Tuesday 25 December 2018

Vitamin B6 وٽامن بي6 | اصغر ساگر

وٽامن بي6    Vitamin B6
”اصغر ساگر“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ھن وٽامن کي پريڊوڪسين Pyridoxine بہ سڏيو وڃي ٿو. توانائي جي سطح  ۽ گهرڙبدليت Metabolism برقرار رکڻ لاء وٽامن بي6 جي ضرورت پوي ٿي. ھي وٽامن چرٻين Fats ۔ نشاستن Carbohydrates ۽ پروٽين Protein کي ٽوڙڻ لاء ٻين وٽامنن سان گڏجي ڪم ڪري ٿي. وٽامن بي6 رت جي پروٽين پيدا ڪرڻ لاء خاص ڪردار ادا ڪري ٿي. دماغ جي گهرڙن کي عملي طور تي عصبي نفوذو Neurotransmitter  ڄاتو وڃي ٿو ۽ جسم ۾ ردعمل طور 100 کان وڌيڪ بائيو ڪيميڪل ڪردار ادا ڪن ٿا.
وٽامن بي6 ساڳن ڪيميائي مرڪبن سان واسطو رکي ٿي جيڪي حياتياتي سرشتي سان واسطو رکن ٿا. وٽامن بي6 وٽامن بي گروپ جو حصو آھي. ھن جي سرگرم جوڙجڪ پريڊوڪسل 5۔فاسفيٽ Pyridoxal 5′-phosphate آھي ۽ امينو ايسڊ Amino acid ۔ گلوڪاڻ Gulucose ۽ چرٻ گهرڙبدليت Lipid metabolism ۾ 100 مددو خامرن طور ڪم ڪري ٿي.
ٻارن جي خاص دماغ جي اوسر ۽ سڀني عمر جي ماڻھن لاء وٽامن بي5 جي ضرورت پوي ٿي. اھاجسم کي سيروٺ Serotonin harmone ھارمون ٺاھڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪو مزاج کي باقائدي ڪري ٿو ۽ نوريپ Norepinephrine ھارمون جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪو جسم کي ڇڪتاڻ Stress سان منھن ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
 وٽامن بي 6 جا مختلف فعل آھن ان ڪري صحت جي بھتري لاء ھن وٽامن جي روز ضرورت پوي ٿي. وٽامن بي6 دماغ Brain ۔ چمڙي Skin ۽ وارن Hair جي صحت کي برقرار رکي ٿي ۔ فالڄ جي روڪ ڪري ٿي ۔ ڇڪتاڻ Stress ۽ مونجھ Depression کي مٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۔ رت جي کوٽ دور ڪري ٿي ۔ ٿڪ ھٽائي ٿي ۔ سڪون واري ننڊ ڏئي ٿي ۔ خواب ڏيکارڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ خاص ڪري حمل وارين عورتن ۽ ٻارن لاء مفيد آھي.
وٽامن بي6 عصبي نفوذن Neuro transmitters جي اپت ۾ مدد ڪري ٿي، اھڙو ڪيمياڻ جيڪو جيڪو دماغ Brain ۽ تنت Nerve cells جي گهرڙن وچ ۾ رابطو پيدا ڪري ٿو ۽ پڪ ڏئي ٿو تہ گهرڙ بدل مرحلا جيئن چرٻي ۽ نشاستي جي گهرڙبدليت Metabolism ھموار ھلي ٿي ۽ پراڻي انفراديت ۾ مدافعتي سرشتي جي ڪم لاء اھم آھي. وٽامن بي6 دماغ لاءِ بھترين هوندو آهي، وٽامن بي 6 سيروٺ ٺاهيندو آهي جيڪو دماغ جي ڪارڪردگي کي بھتر ڪندو آهي، جسم جي موڊ کي صحيح رکي دٻاءُ کي گهٽ ڪندو آهي. تحقيق مان خبر پئي آهي تہ وٽامن بي 6 جي گهٽتائي ڊپريشن پيدا ڪري ڇڏيندي آهي، ان لاءِ جڏهن اوهان جو دماغ دٻاءُ کان آزاد ۽ خوشگوار موڊ ۾ هجي تہ اهو بھترين طريقي سان ڪم ڪندو آهي ۽ ڄاڻ کي محفوظ ڪندو آهي.

وٽامن بي6 جي کوٽ جون نشانيون :-
چمڙي جا داڻا      Skin Rashes

چپن تي ڏار        Cracked lips

چپن تي سوڄ     Sore Lips

زبان جي سوڄ    Sore tongue
   
لاسڙ زبان           Glossy Tongue

مزاج ۾ تبديليون Mood Changes

ڪمزور مدافعتي سرشتو
Weakened Immune Function

ٿڪ                  Tiredness

گهٽ توانائي       Low Energy

ھٿن ۽ پيرن ۾ درد   Pain in Hands and Feet

ھٿن ۽ پيرن ۾ ڌونڪ    Tingling in Hands and Feet
ھٿن ۽ پيرن ۾ ھڙڳ
ھٿن ۽ پيرن ۾ ٽراٽون

چيرون               Seizures

وٽامن بي6 جا وسيلا :-
ھن وٽامن ۾ ڪيلو ۔ انناس ۔ ليمو ۔ نارنگي ۔ پالڪ ۔ ساڳ ۔ سبزيون ۔ اڇي گجر ۔ صوف ۔ ٿوم ۽ بيدو وغيرھ شامل آھن.
ھلندڙ
پريڊوڪسين           Pyridoxine
چرٻين                   Fats
نشاستن                 Carbohydrates
پروٽين                   Protein
عصبي نفوذو          Neurotransmitter
پريڊوڪسل 5۔فاسفيٽ      Pyridoxal 5′-phosphate
امينو ايسڊ                        Amino acid
گلوڪاڻ                            Gulucose
چرٻ گهرڙبدليت                Lipid metabolism
سيروٺ                            Serotonin harmone
نوريپ                              Norepinephrine
 ڇڪتاڻ                           Stress
مونجھ                             Depression

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment