ٻڌنديئي گلشير جو اڌ ساھ نڪري ويو. ھن رستي ڏي نھاريو.
”بابا مرشد کي ھڪ گڏو ڏينداسين، وڌيڪ نہ ڏينداسين اسين پاڻ غريب آھيون.“
پٽ پيءُ کي پڪو ڪندي چيو.
”بلڪل پٽ حاجن! اسان جو گذر سفر فصل تي آھي مس مس وڃي گذران ۽ پورت ڪيون ٿا. مرشد کي سڄو گاڏو ڀرڻ نہ ڏينداسين... ھي اسان جي محنت آھي جنھن تي اسان سڄو سال تڳون ٿا.“
ايتري ۾ مرشد اچي ٺڪ ڪئي. ھي ٻئي وڌي مرشد کي مليا.
”گلو تو واري ڪڻڪ واھ جو لٿي آھي“
مرشد گڏن ڏي ڏسندي چيو.
”حاڪن! جلدي ڪر گڏا کڻي گاڏي کي ڀر.“
مرشد حاڪن مريد کي اشارو ڪيو.
”جيئن حڪم مرشد جو“
حاڪن جهڪي وراڻيو.
مرشد صرف ھڪ گڏو کڻندين، اسان غريب آھيون...وڌيڪ گڏا کڻڻ ڪونہ ڏيندوسانء.“
حاجن وڌي حاڪن مريد کي روڪيو.
”اڙي ڇورا تنھنجي ايتري جرئت! مرشد سان منھن ملائي ٿو ڳالهائين.“
مرشد گاڙو شروع ڪيو.
”اڙي گلو! ڇوري کي ادب بہ ڪونہ سيکاريو اٿئي تہ مرشد سان ڪيئن ڳالهائبو آھي.“
”مرشد اسان غريب آھيون، فصل تي اسان جو گذران آھي۔ان ڪري ھن ڀيري ھڪ گڏو کڻندين.“
حاجن پنھنجي پٽ جي ڳالھ کي وزن ڏنو.
”مرشد گڏو کڻ يا روانو ٿي.“
”اڙي ٻئي پيءُ پٽ نافرمان ٿي ويا آھيو، مرشد سان ائين ڳالهائبو آھي.“
مرشد کي جلال اچي ويو. اکيون ڳاڙھيون ٿي ويون.
”ھل تنھنجي ٻار کي باھ لڳي وئي ھاڻي خاڪ ميڙجانء مرشد جا نافرمان“
گلشير جو منھن جو پنو لھي ويو. مرشد جي ناراضگي ھن کان برداشت نٿي رھي ھئي.
”مرشد ائين نہ ڪر رحم ڪر“
گلشير آزي نيازي ڪئي. مرشد آڏو ھٿ ٻڌي بيھي رھيو.
”مرشد ٽر ھتان منھنجون اکيون توکي نہ ڏسن.“
حاجن منھن ڦيريو ۽ مرشد کي اکيون ڏيکاريون.
”بابا مرشد جي ڊوھ ۾ نہ اچ۔گاڙو ڪري ٿو پيو.“
گلشير پُٽ جي ڳالھ تي پاسو وٺي بيھي رھيو. مرشد ٿڙڪي رھيو ھو. ھن جي مريد جو بہ منھن لٿل ھو.
”مريد ھل ھتان! مرشد کي پٺي ڏيئي ھنن پنھنجي ڀاڳ کي خاڪ ڪري ڇڏيو آھي.“
مرشد ۽ مريد گڏھ گاڏي تي روانا ٿي ويا. پيء ۽ پٽ ٻنهي کي ويندي ڏسندا رھيا.
”بابا لڳي ٿو تہ اڄ رات مرشد اسان جي ٻار کي باھ ڏيندو، سڄي رات اسان کي جاڳي چوڪيداري ڪرڻي پوندي.“
حاجن پنھنجي پي کي چوڪس ڪندي چيو.
”پٽ صحيح چوين پيو، ڳالھ منھنجي دل سان لڳي پئي.“
پيءُ تائيد ۾ جواب ڏنو.
رات ٿي. ٻئي پيء پٽ ڪجھ ھمراھن سان ٻني جي چوڌاري اڙ وٺي ويھي رھيا ۽ تاڙ ڪرڻ لڳا تہ ڪيڏي مھل مرشد اچي ٿو.
جيئن رات گذري رھي ھئي تيئن ھنن جي چوڪسي وڌي رھي ھئي. ھر ڪو اکيون چار ڪري گهڙن ۽ گهٽن تي نظر رکي رکيو ھو. آڌي جو ٽاڻو ٿيو. ٻہ ماڻهو ٻُٽن سان پيچري تي ظاھر ٿيا. اھي ٻئي ٻار طرف وڌي وڌي رھيا ھئا. جيئن اھي گڏن جي ويجهو پھتا، انهن تيلي ٻاري ۽ ٻار کي اڃان باھ ڏيڻ جي ڪئي، ھمراھن جلدائي سان ٻنهي کي پڪڙي سڪ ڪيو ۽ کين ڪٽڻ لڳا.
”اڙي مون کي ڇڏيو مان مرشد آھيان.“ مرشد ٻٽ لاھيندي ليلايو. دانھن تي ڳوٺاڻا پھچي ويا. سڀ مرشد ڏي حيراني مان ڏسي رھيا ھئا.
”اڙي مرشد تون“ حاجن وڏي آواز ۾ ڳالهايو.
”ھا ھا مان“ مرشد ڪنبندي چيو.
”اسان جي ٻار کي باھ ڏيڻ آيو ھئين“
”جي جي“
”ڇا توکي اھو جڳائي ٿو.؟“
”نہ! نہ! جڳائي نٿو“
”پوء ائين ڇو ڪيئي“ حاجن رعبدار آواز ۾ گرجيو. مرشد کي ڏڪڻي وٺي وئي. سندس سڄو جسم ٿڙڪي رھيو ھو.
”مون ڏٺو پِٽُن اثر نہ ڪيو. سوچيم! گڏن کي باھ ڏيان ائين مرشدي ثابت رھندي ۽ ڪاني ڪرامت ڳائبي رھبي. پر!!!!!
مرشد جي زبان لڙکڙائي رھي ھئي. زبان ٿيڙ کائي رھي ھئي. لفظ مشڪل سان نڙيء مان نڪري رھيا ھئا.
پر!!! ھاء ڙي قسمت! مريد سياڻا ٿي ويا آھن. پڪڙجي پيس. ڪاني بہ وئي ڪرامت بہ وئي“