Wednesday 28 August 2019

پير ظاھري پير باطني مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

چٽ جي گرمي اٻ سان پنھنجو اظھار ڪري رھي ھئي پر پنڊال ۾ پکن جي ھلڻ جي ڪري اٻ محسوس نہ ٿي رھي ھئي. پنڊال ۾ پير ظاھري اسٽيج تي ويٺل ھيو. پير جي ٻنهي پاسي ايئر ڪولر جي ٿڌڙي ٿڌڙي ھوا ڏيئي جسم کي خوشباش ڪري رھيو ھو. مولوي پنڊال ۾ ويٺل جماعتين تي نظر ڦيري جيڪي پير جي واعظ جو بي چيني سان انتظار ڪري رھيا ھئا. پير لائوڊ اسپيڪر تي کنگهڪر ڪئي ۽ آواز گونجيو. سڀ جماعتي پير ڏي مدعو ٿيا.
”ھي موبائيل ۔ ھي ڪمپيوٽر سڀ شيطاني اوزار اٿو ۔ انهن کان بچو.“
مولوي تقرير ڪندي مووي واري ڏي منھن ڪيو. مووي واري مولوي جو ڏيک ويجهو ڪري ڀريو. مولوي موبائيل تي ٺٺڪ ڪئي.
”مون ڇا پئي چيو، مون چيو پئي انگريز اسان کي انهن شين ذريعي بگيڙڻ چاھين ٿا. اسان جو نوجوان نسل بگڙي ويو آھي جنھن کي ڏس، ان وٽ موب! جنھن کي ڏس ان وٽ ڪمپيوٽر! ھاء ھاء اسان جو ڇا ٿيندو؟.“
ايتري ۾ بجلي ھلي وئي. پنڊال ۾ گهڻن ماڻهن ھئڻ ڪري گرمي ۽ اٻ وڌڻ لڳي. جسمن ۾ پگهر پيدا ٿيو ۽ ڪپڙا پگهر ۾ شل ٿي ويا. مريدن جلدائيء ۾ وڃڻا ھڻڻ شروع ڪيا پر بي چيني وڃڻ جو نالو نہ ورتو، پير جو ٿلهو ڍڍ پگهر ۾ پسي ويو. جلد ئي پير جماعتين ڏي منھن ڪيو.
”مون ڪيترا ڀيرا توھان کي چيو آھي تہ بجلي سان گڏ جنريٽر جو انتظام بہ ڪندا ڪريو. گهٽ ۾ گهٽ گرمي ۽ اٻ پيدا نہ ٿئي ھا نڪي جماعتين ۾ بي چيني پيدا ٿئي ھا.“
”اف ڪيترو پگهر آھي.“
مولوي نرڙ تان ھٿ سان پگهر اگهندي ۽ پنھنجا پسيل ڪپڙا ڏسي شوڪارا ڀرڻ لڳو.
ايتري ۾ وڏيري گلڻ خان جي ڪال آئي. پير جون اکيون ٻري اٿيون. ھن جلدي موب کي ڪن سان لاتو
”پير صاحب ڇيلي جي سجيء سميت طعام تيار آھن، جنريٽر تي بجلي موجود آھي. اچو اي سي ۾ ويھو، پگهر سڪايو ۽ ٿڌي ھوا جو مزو وٺو - بس جهٽ ڪريو.“
پير ظاھري اٿي اسٽيج تان لھڻ لڳو. سندس خاص مريد پير جي پويان ھلڻ لڳا ۽ اسٽيج تي بيٺل ڪمپيئرنگ ڪندڙ مريد اعلان ڪندي چيو
”پير ظاھري پير باطني تقرير ختم ڪري روانا ٿي چڪا آھن ۽ جماعتين کي وڃڻ جي اجازت آھي ۽ مائيڪ تي نعرا ھڻڻ لڳو
”حق پير ظاھري حق پير باطني“
گڏوگڏ مريدن جي نعرن جي گونجار اٿي
”حق حق حق“

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment