻ Depression وڌي ٿي. ان کان سوا جيڪي ماڻھو وڍ روڪ Antiseizure يا حيات روڪ  Antibiotic دوائون کان ٿا انهن ۾ وٽامن ايڇ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي انهن کي پيٽ جون بيماريون ٿي وڃن ٿيون.
جڏھن اسان پوئين زماني ۾ ڏسون ٿا تہ اڳ ڪچيون سايون ڦريون جيئن چڻن جون ڦريون ۔ مٽرن جون ڦريون ۽ منڱن جون ڦريون کايون وينديون ھيون ۽ ڪڻڪ جو ڏارو استعمال ٿيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ڪڻڪ جي ڏاري ۽ ڳڙ جو ڀت تيار ٿيندو ھو جنھن جي مٿان مکڻ مکي کايو ويندو ھو جيڪو ذائقيدار ھجڻ سان گڏ جسم تي ھاڪاري اثر ڇڏيندو ھيو ۽ جسم کي وٽامن ايڇ جي کوٽ واريون بيماريون ٿيڻ نہ ڏيندو ھو. اڳ ۾ پٽڙو ڀت تيار ٿيندو ھو جنھن مٿان مکڻ کي مکي ان جي ذائقي کي ٻيڻو ڪيو ويندو ھيو جنھن جي ڪري صحتمند چمڙي ۽ رطوبت ڀريل جسم ھوندا ھئا ڪي بيماريون ڪونہ ھونديون ھيون پر ھاڻي اسان جديديت ۾ اچي ميدي ڀريا کاڌا کائي صحت جي اھڃاڻن کي ختم ڪري مٿان اينٽي بايوٽڪ دوائون کائي بيمارين جا رستا کولي ڇڏيا آھن. اچو تہ ماضي جي ھاڪاري روايتن کي ورجائي وٽامن ايڇ جو قدرتي طرح پوراء ڪريون.