Wednesday 19 December 2018

Vitamin H وٽامن ايڇ | اصغر ساگر

 وٽامن ايڇ      Vitamin K
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وٽامن ايڇ عام طور تي بايوٽين Biotin جي نالي سان ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي ھي وٽامنن جي بي ڪامپليڪس گروپ جو حصو آھي. سڀ وٽامن بي کاڌي يعني نشاستي Carbohydrate کي ٻارڻ يعني گلوڪاڻ Gulucose تبديل ڪن ٿيون جيڪا توانائي پيدا ڪرڻ لاء استعمال ٿئي ٿي.
وٽامن بي يا بايوٽين کي 1942ع ۾ ونسينٽ ڊو وگنوڊ ۽ ان جي ساٿي پاران دريافت ڪئي وئي. بي ڪامپليڪس وٽامنن جي صحت چمڙي ۔ وارن ۔ اکين ۽ جيري کي ضرورت پوي ٿي. وٽامن ايڇ بيدي جي پڪل زردي ۔ گوشت ۔ بڪي ۔ ڦرين ۔ سڄن انن ۽ چاڪليٽ ۾ پاتي وڃي ٿي. جيڪي کاڌا مرحلي مان نٿا گذرن اھي وٽامن ايڇ جو بھترين ذريعو آھن ڇوجو مرحلي مان گذريل کاڌا وٽامن ايڇ کي تباھ ڪن ٿا. وٽامن ايڇ بي ڪمپليڪس وٽامنن ۾ ھئڻ  ڪري جسم کي گهرڙ بدل چرٻ ۽ گهرڙ بدل پروٽين ۾ مدد ڪن ٿا.
ھڪ سوال اڀري ٿو وٽامن ايڇ کي بايوٽين ڇو ٿو سڏجي انهي ڪري جو وٽامن ايڇ نشاستن (توانائي) Carbohydrates - چرٻين Fats ۽ پروٽينن Protenes جي گهرڙ بدل Metabolism ڪن ٿيون. ان کان سوا اھا سڻڀاون تيزابن Fatty acids کي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، صحتمند تنتي اوڄن Nerve tissues کي فروغ ڏئي ٿي، مک Bone marrow  جي نشونما ڪري ٿي ۽ پگهر وارن غدودن Sweat glands کي واڌ ويجھ ڏئي ٿي. صحتمند وارن ۽ چمڙي کي بايوٽين جي ضرورت پوي ٿي.
بايوٽين جي کوٽ جي ڪري وار ڇڻ Hair loss ٿئي ٿي ۔ چمڙي خشڪ Dry scaly skin - وات ۾ ڏار Cracking or cheilitis اچن ٿا ۔ زبان ۾ سوڄ Glossitis اچي وڃي ٿي ۔ اکيون خشڪ Dry eyes ٿي وڃن ٿيون ۔ ھاضمي ۾ بگيڙو Loss of appetite اچي وڃي ٿو ۔ بي خوابي Insomnia ٿي وڃي ٿي ۽ ذھني ڇڪتاڻ Depression وڌي ٿي. ان کان سوا جيڪي ماڻھو وڍ روڪ Antiseizure يا حيات روڪ  Antibiotic دوائون کان ٿا انهن ۾ وٽامن ايڇ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي انهن کي پيٽ جون بيماريون ٿي وڃن ٿيون.
جڏھن اسان پوئين زماني ۾ ڏسون ٿا تہ اڳ ڪچيون سايون ڦريون جيئن چڻن جون ڦريون ۔ مٽرن جون ڦريون ۽ منڱن جون ڦريون کايون وينديون ھيون ۽ ڪڻڪ جو ڏارو استعمال ٿيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ڪڻڪ جي ڏاري ۽ ڳڙ جو ڀت تيار ٿيندو ھو جنھن جي مٿان مکڻ مکي کايو ويندو ھو جيڪو ذائقيدار ھجڻ سان گڏ جسم تي ھاڪاري اثر ڇڏيندو ھيو ۽ جسم کي وٽامن ايڇ جي کوٽ واريون بيماريون ٿيڻ نہ ڏيندو ھو. اڳ ۾ پٽڙو ڀت تيار ٿيندو ھو جنھن مٿان مکڻ کي مکي ان جي ذائقي کي ٻيڻو ڪيو ويندو ھيو جنھن جي ڪري صحتمند چمڙي ۽ رطوبت ڀريل جسم ھوندا ھئا ڪي بيماريون ڪونہ ھونديون ھيون پر ھاڻي اسان جديديت ۾ اچي ميدي ڀريا کاڌا کائي صحت جي اھڃاڻن کي ختم ڪري مٿان اينٽي بايوٽڪ دوائون کائي بيمارين جا رستا کولي ڇڏيا آھن. اچو تہ ماضي جي ھاڪاري روايتن کي ورجائي وٽامن ايڇ جو قدرتي طرح پوراء ڪريون.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment