Wednesday 9 October 2019

عڪسرائپ Holography 💎اصغر ساگر💎

1873ع ۾ ٽي وي ايجاد ٿي. ھي وڏي ايجاد ھئي. تصويري ڪھاڻيون اسڪرين تي ڏسجڻ لڳيون. ان کان پوء ڌنڌلي فلم سازي شروع ٿي نيٺ 2013ع ۾ LG ٽي وي فن ساز ڪمپني دعوا ڪئي تہ ھو جلدي بھترين عڪسن سان ٽي وي متعارف ڪرائيندي ھن ٽي وي جي آمد سان پوري دنيا جون ٽي وي ڪمپنيون ڌوپجي ويون اڳتي ھلي LG ڪمپني 4k Ultra HD متعارف ڪرائي جيڪا عالمي منڊي جي سڀ کان وڏي ۽ بھترين ايجاد ھئي.
پرجلدئي آمريڪن ڪمپني ان جو ٽوڙ ڪڍيو. انهن ورچوئل ريئلٽي ڊوائيس متعارف ڪرائي. ھي ڊوائيس عينڪ وانگر ٿئي ٿي جيڪا اکين تي لڳنديئي فرد کي حقيقي دنيا مان ڪڍي فلمي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي ڪڏھن ڪڏھن فلم ۾ پھاڙ يا بلند جڳھ تان گذرڻ ڪري دل ڏڪيو وڃي ڇوجو ڏسندڙ فلمي ڪردارن سان مڪمل طور تي وابستہ ٿئي ٿو.
ھن ڊوائيدس ٺاھيندڙ ڪمپني دعوا ڪئي تہ ھن کان وڏي ڪابہ ايجاد ٿي نہ سگهندي پر عڪسرائپ Holography ھن جي دعوا جي چيلھ ٽوڙي ڇڏي. سيون ڊي جي ايجاد دماغن کي دنگ ڪري ڇڏيو. ھن جي خالق ھن کي جديد تر بنايو ايتري قدر جو سج جي روشني ان کي متاثر ڪري نہ سگهي. جيڪڏھن دل چاھي رات ۾ ڏينھن اچي وڃي ۽ ڏينھن ۾ رات اچي وڃي. ھي فنيات Technology ڪمري يا ھال تائين محدود ناھي پر 15 کان 50 ڪلوميٽر جي وسعت رکي ٿي. جيڪڏھن ڪٿي بنجر زمين آھي اتي عڪسري فنيات ذريعي باغ ۽ نديون ڏيکاري دنگ ڪري سگهجي ٿو ۽ ھڪ پرامن علائقي کي شام جيئن تباھ حال ڏيکاري سگهجي ٿو.
ستر سال پھرين وارو انسان جيڪڏھن اسان جي دنيا ۾ اچي وڃي تہ سائنس جي جادوئي ڪارنامي کي ڏسي حيراني وٺي ٿي ۽ پريشاني بہ.  
اسان سڀني سائنس جي ڪتابن ۾ پڙھيو آھي تہ اسان شين کي ڪيئن ڏسون ٿا.
جي بلڪل! اسان کي شين کي واضح ۽ صاف ڏسڻ لاء روشني جي ضرورت پوي ٿي. اسان ان شي کي تڏھن ڏسي سگهون ٿا جڏھن روشني ان شي کان منعڪس ٿي اسان جي اکين تائين اچي ٿي تہ اسان جي اکين ۾ ان شي جو عڪس جڙي ٿو ۽ اسان جي دماغ ۾ ان شي جو نالو پھرين ئي موجود ٿئي ٿو ان لاء اسان ان کي ٺھ پھ سڃاڻي وڃون ٿا پر ياد رھي تہ جيڪڏھن روشني ناھي تہ اسان انڌيري ۾ ڪجھ بہ ڏسي نٿا سگهون.
عڪسرائپ کي سمجهڻ لاء اسان ھڪ سادو مثال وٺون ٿا اسان پنھنجي موبائيل ۾ ڪافي دفعا آواز آواز ڀريون ٿا ۽ بار بار ٻڌون ٿا. دراصل اھي اسان جي آواز جون لھرون لرزشون Vibrations ٿين ٿيون جن کي اسان محفوظ ڪري رکون ٿا ۽ جڏھن دل چاھي ٻڌون ٿا. آواز جي لھرن کي محفوظ ڪرڻ بعد سائنسدانن غور شروع ڪيو تہ آواز کي محفوظ ڪري بار بار ٻڌي سگهجي ٿو تہ روشني کي محفوظ ڪري ان مان فائدو ڇو نہ ٿو وٺي سگهجي؟
آخر فنيات Technology جي ماھرن روشني جي ڪري ٺھندڙ عڪس جي ڀرائي ڪري ورتي ۽ ان جي بدولت عڪسري فنيات عام ٿي وئي آھي. مختلف ٽي وي چينل ھزارين ميل پري ويھي ڪنھن بہ شخص سان عڪسرائپ Holography ذريعي اسٽوڊيو ۾ ڪچھري ڪري سگهجي ٿي. ائين محسوس ٿيندو ڄڻ اھو شخص بلڪل اصلي حالت ۾ اسان جي سامهون اسان سان ڳالهيون ڪري رھيو آھي. سائنس جي ھن ايجاد آڏيو فنيات  Audio technology ۽ وڏيو فنيات Video technology جي ميدان ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آھي.
ھولوگرافي Holography ھڪ يوناني لفظ ھولوگرام Hologram مان نڪتل آھي جنھن جو مطلب آھي دور کان آيل پيغام. عڪسرائپ Holography جو مظاھرو ھڪ بند ڪمري يا ڪيبن ۾ ڪيو وڃي ٿو تہ جيئن تمام ٿري ڊي شعائن کي ھڪ نقطي تي مرڪوز ڪري ڪنھن بہ شي کي عڪسي شڪل ۾ واضح ڪيو وڃي ٿو. عڪسرائپ ايندڙ دور ۾ ترقي ڪري امبرائپ Skygraphy ۽ پولارائپ Spacegraphy جي شڪل ۾ دنيا جي سامهون پيش ڪئي ويندي ۽ ھن فنيات جي مدد سان آسمان تي عجيب غريب منظر ڏيکاري ماڻهن کي دنگ ڪيو ويندو.
ٿري ڊي فنيات Three D technology کان چڱي طرح واقف ھوندا جنھن ۾ ڪنھن عڪس کي مختلف طرفن کان ڏٺو وڃي ٿو. عڪسري Hologram ۾ ست ڊي فنيات 7D technology استعمال ٿئي ٿي ۽ ھي ھڪ اھڙي فنيات Technology آھي جنھن ۾ روشني خاص ڪري روڌار شعائن Laser beams ذريعي ڪنھن منظر کي عڪساري Projector سان ھڪ جڳھ بند ڪيو وڃي ٿو. ھن طريقي ۾ روشني جي شعائن کي ڪنھن پردي بجاء ماحول ۾ ڪٺو ڪيو وڃي ٿو ۽ ان مان ٺھندڙ تصوير Picture ۽ وڏيو Video ايترا حقيقي ٿين ٿا جو ان تي اصلي جو شڪ ٿئي ٿو . ڪمپيوٽر جي زبان ۾ ان کي عڪسرائپ Holography سڏيو وڃي ٿو.
ھن ڪم ۾ پھرين ٿري ڊي وڏيو 3D video تيار ڪئي وڃي ٿي ۔ پوء ان کي ست ڊي تبديل ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوء ان وڏيو Video جي تصوير کي ڇھن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو جنھن کان ڇھ روڌار آلا Laser devices زمين جي بلندي تي لڳائي انهن کي پلي ڪيو وڃي ٿو. ھي تصوير مرڪز مان اچي مڪمل ٿي وڃي ٿي. ھن کي ڏسندي ئي حقيقت تسليم ڪيو وڃي ٿو.
ھن فنيات کي شروع ڪرڻ جو سھرو ھنگري جي ڊينس گيبر ڏي وڃي ٿو. برطانيہ ۾ رھندي 1946ع کان 1951ع تائين ھن فنيات جي باري ۾ مختلف تجربا ڪيا ۽  پنھنجن ٿيوريز کي اخبارن ۾ ڇپرايو. شروع ۾ ڪنھن بہ ان طرف ڌيان نہ ڏنو پر جڏھن 1960ع ۾ روڌار لائيٽ Laser light ايجاد ٿي تہ 1964ع ۾ عڪسري وڏيو Holographic video منظرعام تي آئي. بعد ۾ ھن فنيات Technology کي ايجاد ڪرڻ جي ڪري 1971ع ۾ ڊينس گيبر کي فزڪس ۾ نوبل انعام سان نوازيو ويو.
عڪسري فنيات Holographic technology پھرين فلمن ۾ استعمال ٿيندي ھئي. ھن فنيات ۾ ڪنھن شي کي ھڪ شيشي جي سامهون رکن ٿا، پوء شي تي روڌار شعائن Laser beams جي مدد سان ھڪ شعاع جي شڪل ۾ روشني وڌي وڃي ٿي. ان کان پوء شي مان جيڪي شعاع نڪرن ٿا، انهن کي ٿري ڊي ڪيميرا ۾ ڀريو وڃي ٿو ۔ پوء ان ڀرائي Recording کي عڪساري Projector جي ذريعي جتي چاھجي اتي ڏسي سگهجي ٿو. عڪسرا Holograms جديد سائنسي فنيات  سان تيار ٿين ٿا جيڪي روڌار لائيٽ Laser light جي شعائن Beams ۽ بلورن Lenses ذريعي ڪم ڪن ٿا.
آسٽريلوي سائنسدانن عڪسري Hologram ٺاھڻ جي اھڙي فنيات ايجاد ڪئي آھي جنھن کي استعمال ڪندي موبائيل جي مدد سان عڪسري وڏيو ڪال Holographic video call ڪئي ويندي. ھن فنيات جي مدد سان ڪال ڪندڙ جو عڪسرو Hologram موبائيل جي اسڪرين تي ظاھر ٿيندو يعني ڪال ڪندڙ Caller جي شڪل يا مڪمل حرڪت ڪندڙ تصوير موبائيل جي اسڪرين کان علاوا ٿري ڊي يا سيون ڊي حالت ۾ ڏسي سگهجي ٿي.
ٿري ڊي فنيات جي ايجاد کان پوء ست ڊي فنيات ايجاد ٿي وئي آھي. ھن فنيات جي ايجاد کان پوء اسڪرين يا ڀت جي ضرورت نہ رھي آھي. ڀت يا اسڪرين بجاء عڪسي شڪل بلڪل روبرو حقيقت ۾ آئي آھي. تصوير کي ڏسندي ائين لڳي ٿو تہ ڄڻ ڪو اڳيان ماڻهو ڳالهائي رھيو آھي. ڪردار ۽ منظر ڪمري جي حقيقي منظر کي گم ڪري عڪسي تصويري منظر کي ايترو حاوي ڪن ٿا جو توھان سلمان خان جي شاندار ادائگي ڏسي ان سان ڳلي ملڻ جي ڪوشش ڪريو يا خوبصورت پھاڙ تي چڙھڻ لاء توھان سوفي سان ٽڪرائجي وڃو. ھن فنيات جي اھم ڳالھ ھي آھي تہ منظر فلمي بدروحن وانگر چمڪدار نٿا ٿين پر وچٿري روشني ۽ ڀيٽ تي مشتمل ٿين ٿا تہ جيئن اکين جي بينائي متاثر نہ ٿئي.
ھن فنيات کي سائنسي زبان ۾ عڪسرائپ Holography سڏجي ٿو. ھي فنيات روڌار شعائن Laser beams جو مجموعو آھي جنھن جي ذريعي فلمي منظر بلڪل حقيقت ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. ھن فنيات جون ھن مھل تائين چار نمائشون ٿي چڪيون آھن، پھرين نمائش لنڊن ۾ منعقد ٿي جنھن ۾ اڻ لڀ جانورن ۽ خلابازن کي زمين تي حرڪت ڪندي ڏيکاريو ويو. ٻي نمائش آمريڪا ۾ ٿي ھي نمائش گهڻو حيران ڪندڙ ھئي. ھن نمائش ۾ ماڻهن کي ميدان تي ڪٺو ڪيو ويو. ان کان پوء ست ڊي فنيات 7D Technology سان ٺھندڙ ھڪ سامونڊي وڏيو Sea video ڏيکاري وئي. ھن وڏيو Video جا منظر سمنڊ جي ھيٺئين حصي کان مٿئين طرف ميدان تي ڏيکاريا ويا جنھن ۾ خوفناڪ سامونڊي جانور تري ڦري رھيا ھئا. وڏيو Video جي ڏيک ايندي ھڪ رنگ سمنڊ جو ڏيکاريو ويو. پوء ان ۾ پاڻي جي ھلچل اڀري ۽ خوفناڪ بلائون ترڻ لڳيون. ڪجھ لمحن ۾ ماڻهو پاڻ کي سمنڊ ۾ محسوس ڪرڻ لڳا. انهن جي ڀرسان وڏيون مڇيون ۽ سامونڊي درندا وات ڦاڙي گذري رھيا ھئا. ھي منظر بلڪل حقيقت جي قريب ھئا ۽ ماڻھو خوف مان ڏڪي رھيا ھئا تہ ڪٿي اھي کاڄي نہ وڃن. ٽين نمائش لنڊن جي ھڪ اسڪول ۾ ٿي جنھن ۾ب برفاني ڪناري تي برفاني جانور کيڏندي ڏيکاريا ويا. چوٿين نمائش لنڊن ۾ ٿي ھن نمائش ۾ ھڪ ديو قامت مڇي کي سمنڊ مان اڀرندي ڏيکاريو ويو. توھان انهن وڏيو کي 7D يا Holographic video لکي گوگل تي ڏسي سگهو ٿا.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment