2 ريلوي جا ملازم رٽاير ٿيا. پاڻ ۾ روزگار بابت ڪچھري ڪري رھيا ھئا تہ ڪھڙو ڌنڌو کولي.
ھڪ چيو
”ڪرياني جو دڪان يا جنرل اسٽور کولڻ بھتر آھي.“
ٻئي چيو
”انهن ڌنڌن ۾ سيڙپ وڏي آھي ۽ اوڌر ڇوٽ ھلي ٿي، پاڻ غريب آھيون منھن ڏيئي نہ سگهنداسين.“
”نيٺ ڇا کولجي“
”حجامڪو دڪان کولجي. سيڙپ ٿوري، فائدو گهڻو۔روز سٺي روزي ٺھندي پئي. نبو ۽ گلو حجم ٻئي پنھنجا جگري يار آھن، ڪجھ حجامڪو ڪم سکيل آھيون ۽ ڪجھ سيکاري وٺندا ھونئن بہ پنھنجي ٻارن جا وار پاڻ ٺاھيندا آھيون.“
”وٺ ڌنڌي کي، پوء دير ڇاجي!“
ٻنهي متفق ٿي ڪم سکي سيلون کولي. ڏاڙھي لاھڻ ۽ مٿي جا وار ٺاھڻ جو ڪافي ھنن کي تجربو ٿي ويو.
”گراڪ اچي ٿو پيو......ھوشياري وٺ“
حجم ٻئي کي چوڪس ڪيو.
گراڪ اچي ڪرسي تي ويٺو. حجم گراڪ ڏي رجوع ٿيو. گراڪ ڏاڙھي لاھڻ جو چيو. حجم ڏاڙھي لاھڻ شروع ڪئي. ڏاڙھي جا وار سخت ھئا. ھي نئون تجربو ھيو. پاڪي جي صحيح نہ ھلڻ ڪري پاڪي گسڙ ڪئي ۽ پاڪي جي بليڊ جا ڪجھ ھلڪا جهير آيا. جھيرن ۾ رت تري بيھي رھي. گراڪ معاملو سمجهي ويو. حجم پريشانيء مان ٻئي حجم کي ڳالهيون ڪري گراڪ کي وندرائڻ جو اشارو ڪيو.
ٻيو حجم گراڪ کي:
”سائين توھان پاڻ ۾ گهڻا ڀاء آھيو؟“
گراڪ پريشاني جي عالم ۾ ڪرڪندي چيو
”جي ھتان بچيس تہ چار نہ تہ ٽي سمجهو.“
0 comments:
Post a Comment