Wednesday 21 August 2019

کائڻ کان اٺ ممنوع شيون Eight things prohibited from eating 💎اصغر ساگر💎

اسان روز مختلف قسمن جا ميوا ۔ سبزيون ۽ خشڪ ميوا کائون ٿا جن مان ڪجھ مان فائدا ملن ٿا ۽ ڪجھ صرف ذائقي لاء کاڌا وڃن ٿا پر ڪجھ اھڙيون غذائون بہ آھن جيڪي ڪنھن حد تائين انساني صحت لاء نقصانڪار آھن. اصل ۾ ڪجھ اھڙيون غذائون پنھنجي اندر زھريلو اثر رکن ٿيون  يا وري ڪجھ غذائن کي خاص عمل نہ گذاريو وڃي تہ زھريليون ٿي وڃن ٿيون. اھڙين غذائن جو ذڪر ڪجي ٿو.

لال لوبیا:
لال لوبيا ھڪ صحت بخش غذا آھي پر انهي مان فائدو تڏھن وٺي سگهجي ٿو جڏھن انهي کي اٻاري پاڻي ھاري کاڌو وڃي. لوبيا کي گهٽ ۾ گهٽ 10 منٽن تائين لازمي اٻاريو وڃي تہ جيئن ان ۾ موجود زھريلو اثر نڪري وڃي. لوبيي۾ Phytohaemagglutinin جي ڪري ٺھي ٿو. لوبيي کي بنا اٻارڻ جي کائڻ سان نقصان ٿي سگهي ٿو. ماھرن مطابق ھي زھر انساني جسم جي گهرڙن تي اثرانداز ٿيڻ جي اھليت رکي ٿو.

جعفر:
جعفر جو استعمال کاڌن ۾ مسالن طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن مسالي جي ھڪ چپٽي وجهڻ سان ڪو فرق نٿو پوي پر ھن جو وڌيڪ استعمال گهڻين بيمارين جو سبب بنجي سگهي ٿو جيئن مٿي جو سور ۔ آت ۔ مٿو چڪرائڻ وغيرھ.

چیری٬ خوبانی اور آلوبخارا:
چيري ۔ زردالو ۽ الوبخارو مزيدار ميوا ۽ صحت بخش ٿين ٿا انهن ميون جي ٻج ۾ بہ cyanide جي خاندان سان تعلق رکڻ وارو زھر موجود آھي. انهن ٻجن کي ٽوڙي کائڻ ۔  ڳيھڻ ۽ چٻاڙڻ نہ کپي. 

پٽاٽو:
پٽاٽو اھڙي غذا آھي جيڪا ھر گهر ۾ کاڌي وڃي ٿي پر پٽاٽي ۾ بہ زھر ٿئي ٿو. پٽاٽي جي ٽاريون ۽ پن زھريلا ٿين ٿا. ان کان سواء پٽاٽي اندر بہ زھر جي مقدار ٿئي ٿي. پٽاٽي مٿان سائي رنگ جا نشان ٿين ٿا اھي دراصل solanine زھر جي وڌيڪ مقدار رکن ٿا. ماضي ۾ زھريلن پٽاٽن جي ڪري موت جا واقعا ٿيا. زھريلي پٽاٽي کائڻ سان جلد موت نٿي اچي پر پر ان جي علامتن ۾ ڪمزوري ۽ ڪوما شامل آھن.

خشڪ ميوا:
اسان وٽ ميون کي صنعتي عمل ذريعي خشڪ ڪيو وڃي ٿو ان عمل دوران گهڻو پوٽاشم ۽ گنڌڪ استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري خشڪ ميون کي گهڻو استعمال نہ ڪجي نہ تہ ھاضمي جي نظام ۾ خرابي ٿي سگهي ٿي. ماھرن مطابق گنڌڪ جي گهڻي مقدار معدي کي حساس ۽ ھاضمي کي بگيڙي سگهي ٿي.

بادام:
بادام ٻن قسمن جا ٿين ٿا ھڪ مٺو بادام ٻيو ڪوڙو بادام ڪوڙي بادام ۾  hydrogen cyanide ۾ زھر جي گهڻي مقدار ٿئي ٿي. ڪوڙي بادام جي ستن يا اٺن گرين کائڻ سان ٻار موت جي منھن ۾ پئجي سگهي ٿو ۽ وڏن لاء طبي مسئلا ٿي سگهن ٿا.

کاڄو:
کاڄو نہ ٻج آھي نڪي ميوو پر ھي خود ميوي اندر پاتو وڃي ٿو. مارڪيٽ ۾ موجود کاڄا ڪڏھن بہ ڪچا نٿا ٿين ڇوجو انهن ڪچن کاڄن ۾ زھر موجود ٿئي ٿو ان ڪري پھرين کاڄن کي اٻاريو وڃي ٿو ۽ پوء مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ٿو. کاڄي ۾ پاتي ويندڙ زھر کي urushiol چيو وڃي ٿو ۽ ھي انسان کي ايلرڄي جو شڪار ڪري سگهي ٿو.

ماکي صاف نہ ڪيل:
ھي اھڙي ماکي آھي جيڪا ڄاري مان حاصل ڪرڻ بعد سڌو کاڌي وڃي ٿي ۽ ان کي مخصوص مشيني عمل مان نٿو گذاريو وڃي. ان مشيني عمل ۾ انهن جراثيمن جو خاتمو ٿي وڃي ٿو جيڪي تخميري عمل پيدا ڪن ٿا. ڪچي ماکي grayanotoxin تي مشتمل ٿئي ٿي جنھن جي ڪري چڪر اچڻ ۔ ڪمزوري ۔ وڌيڪ پگهر اچڻ ۔ آت ۽ الٽي اچي سگهي ٿي ۽ ھي عمل 24 ڪلاڪن تائين جاري رھي سگهي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment