Wednesday, 2 October 2019

امڙ جو الڪو مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

رات جو دير تائين ھوٽل تي ويھڻ ۽ سنگت سان ٺاشا ماشا ھڻڻ ھن جو روز جو شغل ھيو. رکي رکي ھن کي پنھنجي امڙ جو خيال ايندو ھيو جيڪا ھن جي اچڻ تائين سلائي مشين سان ڪپڙا پئي سبندي ھئي. ھن جي اچڻ کان پوء ھن جي امڙ سمهي پوندي ھئي.
”سنگت ڪڙھائي جي خوشبو اچي پئي ڇا خيال آھي؟“
ھڪ دوست ڳالهايو.
”يار چٽپٽي خوشبو...دل ٿي چوي تہ کائون.“
ٻئي دوست راء ڏني.
”ڪريو پنجاھ پنجاھ روپيہ...ڪڙھائي تيار ڪرايون ٿا.“
ٽئين دوست جي ڳالهائڻ تي ڏوڪڙ گڏ ٿي ويا. ڪاريگر کي اڌ ڪلو ڪڙھائي جو آرڊر ملي ويو.
”استاد ڪڙھائي ۾ ٽماٽا سجيحا وجهجانء“
ھڪ دوست ڪاريگر کي پارت ڪئي. ڪڙھائي اچي وئي. سڄي سنگت ڪڙھائي کائڻ لڳي. ٻوٽين تي وٺ وٺان شروع ۔ گرھ گرھ تي ٻوٽي. سڄي سنگت تڪڙو کائي رھي ھئي پر ھن تڪڙ جو مظاھرو نہ ڪيو. معمول رفتار سان کائيندو رھيو.
سنگت ڪڙھائي کائي اٿي. ھن گهر ڏي رخ رکيو. در ٽپندي ھن اڳتي ڏٺو. ھن جي امڙ ڪپڙا سبي رھي ھئي.
”پٽ اچي وئين“
ھن جي امڙ ھن کي ڏٺو. امڙ ھن کي ٿالھ ھيٺان کاڌو کڻي ڏنو.
”امان کائي آيو آھيان“
”پٽ ڪٿان“
”امان ھوٽل تان“
چڱو پٽ ھنڌ وڇائي سمهي پئو. اھو چئي ھن جي امڙ سمهي پئي. ھن جي ذھن ۾ ھڪ سوال اڀري رھيو ھو تہ آخر مون کي ھنڌ وڇائڻ لاء ڇوٿي چوي جڏھن تہ کاڌو خود کڻي ڏئي ٿي. سوچيندي ھن کي ننڊ اچي وئي.
روز رات جو دير سان اچڻ ۔ ھنجي امڙ جو انتظار ڪرڻ ۔ ماء جو کاڌو کڻي ڏيڻ ۔ ھن جو ھنڌ وڇائڻ ۔ ساڳو معمول ساڳو سوال ذھن ۾ ساڳي نموني ڪر کڻي رھيو ھو.
ھڪ رات ايندي ئي امڙ ھن کي کاڌو ڏنو. ھي کاڌو کائڻ لڳو.
امان ھڪ ڳالھ پڇان.
”پٽ پڇ“
”امان روز رات جو کاڌو کڻي ڏين ٿي پر ھنڌ ڇو نٿي وڇائي ڏين.“
ھن سوال ڪري ماء ۾ جوھ وڌي جيڪا ھن ڏي پاٻوھ مان نھاري رھي ھئي.
”پٽ! تون منھنجو ھڪڙو پٽ آھين، منھنجي دل جو دلارو آھين. روز رات جو بيگاھ وقت اچين ٿو. تنھنجي پريشاني رھندي آھي تہ ڪٿي تون بہ پنھنجي سوٽ وانگر سنگت سان شراب تہ نہ ٿو پئين. جيڪڏھن تنھنجو شراب پيتل ھوندو تون ھنڌ وڇائي نہ سگهندين. تنھنجي انهي عمل سان روز دل کي تسلي ملندي آھي تہ منھنجو پٽ شراب نٿو پئي.“
ماء جا مامتا ڀريا لفظ ٻڌي ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا ۽ ھن دل ۾ پڪو پھ ڪيو تہ ھي غيرذميوار سنگت کي ڇڏي ڏيندو ۽ رات جو گهر سويري ورندو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment