Tuesday 27 August 2019

خلق خدمت مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

شام ٿي چڪي ھئي. عبدالحق ڀرٽ پارٽي کان پنھنجي شھر ڏي واپس وري رھيو ھو. گاڏي ڪجھ سفر ڪيو تہ تہ اڳيان فصل جو ڪم ڪندڙ ڪجھ عورتون روڊ تي چڙھيون. انهن ۾ ھڪ پوڙھي گسڙجي ڏاڍي ڏکيائي سان وکون کڻي رھي ھئي.
عبدالحق عورتن ڀرسان اچي گاڏي روڪي. ھن  کي پوڙھي جو ڏاڍو احساس ٿي رھيو ھو.
”امڙ ھن عمر ۾ مزوري ۽ اڃان فصلن ۾ ڪم ڪرين ٿي. ڇو؟.“ عبدالحق پوڙھي سان مخاطب ٿيو.
”پٽ غريب آھيان مزوري نہ ڪنديس تہ ٺيھو ڪيئن ٺھندو.“
”پٽ ڪونهي ڪو؟“
”پٽ ھڪڙو آھي اھو بہ مزوري ڪري ٿو پر پورت نٿي ٿئي“
”پٽ پڙھيل آھي؟“
”ھا پٽ! ڏھ درجا پڙھيل آھي.“
”امڙ! سڀاڻي صبح جو منھنجي اوطاق تي پڄي وڃجو ۽ پٽ کي چئجو تہ سرٽيفڪيٽ کنيون اچي.“
ائين چئي عبدالحق ڀرٽ ڊرائيور کي گاڏي ھلائڻ جو چيو.
صبح ٿي. عبدالحق ڀرٽ تڪ جي ماڻهن سان حالي احوالي ٿي رھيو ھو ۽ سندن مسئلا ٻڌي رھيو ھو. ايتري ۾ پوڙھي عورت پنھنجي پٽ سان حاضر ٿي. سندس پٽ عبدالحق آڏو سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا جيڪي ھن ڏٺا. عبدالحق پي اي کي پوليس جو آرڊر ڪڍڻ لاء چيو. نوجوان سان مخاطب ٿيندي چيو
”ھي وٺ آرڊر ۽ رزاق آباد ڪراچي ۾ وڃي ڊيوٽي تي چڙھ.“
”پر ... سائين!“
نوجوان ھٻڪيو.
”گهٻراء نہ .....چئو بابا“
”سائين ڪراچي وڃڻ جيترا ڏوڪڙ ڪونهن.“
عبدالحق ڀرٽ پنھنجي کيسي ۾ ھٿ وڌو ۽ نوجوان ڏي ھٿ وڌائيندي چيو
”ھي وٺ 5 ھزار روپيہ، سڀاڻي روانو ٿيڻ جي ڪجانء.“
نوجوان ۽ پوڙھي جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ۽ ڀنل اکيون دعائن سان گڏ عبدالحق جو شڪريو ادا ڪري رھيو ھيون.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment