Monday 14 October 2019

بَگپَڻ ۔ بَگَپ Albinism 💎اصغر ساگر💎

بگپڻ ھڪ موروثي حالت آھي جنھن ۾ ماڻھو جي چمڙي ۔ اکين ۽ وارن جو رواجي رنگ پيدا ڪرڻ جي قابل نٿو رھي... حالت جو اثر چمڙي ۔ اکين ۽ وارن تي پوي ٿو اھا حالت صرف پڳ Melanin pigment جي کوٽ جي ڪري ٿئي ٿي. بگپڻ جو اثر صرف انسانن تي نٿو رھي پر انهي کان جانور ۔ پکي ۽ بي ڪرنگهيدار متاثر ٿين ٿا جيئن ڪنھن ڌڻ ۾ بگي مينھن ڏسي حيرت وٺي ويندي آھي يا ڪوئي کي بگو ڏسي سوچ وٺي ويندي آھي. بگپڻ ڪا بيماري ناھي پر جينياتي بي ترتيبي آھي جنھن ۾ ميلان پڳ Melanin pigment جي کوٽ رھي ٿي ۽ ميلان پڳ جي کوٽ جي ڪري بگپ اکين ۔ چمڙي ۽ وارن تي حاوي ٿي ويندو آھي.
بگپڻ جي اپٽار انگريزي وڪيپيڊيا ھيئن ڪري ٿي.
“Albinism is the "congenital absence of any pigmentation or coloration in a person, animal or plant, resulting in white hair, feathers, scales and skin and pink eyes in mammals, birds, reptiles, amphibians and fish and invertebrates as well."
”بَگپڻ ماڻھو ۔ جانور يا پکي ۾ پڳسازي يا رنگسازي جي پيدائشي غير موجودگي آھي جنھن جي نتيجي ۾ اڇا وار ۔ اڇا کنڀ ۔ اڇا ڇلر ۔ اڇي چمڙي ۽ چوپاين ۔ پکين ۔ ريڙھيدارن ۔ جل ٿل جانورن ۽ مڇي ۽ بي ڪرنگهن ۾ پڻ پيليون اکيون ٿين ٿيون.“
وارن ۔ چمڙي ۽ اکين جي رنگ سازي ۾ ميلاڻا Melanocyte موجود ٿين ٿا جيڪي ميلان پڳ Melanin pigment ٺاھن ٿا. جسم جي انهي ٽنھي حصن جو رنگ ميلان پڳ جي رنگسازيء جي ڪري رھي ٿو. ائين کڻي چئجي تہ ميلان پڳ رنگساز آھي جيڪو ڄمندي جسم جي انهي ٽنهي حصن ۾ رنگ ڀري ٿو.
بگا اھي ماڻھو ٿين ٿا جن جي چمڙي ۔ اکيون ۽ وار عام رواجي نٿا ٿين. بگپڻ ھڪ جينياتي بي ترتيبي آھي جنھن کي بيماري چئي نٿو سگهجي. ھن جا شڪار ماڻھو اس برداشت ڪري نٿا سگهن ۽ ھنن جي نظر بہ ڪمزور ٿئي ٿي.
آمريڪا ۽ يورپ جي فلاحي رياستن ۾ بگن کي ڪافي طبي سھولتون ڏنيون وڃن ٿيون. بگا ماڻھو جسماني طرح مڪمل ٿين ٿا انهن ۾ ڪابہ کوٽ نٿي ٿئي ۽ رواجي زندگي گذاري سگهن ٿا.
بگپڻ جي ڪري ماڻھن ۾ پيلي يا گلابي رنگت ظاھر ٿئي ٿي. بگپڻ ۾ جيڪي ٻار ڄمن ٿا جيڪي رنگساز پڳ ميلان پڳ Melanin pigment کان محروم رھن ٿا. انهن جو جسم ميلان پڳ نہ ٺاھڻ ڪري پيلاڻ رنگت جو ٿي وڃي ٿو. بگپڻ وچڙندڙ بيماري ناھي ۽ نڪي ويجهي کان انهي جي ڇوت لڳي ٿي باقي ھي عارضو موروثي بنيادن تي خاندانن ۾ ٿي سگهي ٿو. ڪجھ ماڻھو اھڙا ٿين ٿا جن جون بگپڻ ۾ اکيون متاثر ٿين ٿيون باقي جسم جا وار ۽ چمڙي ساڳي رھي ٿي.
بگپڻ جون ٻہ حالتون ٿين ٿيون.
(1) پِيلپڻ - پِيلَپ ۔ پيل بگپڻ
Oculocutaneous albinism


(2) نِيرپڻ - نِيرَپ ۔ نير بگپڻ    Ocular albinism

(1) پِيلپَڻ - پِيلَپ   Oculocutaneous albinism
پِيلپَڻ ورلي موروثي بي ترتيبين جو گروھ آھي جنھن جي چمڙي ۔ وارن ۽ اکين ۾ ميلان پِڳ جي گهٽتائي يا مڪمل کوٽ جي ڪري درجہ بندي ڪئي وڃي ٿي. اھي حالتون خاص جِينن ۾ تَغَيُرن جي ڪري پيدا ٿين ٿيون جيڪي خاص گهرڙن ۾ ميلان پِڳ جي اپت لاء ضروري آھن جن کي ميلاڻو سڏيو وڃي ٿو. پيلپڻ ۾ اکيون ۽ چمڙي ڦڪي ۽ وار اڇا رھن ٿا.

(2) نِيرپَڻ - نِيرپ   Ocular albinism
ھن حالت ۾ ماڻھن جون اکيون نيريون ٿين ٿيون، ڪجھ ڪيسن ۾ نِيرَپڻ ۾ تارو ڪجھ گهٽ پيلو يا گلابي نظر ايندو آھي. ھي اک جي اندر رت جي رڳن جي ڪري ٿئي ٿو جيڪي تاري ۾ ڏسجن ٿيون. ڪن حالتن ۾ نِيرپڻ ۾ ٻڌڻ واريون نسون متاثر ٿي سگهن ٿيون ۽ ھن قسم وارو ماڻھو ٻڌڻ وارن مسئلن يا انڌاپڻ کي سڌاري سگهي ٿو.
سوا اک جي مسئلن جي بگپڻ وارا ماڻھو صحتمند ٿين ٿا پر صفا ٿورڙين حالتن ۾ بگپڻ صحت کي متاثر ڪري ٿي. اھڙن قسم جي ماڻھن ۾ صحت جون پيچيدگيون رھن ٿيون جيئن ڦڦڙن ۔ آنڊن مان رت وھڻ ۽ مدافعتي مسئلا.

نظر ۽ بگپڻ  Eyesight and Albinism:-

بگپڻ وارن ماڻھن کي اڪثر نظر جو مسئلو رھي ٿو ان ڪري اھي ويجھ نظري nearsightedness ۔ دور نظري farsightedness يا ڪم نظري astigmatism جي حالت ۾ نظر کي صحيح رکڻ لاء چشمو پائن ٿا. گهڻن کي سرڄري جي ضرورت پوي ٿي. بلڪل بگپڻ وارن ماڻھن کي مختلف حساب سان مختلف مسئلا رھن ٿا.
بگپڻ ماڻهو کي مڪمل انڌو نٿو بنائي پر انهن کي زمري انڌو Legally blind بنائي ٿو جنھن جو مطلب آھي اھي مڪمل نظر نٿا وڃائن پر اھي پڙھي ۽ لکي سگهن ٿا. انهن کي وڏن اکرن يا وڏ عڪسي شين جي ضرورت پوي ٿي.
بگپڻ وارا ماڻھو روشني ۾ حساس رھن ٿا ڇوجو انهن جي تاري ۾ ايترو رنگ نٿو رھي جو نرعڪسي کي اڙ ڏين. چشمو پائڻ سان انهن کي اس ۾ ڪافي سھولت ملي ٿي.

چمڙي لاء احتياط Skin Precautions:-
اکين ۔ چمڙي ۽ وارن کي رنگ ڏيڻ سان گڏ ميلان Melanin اسان جي چمڙي کي اس کان بچائي ٿو.  چمڙي کي اس کان بچائڻ لا چمڙي مٿان پردو ٺاھي ٿو جنھن جي ڪري چمڙي جي لھسڻ جا امڪان نٿا رھن. ان ڪري بگپڻ وارا ماڻهو آساني سان لھسجي وڃن ٿا. اھڙن ماڻھن کي چمڙي جو ڪينسر ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اهن ماڻھن لاء ضروري آھي تہ اس بچاء ڪريم استعمال ڪرڻ کپي ۽ اھڙيون شيون اوڍڻ کپن جيڪي اس کان بچاء ڪن جيئن ٽوپين Hats ۔ ڪارا ڪپڙا Dark-colored clothing۔ وڏي ڪانچ Long pants ۔ وڏيون قميصون Long-sleeved shirts.

بگپڻ جا سبب:-
بگپڻ موروثي عارضو آھي. اھو ٻئي مان نٿو لڳي. ماڻھو بگپڻ سان پيدا ٿين ٿا ڇوجو انهن کي بگپڻ جو ڄڻ ورثي مان ملي ٿو. پيلپڻ جي گهڻين جوڙجڪن ۾ بگپڻ وارا عزيز ڄمندڙ ٻار کي بگپڻ جين ورثي ۾ ڏين ٿا توڙي جو ٻئي عزيز بگپڻ وارا ھجن تہ بہ چئن ڄمندڙ ٻارن مان ھڪ بگپڻ وارو پيدا ٿي سگهي ٿو. جيڪڏھن ھڪ عزيز کي بگپڻ وارا جين آھن ۽ ٻئي جا جين ٺيڪ آھن تہ انهن مان پيل بگپڻ Oculocutaneous albinism وارو ٻار پيدا نہ ٿيندو پر ٻن مان ھڪ خاندان کي بگپڻ وارو ٻار پيدا ٿي سگهي ٿو. بگپڻ وارو ٻار انهن کي بہ پيدا ٿي سگهي ٿو جن وٽ بگپڻ وارا جين ناھن پر انهن جي رنگ ۾ بگپڻ نموني طور جهلڪي ٿو. نير بگپ وارو نر ٻار اتان پيدا ٿي سگهي ٿو جنھن جي ماء ۾ بگپڻ وارو جين موجود آھي. گهڻين عورتن کي ھلڪي بگپڻ واري حالت ٿئي ٿي جيڪڏھن انهن کي ورثي مان جين مليو ھجي.

بگپڻ جو علاج:-
گهڻن بگپڻ وارن کي صحت جا مسئلا نٿا ٿين سوا نظر جي. انهن کي ڪجھ احتياطن جي ضرورت پوي ٿي. انهن کي اس ۾ اس بچاء ڪريم ھڻڻ کپي ۔ ٿڌي عينڪ پائڻ کپي. بگپ جو علاج ٿي نٿو سگهي پر صحت جي مسئلن کي نظر ۾ رکڻو آھي جيڪڏھن ڪو مسئلو ٿئي ٿو ان جو ڊاڪٽر کن علاج ڪرائجي. 

بگپڻ ماڻھن جي زندگي:-
بگپڻ وارا ماڻهو ٻين ماڻھن وانگر صحتمند ٿين ٿا ۔ انهن جي زندگي ٻين ماڻھن جيتري ٿئي ٿي ۽ اھي زندگي جا وڏا مقصد حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ڪيتري عرصي تائين بغير دوائن جي جي سگهن ٿا ۽ ڪجھ کان سوا انهن کي دوائن جي گهڻي تڻي ضرورت نٿي پوي. ان کان سوا اسان جي سماج کي انهن جي حوصلہ افزائي ڪرڻ کپي ۔ انهن جي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ کپي ۽ انهن ۾ جيئڻ جو حوصلو ڀرڻ کپي جيئن اھي اڳتي ھلي للڪارن کي منھن ڏيئي سگهن ۽ اداس ٿيڻ بجاء زندگي ڀلي نموني گذاري سگهن.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment