Monday 24 December 2018

Vitamin B5 وٽامن بي5 | اصغر ساگر

وٽامن بي5   Vitamin B5
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وٽامن بي5 جنھن کي پينٿونڪ ايسڊ Pantothenic acid چوندا آھن اھا انساني زندگي لاء اھم وٽامن ۾ شمار ٿئي ٿي. ھي وٽامن پاڻي ۾ حل ٿيڻ جوڳي آھي ان ڪري ھنجي واپرائڻ سان صحت کي ڪو نقصان نٿو ٿئي پر دست ٿي سگهن ٿا. ھي وٽامن ٻين بي وٽامنن وانگر پروٽين Protein ۔ نشاستن  Carbohydrates ۽ چرٻين Fats کي ٽوڙي توانائي ۾ تبديل ڪري ٿي. ھي وٽامن وارن Hair ۔ چمڙي Skin ۔ اکين Eyes ۽ تنتي سرشتي Nerve system لاء مفيد آھي. ھي تنتي سرشتي Nerve system کي فروغ ڏئي ٿي ۽ جيري جي ھاضمي جي سرشتي لاء رت جا ڳاڙھا گهرڙا تشڪيل ڏئي ٿي جيڪي جسم ذريعي آڪسيجن کڻي ھلن ٿا ۽ اڏور غدودن ۾ جنسي گهرڙا ٺاھن ٿا. وٽامن بي5 رت جي ڳاڙھن گهرڙن کي ترتيب ڏئي ٿي ۔ اڏور غدودن Adrenal glands کي منظم ڪري ٿي ۔ پت Cholesterol  جو مرڪب ٺاھي ٿي ۽ مٿ پت High cholesterol کي گهٽائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. چرٻاڻ Triglyceride  کي ختم ڪرڻ لاء ڏينھن ۾ 3 دفعا پينٽٿين 300 گرام وٺڻ گهرجي.
وٽامن بي5 ڪارگر موادن جيئن چرٻين Fats ۔ پت Cholesterol  ۔ پسارن Steroids ۔ عصبي نفوذن Neurotransmitters  ۔ ڳاڙھن گهرڙن Red cells جي ترتيب بندي ڪري ٿي. وٽامن بي5 تاڻي ھارمون Cortisol harmone کي باقائدي ڪري ٿو. جڏھن توھان جذباتي ڇڪتاڻ Emotional conflict مان گذرو ٿا تہ توھان وڌيڪ تاڻا ھارمون Cortisol harmone پيدا ڪريو ٿا جيڪي موٽ ۾ وٽامن بي5 کي کٽائين ٿا. کنڀي وري توازن ۾ مدد ڪري ٿي.
وٽامن بي5  (A (CoA مددو خامري جو مرڪب آھي جيڪو توانائي جي اپت ۾ چرٻين Fats ۽ نشاستن Carbohydrates، ان کان سوا اڏور ھارمونن Adrenal harmones ۽ رت جي گهرڙن Blood cells جي کاپي جو مرڪب آھي. ھي وٽامن خاص طور تي غيرمعمولي طور تي اڏور جي ڪم Adrenal function ۾ اھم آھي ۽ گهڻي عرصي کان اڏور جي ڪم Adrenal function ۽ گهرڙاتي گهربدليت Cellular metabolism جي ڪري ڇڪ روڪ وٽامن Anti stress vitamin سمجهي وڃي ٿي. 
حمل واريون عورتون يا ٿڃ ڏيندڙ عورتن لاء وٽامن بي اھم آھي. ھن جي کارائڻ سان عورت ۾ توانائي اچي وڃي ٿي ۔ رت وڌي ٿي ۔ ٿڃ پياريندڙ عورت جو کير وڌي ٿو ۽ ھن جو گهرڙبدل سرشتو برقرار رھي رھي ٿو.

وٽامن بي5 جي کوٽ جون نشانيون :-
اي ڊي ايڇ ڊي           ADHD
سنڌن جو سور          Arthrid
چمڙي جا مسئلا         Skin problems
الڪوحل جي ھير      Alcoholism
ايلرڄيون                  Allergies
وار ڪرڻ                  Hair loss
دم                            Asthma
دل جا مسئلا              Heart problems
آڱرين جو عصبي درد  Carpal tunnel syndrome
ڦڦڙن جو بگڙڻ                  Lung disorders
تنتي ڀڃ ڊاھ             Nerve damage
 آنڊي جي سوڄ         Colitis
 اکين جا ڇوت           Eye infections
 تشنج ۔ عضون جي ڇڪ    Convulsions
 بڪين جو بگڙڻ        Kidney disorders
ٻڦو                           Dandruff
 ذھني مونجھ            Depression
 شڳر جا مسئلا           Diabetic problems
مٿي جا سور              Headaches
ذھني ڇڪتاڻ            Hyperactivity
گهٽ بي پي                Low blood pressure
ننڊ نہ اچڻ                  Insomnia 
چڙ                             Irritability
ڪثرتي اوڄي درد       Multiple sclerosis
مشڪي درد                Mascular cramps

وٽامن بي5 جا وسيلا :-
ھي وٽامن کنڀي ۔ گرين ۔ ڦرين ۔ گوشتن ۔ ڊيري شين ۽ بيدن تي مشتمل آھي. ھن وٽامن ۾ ولايتي ناسپتي ۔ بيدو ۔ کير ۔ کنڀي ۔ پٽاٽو ۔ اناج ۔ خمير ۔ گوبي ۔ ڪڪڙ ۔ کيري ۔ مٽر جي ڦرين ۔ گل گوبي ۔ بڪي ۽ جيرو اچي وڃن ٿا.

چرٻيون ۔ چرٻين                                           Fats
پت                                                 Cholesterol
پسارا ۔ پسارن                                        Steroids
عصبي نفوذن                       Neurotransmitters
ڳاڙھا گهرڙا ۔ ڳاڙھن گهرڙن                      Red cells
تاڻو ھارمون ۔ تڻڪ ھارمون ۔ تاڻي ھارمون  Cortisol
ھلندڙ

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment