Friday 30 August 2019

اسٽار پلس ٽي وي مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

اڪبر بادشاھ اداس ھيو. ھن جي منھن تي اداسي جهلڪي رھي ھئي. گهران نيراني بکيو درٻار ۾ تشريف فرما ٿيو ھو. بادشاھ اداسي کي ٽوڙڻ لاء ڀري درٻار ۾ بيربل کان 3 سوال پڇيا ۽ شرط رکي تہ ٽنهن جو ھڪ جواب ھجي.
”ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڇو ٿي ٿئي؟“
”ماني ڀاڄي وقت سر ڇو نٿي ملي؟“
”کير سڙي ڇو وڃي ٿو؟“
سڄي درٻار ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. وزيرن کي نانگ سنگهي ويو. سڀ پنھنجي جڳھن تي ويچارن ۾ پئجي ويا پر ھي سوال بيربل لاء ھيا ان ڪري انهن کي پريشاني نہ ٿي رھي ھئي.
ڪجھ دير بعد بيربل خاموشي ٽوڙي.
”سائين جو اقبال بلند ھجي. جان جي امان ھجي تہ عرض ڪريان“
بادشاھ رعبدار آواز ۾ ڳالهايو
”جان جي امان ڏني وڃي ٿي.“
بيربل چيو
”بادشاھ سلامت! اسٽار پلس ٽي وي جي ڪري.“
گهر جون عورتون اسٽار پلس ڏسن ٿيون انهن جو خيال ڊرامن ڏانھن ھوندو آھي. وقت تي ڪم نٿيون ڪن ۔ مرد ڳالھ ڪري ٿو، ٻڌن نٿيون ۔ وقت تي ماني ڀاڄي نٿيون پچائن ۽ ڊرامن ڏي ڌيان ھئڻ ڪري کير سڙي وڃي ٿو“
ھي ڳالھ ٻڌي اڪبر بادشاھ بي اختيار روئي ڏنو روئندي بيربل کي ڀاڪر پاتو. بيربل اڳئي تتل ھيو. ھن بہ اوڇنگار ڀري. ڏسندي ڏسندي درٻاري بہ روئڻ لڳا.
اڪبر بادشاھ ڳوڙھا اگهندي ۽ سڏڪندي بيربل کي چيو
”اڄ کان تون منھنجو وزير اعظم آھين.“😆😆😆

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment