Monday 7 October 2019

عڪسري فنيات Hologram Technology 💎دريا خان سنڌي💎

اوهان سائنسي تصوراتي فلمون تہ ڏٺيون هونديون جن ۾ آئرن مين جون فلمون بہ اچن ٿيون جن ۾ نہ صرف هڪ لوھ جي سوٽ جا ڪارناما ڏٺا هوندا پر ٽوني اسٽارڪ طرفان عڪسري فنيات Hologram technology ۽ جاسوسي جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنھن سان فلم کي هڪ سائنسي تصور کان ڪجھ وڌيڪ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جيئن تہ عڪسرائپ Holography  ٿري ڊي تصوير کي ئي چئبو آهي ڇوجو اڄڪلھ ڪجھ ماڻھو ست ڊي استعمال ڪندا آهن تہ اهو چيو ويندو تہ ان فلم ۾ ست ڊي عڪسري فنيات جو استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو آهي تہ غلط نہ ھوندو.

پر هي عڪسرو Hologram يا عڪسرائپ Holography  آخر ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪندو آهي؟
سڀ کان اڳ عڪسري Hologram  يا عڪسرائپ Holography جي باري ۾ ڄاڻڻ کان پھرين اھو سمجھڻو پوندو تہ اسان ڪنھن شيء کي ڏسي ڪيئن سگھندا آهيون ڇوجو ان جو واسطو ڏسڻ سان ئي آهي. اسان ڪنھن شيء کي تڏهن ڏسي سگهندا آهيون جڏهن اھا روشني موڙ ڪري اسان جي اکين تائين ايندي آهي ۽ بنا روشني جي اسان ڪنھن شيء کي ناهيون ڏسي سگھندا. ان ڪري جڏهن اوهان ڪنھن اونداهي واري جڳھ تي ويندا آهيو تہ اتي اوهان ڪنھن بہ شيء کي ناهيو ڏسي سگھندا.  
عڪسرائپ Holography کي 1940ع ۾ هنگرين ڊينس گيلبر نالي سائنسدان ايجاد ڪيو جنھن جي ڪري کيس 1971ع ۾ نوبل پرائز بہ ڏنو ويو. ان کان پوءِ ان ۾ اڳڀرائي تڏهن آئي جڏهن 1960ع ۾ روڌار Laser ايجاد ٿيو ڇوجو عڪسرائپ Holography بہ روڌار Laser تي ئي ڪم ڪندي آهي جنھن ۾ روڌار شعائن جو ڪجھ ان طرح سان استعمال ڪيو ويندو آهي جو ان مان هڪ هلندڙ ڦرندڙ ٿري ڊي تصوير ٺھي ويندي آهي جنھن کي اوهان ڪيترين ئي فلمن يا ٽي چينلن ۾ ڏٺو هوندو. رپورٽ روشني جي شڪل ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندي آهي ۽ ڳالھ ٻولھ پڻ پر ان جي آر پار بہ ڏيکاربي آهي جنھن ۾ هٿ آر پار  بہ ٿي ويندو آهي اها هڪ ٿري ڊي تصوير هوندي آهي جنھن کي ڪمپويٽر اندر ڀريو ويندو آهي ۽ اها اهڙي وقت پوڻ تي روڌار جي شعائن جو استعمال ڪري ٿري ڊي تصوير ظاهر ٿيندي آهي ۽ پنھنجو مقصد حاصل ڪندي آهي يعني روشني کي ان طرح بند ڪيو ويندو آهي ۽ قانونن کي استعمال ڪندي روشني کي ائين موڙيو ويندو آهي جو اها هڪ اهڙي تصوير ٺاهي ڇڏيندي آهي جيڪا حقيقت جي ويجھو هوندي آهي. 
هاڻي Hologram (عڪسرو) جو مطلب ڇا آهي ھولو مطلب هول يا سوراخ ۽ گرافي جو مطلب آهي سولي اکرن ۾ ڪنھن جڳھ ڪمري مان ورتل انگن اکرن کي جي ڀرائي ڪري ڇڏڻ ۽ واپس انھي سوراخ يا ڪمري مان ڏسڻ. هاڻي ان مان مراد عڪسارو Projector  مان بہ ورتي وڃي سگھجي ٿي پر عڪسارو Projector ون ڊي يا ھڪ طرفو هوندو آهي يعني ان کان نڪرڻ واري روشني کي صرف سامھون کان ئي ڏسي سگهجي ٿو پر عڪسرائپ ٿري ڊي تصوير ٺاھيندي آهي جنھن سان سامھون کاٻي ساڄي پاسي کان ڏسڻ اها هڪ جهڙي تصوير پيش ڪندي آهي يعني جيڪڏهن انسان عڪسرائپ جو استعمال ڪري ٿو تہ اهو سامھون کان نظر اچڻ سان گڏوگڏ ان جو جسم پويان ۽ کاٻي ساڄي پاسي کان بہ نظر ايندو. هاڻي عڪسري تصوير ورتي ڪئين ورتي ويندي آهي. ان جي لاءِ عام ڪيميري جيان روڌار Laser جو استعمال ناهي ڪيو ويندو ۽ نہ ئي جنھن شي جو عڪسري عڪس ورتو ويندو آهي سڌو ان تي روڌار وڌو ويندو آهي بلڪ ان ۾ روشني مختلف قالبن Frames کان گذري ڪري موضوع جي تصوير وٺندي آهي. پھرين مرحلي ۾ روشني روڌار Laser مان نڪري ڪري هڪ حوالي قالب Reference frame ٺاھيندي آهي جنھن لاءِ موضوع Subject کي وچ ۾ بيھاريو ويندو آهي جڏهن تہ موضوع جو ٻيو قالبي موضوع Frame subject  شعاع Beam جي نالي سان ٺھندو آهي، پوءِ هي روشني موڙ کائي موضوع تي پوندي آهي ۽ آخر ۾ ٽيون قالب Frame ٺھندو آهي جنھن ۾ ان موضوع جي حرڪتن کي ڀريو ويندو آهي يا ائين چئجي تہ ٽئين قالب Third frame ۾ موضوع جو عڪس ٺھي ويندو آهي.
ائين هڪ ٿري ڊي تصوير ٺھي ويندي آهي جيڪا موضوع جون سڀ خاصيتون گڏ ڪيل هوندي آهي، هاڻي جڏهن بہ چاهيندي ان تصوير کي واپس هلائي ڪري ان سبجيڪٽ کي پنھنجي سامھون محسوس ڪري سگھجي ٿو جهڙو اهو اوهان سان گڏ ئي هجي. پنھنجي اصل حالت ۾ ان کان سواءِ ڪمپويٽر جي طرفان بہ عڪسري عڪس Holographic images ٺاهيا ويندا آهن جيئن ڪنھن جانور يا مشين کي عڪسرائپ. ان فنيات Technology جي فائدن جي ڳالھ ڪئي وڃي تہ ان جا ڪيترائي فائدا آهن. جيئن چين پاران ان تي ڪيترا ئي تجربا ڪيا ويا هئا جنھن ۾ انھن زميني مٿاڇري ڏي هڪ هلندڙ شھر ڏيکاريو هيو.
عڪسرائپ جو استعمال خلائي مشينن ۾ ڪري سگھجي ٿو جنھن سان تصويرن کان سواءِ وڊيو کان سواءِ ٻين سيارن جي خيالن کي زمين تي ويھي ڪري ڏسي سگهجي ٿو ۽ ٻين ڪيترين شين تي پڻ جيئن مختلف ڪمپنيون عڪسري موبائل فون پڻ ٺاهي رهيون آهن.

Hologram  عڪسرو ۔ عڪسيجو

Hologram technology
عڪسري فنيات ۔ عڪسري صنعتيات ۔ عڪسري ھنريات ۔ عڪسري پروڙيات

Technology
ھنريات ۔ فنيات ۔ صنعتيات ۔ پروڙيات ۔ فن وديا

Laser  روڌار ۔ روپٽو

عڪسارو   Projector

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment