Saturday 22 December 2018

Vitamin B2 وٽامن بي2 | اصغر ساگر

 وٽامن بي2         Vitamin B2
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وٽامن بي 2 کي رائبوفليون Riboflavin پڻ سڏيو وڃي ٿو جيڪا تڪسيد روڪ Antioxidant پڻ آھي ھي آزاد تڪسيدي جزن Free radicals کي ختم ڪري جسم ۾ توانائي جو روح ڦوڪي ٿي. ھي وٽامن پروٽين Proteins ۔ امينوايسڊ Amino acid۔ نشاستي Carbohydrate  ۔ چرٻين Fats کي ٽوڙي توانائي ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ اوڄن Tissues کي برقرار رکي ٿي. ھي وٽامن پاڻي ۾ حل ٿيڻ جوڳي آھي. پاڻي ۾ حل ٿيڻ جوڳين وٽامنن جي اھا خوبي آھي جو اھي رت جي دوري ۾ ھلن ٿيون ۽ پيشاب ذريعي خارج ٿي وڃن ٿيون ساڳا اثر وٽامن بي2 رکي ٿي. ھن وٽامن جو اھم ڪم صحتمند رت جا گهرڙا ٺاھڻ آھي جيڪي اکين ۽ چمڙي کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿا گڏوگڏ توانائي جي سطح کي وڌائن ٿا. ھي وٽامن گهرڙ بدليت Metabolism کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۔ پيٽ وارين عورتن جي ھڏين کي مضبوط ڪري ٿي ۽ ٻار جي اعصابي قوت کي وڌائي ٿي. وٽامن بي 2 جي کوٽ ٿيڻ آسان ناھي ڇوجو ھي ڪافي شين ۾ موجود ٿئي ٿي. پنھنجي خوراڪ ۾ سبزين ۔ بيدن ۔ ميون ۽ کير کي شامل ڪجي. انهن شين ۾ شامل غذائيت جسم ۾ وٽامن بي 2 جي کوٽ پوري ڪري ٿي ۽ صحت کي بھتر بنائي ٿي. ھي وٽامن اسان جي چمڙي ۔ نڪ ۔ ڪن ۔ چپ ۽ زبان لاء مفيد آھي. وٽامن بي 2 يا ربوفلينن قدرتي طور تي ڪجھ غذائن ۾ ٿئي ٿي. ھي مصنوعي شڪل ۾ ٻين کاڌن ۾ موجود ھوندي آھي. وٽامن بي 2 ڳاڙھن گهرڙن جي تعمير ۾ مدد ڪري ٿي ۽ توھان کي توانائي پھچائيندڙ گهرڙاتي فعلن کي ٽيڪ ڏين ٿا جن ۾ چرٻي ۔ پروٽين ۽ نشاستي جون خرابيون شامل آھن. وٽامن بي 2 حاصل ڪرڻ لاء صحتمند ۽ متوازن غذا کائجي. وٽامن بي2 جتي غذائن ۾ ملي ٿي اتي ھن جون سپليمينٽون ملن ٿيون. ھي ننڍي آنڊي ۾ جذب ٿيندي آھي. ھي وٽامن فولاد ۔ فولڪ ايسڊ ۔ وٽامن بي1 ۔ وٽامن بي3 ۽وٽامن بي6 جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ انهن کي تحرڪ ڏئي ٿي.

وٽامن بي2 جا وسيلا :-
سبزيون ۔ اناج ۔ دل ۔ بڪي ۔ جيري ۔ بيدا ۔ ڳاڙھو گوشت ۔ ٽونو مڇي ۔ سامن مڇي ۔ ٻڪري جو گوشت ۔ رڍ جو گوشت ۔ سويا ۔ بادام ۔ بيدي جي اڇاڻ ۔ اسٽرابيري ۔ پالڪ ۔ مٺن پٽاٽن ۔ گل گوبي ۔ کنڀي ۔ اناج ۔ کير ۔ ڏھي ۔ املوڪ ۔ گرين ۔ ناسپتي ۽ پنير شامل آھن.

وٽامن بي2 جا فائدا :-
ھي وٽامن ھلڪي ۽ حساس ٿئي ٿي.
ھارمونن جي ترڪيب ڪري ٿي.
نظر کي بھتر بنائي ٿي.
تابڪاري شعائن کان ريٽينا جي حفاظت ڪري ٿي.
اکين جي رنگن جي تصور کي بھتر بنائي ٿي.
اعصابي نظام کي مضبوط ڪري ٿي.
ھڏين کي طاقت ڏئي ٿي.
ڏورن جي اوڄن کي قوت ۽ ترقي ڏئي ٿي.
چمڙي کي لسو رکي ٿي.
وارن کي بھتر بنائي ٿي.
پيٽ واري عورت لاء مفيد آھي.
ماء جي پيٽ ۾ ٻار کي وڌڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
ھي وٽامن وٽامن اي سان ملي اکين کي بھتر رکي ٿي.
وٽامن بي 6 ۽ فولڪ ايسڊ سان ملي جسم تي ھاڪاري اثر ڇڏي ٿي.

وٽامن بي 2 جي کوٽ جون نشانيون :-
ڪمزوري.
ٿڪ.
مزاج ۾ تبديلي.
ڳلي ۾ درد.
چمڙي جو ڏرا ڪرڻ.
چمڙي جي سوزش.
رت جي کوٽ.
چپ پچي پوڻ.
زبان ڪارسري ٿي وڃڻ.
زبان تي سوڄ اچڻ.
اکين ۾ جلن.
اکين ۾ سوزش.
نظر گهٽ ٿيڻ.
آنڊن جي خشڪي.
پيٽ خراب.
ڳلي ۾ بار بار خرابي.
اس نہ سھي سگهڻ
زبان جي سوزش Inflammation of the tongue 
چمڙي ۾ خشڪي Dry skin.
مٿي جي خشڪي.
مٿي جو سور
اڌ مٿي جو سور
پيٽ جون بيماريون Celiac
پيٽ جي سوزش  Crohn's disease
چپن ۾ ڏار Cracked lips
وات جي اندرين سوزش
Inflammation of the lining of the mouth
ڳاڙھا چپ Red lips
ڳلي جي سوڄ Sore throat
فولاد جي کوٽ Iron-deficiency 
اکين جي خارش Itchy eyes
اکين ۾ پاڻي اچڻ Watery eyes
رت نڪرڻ Blood shot
اکين جي حساسيت Eyes sensitivity
رت جي کوٽ Anemia

خاص فائدا :-

اڌ مٿي جو سور :-
تحقيق مطابق وٽامن بي2 اڌ مٿي جي سور کي فائدو ڏئي ٿو. روزانو 5 عدد بادامن کي گلاس پاڻي ۾ گهوٽي روز پيئجي ۽ ڪوپ کير ۾ 2 ڪوپ پاڻي جا ملائي روز پيئجي. سوزش گهٽجڻ سان مٿي جو سور گهٽبو ويندو.
ھلندڙ

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment