Sunday 23 June 2019

کير Milk 💎اصغر ساگر💎

کير ڪيلشم ۔ وٽامنن ۽ فولاد تي ٻل کير ھڪ مڪمل غذا آھي. کير انساني صحت لاء اھميت رکي ٿو پر گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ اھم غذا آھي. کير ٻار جي پھرين غذا آھي پر نوجوانن ۽ پڪن پوڙھن کي توانائي بخشي ٿو. کير ھڪ صنعت آھي جنھن مان ڏھي ۽ مکڻ ٺھي ٿو.
غذائي ماھر کير کي مڪمل غذا قرار ڏين ٿا. کير ۾ ڪيلشم ۔ پروٽين ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن ڪي ۔ وٽامن بي17 ۔ امينو تيزاب ۔ تاندور Fiber ۔ لوڻ Sodium ۽ ٻياغذائي جزا موجود ٿين ٿا. ڏسجي تہ کير کي ناشتي کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. کير مان ملائي ڪڏھن بہ نہ ڪڍڻ کپي ڇوجو ملائي ۽ سڻڀ نڪتل کير کي اسڪمڊ کير چئبو آھي. آمريڪا ۾ ٿيل تازي تحقيق مطابق جيڪي ماڻهو سڻڀ وارو کير استعمال ڪن ٿا انهن ۾ 46 سيڪڙو شڳر جو خطرو گهٽ رھي ٿو ۽ سڻڀ وارو کير استعمال ڪرڻ سان ٿولھ جا آثار گهٽ رھن ٿا.
ماھرن جو چوڻ آھي تہ رات جو ھڪ گلاس کير پيئڻ جا ڪيئي فائدا آھن.

ننڊ پرسڪون بنائيندڙ :-
ھن جديد دور ۾ گهڻي قدر سڀن کي پرسڪون ننڊ نہ اچڻ جي شڪايت رھي ٿي. ننڊ جي کوٽ جي ڪري صحت متاثر ٿئي ٿي ۽ ٿڪ جي احساس رھڻ جي ڪري ڏينھن ڀر سستي رھي ٿي. ٽيپٽو Tryptophan نالي امينو ايسڊ رات جو ننڊ کي پرسڪون بنائڻ جو ڪم ڪن ٿا جيڪي کير ۾ وافر مقدار ۾ موجود ٿين ٿا. رات جو کير پيئڻ سان ننڊ بھترين اچي ٿي ۔ صبح جو مزاج خوشگوار رھي ٿو ۽ صحت ۾ بھتري اچي ٿي. کير جسم ۾ ميلان Melatonin جو مقدار وڌائي ٿو جنھن جي ڪري رات جو پرسڪون ۽ گھري ننڊ اچي ٿي ۽ صبح جو ماڻهو ھشاش بشاش رھي ٿو.

ھاضمو بھتر بنائيندڙ :-
تيز کاڌا ۔ مرحلاتي کاڌا ۽ سڻڀين غذائن جي ڪري ھر شخص کي معدي جي شڪايت رھي ٿي جنھن ۾ قبضي يا معدي جي تيزابيت شامل آھي. کير پيئڻ ھاضمي جي نظام کي تيز ڪري ٿو پر معدي جي مسئلن کي حل ڪري ٿو. کير ۾ موجود وٽامن ڊي2 معدي ۾ گئس بنجڻ نٿي ڏئي ۽ ھن ۾ موجود تاندورا قبضي کان بچائن ٿا.

ھڏيون مضبوط ڪندڙ :-
کير مان ڪئلشم ملي ٿي ۽ ڪئلشم ھڏن کي مضبوط ڪري ٿي. کير پيئئڻ سان ھڏين جي نشونما ٿئي ٿي ۔ عورتن جي ڪچ ھڏ عارضي کان نجات ملي ٿي ۽  سنڌن جا جوڙ مضبوط رھن ٿا.

قوت مدافعت وڌائيندڙ :-
روزانو رات جو کير پيئڻ قوت مدافعت ۾ اضافو ڪري ٿو ۔ ٿڪ کي ختم ڪري ٿو ۽ جسم کي حرڪت ۾ رکي ٿو جنھن سان پيداواري صلاحيت وڌي وڃي ٿي.

وار جرڪائيندڙ :-
کير ۾ پروٽين وڏي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿو جيڪو چمڙي کي خوبصورت ٿو ۽ وارن کي چمڪدار بنائي ٿو.

شڳر ۾ مفيد :-
شڳر ۾ مٺين شين ۽ کنڊ کان پرھيز ڪئي وڃي ٿي پر شڳر جا مريض کير کي بنا کنڊ جي پي سگهن ٿا. کير شڳر جي ڪري پيدا ٿيل ڪمزوري کي دور ڪري ٿو.

ھڏيون مضبوط ڪندڙ :-
کير ۾ موجود ڪئلشم انساني ھڏين لاء ان وقت مفيد آھي جڏھن کير ۾ شامل وٽامن ڊي ڪئلشم کي حصو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو جنھن سان سنڌن ۔ پاسراٽين ۽ ھڏين جي درد ۾ افاقو ٿئي ٿو.

ڏورا مضبوط ڪندڙ :-
کير ۾ شامل پروٽين جتي جسم جي ٻين عضون جي غذائي ضرورت پوري ڪري ٿو اتي جسم جي ڏورن کي مضبوط ۽ مربوط ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو.

اعصابن کي طاقت ڏيندڙ :-
انساني جسم جي ڪارڪردگي ۽ فعل جو دارومدار سٺي ذھني صحت تي منحصر آھي. ذھن صحتمند آھي تہ جسم جا ٻيا عضوا بہ پنھنجي ڪارڪردگي بھترين نموني ادا ڪن ٿا. کير ۾ سڀ کان خاص ڳالھ ان ۾ موجود قدرتي جزا آھن جيڪي ذھني ڪاروھنوار ۽ نيورو ٽرانسميٽر کي قابو رکن ٿا جنھن جي ڪري دماغ حاضر رھي ٿو ۽ ذھانت وڌي ٿي.

چھرو دلڪش بنائيندڙ :-
کير پنھنجي افاديت جي ڪري چھري کي نکارڻ ۾ انفرديت رکي ٿو. قديم زماني ۾ چھري جي دلڪشي لاء کير استعمال ڪيو ويندو ھيو. تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ کير ۾ موجود امينو تيزاب چھري جي چمڙي کي نرم ۽ شاداب رکي ٿو.

چمڙي نکاريندڙ :-
کير ۾ موجود ليڪٽڪ ايسڊ چمڙي کي صاف شفاف رکن ٿا ليڪ ايسڊ کير جي ملائي ۾ وافر مقدار ۾ پاتو وڃي ٿو. ان ڪري کير جي ملائي سان چھري تي مساڄ ڪرڻ سان خشڪي ۔ داڻا ۽ ڌٻا ختم ٿي وڃن ٿا.

ڏند جرڪائيندڙ :-
دودھ دانتوں کی مضبوطی اور سفید بنانے کا موجب
کير ڪئلشم ھجڻ ڪري ڏندن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ کير جي سفيداڻ ڏندن کي جڳ مڳ جرڪائي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment