Sunday 11 August 2019

السي Flex seed 💎اصغر ساگر💎

السي  Flex seed جو ٻوٽو ھڪ گز تائين ڊگهو ٿئي ٿو. ھي سياري جي آخر کان بھار جي موسم تائين نيرا گل جهلي ٿو. ھن جا ڏوڏا چڻي جي برابر ٿين ٿا جيڪي ننڍن نوڪدار چمڪدار ٻجن سان ڀريل ٿين ٿا. ھن جي ٻجن مان تيل نڪري ٿو. عام طور تي ھن کي ڪڻڪ جي فصل پوکڻ واري عرصي ۾ پوکيو وڃي ٿو. السي ۽ ان مان نڪتل ٻج انساني جسم لاء مفيد آھن.
السي آسٽريليا ۔ نيوزيلينڊ ۔ ھالينڊ ۔ انگلستان ۔ ھندستان ۔ پاڪستان ۔ مصر ۽ پوکي وڃي ٿي. ھي فصل ست ھزار سالن کان پوکيو وڃي ٿو. 
السي دماغ جي مختلف بيمارين ۾ ڪم اچي ٿي ۽ ڪرنگهي جي ھڏي جي علاج ۾ ھن جا نتيجا بھترين نڪرن ٿا. السي جسم جي ھر سوزش کي ختم ڪري ٿي ۔ ھاضمي جي نظام کي بھتر بنائي ٿي ۔ پتي جي پٿري کي ٽوڙي ٿي ۔ عورتن جي ٻچيداني ۾ ڳرٽن ۽ رسولين کي ختم ڪري ٿي. عورتن جي بيماري فائبرائيڊ ۾ السي بھترين نتيجا ڏئي ٿي. ان سلسلي ۾ مريض عورتون روز چپٽي کائن يا چٻاڙين تہ بھترين فائدو پوندو. السي ڄميل بلغم کي ڇانڊي ٿي. روز چپٽي کائڻ سان ساھ نلين مان بلغم نڪري وڃي ٿو.
السي چمڙي تي بھترين اثر مرتب ڪري ٿي. ھن جي تيل لڳائڻ سان وار گهاٽا ۔ چمڪدار ۽ ڊگها ٿين ٿا.
السي صدين کان اسٿعمال ڪئي وڃي ٿي پئي. السي جي ٻجن کي نھايت ڪارآمد ڄاتو وڃي ٿو ۽ جديد دور ۾ بہ سائنس السي جي فائدن کان انڪاري ناھي. السي غذائي جزن سان ڀرپور ٿئي ٿي. السي جي ٻج کي قديم ترين ٻجن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھن جا 2 قسم آھن.
(1) سونھري  Golden
(2) ڀوري       Brown
ٻئي ٻج انتھائي مفيد ۽ غذائيت سان پرپور ٿين ٿا. السي کي عام طور تي روزانو 3 گرام استعمال ڪرڻ کپي. 
السي جي ھڪ چمچي ۾ ھي غذائي جزا پاتا وڃن ٿا. 
37 ڪيلريون
2 گرام نشاستو
1.9 گرام تاندورا
3 گرام چرٻي
2.3 گرام چڪيل چرٻ تيزاب
ڪيلشم 2 سيڪڙو
فولاد  2 سيڪڙو
وٽامن بي 18 سيڪڙو
ميگنيشم  7 سيڪڙو
فاسفورس 4 سيڪڙو
پوٽيشم  2 سيڪڙو

(1) اوميڳا ٽي چرٻ تيزاب سان ڀرپور:
السي جي اندر اوميڳا ٿري فيٽي ايسڊ جي وڏي مقدار موجود ٿئي ٿي جنھن کي alpha-linolenic acid سڏجي ٿو. جديد تحقيق مطابق ھي تيزاب پت کي رت ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي ٿو. ڪوسٽا ميڊيڪل ريسرچ مطابق 3638 ماڻھن تي تجربو ڪيو ويو ۽ تحقيق مان ثابت ٿيو تہ alpha-linolenic acid استعمال ڪرڻ وارن ۾ دل جي دوري پوڻ جا امڪان گهٽ آھن ۽ ھي دل جي ٻين بيمارين ۾ مفيد ٿئي ٿي.

(2) ڪينسر دشمن:
تحقيق مان ھي ڳالھ ثابت ٿي آھي تہ السي ھڪ غذائي جزي Lignans سان ڀرپور ٿئي ٿي ۽ Lignans ڪينسر جي گهرڙن کي ختم ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪي عورتون السي کائن ٿيون انهن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا. مردن جي السي جي استعمال ڪرڻ سان پروسٽريٽ ڪينسر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏھن سڻڀ کان بچيو وڃي تہ السي ھن ڪينسر کي پاڙ کان اکيڙڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

(3) تاندوري سان ڀرپور:
السي جي صرف ھڪ کائڻ واري چمچي ۾ 3 گرام تاندورا ٿين ٿا ان ڪري السي ٻين غذائن کان ممتاز حيثيت رکي ٿي. السي ۾ موجود تاندورا معدي ۽ مثاني ۾ موجود بيڪٽيريائن جي صفائي ڪن ٿا ۽ ھاضمي جي عمل کي تيز ڪن ٿا.

(4) پت Cholesterol  ختم ڪندڙ:
جديد تحقيق مطابق 90 ڏينھن السي جو پائوڊر کائڻ سان 17 سيڪڙو پت ۔ 20 سيڪڙو LDL خراب پت گهٽائي ٿي ۽ 12 سيڪڙو HDL سٺو پت وڌائي ٿي.

(5) بي پي ختم ڪندڙ:
ڪينيڊين ميڊيڪل ريسرچ مطابق السي روز 6 مھينا کائڻ سان سيسٽالڪ بي پي 10 ايم ايم ايڇ جي ۽ ڊيالوستيڪ بي پي 7 ايم ايم ايڇ جي تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. السي قابو ۾ نہ اچڻ واري بي پي کي قابو ۾ رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي جيڪڏھن ان کي روزانو خوراڪ جو حصو بنايو وڃي تہ

(6) پروٽين سان ڀرپور:
السي کي جيڪڏھن ٻوٽن جي مڇي چيو وڃي تہ بيجا نہ ٿيندو ڇوجو اوميڳا چرٻ تيزاب سان گڏ پروٽين جو ھڪ بھترين قسم آھي جيڪا مدافعتي نظام ۽ پت کي گهٽ ڪرڻ ۾ انتھائي مفيد آھي.

(7) رت شڳر قابو ۾ رکندڙ:
شڳر جي سڀني بيمارين جو اھم سبب رت ۾ انسولين گهٽ ٿيڻ آھي ۽ رت ۾ گلوڪوز وڌڻ آھي. سائنسي تحقيق مطابق روزانو السي استعمال ڪرڻ سان رت شڳر 8 کان 20 سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿي. السي ۾ موجود انسلوبل فائبر رت ۾ شڳر جي پھچ کي 8 کان 20 سيڪڙو گهٽ ڪري ٿي.

(9) بک مٽائيندڙ:
السي کائڻ سان بک ختم ٿي وڃي ٿي ۽ جسم ۾ موجود چرٻي ڳري ٿي ۽ وزن گهٽجي ٿو.

السي جا بوڙينڊا:
السي                 پاء
تر                      پاء
سچو گھ            پاء
 ڪڻڪ جو اٽو   3 پاء
ڳڙ                      پاء
پھرين السي کي گھ ۾ ڀڃجي ۽ پوء گرائينڊ ڪجي. ھاڻي اٽي کي ڀڃجي. ھاڻي ٻنهي شين کي ملائي گھ ۾ ڀڃجي. ھاڻي ڳڙ ملائي بوڙينڊا ٺاھجن.
ھي بوڙينڊا سياري جي بھترين سوغات آھن. مرد توڙي ٻار کائي سگهن ٿا. ھي بوڙينڊا دل جي مرضن خاص ڪري پت کي ختم ڪن ٿا. جن ٻارن کي وري وري پيشاب اچي ٿو انهن ٻارن لاء ھي بوڙينڊا مفيد آھن.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment