اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻ ۽ سوکڙي آھي. ھي ھڪ خوبصورت سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال قديم زماني کان ٿيندو اچي. موھن جي دڙي مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ قسم آھي جنھن جو ڍنگ ۽ روپ بہ ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موھن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس بيحد وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو تہ پروھت کيس چيو
”اڄ رک“ يعني ھو اڄ بہ اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. عربن اجرڪ کي ازرق جي نالي سان سڏيو آھي. ازرق جي معنيٰ آھي نيرو رنگ. اھو بہ چيو ويندو آھي تہ حضرت محمد ص جن پڻ اجرڪ اوڍيندا ھئا.
موهن جي دڙي مان لڌل مجسمي تي اجرڪ جھڙي گلڪاري ٿيل آهي. اجرڪ جي تياري ۽ ڇرائي سنڌ جو خاص ھنر آھي. ان جي تياري ۾ وڏي محنت ۽ مھارت جي ضرورت آھي. ان جو اندازو انھي مان لڳائي سگھجي ٿو تہ اجرڪ چوڏھن مختلف مرحلن مان گذري مڪمل ٿئي ٿي. اجرڪ جي ڇرائي جا وري پنج مختلف مرحلا آھن، ھر مرحلي ۾ مختلف قسم ۽ رنگن جا پور يا ٺپا لڳندا آھن ۽ ھڪ اجرڪ جي مڪمل ٿيڻ تائين اٽڪل پنجويھ سوَ ڀيرا پور يا ٺپا لڳن ٿا. انھيءَ کان سواءِ اجرڪ جي تياري ۾ اٽڪل سورھن مصالحا استعمال ٿين ٿا. روپڪاري ۽ رنگ جي لحاظ کان اجرڪ جا قسم ڏھن کان مٿي آھن، انھن جا نالا بہ الڳ الڳ آھن. اجرڪ گھڻو ڪري لاڙ وارن شھرن ۾ ٺھي ٿي جھڙوڪ نصرپور، ٽنڊو محمد خان، کيبر، سيکاٽ، مٽياري، ھالا، ڀٽ شاھ، ماتلي ۽ اتر واري حصي ۾ سکر ۾ اجرڪ ٺھي ٿو. اڳي ٽکڙ ۽ مانجھند ۾ بہ اجرڪ ٺھندي ھيو پر اھي مرڪز ڪڏھوڪو بند ٿي ويا آھن. رنگن جي لحاظ کان ھڪ اجرڪ جا گھڻو ڪري چار رنگ ٿيندا آھن. اڇو، ڪارو، ڳاڙھو ۽ نيرو. ڪن اجرڪن ۾ نيرو يا ڪارو رنگ نہ ھوندو آھي تہ اھو اجرڪ ٽن رنگن واري ٿيندو آھي. نيرو ۽ ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ھلڪو ھوندو آھي تہ ڪڏھن وري تيز ان ڪري ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ناسي ٿي ويندو آھي. اجرڪ جي زمين يا تر جو رنگ ڳاڙھو يا نيرو ھوندو آھي، ليڪا ۽ چٽ ڪارا ھوندا آھن ۽ ڦلڙيون يعني گلڪاري اڇي ھوندي آھي. سمورو اجرڪ ھٿ جي محنت سان تيار ٿيندو آھي.
موجوده دور ۾ اجرڪ مان ٽايون، شرٽون، اسڪرٽ، پڙا، زنانا چولا ۽ سلوارون وغيره ٺاھيون وڃن ٿيون، ان کان سوا درن ۽ درين جا پردا، ڪشن ڪور، وھاڻن جا پوش، ميز پوش بہ اجرڪ مان ٺاھجن ٿا جيڪي تمام گھڻي سونھن ڪن ٿا. اجرڪ جي مقبوليت جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگھجي ٿو تہ اڄڪلھ ڪارخانن ۾ بہ اجرڪ جي روپ تي ڪپڙن جا تاڪيا تيار ڪيا وڃن ٿا، انھي ۾ ريشمي ۽ سنھو ڪپڙو بہ اچي وڃي ٿو پر جيڪا سونھن اصل اجرڪ ۾ آھي اھا نقلي اجرڪ ۾ ڪٿي!
اجرڪ، ننڍا توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد پھرين ٿا. اجرڪ ھر موسم ۾ پھري سگھجي ٿو. اھو اونھاري ۾ ٿڌي ۽ سياري ۾ گرم محسوس ٿيندو آھي. سنڌي ماڻھو اجرڪ جو پٽڪو وڏي شان سان ٻڌندا آھن. اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي ھڪ علامت آھي. اجرڪ جيئن مختلف مرحلن مان گذري ٿو ايئن ان جو استعمال بہ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ ٿئي ٿو. عام زندگيءَ ۾ تہ اجرڪ جو استعمال آھي ئي آھي پر خاص موقعن تي پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو سھڻي ۾ سھڻو اظھار، اجرڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪونھي! جڏھن ڪنھن مھمان کي مان ڏيڻو ھوندو آھي تہ ان کي اجرڪ اوڍايو ويندو آھي. سنڌ ۾ گھڻو تڻو گھوٽ پنھنجي شاديءَ تي بہ اجرڪ اوڍيندا آھن. اسان جي زندگيءَ ۾ اجرڪ جي عمل دخل جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگھجي ٿو تہ پنھنجي پياري دوست يا عزيز جي مرڻ کان پوءِ ان جي مڙھ تي بہ اجرڪ وڌو ويندي آھي.
اجرڪ نہ رڳو سنڌ ۾ مقبول آھي پر ان جي مقبوليت سنڌ ۽ جون سرحدون ٽپي ڏيساور ۾ بہ پھچي چڪي آھي. پرڏيھي دوستن کي ڏيڻ لاءِ اجرڪ کان وڌيڪ بھتر ٻي ڪابہ سوکڙي نہ آھي. هڪ قسم جي رڱيل ۽ ڇريل، دَٻڪن ۽ چِٽن واري چادر، جيڪا خاص طور سنڌ ۾ -اوڇڻ- طور پائڻ، ڪُلهن تي ڪرڻ، جسم تي ويڙهڻ، -پٽڪي- يا گوڏ ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. اجرڪ سنڌ جي قديم ثقافتي سڃاڻپ آهي. موهن جي دڙي جا آثار ٻڌائين ٿا تہ ان وقت بہ سنڌ ۾ اجرڪ جو ڪم ٿيندو هو. دڙي مان لڌل پروهت جي مورتيءَ تي جيڪو گلن جو دوشالو آهي، انهيءَ تي واضح نموني جيڪا ڇُر آهي، اها ’ڪَڪَر واري اجرڪ جي ’پور‘ واري آهي، جيڪا ڇُر اڄ بہ هلندڙ آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پھرين اجرڪ تمام گهڻي تعداد ۾ ٺھندي هيو. ان وقت ملاڪاتيار، سعيدپور، تلهار، ٽنڊو محمد خان، ٻهڊمي، بدين، خانپور، ٽِکڙ ۽ ڏندي ۾ اجرڪ جو ڪم ٿيندو هو. ٺٽي ۾ تہ اڍائي ٽي سئو کن ڪارخانا هوندا هئا. سجاول، ميرپور بٺوري، مٽياريءَ، سھتن، ڀٽ شاھ، ٽنڊي آدم، ٽنڊي فضل ۽ هوسڙيءَ ۾ اهو ڪم تمام گهڻو ٿيندو هو. هن وقت مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان ٻہ اهم مرڪز باقي وڃي رهيا آهن. ان کان سواءِ ڀٽ شاھ ۽ سھتا ۾ بہ ڪم ٿئي ٿو. کيبر، سيکاٽ ۽ سعيدپور ۾ بہ هڪ اڌ ڪارخانو آهي. ماتليءَ ۾ پنج ڪارخانا ڪم ڪن پيا. ان کان سواءِ وَسِي ملوڪ شاھ، ڀينڊي شريف، سن، سکر، هالا ۽ ٺٽي ۾ بہ اجرڪ سازيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي. مٿين علائقن ۾ اجرڪ جي ٻنهين پاسي ڇُر وارو ڪم ٿئي ٿو. هندستان جي علائقن بيڪانير، سوجت، چاڻوت ۽ داليءَ وارن علائقن ۾ بہ هن وقت اجرڪ جو ڪم جاري آهي، پر اتي ڪچي رنگ وارو ڪم ٿئي ٿو، جيئن مٺيءَ، ڏيپلي، ڇاڇري، ننگرپارڪر ۽ ٿر جي ٻين علائقن ۾ ٿئي ٿو. ڪنھن وقت ۾ دادو ضلعي جي مانجهند شھر ۾ بہ هڪ پُڙيا اجرڪ ڇُربا هيا، پر هاڻي اتي اُهو ڪم بنھ ڪونه ٿئي ٿو. اجرڪ جو ڪم درياهن، ندين ۽ واهن جي ڪنارن ۽ ٿوريءَ سخت هوا وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي. اجرڪ پنهنجي پورن، ٺپن ۽ رنگن سبب مشهور آهي. لطيف سائين پور ۽ ڇُر جي اهميت کي هن طرح واضح ڪيو آهي:
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور.
اجرڪ جا پور سوين قسمن جا آهن جن ۾ چڪي، ڇانڀ، ڇلو، عشق پيچ، موتين جڙيو، گُڏڙي، چوداڻ، ڪڪر، مهراڻ، قلمدان، ڪاشي، ونگو، بادام، ڏاڙهونءَ گل، جليب، ڊسڪو، فورِاسٽار، نارو، وٽ، هانشو، ٻري، کارڪ، مداخل، ٻوٽو، ريال ۽ غاليچو وغيره شامل آهن. هن وقت سنڌ ۾ اجرڪ جا هيٺيان وَر هلندڙ آهن: ڪڪر، دٻلي (آڳاٽو ۽ اصل نالو چَڪي، بادام، حاشيو، ول (ٽي قسم: وڏي ول، پوپٽي وَل ۽ ننڍي ول)، کارڪ، جليب، غاليچو، چوداڻ، گُڏڙي، مداخل، ٻوٽو، ريال، عشق پيچ، مُھر، ڇلو (جنھن جو اصل نالو ’سرڪاري‘ آهي) ۽ قلمدان. هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي اجرڪ تيار ٿين ٿا انهن جا ٻہ قسم آهن: هڪ اهي اجرڪ جيڪي روايتي انداز ۾ تيار ڪيا وڃن ٿا جن تي ’ڇر‘ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ اهي مختلف مرحلن مان گذرندي لڳ ڀڳ مھيني کن ۾ تيار ٿين ٿا ٻيا اھي اجرڪ جيڪي مارڪيٽ ۾ دستياب آهن، اهي مشينن تي ٺھندا آهن ۽ هڪ ڏينهن ۾ پنج سئو کان هزار جي تعداد ۾ تيار ٿين ٿا. اجرڪ هڪ شيءِ جو نالو ڪونهي، پر رڱاوت جو نالو آھي جيڪا محنت سان ٺھي ٿي ان کي اسين اجرڪ چوندا آهيون انهيءَ ۾ ٻانڌڻا، -بگ-، ملير، جُهميون، چُنيون ۽ لسا بہ آهن، جيڪي اجرڪن جا مختلف نمونا آهن. اجرڪ 16 مختلف مرحلن مان گذري تيار ٿيندو آهي. پھرين ڪپڙو ورتو وڃي ٿو، ان بعد ڪپڙي جا پنج پنج ميٽر جا ٽڪرا ڦاڙي سوڍا کار ۾ ٻوڙو ڏيئي، کنڀ چاڙهيو ويندو آهي. ان بعد ڪپڙي کي لاهي کنڀ کي ڌوتو ويندو آهي. بعد ۾ ان ۾ ساجُھ وجهبو آهي. ساجهه ۾ صابڻ، کارو تيل ۽ هيرڻ جو تيل استعمال ٿيندو آهي. ان کان پوءِ ساجھ ڌوئڻ جو مرحلو ايندو آهي. ان بعد ڪسائيءَ جو مرحلو آهي، جنھن ۾ صابڻ، هيرڻ جي تيل ۽ سڪل ليمن مان هڪ محلول ٺاهيو ويندو آهي. ان بعد اجرڪ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ ايندو آهي. پھرئين مرحلي ۾ اصل جي ڇُرَ ٿيندي آهي. ان بعد ڪٽ جو مرحلو ايندو آهي تنھن کان پوءِ کڙ جو ڪم ٿئي ٿو. اُن بعد پڙو ڪُنِ ۾ ٻوڙبو آهي. ڪُن ۾ ٻوڙڻ بعد اهو اجرڪ وري ڇرجڻ ويندو آهي جنھن کان پوءِ ان کي رڱيو ويندو آهي. رڱڻ کان پوءِ مَنھڻ جو مرحلو اچي ٿو، ان- بعد مينا جو ڪم ٿيندو آهي. مينا جي مرحلي دوران وري مٿس ڇُر ٿيندي آهي. آخر ۾ ان کي انڊيگو (گُليءَ) ۾ ٻوڙيو ويندو آهي، جنھن بعد وڃي اجرڪ تيار ٿيندو آهي. 5 ميٽرن واريءَ -اجرڪ تي 5 هزار 9 سو دفعا ٻنهي پاسن کان رڳو ٺپا هنيا وڃن ٿا. اجرڪ جي رزلٽ لاءِ 28، 30 ڏينھن انتظار ڪرڻو پوي ٿو. هيءُ تمام ڏکيو هنر آهي. سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ ۾ هن هنر جا ڪئين ڪاريگر پيدا ٿيا هوندا، پر وقت جي وهڪري انهن نالن کي محفوظ نہ رکيو. بھرحال ويجهڙ واري دؤر ۾ هيٺين ڪاريگرن جا نالا معلوم ٿيا آهن: الهڏنو سومرو کٽي، ڀليڏنو سومرو کٽي، حاجي جمعو ۽ يعقوب لٽائي، ويٺل وسي ملوڪ شاھ ٽکڙ- جا، جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڪاريگر هئا. حاجي عثمان ۽ طاهر محمد، ٻئي ڀائر مٽيارين جا هئا. سعيدپور جي مَنُو کٽيءَ وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ حاجي وريل ۽ محمد عيسو بہ سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن. حاجي وڪيو شاھ ڪاريگر هو، جنھن مٽيءَ جي پورن سان ڪم ڪيو ۽ ڪاٺ جا پور پوءِ ٺھرايائين. ڀينڊي جو گل محمد سومرو کٽي، سيکاٽ جو حاجي صالح کٽي سومرو ۽ ماتليءَ جو محمد حسن گذاري ويا. واري تڙ سکر جو ڪاريگر محمد صالح سومرو، 1999ع ۾ گذاري ويو، جيڪو مشھور شاعر ادل سومري جو والد هو. مشهور ڪاريگرن ۾ مٽيارين جو بچل بمبئي، ڪم جي سھڻائيءَ ۽ تيزيءَ سبب بمبئي نالو پيس. کيبرن ۾ محمد صديق سھتو ۽ حاجي عثمان، سيکاٽ ۾ محمد يونس کٽي سومرو، ٽنڊي محمد خان ۾ حاجي ڀليڏنو، حاجي لکاڏنو ۽ حاجي محمد شفيع ماتليءَ ۾ ۽ هاڻي محمد حسن جو پٽ محمد عثمان ڪم ڪندو آهي. ڪي هندو جاتيءَ جا ماڻهو بہ اڳ ۾ اجرڪ ڇُرڻ جو ڪم ڪندا هئا، جن مان ڪي هالا ۾ رهندا هئا، جيڪي ڪجھ سال اڳ لڏي ڀارت هليا ويا جن ۾ واسو مل، دولھ ڏنو مل، مينگهومل، ڪيول مل ۽ ڀڳڙي مل جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. مٺيءَ ۾ کتري هندو -اجرڪ جو ڪم ڪن ٿا، جن ۾ نٿو مل کتري هن وقت ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو.
0 comments:
Post a Comment