Sunday 20 October 2019

لي رچرڊ Li Richard 💎اصغر ساگر💎

آمريڪي شھري جوناٿن لي رچرڊ دنيا جو عجيب غريب انسان آھي جنھن کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مقدما وڙھڻ وارو شخص سڏيو وڃي ٿو.
ھن سڀ کان پھريون مقدمو پنھنجي ماء خلاف درج ڪرايو تہ ماء ھن جي تربيت سٺي ناھي ڪئي. ھي ڪيس کٽي ويو ۽ 20 ھزار ڊالر ھن کي معاوضو مليو.
ھن پنھنجي دوستن ۔ پنھنجي استادن ۔ پنھنجي پاڙيسرين ۔ پنھنجي منڱيندي ۔ پوليس آفيسرن ۔ مشھور ڪمپنين ايتري قدر جو صدر بش تي مقدمو دائر ڪيو.
مختلف عدالتن ۾ ھن طرفان داخل ڪيل ڪيسن جو تعداد 26 ھزار ٿي ويو. ھن جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل ڪيو ويو. ھن گنيز بوڪ آف ورلڊ جي مالڪن خلاف مقدمو دائر ڪيو تہ ھن جي اجازت کان سوا ھن جي ذاتي زندگي جي باري ۾ مواد ڇو شايع ڪيو ويو آھي.
مختلف مقدمن ۾ ڏنڊن ۽ معاوضن جي صورت ۾ ھي 8 لک 50 ھزار ڊالر کٽي ويو. ھن کي ھڪ ٽي وي شو ۾ گهرايو ويو. ھن انتھائي ڏک ۽ رنج جي عالم ۾ ميزبان کان سوال پڇيو تہ ڇا سبب آھي جو ايتري شھرت جي باوجود مان تنھا گذاريان ٿو پيو، ڪوبہ مون سان پيار ڪرڻ وارو ناھي.
ٽي وي ميزبان ھن جي ڳالھ تي کلي پيو ۽ ڪافي دير تائين کلندو رھيو. ھي ٽاڪ شو مان اٿيو ھليو ويو ۽ ٽي وي چينل جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ اتان بہ 50 ھزار ڊالر کٽي ويو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment