Monday 24 December 2018

Blue Java Banana نيرو ڪيلو ۔ نيرنج ڪيلو | اصغر ساگر

“Blue Java Banana”
”نيرو ڪيلو ۔ نيرنج ڪيلو ۔ آئسڪريم ڪيلو ۔ حوائي ڪيلو“
”اصغر ساگر (اصغر علي چانڊيو)“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
دنيا ۾ ھڪ ھزار کان مٿي ڪيلن جا قسم آھن ھر ڪيلو پنھنجي مناسبت سان افاديت ۽ اھميت رکي ٿو ھر ڪيلو پنھنجو ذائقو رکي ٿو. نيرنج ڪيلو بہ انهن مان ھڪ آھي. يورپي ملڪن ۾ ھن ڪيلي کي محبت جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي ان ڪري اڪثر يورپي ھن ڪيلي کي پيار Love چوندا آھن. واقعي جڏھن ھن ڪيلي کي ڏسبو آھي تہ دل کي ازخود ھن جو منظر وڻندو آھي ايتري قدر جو ھي ڪيلو ھر گهر جي اڱڻ ۾ پوکيو ويندو آھي ۽ ھن کي ڏسي سڪ جي آسيس کي سڪون ملندو آھي.
نيرنج ڪيلن کي نيرو چاندي جھڙو رنگ ھوندو آھي جڏھن اھي اڃان ننڍا ۽ اوسر ۾ ھوندا آھن پر پچڻ کان پوء پيلا ٿي ويندا آھن. اھي عام ڪيلن جي ڀيٽ ۾ ننڍا ۔ مستطيل نموني ۽ گڪا plump  ھوندا آھن. ھن جو ذائقو ماکي ۽ ونيلا ڪسٽرڊ جھڙو ھوندو آھي. ھن جو ذائقو ونيلا آئسڪريم سان ملي ٿو ۽ ونيلا آئسڪريم جيترو بھترين ذائقو رکي ٿو.
نيرنج ڪيلي جو نباتات ۾ نالو موسا اڪيومنيٽا Musa acuminata آھي. نيري ڪيلي کي فجي ۾ پاڪا ۔ وچ آمريڪا ۽ اوڀر انڊيا ۾ ڪينزو ۽ فلپين ۾ ڪرائي ۽ حوائي ۾ حوائي ڪيلو يا آئسڪريم ڪيلي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
موسا بلبسيانا Musa balbisiana ۽ موسا ايڪيومنٽا Musa acuminata کي پيوند ڪري ھڪ نئون ڪيلو ٺاھيو ويو جنھن کي نيري ڪيلي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. 
ھي ڪيلو چرٻي گهٽائيندڙ ۽ دل لاء متوازن غذا Heart-healthy diet آھي. ھي توانائي ڏيڻ کان سوا ٻيا ڪيترائي فائدا رکي ٿو. ھن ۾ پوٽيشم ۔ وٽامن ۔ معدنيات ۔ غذا وارا خامرا ۽ نباتي متوازن جزا Phytonutrients ٿين ٿا. نيرو ڪيلو ھر کاڌي ۾ استعمال ٿئي ٿو ۔ ڪسٽرڊ ۾ پوي ٿو ۔ مانين ۾ شامل ٿي ان کي ذائقيدار ڪري ٿو ۔ ڪيڪن جي زينت بنجي ٿو ۔ آئس ڪريم جي سواد کي وڌائي ٿو ۽ ڪريمن جي ذائقي کي وڌائي ٿو.
نيري ڪيلي مان ڪافي ذائقيدار شيون ٺھن ٿيون. ھي اخڙوٽ ۔ چاڪليٽ ۽ تازن ميون سان گڏجي غذادار ڏھي يو ڪريم جي سواد کي وڌائي ٿو.  Blue Banana Frozen Yogurt کي جنوري 2011ع ۾ ايجاد ڪيو ويو جنھن کي کائڻ سان وڏو لطف اچي وڃي ٿو ۽ دل ان کي وري وري کائڻ لاء چوي ٿي.
نيري ڪيلي سان 2 ڪھاڻيون منسوب آھن. پھرين ھن کي يورپ جي بليو بنانا ڊسٽرڪٽ سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آھي. ٻيو ھن بابت رايو آھي تہ اھو ڏکڻ برطانيہ مان شروع ٿيو پوء اتر فرانس ڏي وڌيو. ان کان پوء اوڀر کان ٿي جرمني ڏي ۽ آخر ۾ ڏکڻ کان اٽلي ڏي. مڙيل ھئڻ ڪري ھن تي بليو بنانا ضلعي جو نالو پيو.
بليو ڇو؟
ھي بليو بنانا ڊسٽرڪٽ اٽلي وارو علائقو يورپ جي معاشي ۽ سماجي ڪرنگهي کي ظاھر ڪري ٿو جتي ڪيلي کي ٻن ڪيلن کي پيوند ڪري تخليق ڪيو ويو. نيري ڪيلي مان ٺاھيل ڏھي تمام سواد واري ٿئي ٿي جنھن کي اڃان بہ کائڻ لاء دل چوندي آھي. ھن مان ٺھيل حوائي واري آئسڪريم تمام مشھور آھي. حوائي ملڪ ۾ 100 کان وڌيڪ ڪيلن جا قسم اپايا وڃن ٿا سڀ جا سڀ ذائقيدار.
ھن ڪيلي ۾ نشاستو ۽ کنڊ ٿئي ٿي. نشاستو کنڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. جڏھن ھي ميوو پچي ٿو، ھن ڪيلي ۾ حقيقي مٺاڻ ۽ سواد اچي وڃي ٿو. حوائي ۾ ھن ڪيلي کي آئسڪريم ڪيلو چيو وڃي ٿو. ھي 15 کان 20 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. ھن جون ٽاريون ننڍيون ٿين ٿيون ھي 7 کان 9 ھٿ رکي ٿو. شڪل ۾ ڪٻو يا گڪو Plump نظر اچي ٿو. ھن ڪيلي جي کل سخت ٿئي ٿي ان ڪري ٿڌ برداشت ڪرڻ جي وڏي سھپ آھي ڀلي طوفان اچن پر ھي ڪيلي جو وڻ لکا محسوس نٿو ڪري.
نيرنج ڪيلا مشھور ڪيلا آھن ڇوجو انهن کي رڌي يا تازو کائي سگهجي ٿو. ھي ذائقي جي حساب سان مقبول آھن جن جو ذائقو ونيلا آئسڪريم سان ٺھڪي ٿو. ھي ڪيلو کائڻ وقت آئسڪريم ۾ 14 چنڊ لڳائي ٿو.
نيري ڪيلي کي صوف ڪيلو يا منانو ڪيلو بہ سڏيو وڃي ٿو. ھن ڪيلي ۾ 8 امينو ايسڊ ٿين ٿا جن کي اسان جو جسم پاڻ پيدا ڪري نٿو سگهي.
نيرنج ڪيلي جا فائدا :-
◀ھي ڪيلو ٻين ڪيلن وانگر پوٽيشم جو بھترين ذريعو آھي
◀ترت توانائي مھيا ڪري ٿو
◀ٿڪ جي احساس کي جلدي ختم ڪري ٿو
◀پاڻ ۾ قدرتي مٺاڻ رکي ٿو
◀ھڏين جي نشونما ڪري ٿو
◀دستن ۾ مفيد آھي
◀ڀاڄي طور استعمال ٿئي ٿو جنھن کي کائڻ سان ذائقي جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا
◀ڏھي کي ڄمائي ٿو
◀ڏھي ۾ پنھنجي بھترين آميزش سان ان جي سواد کي بھترين بنائي ٿو
◀ذائقي ڀلي ھئڻ ڪري وڌيڪ کائڻ جي رغبت ڏئي ٿو.
By Asghar Ali Chandio

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment