Saturday 22 December 2018

Vitamin B3 وٽامن بي3 | اصغر ساگر

 وٽامن بي3        Vitamin B3
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

وٽامن بي3 جسم ۾ وڏي حد تائين استعمال ٿئي ٿو. ھي وٽامن ھاضمي جي سرشتي Digestive system ۔ چمڙي Skin ۽ تنتي سرشتي Nerves system جي فعلن ۾ مدد ڪري ٿي. وٽامن بي3 کي نياسن ۽ نڪووٽنيمائيڊ ۽ ۽ انوسيٽو ھيڪسانڪوٽنيٽ چئجي ٿو.
تحقيق مطابق وٽامن بي3 ٺوس پت HDL کي فروغ ڏئي ٿي ۔ چرٻاڻ Triglyceride کي گهٽ ڪري ٿي ۽ چرٻ پت LDL ۾ گهٽتائي آڻي ٿي.
  وٽامن بي3 مٿ پت High cholesterol  ۽ دل جي بيمارين Heart disease لاء ڪم اچي ٿي.
ڏسجي تہ وٽامن بي3 مٿ پت High cholesterol  کي ھيٺ لاھي اچي ٿو ۽ جيري جي نقصان Liver damage ۽ گئس باد جي مسئلن  Gastrointestinal problems کي حل ڪري ٿي ۔ دل جي دوري Heart attack جي جوکن کي گهٽ ڪري ٿي ۽ پيليگرا Pellagra بيماري کي روڪي ٿي.
وٽامن بي3 جسم جي 200 کان مٿي خامرن Enzymes
 جي ڪمن کي پاڻڀرو ڪري ٿي. وٽامن بي3 ٻن ڪيمياڻ نڪوٽنڪ ايسڊ Nicotinic acid ۽ نياسنيمائيڊ Niacinamide جي جوڙجڪ آھي. جسم انهن کي ٽوڙي ٻہ نوان ڪيمياڻ نيڊ NAD ۽ نيڊپ NADP پيدا ڪري ٿو.
نيڊ ۽ نيڊپ جسم ۾ مختلف ڪيميائي رد عملن ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ گهرڙي جي گهرڙبدليت Cell metabolism  کي مدد ڏين ٿا ان ڪري جن ماڻھن ۾ وٽامن بي3 جي کوٽ آھي اھي صحت جي مسئلن ۽ عارضن کي منھن ڏيئي سگهن ٿا جيڪي جيون کي ڌچڪو ڏيئي سگهن ٿا.
وٽامن بي3 پاڻي ۾ حل جوڳي وٽامن Water soluble vitamin آھي مطلب اھا جسم ۾ جسم نٿي ٿئي رت ۾ گردش ڪري مطلوبہ فائدا ڏيئي پيشاب ذريعي نڪري وڃي ٿي. گوشت ھن وٽامن جو متبادل ذريعو آھي.
وٽامنن بي وانگر ھي وٽامن نشاستي Carbohydrates ۔ چرٻين Fats ۽ پروٽين Protene کي ٽوڙي توانائي Energy ۾ تبديل ڪري ٿي. ان کان علاوا ھي جيري Liver ۽ غدودن Glands جي ڪمن ۾ ھاڪاري ڪردار ادا ڪري ٿي. ھي وٽامن اڏور غدودن Adrenal glands کي پيدا ڪري ٿي ۽ جيري مان نقصانڪار ڪيمياڻ خارج ڪري ٿي. ھي وٽامن اڌ مٿي جي سور Migraine  ۔ رت جي دوري  Circulation problems ۔ مٿي جي ڦيري Dizziness  ۽ ڪالرا سان منسلڪ ڊائريا Diarrhea associated with cholera جھڙن عارضن جي علاج طور ڪم اچي ٿي.

وٽامن بي3 جا وسيلا :-
ھي وٽامن گوشت ۔ جو جي ڏاري ۔ ڪڻڪ جي ڏاري ۔ ايڪڏو ۔ ٽماٽي ۔ کجور ۔ مٺي پٽاٽي ۔ کنڀي ۔ ڳاڙھي گجر ۔ بادام ۔ پالڪ ۔ نيري اسٽرابيري ۔ شملا مرچ ۔ اخڙوٽ ۔ گل گوبي ۔ بيدو ۔ اسٽرابيري ۔ سليمان مڇي ۔ ٽي ٻوٽو ۔ نارنگي ۔ ڪيلو ۔ صوف ۔ انناس ۔ پن گوبي ۔ ڪڪڙ ۔ گرين جيئن بوھي منڱ ۔ نيزي ۔ پستي ۽ کيري ۾ اچي وڃي ٿي.

وٽامن بي3 جي کوٽ جون نشانيون :-
پيليڳرا بيماري Pellagra.
شديد غصو.
لڙائي جهڳڙو.
چمڙي جي خارش.
ننڊ جي کوٽ.
جسماني ڪمزوري.
پيٽ جي خرابي.
دست.
ويسر.
ڪمزوري.
چمڙي جا مرض.
ڳڙ.
ڦرڙيون.
داڻا.
ٽڪا.
پيچش.
ھاضمي جي خرابي.
ننڊ نہ اچڻ.
ڪالرا واري ڊائريا.
اڌ مٿي جو سور.
ھلندڙ

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment