Monday, 1 April 2019

ٽامو Copper |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
ٽامو  Copper
”اصغر ساگر“

⏪لاطيني نالو ڪيوپرم

⏪ڪيميائي نالو زھرہ

⏪ٻيا نالا

◀عربي  نحاس
◀فارسي  مس
◀بنگالي  تامزہ
◀ھندي  تانبا
◀گجراتي  ترانبو
◀سنسڪرت  تامیرا
◀سنڌي  ٽامو
تامل  سمبو
◀یوناني  ڪالڪوس
◀انگریزي  ڪاپر

⏪ماھيت :-
◀ٽامو سفيد مفيد ڌات ٿئي ٿو. ھي معدني حالت ۾ ۽ خالص حالت ۾ ڪٿي لوھ سان گڏ ۽ ڪٿي گندرف يا آڪسيجن سان جبلن مان ملي ٿو ۽ ڪاربونيٽ جي شڪل ۾ پاتو وڃي ٿو. حڪيم خالص ٽامي جو ڪشتو ٺاھي ان کي مرداني طاقت ۽ ٻين بيمارين ۾ استعمال ڪن ٿا.

⏪پيدائش جو مقام :-
◀ھي جپان ۾ تمام سٺو ۽ خالص ملي ٿو. ايران ۾ ڪرمان مان ملي ٿو پر ايترو سٺو ناھي. ان کان سوا آذربائيجان جي علائقي اضان مان ملي ٿو.

⏪رنگ۔
◀ٽامي جي ڪيترا رنگ ٿين ٿا. پيلو ڳاڙھاڻ مائل ۔ خالص ڪاراڻ مائل پر جو ڳاڙھو چمڪدار ٿئي ٿو اھو سٺو عمدو خالص ٿئي ٿو. ٽامو پاڻي کان 9 ڀيرا ڳرو ٿئي ٿو.

⏪مزاج۔
◀گرم خشڪ 2 درجا

⏪فعل :-
◀مقوي باھ ۔ دافع مرض بلغمي ۔ مصفي خون ۔ قابض

⏪استعمال۔
◀ٽامي جو ڪشتو داخلي طور تي کنگھ ۔ دم ۔ تپ ۔ بلغمي مرض ۔ مقوي جگر ۔ مقوي معده ۔ وجعالمفاصل ۔ سلسل بول ۔ نواسير ۔ بواسير ۔ ڪوڙھ ۔ چٽي ۔ برص ۽ قوت باھ لاء استعمال ٿئي ٿو.

⏪خاص نفعو :-
◀زخم ڇٽائيندڙ

⏪نقصان :-
◀آت ۽ الٽي ڏئي ٿو.

⏪مصلح۔
◀تازو گھ ۽ گھ

ٽامو ھڪ ڳاڙھاڻ مائل نارنگي رنگ جي ڌات ٿئي ٿو. ھن جو ايٽمي نمبر 29 ۽ ھن کي ڪيميا ۾ Cu لکيو وڃي ٿو. ٽامو ھڪ ڌات آھي جنھن مان آساني سان تار ۽ ورق بنائي سگهجن ٿا. ھن تار مان بجلي آساني سان گذري ٿي. نرم ھئڻ ڪري ھن مان تار ۽ ديڳيون ٺاھيون وڃن ٿيون.
جڳھن جي گنبذن جي تعمير ۾ ٽامي جون چادرون استعمال ٿين ٿيون جن کي اڳتي ھلي سائو رنگ جي ڪٽ لڳي وڃي ٿي. ڪٽ اندريين ٽامي کي زنگ کان بچي ٿي. سائي رنگ جي ڪٽ کي Patina چيو وڃي ٿو. بجلي گهرن ۽ وڏين عمارتن ۾ ڪرنٽ منتقل ڪرڻ لاء ٽامي جي تار کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ٽامو امونيا جي آبي محلول سان ملي نيري توتيي جي  Cu++ جا اوڻ Ions گھري نيلي رنگ جا مرڪب Tetramminecopper(II) sulfate ٺاھن ٿا.
تمام گهٽ مقدار ۾ ٽامو آزاد حالت ۾ ملي ٿو. اڪثر ڪري ٽرامو مرڪب حالت ۾ ملي ٿو. اندازي مطابق انسان ڏھ ھزار سال پھرين ٽرامي کي استعمال ڪرڻ لڳو ھو. ست ھزار سال پھرين انسان ان قابل ٿي چڪو ھو جو مرڪب حالت مان ٽامي کي ڌار ڪرڻ تي قادر ٿي چڪو ھو. لڳ ڀڳ ساڍا پنج ھزار سال اڳ انسان ٽامي ۽ قلعي کي ملائي ڪانسي ٺاھڻ جو فن سکي ورتو ھو جنھن مان لاڀائتا اوزار ٺاھڻ ممڪن ٿي ويا ڇوجو ڪانسي ٽامي کان وڌيڪ سخت ٿئي ٿي.
پراڻي دور ۾ ٽامي جا برتن گهرن ۾ استعمال ٿيندا ھيا. مشرقي روايتن مطابق ٽامي مان منڊيون ٺاھي آڱرين ۾ پاتيون وينديون ھيون. پر جيئن وقت وڌيو ان جي جڳھ تي شيشي ۔ پلاسٽڪ ۽ چيني جي ٿانون جڳھ ورتي.
بدقسمتي سان جديد دور ۾ ديڳڙين ۾ جست استعمال ٿئي ٿو جنھن جي ڪري صحت تي ڪافي ڪاٽو اثر پون ٿا نتيجي طور يورڪ ايسڊ ۔ شڳر ۽ جلدي وار اڇا ٿيڻ جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا.
ٽامو جسم جي اھم غذائي ضرورت آھي ۽ اسان جي بقا لاء ضروري آھي. جيتوڻيڪ ھي جسم ۾ گهٽ مقدار ۾ پاتو وڃي ٿو پر اھم ڪردار ادا ڪري ٿو ان ڪري ھن کي ٽريس ايليمينٽ سڏيو وڃي ٿو. جسم ۾ اڪثر ھي فولاد سان گڏ ڪم ڪري ٿو اھوئي جسم ۾ فولاد جي جذب ٿيڻ ۽ ان سان گڏ ڳاڙھا جزا ٺاھڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو.
ٽامو ورقي غدود جي مسئلن کي حل ڪري ٿو ۔ ڇوت کي روڪي ٿو ۔ سستي ۽ ڪاھلي کي روڪي ٿو ۔ ھاضمي جي عمل کي بھتر ڪري ٿو ۔ پيٽ جي مختلف مرضن کي ختم ڪري پيٽان ڦوڳ کي آساني سان ڪڍي ٿو. ٽامي جو وڏو فائدو اھو آھي تہ ھي دفاعي نظام ۔ دل جي ڌڙڪن ۽ پت کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
جديد دور ۾ پاڻي کي صاف ۽ جراثيم کان پاڪ ڪرڻ لاء جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي ٿو پر پراڻي زماني ۾ اسان جا وڏڙا ٽرامي جي برتن ۾ پاڻي رکندا ھيا ڇوجو قدرتي طور تي ان ۾”جراثيمن جي افزائش نٿي ٿئي نڪي ڄارو لڳي ٿو ۽ نڪي پاڻي جو ذائقو ۽ رنگ تبديل ٿئي ٿو. ھاڻي ٽرامي جي برتن ۾ پاڻي ڪٺو ڪرڻ جو رواج ختم ٿي ويو آھي جڏھن حيرت انگيز طور تي ٽرامو پاڻي صاف ڪري ٿو. ٽامو پاڻي ۾ موجود جراثيمن کي ختم ڪري پاڻي کي تازو ۽ صاف رکي ٿو. ٽامي ۾ جسم کي تندرست رکڻ واريون خاصيتون پاتيون وڃن ٿيون. ٽامي ۾ اينٽي مائڪروبيال تڪسيدروڪ ۔ اينٽي ڪارسينوجينڪ ۽ اينٽي سوزش جزاپاتا وڃن ٿا جڏھن تہ نباتاتي زھر Toxin کي ختم ڪري ٿو.
ٽامي ۾ خطرناڪ جراثيمن کي مارڻ ۽ پيٽ ۾ سوزش کي روڪڻ جي صلاحيت موجود ٿئي ٿي جيڪا زخمن ۔ ڇوت ۽ بدھضمي کان بچائي ٿي. ٽامو پيٽ کي صاف ڪري زھريلي مادن سان وڙھي بڪين ۽ گردن کي درست انداز ۾ ڪم جي توانائي ڏئي ٿو. ھڪ ٽامي جي پليٽ کي مٽ جي پاڻي ۾ وجهي ڇڏجي. ھي مٽ وارو پاڻي پيئجي. ھي پاڻي کاڌي جي جزن کي ٽوڙيندو ۽ ھاضمي جي نظام کي بھتر بنائيندو رھندو.
ٽامي ۾ بيڪٽيريا ۔ وائرس ۽ ٻين جيوڙن خلاف خواص ٿين ٿا ۽ گڏوگڏ زخم کي جلدي ڀرڻ جي صلاحيت موجود ٿئي ٿي. ٽامي ۾ دل جي بيمارين جيئن دل جي دوري ۔ دل جي چاڙھ ۽ ٻين بيمارين کي گهٽ ڪرڻ جا راز لڪل آھن. امريڪي ڪينسر سوسائٽي مطابق ٽامو رت جي رواني کي باقائدي کي ڪري ٿو ۽ دل جي ڌڙڪنن کي بھتر بنائڻ سان گڏ نقصانڪار پت کان بچائي ٿو. ٽامو جراثيمن کي ٽوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھن خوبي جي ڪري ماحول ۾ ڪثرت سان پاتا ويندڙ جراثيمن جي ٻن قسمن اي ڪولي ۽ ايس اوري يس جي ڇوت کان بچائي ٿو.
ٽامو ھڏين کي مضبوط ڪرڻ ۽ اعصابي مدافعتي نظام کي قوت بخشي ٿو. جسم ۾ موجود ٽامي جو حصو جيري ۔ دل ۔ دماغ ۽ ھڏين جي ڍانچي ۾ پاتو وڃي ٿو. ضرورت کان وڌيڪ مقدار ۽ ضرورت کان گهٽ مقدار ٽامن جي ٻئي صورتون دماغ کي متاثر ڪن ٿيون. جسم ۾ ٽامي جي کوٽ سان پت ۽ بي پي وڌي ٿو. طبي ماھرن مطابق ٽامو دل جي دوري کان بچائي ٿو.
ٽامي جي کوٽ جي ڪري جانورن ۾ عضلاتي بيماريون نوٽ ڪيون ويون آھن. سن 2016ع ۾ پروفيسر ڪريگ چان اعصابي نفوذن ۾ ٽامي جي حرڪت نوٽ ڪئي. ھن مطابق اعصابي گهرڙن ۾ ٽامي جي وڌيڪ مقدار داخل ٿيڻ سان برقي سگنلن ۾ کوٽ اچي ٿي ۽ فالتو ٽامو نڪرڻ بعد گهرڙن جا برقي سگنل بھتر ٿي ويا. اھڙي طرح پروفيسر ڪريگ چان ٽامي کي اعصابي سگنلن جو آن آف سچ قرار ڏنو.

⏪ٽامي جي کوٽ جا نقصان :-

⏪دفاعي نظام :-
◀ٽامي جي کوٽ جي ڪري سفيد گهرڙن نيوٽروفلن جي کوٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري نيوٽروفينيا جي ڇوت ٿي وڃي ٿي.ان کي نيوٽروپينيا سڏيو وڃي ٿو.

⏪ڪچ ھڏ :-
◀ٽامي جي کوٽ جي ڪري ھڏين ۾ معدنيات جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ ھڏيون ڀرڀريون ٿي وڃن ٿيون.

⏪ڪارٽيلج :-
◀ڪارٽيليج جي مضبوطي ۽ لچڪ ۾ ٽامي جو اھم ڪردار آھي. ان ڪري ٽامي جي کوٽ جي ڪري سنڌن جي ڪارٽيليج ۾ ڇوت ٿي وڃي ٿو. ٽامي جي مناسب مقدار نہ ھئڻ ڪري اوڄن جي تعمير ۽ مرمت ٿي نہ ٿي سگهي.


⏪آزاد آڪسا :-
◀ٽامو تڪسيد طور جسم ۾ آزاد آڪسن جي عمل کي ضابطي ۾ رکي ٿو ڇوجو آزاد آڪسا گهرڙن ۽ جينوم DNA نقصان پھچائين ٿا نتيجي طور ڪينسر ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ٽامو پوڙھائپ کي روڪي ٿو.

⏪ٽامي جا فائدا :-

⏪ڪينسر روڪ :-
◀ڪينسر اھڙو مرض آھي جيڪو تيزي سان پکڙي رھيو آھي جڏھن تہ ٽامي جي استعمال سان ھن مرض کان بچي سگهجي ٿو. ڇوجو اسراري طور تي ٽامي ۾ اھڙي صلاحيت موجود ٿئي ٿي جيڪاڪينسر کي روڪي ٿي.

⏪وار ڪارا رکندڙ :-
◀ٽامي جي برتن جي استعمال سان ھي فائدو آھي جو وار ڪارا رھن ٿا جلدي اڇا نٿا ٿين ۽ مضبوط ٿين ٿا. ٽامي ۾ ميلان مرڪب ٿئي ٿو جيڪو وارن کي مضبوط رکي ٿو ۽ پيري ۾ بہ وارن کي اڇو ٿيڻ نٿو ڏئي.

⏪ٿولھ ھٽائيندڙ :-
◀ٽامي جي برتن جي استعمال سان ماڻھو جي سونھن برقرار رھي ٿي ۔ پيٽ نٿو نڪري ۽ ماڻھو خوبصورت لڳي ٿو. ٽامي جي برتن ۾ پاڻي پيئڻ سان جسم جي اضافي چرٻي ڇنڊجي وڃي ٿي ۽ ٿولھ ختم ٿي وڃي ٿي.

⏪تڪسيد روڪ :-
◀ٽامو تڪسيد روڪ ٿئي ٿو ۽ چمڙي جي گهرڙن جي حفاظت ڪري ٿو ۽ پوڙھائپ کي روڪي ٿو.

⏪دفاعی نظام مضبوط ڪندڙ :-
◀ٽامو دفاعي نظام مضبوط ڪري ٿو. ٽامي جي کوٽ جي ڪري سفيد گهرڙن نيوٽروفلن جي کوٽ ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري نيوٽروفينيا جي ڇوت ٿي وڃي ٿي.ان کي نيوٽروپينيا سڏيو وڃي ٿو.

⏪وزن مقدار :-
◀اسان کي اھڙا ميوا ۽ ڀاڄيون کائڻ کپن جيڪي ٽامي جي کوٽ پوري ڪري سگهن. ٽامي جي روز جي خوراڪ 900 ملي گرام جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي. ڏھ ھزار مائڪروگرام يا ڏھ ملي گرام مقدار خوراڪ زھريلا اثر پيدا ڪري سگهي ٿي.

⏪نوٽ :-
◀ڳئون جي کير پيئڻ سان ٻارن ۾ ٽامي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي.




Saturday, 30 March 2019

|پيٽ ۾ گئس ۔ ڀرتي |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
 پيٽ ۾ گئس ۔ ڀرتي | اصغر ساگر|
پيٽ ۾ گئس ڀرجڻ دراصل جسم ۾ ھوا جو وڌيڪ ڀرجڻ آھي. اڪثر ڪري جلدي کاڌو کائڻ ۔ کائيندي ڳالهيون ڪرڻ ۔ ڪاربي مشروب پيڻ سان گئس جو عارضو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن جسم مان گئس خارج نہ ٿئي تہ پيٽ ۾ درد ۽ پيٽ ۾ ڀرتي جھڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا.

⏪سبب :-
◀کاڌي ۾ غلط شين جو انتخاب.
◀مرچ مسالي ۽ چٽپٽين شين جو غلط استعمال.
◀جسم ۾ موجود بيڪيٽريائن جو وڌيڪ گئس بنائڻ.
◀معدي ۾ شڳر جو جذب نہ ٿيڻ.
◀آنڊن ۾ وڌيڪ جيوڙا پيدا ٿيڻ.

⏪علامتون :-
◀چڪر اچڻ
◀بي پي
◀مزاج ۾ بدمزگي
◀ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ
◀قبضي
◀پيٽان ٿورو ويھڻ
◀بڊن جو سڄڻ
◀منھن ۾ ڦلوڪڻا ٿيڻ
◀زبان جو ڦٽجڻ
◀معدي جي تيزابيت
◀بادي بواسير
◀خوني بواسير

⏪گئس پيدا ڪندڙ شيون :-
◀ٽي وي ڏسندي يا ڪجھ پڙھندي ڪنھن نمڪين شي کي کائڻ لاء وات پاڻي ٿيڻ لڳي ٿو ۽ چپس کائو ٿا تہ پيٽ لوڻ وڌڻ ڪري ڦوڪجي ٿو ۽ گئس پيدا ڪري ٿو. طبي ماھرن مطابق وڌيڪ نمڪين شيون کائڻ سان جسم ۾ آنڊي ۽ بڪين ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو ۽ پيٽ ڦوڪڻي وانگر ڦوڪجي وڃي ٿو ۽ عارضا ڪر کڻن ٿا.

⏪چيگم ۽ ٽافيون :-
◀چيگم يا ٽافيون چوسڻ پيٽ ۾ گئس جو سبب بنجن ٿا. ماھرن مطابق جڏھن ڪنھن شي کي چوسجي يا چٻاڙجي ٿو تہ پيٽ ۾ ھوا ڀرجڻ لڳي ٿي ان کان علاوا مصنوعي مٺاس غذائي نالي ۾ مسئلا پيدا ڪري ٿي.

⏪ٻجن واريون سبزيون :-
◀سبزيون جيڪي ٻج واريون ٿين ٿيون انهن جي کائڻ سان ڀرتي يا گئس ٿئي ٿي جيئن کيرو وغيرھ. ماھرن جي مطابق ٻج واريون سبزيون معدي تي ناڪاري اثر ڇڏن ٿيون يا آنڊن جي ڀت سان ملي ننڍيون ننڍيون ٿيلهيون ٺاھن ٿيون جيڪي مسئلو پيدا ڪن ٿيون.

⏪صوف :-
◀روز ھڪ صوف کائو بيماري کان دور رھو ھي قول گهڻن کي بدھضمي سان شڪار ڪري ٿو. صوف پيٽ ۾ گئس پيدا ڪرڻ وارو ميوو آھي. صوف ۾ تاندورا ٿين ٿا پر ھن ۾ قدرتي کنڊ ۽ مٺو قلمي مادو ٿئي ٿو جنھن کي ڪيترن جو معدو ھضم ڪري نٿو سگهي. جيڪڏھن صوف کائڻ کان پوء پيٽ ۾ ڀرتي يا گئس ٿئي تہ ان جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪرڻ کپي.

⏪منڱ :-
◀منڱن جي دال غذائيت سان ڀرپور ٿئي ٿي پر گهڻن ماڻھن کي ايلرڄي ڪري ٿي ۽ پيٽ جي ڦوڪجڻ جو سبب ٿئي ٿي. جيڪڏھن ڪنھن کي کاڌي کان پوء اھڙي شڪايت ٿئي تہ منڱ جي دال جو واھپو گهٽ ڪجي.

⏪برگر :-
◀برگر کائڻ ۾ مزيدار ٿين ٿا انهن ۾ ڪافي شيون وڌيون وڃن ٿيون جيئن بصر ۔ ڪيچپ ۽ مسالا برگر کي مزيدار ڪن ٿا پر گئس جو سبب بنجن ٿا ڇوجو ھي مشڪل سان ھضم ٿين ٿا ۽ آنڊي ۾ پاڻي وڌائن ٿا.

⏪گوبي يا اھڙيون ٻيون شيون :-
◀گوبي ۔ بند گوبي يا ٻيون اھڙيون سبزيون جيڪي ڀرپور جزن ھئڻ ڪري ڪينسر خلاف مزاحمت ڪن ٿيون پر انهن ۾ موجود نشاستو جسم ۾ آساني سان حل نٿو ٿئي ۽ وڏي آنڊي ۾ ھي ميٿين گئس جي شڪل اختيار ڪريٿو. انهي جو مطلب اھو ناھي تہ گوبي کائڻ ڇڏي ڏجي پر وڌيڪ مقدار ۾ نہ کائجي پر ھرٻي جي ٻج جي اضافي سان ھي جلدي ھضم ٿي وڃي ٿي.

⏪ڇانھي :-
◀ڇانھي مفيد ميوو آھي پيٽ جي اڪثر مسئلن کي حل ڪري ٿو پر ھن ۾ گهڻي مٺاڻ ٿئي ٿي ۽ وڌيڪ مقدار ۾ کائڻ سان پيٽ ڦوڪجڻ ۽ گئس جو سبب بنجي ٿي.

⏪مخصوص دوائون :-
◀سوڄ ڪش دوائن جيئن سنڌن جو سور يا گوڏي جو سور کائڻ ڪري ٽڪيون آنڊن ۾ پھچي پيٽ کي ڦوڪائي ٿي جيڪڏھن ائين ٿئي تہ اھڙي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رجوع ڪري متبادل دواين کائڻ جومشورو وٺجي.

⏪سویا ساس :-
◀جيڪڏھن توھان سويا جو گھ استعمال ڪيو ٿا ۽ معدي ۾ مسئلو ٿئي تہ يقيني طور تي اھو سويا گھ جي ڪري ٿيو آھي. طبي ماھرن مطابق سويا گھ جي استعمال سان ايلرڄي ٿئي ٿي جنھن جو پھرين احساس نٿو ٿئي اڳتي ھلي گئس ۽ پيٽ جي ڦوڪجڻ جو مسئلو پيدا ڪري ٿو. ان ڪري ڀاڄين مان سويا گھ کي ڪڍي ڇڏجي.

⏪وڌيڪ بو واريون سبزيون :-
◀سبزيون جن جي بوء تيز ٿئي ٿي بصر ۔ سائو بصر يا ٿوم وغيرھ ۾ تاندورن جي ھڪ قسم فريڪٽانس وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ان کي ھضم ڪرڻ ۾ معدي کي ڏکيائي ٿئي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ پيٽ جا مسئلا جيئن گئس ۽ ڀرتي ڪر کڻن ٿا.

⏪پيٽ جي گئس لاء فائدي بخش شيون :-

⏪کيرو :-
◀کيرو ھاضمي لاء بھترين آھي پر ڪچو کيرو استعمال ڪجي. کيري ۾ فلونوئيڊ آڪسائيڊ موجود ٿئي ٿو جيڪو پيٽ جي سوڄ کي گهٽ ڪري ٿو ھن کي سلاد طور کائجي يا ھن جو جوس پيئجي ٻنهن ۾ فائدو آھي.

⏪ڪيلو :-
◀پوٽيشم سان ڀرپور غذائون جيئن ڪيلو جسم جي لوڻيٺ ليول کي باقائدي ڪري جمع ٿيڻ کان روڪ ڪري ٿو جنھن سان لوڻ جي وڌيڪ اسٿعمال سان پيٽ ڦوڪجڻ يا گئس بنجڻ جي عارضي تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي ٿي. طبي ماھرن مطابق ڀرتي جو اھم سبب قبضي آھي ۽ ڪيلي جي پوٽيشم قبضي کي ٽوڙي ٿي.

⏪پپیتو :-
◀پپيتي ۾ موجود خامرا غذائي نالي ۾ موجود پروٽين کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا جنھن سان کاڌو ھضم ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو. ھي ميوو سوڄ کي گهٽائي ٿو ۽ ھن ۾ موجود تاندورا ھاضمي جي عمل کي وڌائن ٿا.

⏪ڏھي :-
◀ڏھي ۾ موجود پروبائيوٽڪ برڪيٽيريا معدي لاء فائديمند ٿين ٿا جيڪي ھاضمي کي باقائدي ڪري غذائي نالي جي صحت کي وڌائن ٿا. ڪجھ مقدار ۾ ڏھي کائڻ پيٽ ۾ گئس جي عارضي کي گهٽائي ٿي.

⏪سونف :-
◀سونف ھاضمي لاء بھترين آھن ھي ٻج غذائي نالي کي سڪون پھچائين ٿا جنھن جي ڪري پيٽان گئس نڪري ٿي.

⏪اپاء :-
◀ڀاڄين ۾ مسالا گهٽ وجهجن.
◀صرف مڱن جي دال ۾ ھڪ ڳڙي ٿوم جي وجهجي.
◀ڀاڄي ۾ بصر گهٽ وجهجي ۽ داغ گهٽ ڏجي.
◀بواسير جي صورت ۾ بيدي ۔ چڻي ۔ گوشت ۽ مڇي کان پرھيز ڪجي.
◀سڪيٽن ۽ چانھن کان پرھيز ڪجي.

⏪تدبير :-

◀ڀاڄين ۽ چانورن ۾ ننڍو ڦوٽو وجهجي.

◀نسخو :-
🔺ڌاڻو    تولو
🔺جيرو  تولو
🔺ھرٻو   تولو
🔺سونف تولو
🔺ڦودنو  تولو
🔺کنڊ     5 تولا
🔺ڪٽي پائوڊر ڪجي.
🔺چپٽي روز پاڻي سان پيئجي.

◀ھاضمي ۽ گئس لاء ھيڊ بھترين اثر رکي ٿي. ڀاڄين ۾ ھيڊ وجهجي. مارڪيٽ ۾ ھيڊ ملاوٽي ملي ٿي ان ڪري پنھنجي ھيڊ وٺي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجي ۽ اتان ڀاڄين ۾ وجهجي.
◀گيسٽرڪ سيرپ Gastric syrup
استعمال ڪجي.

Thursday, 28 March 2019

قبضي Constipation | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
قبضي        Constipation |اصغر ساگر
قبض جو مطلب آھي پيٽ جي باقائدي صفائي نہ ھجڻ ۔ ڦوڳ جو سخت ھجڻ ۔ ڦوڳ جي نيڪالي ۾ دير ٿيڻ ۔ آنڊن جي فعاليت ختم ٿيڻ ۔ قدرتي طور تي شام يا صبح جو اجابت نہ اچڻ ۔ اھي شيون قبض کي ظاھر ڪن ٿيون. درحقيقت قبض ڪابہ بيماري ناھي پر بيمارين جي ڪري قبضي ٿئي ٿي. قبضي ۽ بواسير ٻہ اھڙيون بيماريون آھن جيڪي ھڪ ٻئي جو سبب بنجن ٿيون. قبضي جي معنا آھي پڪڙ ڇوجو آنڊا ڦوڳ کي پڪڙ ۾ رکن ٿا ۽ نڪرڻ نٿا ڏين. جيڪڏھن اجابت (پيٽان ويھڻ) صحيح وقت تي نہ اچي يعني ٻئي يا ٽئين ڏينھن اچي وقت تبديل ٿي وڃي ۔ ماڻھو پيٽان ٿورو ٿورو ويھي يا پيٽان نہ ويھي ان کي قبضي چئبو آھي. قبضي کي بيمارين جي ماء سڏيو وڃي ٿو ڇوجو قبضي ٿيڻ سان معدو ۽ آنڊا متاثر ٿين ٿا ۽ بيماريون ڪر کڻن ٿيون. 

🌷قبض جون 2 صورتون آھن.
◀(1) عارضي قبض
◀(2) دائمي قبض

🌷(1) عارضي قبض :-
ھي قبض اتفاقي ٿئي ٿي. عارضي قبضي ازخود ختم ٿي ويندي آھي يا معمولي قبض ڪشا دوا سان ختم ٿي ويندي آھي. ھن قبضي ۾ تدبير کان ڪم وٺجي ۽ قبض ڪشا دوا استعمال نہ ڪجي پر ورش ڪرڻ جي عادت وجهجي ۔ صبح شام چھل پھل ڪجي. نيراني پاڻي پيئڻ قبضي جو علاج آھي پر معدي لاء نقصانڪار آھي.

🌷(2) دائمي قبض :-
ھي ھميشھ رھي ٿي ھن جو سبب عورتن جي بيماري ليڪوريا ۽ بواسير آھن. دائمي قبض جو علاج ڪرڻ کپي ڇوجو ھي قبضي ٻين بيمارين جو سبب بنجي ٿي. ھن قبضي کي ختم ڪرڻ لاء جلاب استعمال نہ ڪرڻ کپن اڃان آنڊو سخت ٿيندو.

🌷علامتون :-
◀مٿي جو سور
◀نظر جي ڪمزوري
◀دل جي گهٻراھٽ
◀بي چيني
◀بک جي کوٽ
◀ٽنگن ۾ پٽ
◀زبان جو ميرو ھجڻ
◀جسم جي رنگت ڦڪي ٿيڻ
◀بواسير جو ٿيڻ

🌷قبضي جا سبب :-
◀زيادھ تر آرام ڪرڻ
◀ڳرا کاڌا کائڻ
◀شديد بخار جي حالت
◀آرام جي کوٽ
◀ورزش نہ ڪرڻ
◀بغير ڇلي جي اٽو استعمال ڪرڻ
◀تيز مرچ استعمال ڪرڻ
◀روز گوشت کائڻ
◀چڻن وارين شين جو گهڻو استعمال
◀مسالن جي گهڻائي
◀ميدو
◀بيسڻ جون شيون
◀سموسا
◀پڪوڙا
◀مٺايون
◀مشروب
◀تماڪ نوشي
◀دماغي محنت جو گهڻائي
◀نشي آور شين جو استعمال ڪرڻ
◀کير ۽ گھ جو استعمال نہ ڪرڻ

🌷قبضي جا خاص سبب :-

🌷خميري اٽو کائڻ :-
بنا ڇلي اٽو ۔ ڊبل روٽي ۔ توش ۔ ڪچوري ۔ ھي سمجهڻ کپي باريڪ اٽو قبضي ڪري ٿو ليسدار ھئڻ ڪري معدي ۽ آنڊي سان چنبڙي ٿو ۔ غذا ٻاھر ڌڪيلڻ لاء معدي ۽ آنڊي کي وڌيڪ زور لڳائڻو پوي ٿو ڇوجو خمير آنڊي ۽ معدي ۾ ويھي وڃي ٿو. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ ڪڻڪ جي ڇلي ۾ فولاد ۽ فاسفورس ٿين ٿا جن کي اسان ڇاڻي ڪڍي ڇڏيون ٿا جيڪي قبضي کي ختم ڪندڙ آھن ۽ معدي ۽ آنڊي کي نرم ڪندڙ آھن.

🌷بواسير :-
قبضي جو اھم ۽ وڏو سبب بواسير آھي. ھن ۾ موڪا ٿين ٿا جنھن کي خوني بواسير چئبو آھي ۽ پيٽ تي ڀرتي رھي ٿي جنھن کي بادي بواسير چئبو آھي انهن ٻنهي صورتن ۾ قبضي رھي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن موڪن مان رت وھندو آھي. بواسير جو سبب مرچن ۔ چڻي ۔ بيدي ۽ گوشت جو گهڻو استعمال آھي. ھن حالت ۾ مريض ويھي نہ سگهندو آھي.

🌷روز گوشت کائڻ :-
قبضي جو وڏي ۾ وڏو سبب روز گوشت کائڻ  ۽ بواسير ۽ بي پي کي دعوت ڏيڻ آھي۔ گوشت وڏي پروٽين رکي ٿو ۽ روز کائڻ رڳن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو نتيجي بي پي وڌي ٿو ۔ موڪا ٿين ٿا ۔ قبضي ٿئي ٿي ۽ عورتن ۾ اولاد پيدا ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا. گهڻو گوشت کائڻ رڳن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ رت جي وھڪ کي متاثر ڪري ٿو. تريل مساليدار گوشت کائڻ اڃان وڌيڪ قبضي جو سبب بنجي ٿو.

🌷چڻن واريون شيون کائڻ :-
مسلسل چڻن واريون شيون جيئن سموسا ۔ پڪوڙا ۽ مٺايون کائڻ سان بواسير جا سو فيصد امڪان رھن ٿا تنھنڪري بواسير ٿيڻ کان پوء قبضي ٿي وڃي ٿي. ان ڪري جنھن کي قبضي يا بواسير آھي اھو وڏي گوشت ۔ ڇيلي جو گوشت ۔ چڻن ۔ چڻن مان ٺھيل شين ۔ تريل شين کان پرھيز ڪري.

🌷مشروب :-
مشروب مطلب پيپسي ۔ ڪوڪو ڪولا يا اھڙيون بوتلون معدي کي متاثر ڪري خشڪي پيدا ڪن ٿيون گڏوگڏ معدي جي تيزابيت کي وڌائن ٿيون. معدي ۽ آنڊي جو فعل ڪمزور ٿي وڃي ٿو بواسير ۔ وات پچڻ ۽ قبضي جھڙا مرض پيدا ٿي وڃن ٿا.

🌷ليڪوريا :-
جن عورتن کي ليڪوريا ۔ حيض جي گهٽتائي يا حيض جي وڌائي ٿئي ٿي اھي ٿولھ ۔ بواسير ۽ قبضي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ۽ زندگي بيمارين سان ڀرپور ٿي وڃي ٿي.

🌷بيدن جو گهڻو استعمال :-
روز بيدا کائڻ پاڻ ۾ قبضي ۽ بواسير کي محفوظ ڪرڻ آھي بيدو وڏي پت نٿو رکي پر پر بواسير ۽ قبضي ٿيڻ جا امڪان رکي ٿو.

🌷گهڻي چانھن پيئڻ :-
 قبضي جو وڏو سبب چانھن آھي. گهڻي چانھن پيئڻ جي ڪري معدي جي خشڪي ٿئي ٿي ۽ معدي جي خشڪي جي ڪري قبضي ٿئي ٿي.

🌷چرٻيل گھ Trans fat ghee:-
ڪوشش ڪري چرٻيل گھ استعمال نہ ڪجي جيڪو پت وڌائي ٿو ۽ بي پي جو سبب بنجي ٿو. چرٻيل گھ ٻوٽن ۽ جانورن جي چرٻين مان ٺاھيو وڃي ٿو. بھتر آھي تہ اڻ چڪيل چرٻي ۽ گهڻ اڻ چڪيل چرٻي وارا تيل استعمال ڪجن جيئن جيئن سورج مکي ۽ سويابين جو تيل جيڪو پت نٿو وڌائي.

🌷اپاء :-
◀چڻن واريون شيون ۔ بيدا ۽ گوشت کي گهٽ کائجي.
◀تاندوري Fiber واريون شيون استعمال ڪرڻ کپن.
◀اٽي مان ڇلي نہ ڪڍجي.
◀سبزيون وڌيڪ کائجن.
◀واڱڻ کان پرھيز ڪجي.
◀نشاستي واريون اڻ چڪيل شيون بسڪيٽ ۔ ڪيڪ ۔ سموسا ۔ پڪوڙا ۽ مٺاين کي نہ کائجي.
◀تريل شين کان پاسو ڪجي.
◀قبضي يا بواسير جي صورت ۾ ساون مرچن يا ڳاڙھن مرچن جو واھپو تمام گهٽ ڪجي.
◀گهڻي چانھن پيئڻ کان پرھيز ڪجي.
◀قبضي جو سبب ليڪوريا ۔ حيض جي گهٽ وڌائي ۽ بواسير آھي. جن عورتن کي ھا عارضا آھن اھي انهن عارضن جو علاج ڪرائن.
◀روز ننڊ پوري ڪجي.
◀رات جو گهڻي دير تائين نہ جاڳجي.
◀روز گوشت استعمال نہ ڪجي.
◀روز جي حساب سان کاڌن کي ڦيرائجي ڪڏھن سبزي ۔ ڪڏھن مڇي ۔ ڪڏھن گوشت ۽ ڪڏھن ساون مٽرن جي ڦرين جي دال استعمال ڪجي.
◀ڪوشش ڪري ھر ڀاڄي سايون مٽر جون ڦريون وجهجن.
◀ڀاڄي ۾ دالچيني سڄي وجهجي ڪٽيل نہ وجهجي قبضي ڪندي.
◀ڀاڄي ۾ وڌ ۾ وڌ 4 کان 6 ڪارا مرچ ڪٽيل يا سڄا وجهجن.
◀ڀاڄي ۾ پھرين پوندڙ بصرن يا جيري يا ڪاري مرچ پائوڊر کي داغ گهٽ ڏجي ڇوجو داغ بہ قبضي جو سبب بنجي ٿو.

🌷تدبيرون :-

◀2 پن نازبو جا صبح جو روز کائجن.
۽
◀5 روپين جو سايون مٽر ڦريون روز شام جو کائجن.
◀قبضي ختم ٿي ويندي.

◀ٿورو ڳڙ ۽ تر روز کائجن.

◀2 انجير رات جو پاڻي ۾ پسائجن ۽ صبح جو کائجن.

◀ڏينھن ۾ 2 ڪيلا روز کائجن.

◀پپيتو کائجي.

◀ھڪ ليمو پاڻي ۾ نپوڙي روز پئجي.

◀روزانو 2 زيتون کائجن.

◀ھيرڻ جو تيل چمچو کير ۾ ملائي رات جو سمھڻ وقت پيئجي. صرف ھڪ ڀيرو ڪجي.

◀3 ڇوھارا روز صبح جو کائجن.

◀ٽماٽر کائڻ سان قبضي ختم ٿي ويندي آھي.

◀روز رات جو گلقند کائي مٿان کير جو جهارو پئجي.
◀جهاري جو طريقو:-
◀کير         ڪوپ
◀پاڻي        2 ڪوپ
◀ملائي پيئجي.

◀انب کائڻ سان قبضي ختم ٿي وڃي ٿي.

◀نم جا گل ڇانو ۾ سڪائي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجن. چپٽي روز کائجي.

◀کاڌي کائڻ کان پوء ڪجھ داڻا ڪشمش جا کائجن.

🌷نوٽ :- ڪابہ ھڪ شي استعمال ڪجي. ھڪ وقت سڀ ٽوٽڪا استعمال نہ ڪرڻ کپن ۽ ڪجھ وقت ان شي کي استعمال ڪرڻ کپي.

Friday, 15 March 2019

معدي جو زخم ۽ دالون Ulcer and Lentils | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
معدي جو زخم ۽ دالون  Ulcer and Lentils
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
معدي ۾ جيڪڏھن زخم ھجي تہ پنج دالون ملائي رکجن. پٽڙي نموني روز چاڙھي کائجن. فائدو پوندو. اصولي طرح جڏھن دال ٺاھجي ان کي پٽڙي نموني ٺاھجي ۽ کائجي

Sunday, 3 February 2019

نشاستو Carbohydrate | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
نشاستو      Carbohydrate
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

نشاستو جسم کي توانائي بخشي ٿو ۽ جسم جي بناوٽ جو حصو آھي. نشاستي جو ڪم جسم کي توانائي پھچائڻ آھي. اسان جو ھاضمي جو نظام رت ۾ نشاستي کي گلقاڻ Glucose ۾ تبديل ڪري ٿو. ھي گلقاڻ Glucose توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي جيڪا گهرڙن ۔ ڏورن ۽ جيري ۾ استعمال ٿئي ٿي. گلقاڻ Glucose جي نسل کان سوا واڌو توانائي جيرن ۽ ڏورن ۾ مستقبل جي لاء محفوظ ٿي وڃي ٿي.
     نشاستي کي ڪارب بہ چيو وڃي ٿو خاص ڪري اٽي ۽ ڪڻڪ مان ٺھيل ھر شي ۽ کنڊ ۾ گلقاڻ پاتي وڃي ٿي. ڪارب رت ۾ شامل ٿي رت ۾ شڳر جي مقدار وڌائي ٿي. رت ۾ شڳر جي مقدار وڌيڪ ٿيڻ سان انسولين خارج ٿئي ٿي جنھن سان ھن شڳر جي مطلوبہ مقدار ڏورن ۾ توانائي ٺاھڻ لاء ھلي وڃي ٿي باقي بچيل شڳر کي جيرو چرٻي ۾ تبديل ڪري جسم جي مختلف حصن ۾ جمع ڪرڻ شروع ڪري ٿو جيڪڏھن ضرورت کان وڌيڪ خوراڪ وٺڻ جو ھي سلسلو جاري رھي تہ جيرو لڳاتار چرٻي جمع ڪري ٿو جنھن سان ماڻھو ٿلهو ٿي وڃي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏھن ڪوبہ انسان خوراڪ کان گهٽ نشاستو ۽ مجموعي خوراڪ جون ڪيلريون گهٽ مقدار ۾ وٺڻ شروع ڪري تہ مرحلو ابتو ٿي وڃي ٿو. جيرو جسم ۾ جمع ٿيل تيل چرٻي کي واپس تحليل ڪري رت ۾ غذائيت جي مقدار پوري ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ جيڪڏھن ائين اھو لڳاتار سلسلو رھي تہ ماڻھو سنهو ٿي وڃي ٿو. نشاستي مان پيدا ٿيل چرٻي جو وڌيڪ ھجڻ نقصانڪار آھي جيترو گهٽجڻ ۔ گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ڄڻ تہ چرٻي جمع ۽ خارج ٿيڻ جو ڪم جيري جي ھٿان ٿئي ٿو. جڏھن ھي چرٻي حد کان وڌيڪ جمع ٿئي ٿي تہ انسان جا عضوا متاثر ٿين ٿا ۽ وڌيڪ متاثر ٿيندڙ دل ۽ لبلبو ٿين ٿا. رت ۾ چرٻي جي وڌيڪ مقدار ھجڻ ڪري دل جون بيماريون ٿين ٿيون ۽ چرٻي جو لبلبي تي اثرانداز ٿيڻ ڪري شڳر جي بيماري شروع ٿي وڃي ٿي. ان کان سوا جسم جا اھم عضوا جيڪي انسان جي زندگي لاء ضروري آھن اھي چرٻي سان ڍڪجي وڃن ٿا جنھن سان انهن جي ناڪام ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. وزن وڌيڪ ٿيڻ جي ڪري پير ۔ جوڙ ۽ تمام وزن کڻندڙ عضوا گس گاٺ جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ مريض ھلڻ ڦرڻ کان قاصر ٿي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ متوازن غذا جو تصور ناھي جڏھن تہ انگريزن جي ملڪ ۾ کاڌو پروٽين ۽ سبزين تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ اتي گھ تمام ننڍي بوتل ۾ ملي ٿو ايترو جيترو اسان وٽ مٿي کي تيل ھنيو وڃي ٿو ھڪ ننڍي شيشي تيل جي اتان کنيل تيل چانھن جي چمچي جيترو اھو اٻريل سبزي ۾ پوي ٿو ۽ ٻين کاڌن ۾ ملايو وڃي ٿو پڪائڻ کان پوء.
ھڪ گرام نشاستي ۾ 4 ڪيلريون ملن ٿيون. خيال رھي تہ ميڊيڪل لائن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيلرين کي C سان لکيو وڃي ٿو ۽ انجنيرنگ ۾استعمال ٿيندڙ ننڍي c کان ھزار دفعا وڏي ٿئي ٿي
 يعني kcal = kilocalories = Calories
نشاستو چانورن ۔ پٽاٽن ۽ سبزين ۾ پاتي وڃي ٿو. انساني جسم لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو توانائي نشاستي مان حاصل ڪري ٿو. نشاستو انساني دماغ ۽ مشڪن لاء توانائي جو وڏو ذريعو آھي. نشاستي ۾ نائٽروجن نٿي ٿئي. انساني جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ نشاستي ڪٺي ڪرڻ جي گنجائش نٿي رھي ٿورو جيڪو ذخيرو رھي ٿو اھو حيواڻ (حيواني نشاستو) Glycogen جي شڪل ۾ جيري ۽ مشڪن ۾ رھي ٿو. عام گهريلو کنڊ کي سڪروز Sucrose چون ٿا. ھي 100 فيصد نشاستو ٿئي ٿو.ھڪ چانھن جي چمچي ۾ 30 ڪيلريون ٿين ٿيون.
نشاستو جسم جي اندر ٻارڻ طور ڪم ڪري ٿو. جڏھن اسان ورزش ڪريون ٿا  تہ نشاستا Carbs ڏورن ۾ موجود حيواڻ Glycogen ۽ خون ۾ موجود گلقاڻ Glucose استعمال ڪندي ATP ٺاھي ٿو. ATP اھا توانائي آھي جنھن جي جسم کي ضرورت رھي ٿي. ورزش دوران 3 سرشتا جسم بنائي ٿو.
پھريون فاسفوڄن Phosphagen جنھن کي ATP جلدي بنائي ٿو. ورزش دوران ATP فاسفوڄن کي وڌيڪ مقدار ۾ نٿو ٺاھي. 14 سيڪنڊ ورزش ڪرڻ کان پوء فاسفوڄن پنھنجو ڪم شروع ڪري ٿو. فاسفوڄن جي نظام ختم ٿيڻ بعد گلقيت Glycolysis شروع ٿي وڃي ٿي. گلقيت گلقاڻ کي ٽوڙي ٿي ۽ پيرو ايسڊ Pyruvate ۽ ATP ڇڏي ٿي. آڪسيجن جي موجودگي ۾ پيرو ايسڊ Pyruvate سائيڪل krebs ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. سائيڪل Krebs ڳوٽ Mitochondria سان گڏ ٿئي ٿو. جيڪڏھن جسم ۾ مناسب مقدار ۾ گلقاڻ موجود ناھي تہ گلقيت جو عمل آھستي ٿي وڃي ٿو. پائرو تيزاب Pyruvate جي بغير Krebs سائيڪل سست ٿي وڃي ٿو ۽ توھان جي گهرڙبدليت کي گهٽ ڪري ٿو. 
مطلب نڪري ٿو ھڪ سست گهرڙبدليت Metabolism وزن ۾ گهٽتائي آھي. نشاستا جسم ۾ گلقاڻ Glucose  پيدا ڪن ٿا جيڪي جسم کي توانائي فراھم ڪن ٿا ۽ ان دوران چرٻي ڳري ٿي ۽ مثبت انداز ۾ نتيجو حاصل ٿئي ٿو جيڪڏھن اسان وزن گهٽائڻ چاھيون ٿا تہ نشاستي کان ڊڄڻ جي ضرورت ناھي پر پورو پنو استعمال ڪجي نہ گهٽ نڪي وڌيڪ. ھي توانائي توھان جي جسم جي چرٻي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.
نشاستو بنيادي طور تي ٻن قسمن جو ٿئي ٿو.

(1) سادو نشاستو ۔ سادو ڪارب      Monosaccharides

(2) پيچيدھ نشاستو ۔ پيچيدھ ڪارب    Disaccharides

سادي ڪارب ۾ کنڊ شامل ٿئي ٿي جڏھن تہ پيچيدھ ڪارب ۾  نشاستي کان غذائي تاندورن Fibers تائين قسم اچي وڃن ٿا.

1) سادو نشاستو      Monosaccharides

سادو نشاستو مونوساچيريڊ سڏجي ٿو. مونو معنا سادو ۽ چيريڊ معنا کنڊ. ھن سادي نشاستي کي ٽوڙي نہ ٿو سگهجي.
سادي نشاستي جا ٽي قسم آھن.

(1) گلقاڻ ۔ گلوڪاڻ           Glucose 
 ھڪ سادي کنڊ جيڪا ٻوٽن ۾ پاتي وڃي ٿي.

(2) نمٺاڻ ۔ نباتاتي مٺاڻ     Fructose
اھڙي سادي کنڊ جيڪا ميون ۽ ٻين ٻوٽن ۾ پاتي وڃي ٿي جيڪي بنيادي خوراڪ وارا ٿين ٿا ھي ھاضمي جي نظام دوران رت جي دوري ۾ سڌو سنئون جذب ٿئي ٿي.

(3) شيراڻ                        Galactose
ھي سادي کنڊ کير ۾ پاتي وڃي ٿي. ھي ٻارڻ جي گهرڙبدليت لاء سڀ کان پھرين ذريعو آھي جيڪو جسم ۾ توانائي جي پيداوار جو عمل آھي.

سادي نشاستي ۾ قدرتي طور تي کنڊ شامل آھي ۽ ميوا ۔ سبزيون۔ کير ۔ کير واريون شيون. ان کان علاوہ سادي کنڊ سان گڏ پيداوار جي عمل دوران ڪجھ مصنوعات يقيني طور تي مالامال آھن.

(2) پیچیدھ نشاستو        Disaccharides

پيچيدھ نشاستو متوقع طور تي سادي نشاستي Monosaccharides جو ھڪ کان وڌيڪ ڪيميائي مجموعو آھي جنھن کي سمجهڻ لاء ھيٺيون شيون مددگار ٿي سگهن ٿيون.

(1) گلقاڻ Glucose ۽ نمٺاڻ Fructose جو گڏيل نتيجو پيچيدھ ڪارب جا ذريعا ھوندا. اسان انهن ذريعن کي روازانو جي بنياد استعمال ڪري سگهون ٿا. ھي کنڊ توھان دڪان تان حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ چانھن جي مٺاڻ لاء استعمال ڪري سگهو ٿا.
(2) گلقاڻ Glucose مجموعو آھي جيڪو شيراڻ Galactose سان گڏ کيراڻ Lectose جي پيداوار ڪري ٿو جيئن کير ۾ مٺاڻ وغيرھ.
(3) گلقاڻ مجموعو خود گل ماکي Meltose جي پيداوار ڪري ٿو جيڪو کنڊ ۾ شامل آھي. پيچيدھ نشاستا خالص شين مان حاصل ڪري سگهجن ٿا جيئن اناج ۔ ماني خالص ۔ نشاستي واريون سبزيون ۽ ترڪاريون وغيرھ. اڪثر پيچيدھ ڪارب ريشي وارين غذائن جا بھترين وسيلا آھن.

احتياط ۽ اپاء :-
نشاستا قدرتي غذا مان حاصل ڪيا وڃن تہ بھتر آھي. قدرتي غذا ۾ سبزيون ۔ ميوو ۔ اناج ۽ ڪڻڪ جي مصنوعات شامل آھن. ھي مصنوعات ڀرپور غذائيت سان گڏ تاندورن جي غيرمعمولي مقدار سان لبريز ٿئي ٿي.
سفيد چانور ۔ سفيد پستا ۔۽ سفيد ماني ڪارب جي وافر مقدار رکن ٿا. قدرتي غذا ۾  خوراڪ جي عمل دوران وٽامن ۔ معدنيات ۽ ريشيدار غذائون جلدي ھضم ٿين ٿيون. صحت جي ماھرن مطابق صحيح ڪارب ھيٺين شين کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا.
سوڌيل کاڌي Refined food کان بچجي.
قدرتي خوراڪ ۽ سڄي ان وارين اپتن تي ڀاڙجي.
ڪڻڪ جي اٽي مان ڇلي نہ ڪڍجي.
لوبيا وڌيڪ کائجي.
تازا ميوا ۽ سبزيون کائجن.
کنڊ وارن مشروبن ۽ رسن کان بچجي.

Tuesday, 29 January 2019

MyDairyAsgharSagar
تراھٽ ۔ رطوبت ۔ آلاڻ ۔ آبيدگي  Hydration
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
تراھٽ اشارو ڪري ٿي تنھنجي جسم ۾ ٺيڪ نموني پاڻي موجود آھي. تنھنجو جسم گذر ڪرڻ لاء پاڻي تي ڀاڙي ٿو. تنھنجي جسم ۾ ھر ھڪ گهرڙي ۔ اوڄي ۽ عضوي کي ٺيڪ نموني ڪم ڪرڻ لاء پاڻي جي ضرورت پوي ٿي. مثال طور توھان جو جسم پنھنجي گرمي پد کي برقرار رکڻ لاء پاڻي کي استعمال ڪري ٿو ۔ ردي مادا خارج ڪري ٿو ۽ سنڌن کي سڻڀو ڪري ٿو.
Hydration indicates there is a water properly in your body. Your body depends on water to survive. Every cell, tissue, and organ in your
body needs water to work properly. For example, your body uses water to maintain its temperature, remove waste, and lubricate your joints.
Cell                  گهرڙو
To depend on sth  ڪنھن شي تي ڀاڙڻ ۔ دارومدار رکڻ
Tissue                     اوڄو ۔ تاندورو ۔ تاندور
Organ                      عضوو
To maintain sth     ڪنھن شي کي برقرار رکڻ
Temperature          گرمي پد
Waste                     ردي مواد ۔ ڪن ڦٿ ۔ گند ۔ ڪن
To lubricate sth
ڪنھن شي کي سڻڀو ڪرڻ ۔ تيل ڏيڻ
Joints                     سنڌن

Monday, 28 January 2019

پاڻي پيئڻ Drinking water | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
پاڻي پيئڻ   Drinking water
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ھر ھڪ انسان کي ھڪ مخصوص مقدار ۾ پاڻي پيئڻ جي ضرورت رھي ٿي. ماھرن مطابق کاڌي مٿان پاڻي پيئڻ نقصانڪار آھي ڇوجو ان وقت پاڻي پيئڻ کاڌي کي ھضم ڪندڙ صفرا (معدوي رطوبت) Gastric juice جي اثر کي گهٽ ڪري ٿو جنھن سان کاڌو مشڪل سان ھم ٿئي ٿو ۔ انسولين جي سطح ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو ۽ بدھضمي ٿي وڃي ٿي. رات جو سمهڻ وقت ضرور گلاس پاڻي پئڻ کپي ڇوجو ننڊ ۾ جسم جي خشڪي وڌي ٿي ۽ تراھٽ Hydration گهٽجي وڃي ٿي ۽ خشڪي Dehydration کان بچائيندي. ورزش ڪرڻ کان پوء گهڻو پاڻي نہ پيئجي ائين ڪرڻ سان آت ۔ مٿي کي ڦيري ۽ مٿي جو سور ٿي سگهي ٿو. جن ماڻهن کي رات جو گهٽ ننڊ اچي ٿي اھي رات جو ننڊ مان اٿڻ دوران پاڻي نہ پيئن ننڊ ڦٽي ويندي يا اڃ جي صورت ۾ ھڪ يا ٻہ ڍڪ پاڻي پيئن.

Friday, 25 January 2019

ڏندن ۽ وات جي صفائي Cleanliness of teeth and mouth | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
ڏندن ۽ وات جي صفائي
Cleanliness  of teeth and mouth
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسان وٽ اڪثر ڏٺو ويو آھي تہ ڏندن کي برش ڏيڻ دوارن صرف ڏندن کي برش ڏنو ويندو آھي جڏھن تہ جسم کي نقصان ڏيڻ وارا بيڪيٽيريا زبان جي مٿئين تھ تي رھجي ويندا آھن. ان کانسواء وات جي صفائي تي ڪڏھن بہ ڌيان نہ ڏنو ويندو آھي تہ اسان جي وات ۾ وائرس يا بيڪيٽيريا رھي سگهن ٿا جيڪي ڏندن کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا - بدھضمي جو شڪار ڪري سگهن ٿا - ساھ جي نالي ۾ اچي ساھ جا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ ۽ جسم جي سڄي سرشتي کي متاثر ڪري سگهن ٿا. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڪڏھن نظرانداز ڪرڻ ڪري تڪليف جو باعث بنجنديون آھن ائين زبان ۽ وات جا بيڪيٽيريا صفائي نہ ٿيڻ ڪري مختلف بيمارين جي ور چاڙھي سگهن ٿا.  
جاپان ۾ ڪيل هڪ ڊگهي سروي مان انڪشاف ٿيو آهي تہ جيڪڏهن ڏندن ۽ وات جي درست صفائي نہ ڪئي وڃي تہ ان سان ڦڦڙ متاثر ٿين ٿا ۽ ساھ جو مرض جنم ڏٺي ٿو. جرنل ايم اسفيئر ۾ شايع ٿيندڙ ان تحقيق ۾ جاپان جي بزرگ ماڻهن جو جائزو ورتو ويو. ان موجب وات ۽ خاص طور تي زبان تي ملندڙ بيڪٽيريا جو ڦڦڙن جي تندرستي سان گهرو تعلق  هوندو آهي. سروي جو خلاصو اهو رھيو تہ ڏندن ۽ وات جي صحت خاص طور تي بزرگن لاءِ تمام ضروري آهي.
جيڪڏهن ان جو خيال نہ رکيو وڃي تہ ڦڦڙن ۽ ساھ جو نظام متاثر ٿيندو آهي.
جاپاني شهر فوڪوڪا ۾ واقع ڪيوشو يونيورسٽي ۾ اورل هيلٿ جي ماهر ڊاڪٽر يوشي هيساياما شيٽا ۽ سندس ساٿين چيو آهي تہ وات جا بيڪٽيريا جيڪڏهن جسم جي اندر هليا وڃن تہ اهي اسان جي صحت کي متاثر ڪن ٿا، نہ صرف اھو پر وات جا بيڪٽيريا ۽ جيوڙا ڪينسر، ٿولھ، دل جي مرضن ۽ ٻين مرضن جو سبب بڻجندا آهن. جاپاني ماهرن 2016ع جي وچ ۾ 70 کان 80 سالن جي 503 بزرگن جو جائزو ورتو تہ خبر پئي ته ڪجھ بزرگ کنگھ ۽ غذا ڳڙڪائڻ جي عمل ۾ بہ خراب بيڪٽيريا جو شڪار ٿي رهيا آهن.
ان عمل ۾ ماهرن جديد طريقن سان جينياتي جائزو بہ ورتو جنهن کي 16 ايس آر اين اي جينياتي سيڪوئنس چيو ويندو آهي. ماهر حيران رهجي ويا تہ وات ۾ ملندڙ چئن قسمن جا بيڪٽيريا مليا جيڪي نمونيا جو سبب بڻجن ٿا اھي بزرگن جي فوتگي جو سبب بہ بڻجي رهيا آهن.

انهن بيڪٽيريائن جا نالا پري ويٽولاهسٽي ڪولا، وائلونيلا اٽائيپڪا، اسٽريپٽو ڪوڪس سيلي وائرس ۽ اسٽريپٽو ڪوڪس پير اسينجيئنس آهن. بزرگ ماڻهو ڏند درست انداز ۾ صاف ناهن ڪندا، پوءِ ڏندن ۾ خلا، گهٽ ڏند ۽ گدلاڻ سبب اھي چئن ئي قسمن جا بيڪٽيريا ڦھلجندا رهيا آهن. ان ڪري ننڍن توڙي وڏن کي وات سان گڏ زبان کي بہ برش ڪرڻ کپي جيئن اھي بيڪيٽيريا نہ وات ۾ رھن نڪي زبان تي رھن ۽ صحت صحيح نموني ميسر ٿي سگهي.

حل :-

زبان جي مٿين تھ تي برش ڪجي.

رات جو سمھڻ وقت ڏندن کي برش ڪجي.

رات جو سمهڻ کان پھرين چانھن نہ پيئڻ گهرجي.

نسخو (1) :-
 ڊسپرين    2 عدد
پاڻي        منو گلاس
پاڻ ۾ ملائي مھيني ۾ ٻہ دفعا گرڙا ڪجن.
وات ۽ زبان جا جراثيم مري ويندا - ڏند ماڪوڙي لڳڻ کان بچي ويندا - ڀرندڙ ڏند وري مضبوط ٿيڻ لڳندا ۽ ڏندن ۾ جرڪو اچي ويندو.
ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ ڊسپرين ڏندن جي جراثيم ۔ ماڪوڙي جي ڪيڙن ۽ ڏندن کي قوت بخشڻ ۾ بھترين تاثير رکي ٿي.

نسخو (2) :-
نم جا پن       24 عدد
پاڻي              2 گلاس
پاڻي ۾ نم جا پن ڪاڙھجن ۔پاڻي اڌ بچي تہ پاڻي ڇاڻجي. پاڻي ٿڌو ڪري گرڙا ڪجن. ھن جي استعمال سان وات وائرسن ۽ بيڪيٽيريائن کان صاف ٿي ويندو.

نسخو (3) :-
 نيم گرم پاڻي ۾ لوڻ وجهي گرڙا ڪجن. ھي نمڪين پاڻي مئل گهرڙن کي وات مان خارج ڪري ٿو.

نسخو (4) :-
ھيڊ    ٻہ چپٽا ٽن آڱرين جا
پاڻي ڏيڍ گلاس
پاڻي ۾ ھيڊ ڪاڙھجي ۔پاڻي اڌ بچي تہ پاڻي ڇاڻجي. پاڻي ٿڌو ڪري گرڙا ڪجن. ھن جي استعمال سان وات وائرسن ۽ بيڪيٽيريائن کان صاف ٿي ويندو.

 نسخو (5) :-
ڊسپرين ھڪ عدد کي چٻاڙي ٻن منٽن تائين وات ۾ رھڻ ڏجي پر گگ اندر نہ وڃي.

Thursday, 24 January 2019

ماکي ۽ ان جا فائدا Honey and its benefits | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
ماکي ۽ ان جا فائدا  Honey and its benefits
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

نامور يوناني طبيب ۔ ڏاھي ۽ فلسفي بقراط جو چوڻ آھي غذ کي دوا ۽ دوا کي غذا بنائجي.
ڪيتري ڪمال جو قول آھي جيڪڏھن ھن قول تي عمل ڪجي ھوند گهڻا عارضا دور ٿي وڃن ۽ زندگي سڦل ٿي وڃي. ماکي جي فائدن تي جڏھن غور ويچار ڪجي ٿو ائين لڳي ٿو تہ ڄڻ بقراط جو اشارو ماکي طرف ھجي.
ماکي قدرتي طور تي نمٺاڻ Fructose ۔ گلوڪاڻ Gulucose ۔ معدنيات Minerals ۽ دافع تڪسيد Antioxident آھي. ماکي دوا سان گڏ غذا آھي جنھن کي لاتعداد بيمارين ۽ جسماني تڪليفن جي ڇوٽڪاري لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ماکي ۾ موجود ڪيلشم ڏندن ۽ ھڏن کي مضبوط ڪري ٿي ۔ وٽامن سي ھاضمي جي نظام کي ٺيڪ رکي ٿي. ھي مرڪب جسم کي مضبوط بنائن ٿا.
ماکي قدرتي نعمت آھي جيڪا اسان جي صحت جي ضمانت آھي. ڪجھ ماڻھو ماکي کي کير سان ۔ ڪجھ چانھن سان ۽ ڪي پاڻي سان استعمال ڪن ٿا. ڪي ماڻھو صبح جو ناشتي ۾ استعمال ڪن ٿا ڪي ڊبل روٽي تي ۽ ڪي اڦراٽن تي مکي کائڻ پسند ڪن ٿا
ماکي ﻫڪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻏﺬﺍ آھي، ﺭﺕ ﺻﺎﻑ ڪري ٿي، ﺩﻝ ۽ ﺩﻣﺎﻍ ﮐﻲ ﻃﺎﻗﺖ ڏئي ٿي، ﭤﮅ ۽ ﺯڪﺎﻡ کان بچائي ٿي ۽ ﭔﻴﻦ ڪﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﺍﻧﺪﺭﻳﻦ ﺗﻮڙﻱ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ تڪليفن ﺟﻮ ﻫڪ بھترين ﻋﻼﺝ ﺁﻫﻲ.
ماکي معدنيات جو خزانو آھي. ماکي ۾ گلوڪوز ۔ فرڪٽوز ۔ مئگنيشم ۔ پوٽيشم ۔ ڪئلشم ۔ سوڊيم ۔ سليڪا ۔ ڪلورين ۔ سلفر ۔ آئرن ۽ فاسفورس سان مالامال آھي. ان کان سوا وٽامن بي ون ۔ وٽامن بي 2 ۔ وٽامن بي 6 ۔ وٽامن بي 5 ۔ وٽامن بي 5 ۔ ڪاپر ۔ آيوڊين ۽ جست جي ٿوري مقدار پاتي وڃي ٿي.
ھزار سالن کان ماکي کي آيورويدڪ دوائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جو بنيادي مقصد مختلف عناصرن ۾ پيدا ٿيڻ واري عدم توازن کي مثبت طور تي دور ڪرڻ آھي. نظر ۾ تيزي ۔ وزن گهٽ ڪرڻ ۔ نامردي ختم ڪرڻ ۽ سرعت انزال جھڙن مرضن ۾ مفيد آھي. پيشاب جي نالين جي بيمارين ۔ دم ۽ آتن جي صورت ۾ فائديمند شي آھي.  
ماکي صدين کان شفا لاءِ استعمال ٿيندي اچي ٿي پئي. ماکي ۾ اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي مختلف مرضن ۽ تڪليفن ۾ فائدو ڏين ٿيون. ماکي ڪمزور دماغ وارن لاءِ ڪارائتي شئي آهي. هي چهري جو رنگ صاف رکي ٿي ۽ خون صاف ڪري ٿي. هن جي روزاني استعمال سان معدو صحتمند رهي ٿو. پاڻي ۾ پيئڻ سان اکين کي فائدو ڏيندي آهي.
ماکي فاسد مادن کي ڪڍي ٿي ۽ زھريلن مادن کان دور ڪري ٿي. ماکي جا بيڪيٽيريا روڪ مادا انسان جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا. ماکي جگر جي فعل کي بيدار ڪري ٿي ۔ يرقان ۔ فالج ۽ لقوي کي دور ڪري ٿي ۽ مثاني ۽ بڪين جي پٿري کي ٽوڙي ڪڍي ٿي.
جيڪو دارچيني ۾ اسينشل آئل ٿئي ٿو اھو ماکي سان ملي ٿو تہ ان سان ھائڊروجن پر آڪسائيڊ ٺھي ٿو جيڪو جسم ۾ فنگس يا جراثيمن جي وڌڻ کي روڪي ٿو.
طبي ماهرن مطابق ماکي کي ڪن، نڪ ۽ گلي جي انفيڪشن جي بيمارين لاءِ روڳ روڪ Antibiotic طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڇو جو ماکي جي مکين جي اڪثر قسمن ۾ روڳ روڪ Antibiotic خاصيتون موجود هونديون آهن. رپورٽ موجب طبي ماهرن جي ليبارٽري ٽيسٽن مان معلوم ٿيو آهي تہ ڇوت Infection سبب پيدا ٿيل اڪثر بيڪيٽريا ماکي سان مري ويندا آهن. ماھرن مطابق ماکي جو روڳ روڪ Antibiotic دوا طور ڪم ڪرڻ جو عمل تمام حيرت انگيز آهي. هن وقت سڀني کان وڌيڪ اثرائتي اينٽي بايوٽڪ دوا ”ريلفمين“ سان رڳو 18 سيڪڙو بيڪٽيريا مرندا آهن پر ماکيءَ جي اينٽي بايوٽڪ دوا طور استعمال سان 91 سيڪڙو تائين بيڪٽريا ختم ٿي ويندا آهن.
نِج ماکي بيمارين سان مقابلي جي سگھ وڌائي ٿي. هن ۾ جيوڙن ۽ بيمارين کان بچائڻ واري خاصيت هوندي آهي جنھن سان قوت مدافعت وڌندي آهي. موسم جي اثرن کان بچڻ لاءِ بہ ماکي استعمال ڪري سگھجي ٿي. ان لاءِ هڪ چمچو ماکي ۔ ھڪ چانھن وارو چمچو ليمي جو رس چمچو ۽ پاڻي اڌ گلاس ۾ شامل ڪري پيئجي.
زڪام وارو ماکي کائيندو تہ ان جو زڪام ختم ٿي ويندو. ماکي سيءَ کان بہ بچائي ٿي ۽ ان جي کائڻ سان ماڻهو ٿڌي پاڻي ۾ بہ وهنجي سگهندا آهن. ٻڪري جي کير ۾ ماکي ملائي پيئڻ سان رت صاف ٿئي ٿو ۽ چرٻي بہ گهٽ ٿئي ٿي. هي تاثر غلط آهي تہ ماکي کي گرمين ۾ نہ کائڻ کپي. هي قدرت جي اهڙي نعمت آهي جنهن مان ڪهڙي بہ موسم ۾ فائدو وٺي سگهجي ٿو. ماکي کي هضم ڪرڻ ۾ معدي کي وڌيڪ تڪليف جي ضرورت ناهي پوندي. هي تہ صرف کاڌو هضم ڪندي آهي. پر گڏوگڏ بک بہ ڏياريندي آهي ۽ جسماني چستي کي برقرار رکندي آهي. هي ساڳئي وقت دوا آهي ۽ توانائي بخشيندڙ شئي بہ آهي.
ماکي مستقل طور تي استعمال ڪرڻ سان ڪمزور شخص صحتمند ٿي سگهي ٿو. ماکي ھر عمر واري لاء يڪسان مفيد آھي
مشرقي بھار جي سائنسدان رامانج وشو شرما مطابق ھڪ ڪلو ماکي ۾ 35 سو ڪيلريون ٿين ٿيون جيڪي 13 لٽر کير يا 65 بيدن يا 19 ڪلو مٽر يا 12 ڪلو صوف يا 20 ڪلو گجرن جي برابر آھي. تحقيق مان نتيجو نڪري ٿو تہ 2 ڪلو گوشت يا اڍائي ڪلو مڇي سان مقابلو ڪري سگهي ٿي.

⏪بھترين خوراڪ :-
◀ماکي ﺑھﺘﺮﻳﻦ ﺧﻮﺭﺍڪ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ رکي ٿي. ﺭﻭﺯ ﺻﺒﺢ ۽ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﻣﺎﮐﻲﺀَ ﺟﻮ ﻫڪ ﮐﺎﺋﮡ ﻭﺍﺭﻭ ﭼﻤﭽﻮ ﻣﮑﮡ ﺟﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺁﻫﺮ ﻣﻘﺪﺍﺭ ﺳﺎﻥ ﮐﺎﺋﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ.

⏪تاريخ :-
◀قديم يوناني, رومي, بازنطيني, مصري -- قبطي: ,ايراني-- پارسي, سامي قومون ماکي کي غذا ۽ دوا طور ڪتب آڻينديون هيون، کين اُن جي بھترين معلومات هئي جنھن جو تذڪرو تاريخي ڪتابن ۾ آيل آهي. زيتون جو تيل , ماکي, ۽ انجير مان ٺهيل شراب کي بني اسرآئيل جو قوميتون قديم زماني کان استعمال ڪن ٿيون, ان رسم جو رواج عرب ۾ بہ پيو.
اڄ کان اڍائي ھزار سال اڳ حڪيم جالينوس ۔  افلاطون ۽ بقراط جھڙا وڏا حڪيم ماکي جي افاديت جا قائل ھئا پراڻي زماني کان ماکي بطور دوا استعمال ٿيندي پئي اچي. لنڊن جي ھڪ ميوزيم ۾ پيل فرعون جي لاش تي ماکيء جي مک جي تصوير ٺھيل آھي جيڪو 36 سو قبل مسيح اڳ جو آھي. ميڊيڪل جي دور کان اڳ ۽ پوء مغرب ۾ ايپائرن ٿيراپي رائج آھي جنھن ۾ ماکي ۽ ماکي مان ٺھيل شين سان ڪيو ويندو ھو.

⏪ماکي کائڻ جو طريقو :-
◀ماکي ٻار اڌ چمچو، جوان ۽ پوڙھا 2 چمچا ضرورت مطابق پاڻي ۾ ملائي پيئن يا چٽين. ماکي ننڍن ٻارن کي چٽائي ويندي آهي. بيھوشي، ڪمزوري ۽ دل جي ڌڙڪ بيھڻ جي صورت ۾ نيم گرم پاڻي ۾ ملائي پيئجي. سياري ۾ گرم پاڻي ۾ ۽ هاڙ ۾ ٿڌي پاڻي ۾ ملائي ماکي پيئجي، ماکي کي باھ تي نہ سيڪجي ڇوجو باھ تي سيڪڻ سان ماکي زهر ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.

⏪پراڻي ماکي جي تاثير :-
◀ماناري مان لٿل جنھن ماکي کي سال کن ٿي وڃي ان ماکي کي پراڻي ماکي چئبو آهي. جيڪا چرٻي گهٽائڻ ۽ ٿولھ کي گهٽائڻ ۾ ڪم ايندي آهي. ماکي پراڻي ٿيڻ سان جلد ئي هضم ٿيڻ لڳندي آهي. پراڻي ماکي جو مٿيون حصو سنهڙو ۽ هيٺيون حصو رکو ۽ هلڪو هوندو آهي.

⏪ڪچي ماکي جي تاثير :-
◀ماناري ۾ جيسين ماکي ڳاڙهي نہ ٿي وڃي ۽ هلڪي پيلي هجي ان کي ڪچي ماکي چئبو آهي. اها جسم ۾ تيزابيت پيدا ڪندي آهي ۽ جسم کي سڪائي ڇڏيندي آهي. جنھن سان جسم ۾ ناڪاري مادا پيدا ٿي ويندا آهن.

⏪پڪل ماکي جي تاثير :-
◀ماناري ۾ ئي ماکي جڏهن پچي ڳاڙهي ٿي وڃي تہ اها پت، ڪف ۽ ڌات کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اها زبان جي خشڪي بہ ختم ڪري ٿي، بک لڳائي ٿي ۽ ذهني طاقت ۾ اضافو ڪري ٿي.

⏪ڇا ماکي ڄمي نٿي؟
◀جنھن ماکي ۾ ڊيسٽروز جو مقدار وڌيڪ ٿئي ٿو اھا ماکي ڄمي نٿي ۽ کنڊ جھڙي قلمي شڪل نٿي وٺي ۽ جنھن ماکي ۾ نمٺاڻ Fructose وڌيڪ آھي اھا ڄمي وڃي ٿي ۽ داڻيدار ٿي وڃي ٿي. ان ڪري جيڪا ماکي ڄمي يا داڻيدار ٿي وڃي ان کي نقلي نہ سمجهيو وڃي.

⏪سردار مک يسوڀ يا سوڀ :-
◀ماکي کي ٺاهڻ ۾ سڀن مکين جي محنت شامل هوندي آهي جيڪي گلن مان رس چوسي اينديون آهن پر انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم ان مک جو هوندو آهي جنهن کي سنڌي ۾ راڻي مک سوڀ سڏيو ويندو آهي جيڪا ٻين سڀن مکين جي سردار هوندي آهي جيڪا ڏسڻ ۾ بہ سڀن کان منفرد ۽ وڏي لڳندي آهي. ان سردار مک جي خاصيت اها هوندي آهي تہ ماناري جي هر در تي ايمانداري سان پھرو ڏيندي  آهي ۽ جيڪا بہ مک گلن مان رس چوسي ايندي آهي تہ پھريان سردار مک ان کي سنگهي چڪاسيندي آهي. جيڪڏهن اها صرف گل مان ئي رس چوسي ايندي تہ ان کي سردار مک اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندي آھي تہ وڃي ماکي ٺاهي 
 پر جيڪڏهن ڪابہ مک اتفاق سان بہ ڪنھن غلاظت سان ڇھجي آئي تہ  سردار مک اتي ئي ان کي ماناري مان نيڪالي ڏيندي ۽ اندر داخل ٿيڻ نہ ڏيندي آھي ڇوتہ سردار مک کي اها خبر هوندي آهي تہ غلاظت سان ڀريل مک جيڪڏهن اندر داخل ٿي وئي تہ سڄي ماکي خراب ٿي ويندي. سردار مک جي اهڙي توجھ ۽ ايمانداري سان ڀريل سخت پھري جي ڪري ئي شاندار ماکي  ٺھندي آهي ۽ هزار سال تائين خراب نہ ٿيندي آھي.

⏪ماکين جو نظام :-
◀ماکين جو نظام ڪنھن سلطنت کان گهٽ نہ ھوندو آھي ۔ ذميواري ھر ڪنھن تي مک تي ورھايل ھوندي آھي. ماکي جي نظام تي روشني وجهجي ٿي.

◀(1) ماکيء جي مکين جي گھرن يعني منارن جو نظم ۽ نظام منظم ۽ باقاعدي ھوندو آھي جيئن هڪ ترقي يافتہ ملڪ جو سلطنت جو نظام ھوندو آھي. ماکيون بھترين نظام ۽ انتظام سان ماکي جا معاملا ھلائينديون آھن جنھن کي ڏسي حيرت دنگ رھجيو وڃي.

◀(2) ماکيون لکن جي تعداد ۾ ماناري ۾ مکيون رهنديون آھن. انهن جو هڪ بادشاه هوندو آھي جيڪو جسم ۽ قد ۾ سڀني ماکين کان وڏو هوندو آھي، سڀئي مکيون ان جي اڳواڻيء ۾ سفر ۽ قيام ڪنديون آھن، ان بادشاه کي ”سوڀ راڻي“ چيو ويندو آھي.

◀(3) سوڀ راڻي مکين جي ڪمن جي ورهاست ڪندي آھي ۽ سڀني کي پنھنجي پنھنجي ڊيوٽي تي لڳائي ڪم ڪرائيندي آھي، ڪي مکيون گھر ٺاهينديون آھن جيڪو سوراخن جي شڪل ۾ ھوندو آھي. اهي مکيون انهن سوراخن کي ايتري خوبصورتي ۽ هڪجھڙائي سان ڇھ خاني شڪل جو ٺاھينديون آھن ڄڻ ڪنهن ماهر انجنيئر پرڪار جي مدد سان انهن سوراخن کي ٺاهيو هجي ۔ سڀني جي شڪل بلڪل هڪجهڙي ۽ سڀني جي ڊيگھ ۽ ويڪر بہ بلڪل برابر هوندي آھي.

◀(4) ڪي مکيون سوڀ جي حڪم سان آنن مان ٻچا پيدا ڪنديون آھن ۽ ڪي ماکي تيارڪنديون آھن، ڪي ميڻ ٺاهينديون آھن، ڪي پاڻي آڻينديون آھن ۽ ڪي پھرو ڏينديون آھن ، مجال آھي جو ڪا ٻي مک انهن جي گھر ۾ داخل ٿئي.

◀(5) هي مکيون گلن، ميون وغيره جو رس چوسي کڻي اينديون آھن. ماکي جي خزاني ۾ جمع ڪرائينديون آھن ۽ ميون ۽ گلن جي ڳولها ۾ سوين ميل  پري پري تائين الڳ الڳ وينديون آھن پر اهي پنهنجي مناري کي نہ وسارينديون آھن ۽ بنا تڪليف ڳولها جي  سوين ميل پري کان سڌو پنهنجي مناري تائين پهچنديون آھن.

◀(6) هي مکيون مختلف رنگن ۽ مختلف ذائقن مان ماکي تيار ڪنديون آھن ڪڏهن ڳاڙھي ،ڪڏهن سفيد ڪڏهن ڪاري، ڪڏهن پيلي،ڪڏهن ڇڊي ، ڪڏهن گھاٽي مختلف موسمن ۽ مختلف ميون ،گلن جي ڪري ماکي جا مختلف رنگ ۽ ذائقا بدلجندا رهندا آھن.

◀(7) اهي پنهنجا مانارا ڪڏهن وڻن تي، ڪڏهن جبلن ۾، ڪڏهن گھرن ۾  ۽ مختلف جڳهن تي ٺاهينديون آھن.

◀(8) نافرمان ۽ باغي مکين کي انهن جو بادشاھ مناسب سزائون ڏيندي آھي ۽ ڪن کي قتل بہ ڪرائيندي آھي. سڀني کي پنهنجي ضابطي ۾ رکندي آھي ، ڪڏهن ڪا ماکيء  جي مک گند تي ناهي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪا ويھي رهي تہ انهن جو بادشاه ان کي  سخت سزا ڏئي ان کي ماناري مان نيڪالي ڏيندي آھي.

⏪اصلي ماکي جي سڃاڻپ :-
◀نقلي ماکي ۾ سونف جھڙي خوشبو ھوندي آھي.
◀نقلي ماکي ڪاغذ تي لڳائڻ سان ڪاغذ آلو ٿي ويندو آھي.
◀ماکي ۾ ماچيس جي تيلي ٻوڙي ان کي باھ ڏجي جيڪڏھن باھ لڳي تہ اصلي جي نہ لڳي تہ نقلي.
◀ماکي جي قطري کي پٽ تي اڇلجي جيڪڏھن قطرو بيھي رھي تہ اصلي جي قطري کي زمين چوھي وڃي تہ اھا نقلي آھي.
◀ماني کي ماکي ھڻي ڪتي کي کائڻ لاء ڏجي جيڪڏھن ڪتو کائي تہ نقلي ماکي آھي ۽ جيڪڏھن نہ کائي تہ اصلي آھي.

⏪ماکي استعمال ڪرڻ لاءِ هدايتون :-
◀ماکي استعمال ڪندڙ کي هميشہ نِج ۽ اعليٰ خاصيت جي ماکي خريد ڪرڻ گھرجي.
◀جيوڙن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پچايل ماکي خريد نہ ڪجي.
◀بنا پچايل نِج ماکي جي سڃاڻپ اها آهي تہ اها گھٽ گرمي پد تي ڄمڻ لڳندي آهي. اها ماکي گھٽ مقدار ۾ استعمال ڪرڻ گھرجي.
◀قدرتي طور تيار ٿيل ماکي خريد ڪرڻ گھرجي.
◀کنڊ جي بدلي ماکي استعمال نہ ڪجي.
◀پاڻي يا سائي چانھن (سبز چانھن) ۾ ٿوري مقدار ۾ ماکي وجھي استعمال ڪرڻ گھرجي.
◀ماکي گرمي ۽ اس کان بچائي ڪمري ۾ رکڻ گھرجي.

⏪ليمو ۽ ماکي بطور شربت :-
◀جيڪڏھن ماکي کي ليمي سان استعمال ڪيو وڃي تہ فائدا ٻيڻا ٿي وڃن ٿا. ليمي جو پيڪٽن خامرو ماکي سان گڏ وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۔ ليمي جي الڪلي ماکي سان ڪينسر جي خطرن کي گهٽ ڪري ٿي. ليمي ۽ ماکي جي شربت پي ايڇ جي سطح کي وڌائي ٿي. ليمي ۽ ماکي ۾ اليڪٽرولائيٽ ۔ پوٽيشم ۔ ڪيلشم ۽ مئگنيشم پاتا وڃن ٿا.
اھي ھي فائدا ڏين ٿا.
◀جسم کي تر تازو رکن ٿا.
◀پاڻي جي ڪمي کي اتي دور ڪن ٿا.
◀سنڌن ۽ پٺاڙن جي درد کي ختم ڪن ٿا.
◀ھاضمي جي نظام کي درست ڪن ٿا.
◀جسم ۾ خامرن کي وڌائن ٿا.
◀جيري جي صفائي ڪن ٿا.
◀ڳلي جي ڇوت ۽ سوزش کان نجات ڏيارين ٿا.
◀جسم ۾ بيماري کان بچائيندڙ دافع تڪسيد پيدا ڪن ٿا.
◀عصبي نظام کي مضبوط ڪن ٿا.
◀رت جي شريانين جي صفائي ڪن ٿا.
◀بي پي وچٿرو ڪن ٿا.
◀وٽامن سي جي مدد سان چمڙي کي صاف صحتمند رکن ٿا ۽ يورڪ ايسڊ کي تحليل ڪن ٿا جنھن جي ڪري سنڌن جي دور کان نجات ملي ٿي.
◀پيٽ واري ماء کي وائرس ۽ فلو کان بچائين ٿا.
◀ٻارن جي ھڏين ۽ خاص ڪري اعصابي نظام دماغ کي مضبوط ڪن ٿا.
◀سيني جي جلن کي ختم ڪن ٿا.
◀بڪين ۽ پتي جي پٿري کي خارج ڪن ٿا.
◀ڏند جي سور ۽ بڊن جي مسئلن جو خاتمو ڪن ٿا.
ماکي جا فائدا :-

⏪(1) سوزاڪ ختم ڪندڙ :-
◀یونیورسٽي آف سائوٿیمپٽن جي سائنسدانن جي تحقيق مطابق ماکي سوزاڪ لاء بھترين دوا آھي. جيڪڏھن ماکي کي پاڻي ۾ ٽيڻو پٽڙو ڪري سوزاڪ جي مريض کي پياريو وڃي تہ بھترين نتيجا نڪرندا. پيشاب ۾ ڇوت پيدا ڪندڙ اڪثر ٻن قسمن جا جراثيم ٿين ٿا.
◀ڪولائي
◀پروٽيئس مير
انهن جراثيمن کي پاڻ ۾ جڙجڻ ۽ سطحن تي ڪٺو ٿيڻ کان ماکيىروڪي ٿي. ساڙي جي حالت ۾ پيشاب سڙي ايندو آھي ۽ ٿورو ٿورو ايندو آھي انهي حالت ۾ ڪيٿيٽر لڳايو ويندو آھي. ڪيٿيٽر جي لڳڻ جي پيشاب جي نالين ۾ اڃان وڌيڪ ڇوت اچي ويندي آھي ۽ جراثيم پيدا ٿيندا آھن. ڪيٿيٽر جي حالت ۾ ماکي جو پاڻي جراثيمن کي ڪيٿيٽر جي پلاسٽڪ ۾ چنبڙڻ ۽ ٻين سطحن کي چپٽڻ کان روڪي ٿو.

⏪(2) ترﺕ ﺗﻮﺍﻧﺎﺋﻲ ڏيندڙ :-
◀قديم اولمپڪ ۾ حصو وٺندڙ رانديگر پنھنجي ڪارڪردگي کي بھترين ڪرڻ لاء خشڪ انجير ۽ ماکي استعمال ڪندا ھئا. جديد تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ گلائيڪوجن جي سطح بلند رکڻ لاء ماکي مددگار ثابت ٿئي ٿي ۽ ٻئي مٺاڻ جي نسبت ۾ ھن جو اثر جلدي ٿئي ٿو. جنھن بہ ﻭﻗﺖ ﺗﻮﺍﻧﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻲ گهٽ ﻫﺌﮡ ﺟﻮ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﭤﺌﻲ، ﻣﺎﮐﻲﺀَ ﺟﻮ ﻫڪ ﭼﻤﭽﻮ ﮐﺎﺋﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ.

⏪(3) دﻣﺎﻍ کي ﻃﺎﻗﺖ ڏيندڙ :-
◀سائنسي تحقيق مطابق ماکي ۾ ذھني ڇڪتاڻ سان وڙھڻ جي صلاحيت موجود آھي. ھي دفاعي نظام کي بحال ڪري ياداشت کي بھتر بنائي ٿي. ماکي ۾ موجود ڪيلشم دماغ ۾ آساني سان جذب ٿي وڃي ٿي جنھن جي ڪري دماغ جي فعلن تي مفيد اثر مرتب ٿين ٿا.
ماکي چمچو ۽ عرق گلاب آنو روز ملائي پيئجي.

⏪(4) وار ڦٽائڻ لاء :-
◀ڪنھن جا وار ڪرن ٿا ۽ گنجي ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو انهي لاء ھي نسخو اھميت رکي ٿو. وار تيزي سان ڦٽندا ۽ مضبوط ٿيندا.
دارچيني     2 تولا
لونگ           4 عدد
زيتون جو تيل   آنو
ماکي                آنو
دالچيني ۽ لونگ ڪٽي پائوڊر ڪجن. پوء تيل ۽ ماکي ملائي ان ۾ پائوڊر وجهي کرل ڪجي. ملي وڃي تہ شيشي ۾ وجهجي ۽ اس ۾ رکجي. صبح شام شيشي کي ھلائجي. ٽن ڏينھن کان پوء استعمال ڪجي.

⏪(5) سڙندڙ عضوي لاء مفيد :-
◀ماڻهو ڪم ڪار دوران جيڪڏهن سڙي پوي تہ ماکي جو مک ڪرڻ سان تڪليف گھٽجي وڃي ٿي ۽ ساڙو ختم ٿي وڃي ٿو. ماکي جي جيوڙا ختم ڪرڻ واري خاصيت متاثر حصي کي انفيڪشن کان پڻ بچائي ٿي ۽ زخم تيزي سان ڀرجڻ لڳندو آهي.

⏪(6) کنگھ ختم ڪندڙ :-
◀ماکي کنگھ کي گهٽ ڪرڻ لاء مفيد آھي. ھڪ سو ڏھ ٻارن تي ٿيل تحقيق مان ڳالھ سامهون آئي تہ ماکي جي ھڪ خوراڪ ڊيڪسٽروميٿوفين جي خواراڪ کان وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي آھي. ماکي جي خوراڪ وٺڻ کان پوء ٻارن جي اڪثريت سڪون سان ننڊ پوري ڪئي. جيڪڏهن کنگھ ٿي پوي ۽ اها ڪنهن بہ طرح سان نہ ڇڏي تہ ماکي جو استعمال ان لاءِ فائديمند آهي. تحقيق ۾ اهو ثابت ٿيو آهي تہ ماکي ٻين کنگھ جي دوائن جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو ڏيندڙ آهي. کنگھ ۾ ماکي استعمال ڪرڻ سان ڳلي ۾ ماکي جي تَھ ٺھي وڃي ٿي ۽ مٺو ذائقو ڳَلي جي حساسيت کي گھٽائي ٿو جنهن سان کنگھ بہ گھٽجي ويندي آهي.
ماکي چمچو ۽ پاڻي اڌ گلاس ملائي کنگھ واري ٻار کي استعمال ڪرائڻ گهرجي.

⏪(7) ننڊ ڏياريندڙ :-
◀نِج ماکي سڪون واري ننڊ ڏياريندي آهي. ماکي ۾ موجود مٺاڻ رت جي انسولين وڌائي ٿي جنھن مان ھڪ ڪيميائي مادو سيروٽونين خارج ٿئي ٿو جيڪو ميلان Melatonin گهرڙي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو جنھن جي ڪري سٺي ننڊ اچي ٿي. ماکي جي استعمال سان جيري ۾ گلائيڪوجن مادو پيدا ٿئي ٿو جو ياداشت جي ھارمون ميلان تي اثرانداز ٿئي ٿو جنھن سان پرسڪون ننڊ اچي ٿي.

⏪(8) وات جي ڦلوڪڻن ۽ پچڻ لاء :-
◀ماکي وات جي ڦلوڪڻن ۽ وات جي پچڻ لاء بھترين آھي. پاڻي ۾ ماکي ۽ ھيڊ چمچو وجهي ملائي گرڙا ڪجن. صرف 4 ڏينھن ۾ فرق پوندو.

⏪(9) ھاﺿﻤﻲ ﺟﻲ ﻣڙﻧﻲ ﺧﺮﺍﺑﻴﻦ کي دور ڪندڙ :-
◀ﻫﺎﺿﻤﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺧﺮﺍﺑﻲ ﻻﺀِ ” ﻣﺎﮐﻲﺀَ ﺟﻲ ﭼﺎنھن“ ﭠﺎﻫﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ . ﺗﺎﺯﻱ ﭘﺎﮢﻲﺀَ ﺟﻲ ﺍﭔﺎﺭﻳﻞ ﻫڪ ڪﻮﭖ ۾ ﻫڪ ﭼﻤﭽﻮ ﻭﺟﻬﮡ ﺳﺎﻥ ” ﻣﺎﮐﻲﺀَ ﺟﻲ ﭼﺎنھن “ ﭠﻬﻲ پوي ٿي. ھي چانھن نيم گرم پيئڻ کپي.

⏪(10) ڦڦڙن کي صاف ڪندڙ :-
◀جنھن ٻار کي کنگھ ھجي تہ ان کي سمھڻ کان پھرين ماکي ۽ ليمو ملائي پيارجي ڪجھ ڏينھن ۾ کنگھ جي شڪايت ختم ٿي ويندي ۽ ننڊ بہ خراب نہ ٿيندي ڇوجو ماکي ۾ ڊي مل سينٽ مادو ٿئي ٿو جيڪو جيڪو ڳلي کي کنگھ جي جراثيمن کان محفوظ رکي ٿو جڏھن تہ ڪيفين ڦڦڙن کي صاف ڪري ساھ جي عمل کي بھتر ڪري ٿي.

⏪(11) ماکي ھلڪو جلاب :-
◀ﻣﺎﮐﻲ ﻫڪ ﻫﻠڪﻮ ﺟﻼﺏ ﭘﮡ ﺁﻫﻲ . ﻗﺒﻀِﻲﺀَ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ﭔﻲ ڪﺎ ﺩﻭﺍ ﻧﻘﺼﺎﻥ ڏﺋﻲ، پر ماکي فائدو ڏئي ٿي. ماکي جو تھ رڳن سان چپٽجي وڃي ٿو جنھن جي ڪري ماڻهو پيٽان صحيح ويھي ٿو ۽ ھلڪي نموني جلاب اچن ٿا جنھن جي ڪري پيٽ صاف ٿيڌوڃي ٿو.
 ﻣﺎﮐﻲﺀَ ﺟﺎ 2 ﭼﻤﭽﺎ نيم گرم ﭘﺎﮢﻲﺀَ ۾ ﭘﻴﺌﮡ ﺳﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﻗﺒﻀﻲ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ﻭڃي ٿي.

⏪(12) جسم ﮐﻲ ﭤﮅﻭ رکندڙ :-
◀ماکي جو استعمال اونهاري ۾ بھترين آھي. ھي جيري جي گرمي ختم ڪري ٿي ۔ گرمي جي ڪري دل جي تيز ڌڙڪي کي دور ڪري ٿي ۔ جسم کي سڪون ڏئي ٿي ۽ ٿڪ کي ختم ڪري ٿي. 
ﺍﻭﻧﻬﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﮔﺮﻡ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺎﮐﻲﺀَ جو ھڪ چمچو ﭤﮅﻱ ﭘﺎﮢﻲﺀَ ﺟﻲ ﻫڪ ﮔﻼﺱ ۾ ﭼﮝﻲﺀَ ﻃﺮﺡ ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﺳﺎﻥ ﺟﺴﻢ ۾ ﭤﮅڪﺎﺭ ﻣﺤﺴﻮﺱ ﭤﻴﻨﺪﻱ . ﺍﻥ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎﻥ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻣﺎﮐﻲ ڪﺠﮫ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ﭘﻴﺌﺒﻲ، تہ ﺩﻝ ﺟﻮ ﺳﺎڙﻭ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ۽ ﺟﺴﻢ ﻣﺎﻥ ﻭﺍﮄُﻭ ﮔﺮﻣﻲ ﭘﮡ ﻧڪﺮﻱ ﻭﻳﻨﺪﻱ.

⏪(13) زخم ختم ڪندڙ :-
◀زخمن ۽ جليل حصن تي ماکي جو استعمال ايترو مفيد آھي جيترو سلفرڊيازان جو. بيڪيٽريا روڪ خامرا ھجڻ ڪري ماکي اھڙا اثر مرتب ڪري ٿي جو زخمن جو ڇوت ختم ٿي وڃي ٿو ۽ زخم ڇٽي وڃن ٿا. ماکي کي جڏھن زخم تي لڳايو وڃي ٿو ان ۾ موجود گلوڪاڻ Glucose ۽ نمٺاڻ Fructose پاڻي کي جذب ڪري وٺن ٿا. ماکي ۾ موجود انسان دوست بيڪيٽيريا ھڪ قدرتي دوا طور ڪم ڪري ٿو. ان کان علاوه ماکي ۾ پاتل غذائي مواد مان سوڄ نٿي ٿئي. ماکي ۾ موجود بيڪيٽيريا روڪ نمي ۽ ھيڊروجن پر آڪسائيڊ زخم ۾ پيدا ٿيندڙ ڇوت جي بيڪيٽيريائن کي تباھ ڪري ٿو چاھي زخم اندران ھجي يا ٻاھران ماکي سلفرڊايازان جيتري مفيد آھي ۽ ھاڪاري اثر مرتب ڪري ٿي.

⏪(14) ٿولھ گهٽائيندڙ :-
◀ماکي جو پيئڻ جسم ۾ چرٻي کي گڏ ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ ٿولھ کي ختم ڪري ٿي. جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا تہ ٿولھ ختم ٿئي تہ مٺن کاڌن کي غذا مان ڪڍي ڇڏيو پر ماکي کي شامل ڪريو. ماکي ۾ موجود مٺاڻ کنڊ کان مختلف ٿئي ٿي جيڪا گهرڙاتي تبديلي کي بھتر بنائي ٿي جنھن سان ٿولھ ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي.

⏪(15) چرٻاڻ Cholesterole گهٽائيندڙ :-
◀ماکي ۾ وٽامن بي 6 ۽ وٽامن سي موجود ٿئي ٿي جيڪا چرٻاڻ Cholesterol  جي مقدار کي گهٽ ڪري وزن گهٽ ڪرڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿئي ٿي.

⏪(16) چھري جا بند مسام کوليندڙ :-
◀ماکي ۾ ھوميڪٽيڪ مرڪب ٿئي ٿو جيڪو چھري جي دلڪشي ۽ لچڪ کي برقرار رکي ٿو. ماکي جو ليپ چھري جي گهنجن کي ختم ڪري ٿو ۔ چھري کي مردار گهرڙن کان صاف ڪري ٿو. ماکي ۾ موجود دافع تڪسيد Antioxidants چمڙي کي تابڪاري شعائن کان بچائن ٿا ۔ چمڙي جي مٿئين تھ ۾ جذب ٿي بند مسامن کي کولي ٿا ۽ فاسد مادن کي خارج ڪن ٿا. ان ڪري ھي تر ۽ موھيڙن کي دور ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.

⏪(17) چپ نرم ڪندڙ :-
◀سياري ۾ چمڙي کي پاڻي ۽ نرمي نہ ملڻ ڪري ڦوٽھڙو ڪري ٿي ۔ چپ ۽ منھن متاثر ٿين ٿا. سياري ۾ ڊي ھائيڊريشن لاء ماکي ۽ گرين ٽي پيئڻ ضروري آھي. ماکي جراثيم روڪ ۽ بيڪيٽيريا روڪ ھئڻ ڪري خشڪ ۽ متاثر گهرڙن کي نمي ڏئي ٿي. ماکي کي کنڊ ۽ عرق گلاب سان ملائي ۔ عرق گلاب ۾ ملائي چپن تي ھڻڻ سان چپ نرم ٿي وڃن ٿا ۔ تازا ٿي وڃن ٿا ۽ دلڪش لڳن ٿا. ماکي چمڙي کي نرم ڪري ٿي. جيڪڏھن چپ خشڪ ھجن تہ ٿوري ماکي ۽ گلسرين چپن کي ھڻجي تہ چپن ۾ نئين زندگي اچي ويندي ۽ نرم ۽ دلڪش نظر ايندا.

⏪(18) چھرو دلڪش ڪندڙ :-
◀ماکي توھان جي چھري کي گهنجن کان محفوظ رکي ٿي. ماکي جيڪڏھن ماسڪ طور استعمال ڪجي تہ چھري تي ڪارا نشان ختم ٿي وڃن ٿا. دالچيني پائوڊر ماکي سان ملائي چھري تي ھڻجي. ڪجھ ڪلاڪن کان پوء منھن کي پاڻي سان ڌوئجي. چھرو نرم ۽ دلڪش ٿي ويندو.

⏪(19) شڳر کي معتدل رکندڙ :-
◀ماکي ۾ سادا گلوڪوز ٿين ٿا پر ھي کنڊ يا مصنوعي مٺاڻ جھڙا نٿا ٿين. گلن مان حاصل ٿيندڙ کنڊ ۽ گلوڪوز جو موزون ميلاپ ماکي جي صورت ۾ شڳر جي سطح کي متوازن رکي ٿو. ماکي جا ڪجھ قسم ھائپوگلائي سيميڪ جي ھجڻ جي ڪري جسم ۾ شڳر جي سطح ۾ ڪابہ ھلچل پيدا نٿا ڪن. ماکي مٺاڻ پوري ڪرڻ جو صحت بخش طريقو آھي ۔ خاص طور تي شڳر وارا ھن کي استعمال ڪري سگهن ٿا پر شاڳر ھن کي معتدل انداز ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. شڳر ۾ ٻير واري ماکي کي مفيد تصور ڪيو وڃي ٿو.

⏪(20) ماکي قدرتي مٺاڻ :-
◀ماکي ۾ سادا گلوڪوز ٿين ٿا پر ھي کنڊ يا مصنوعي مٺاڻ جھڙا نٿا ٿين. گلن مان حاصل ٿيندڙ کنڊ ۽ گلوڪوز جو موزون ميلاپ ماکي جي صورت ۾ شڳر جي سطح کي متوازن رکي ٿي. ماکي جا ڪجھ قسم ھائپوگلائي سيميڪ جي ھجڻ جي ڪري جسم ۾ شڳر جي سطح ۾ ڪابہ ھلچل پيدا نٿا ڪن.

⏪(21) دل جي دوري ۽ بي پي تي ضابطو پائيندڙ :-
◀ماکي دل جي جلن ۾ مفيد آھي. ھي غذائي نالي کي مادي مان پيدا ٿيندڙ تيزابيت کان محفوظ ڪري ٿي ڇوجو ماکي ۾ 21 ڪيلريون ۽ 5.71 نشاستو ٿئي ٿو. ھن جو استعمال شريانين جي چرٻي جي مقدار کي گهٽ ڪري ٿو ۽ دل جي دورن کان بچائي ٿو.جيڪڏھن ماکي کي لڳاتار استعمال ڪندو رھجي، دل جي دوري جا امڪان نٿا رھن. بصر جو رس چمچو ۽ ماکي چمچو عرق گلاب آنو ملائي پيئجي. ھن جي استعمال سان ساھن جي تنگي دور ٿي وڃي ٿي. جيئن جيئن عمر وڌي ٿي شريانيون ۽ دل جون ناليون سخت ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن ۾ تنگي اچي وڃي ٿي. ماکي ۽ بصر واري نسخي سان ھي تڪليفون دور ٿي وڃن ٿيون.

⏪(22) نزلي ۽ زڪام کي ختم ڪندڙ :-
◀آمريڪي جرنل آرڪائيو ميڊيڪل ريسرچ سينٽر مطابق ماکي نزلي ۽ انفلوئنزا جي جراثيم کي مارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ مدافعتي نظام کي مضبوط ڪري ٿي. جن ماڻهن کي نزلي ۽ زڪام جو عارضو آھي اھي جيرو ۽ ماکي استعمال ڪن. ھن جي استعمال سان پراڻي کنگھ ۔ نزلو ۔ زڪام دور ٿي وڃن ٿا. ماکي ۾ اھڙي تاثير آھي جيڪا انفلوئنزا جي جراثيم کي ماري ٿي ۽ ماڻهو فلو کان محفوظ رھي ٿو.
ماکي              چمچو
پاڻي               اڌ گلاس
جيرو پائوڊر    ٻن آڱرين جي چپٽي
ماکي ۽ پاڻي ملائي جيري پائوڊر سان پيئجي.

⏪(23) دل کي صحتمند رکندڙ :-
◀طبي تحقيقن مطابق ماکي ۾ موجود دافع تڪسيد مادا شريانين کي سڪڙڻ کان بچائن ٿا ۔ دل جي حرڪت کي باقائدي ڪن ٿا ۔ ياداشت وڌائن ٿا ۽ مٿي جي سور کي ختم ڪن ٿا. ان ڪري ھڪ چمچو ماکي پاڻي ۾ ملائي پيئڻ سان سٺا اثر پون ٿا.

⏪(24) معدي کي درست ڪندڙ :-
◀جديد تحقيق مطابق ماکي جي مدد سان السر کان علاوہ معدي ۽ آنڊي جي بيڪيٽيريائن کان نجات پائي سگهجي ٿي. جراثيم ڪش ھجڻ ڪري خالي پيٽ ماکي چمچو ڪوپ پاڻي ملائي پيئڻ سان ماکي ڪافي مرضن کان جان ڇٽائي ٿي ۽ مادي تائين وڃي جراثيمن کي ختم ڪري جسم اندر ننڍن ننڍن زخمن کي ڀري ٿي.

⏪(25) ڳلي جي عارضن ۾ بھترين :-
◀ماکي کنگھ سان گڏ اھڙو جراثيم ڪش محلول ٺاھي ٿي جنھن سان ڳلي جي کچ کچ ۔ ريڳاڙ ۽ سوڄ کي فائدو پوي ٿو. 
جيرو پائوڊر     چپٽو
ليمي جو پاڻي چمچو
ماکي              چمچو
پاڻي اڌ گلاس ملائي گرڙا ڪجن تہ فائدو ٿي ويندو.

⏪(26) جيوڙﺍ ﻣﺎﺭ ﺩﻭﺍ :-
◀ماکي جا تمام قسم بيڪيٽيريا روڪ ۽ سينور روڪ ٿين ٿا ڇوجو ماکي جون مکيون ماکي ۾ اھڙو خامرو وجهن ٿيون جيڪو ھيڊروجن پر آڪسائيڊ بنائي ٿو. ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻃﺒﻲ ﻣﺤﻘﻘﻦ ﺟﻮ ﭼﻮﮠ ﺁﻫﻲ تہ ﻣﺎﮐﻲ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻮﺀَ ﺟﻲ ﺟﺴﻢ ۾ ﻣﺪﻱ ﺟﻲ ﺗﭗ، ﭘﻴﭽﺶ، ﺳُﻮﺭﻱﺀَ ۽ ﭔﻴﻦ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻦ ﺟﺎ ﺟﻴﻮڙﺍ ﺭﻫﻲ نہ ﭤﺎ ﺳﮕﻬﻦ . ﺍﻥ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﺍﻫﻮ ﭤﻴﻮ تہ ﻣﺎﮐﻲ ﻫڪ ﺟﻴﻮڙﺍ ﻣﺎﺭ ﺩﻭﺍ ﭘﮡ ﺁﻫﻲ . ﺍﻥ ﻣﻘﺼﺪ ﻻﺀِ ﻣﺎﮐﻲ چمچو ڏﻫﻲﺀَ ۾ ﭼﮝﻲﺀَ ﻃﺮﺡ ﻣﻼﺋﻲ ﺻﺒﺢ ﺟﻲ ﻭﻗﺖ ﮐﺎﺋﮡ ﮔﻬﺮﺟﻦ.

⏪(27) وارن جي خشڪي ختم ڪندڙ :-
◀ماکي سان وارن کي ڌوئڻ سان وارن جي خشڪي کان نجات ملي ٿي ھن جي استعمال سان مٿي ۾ تراھٽ اچي وڃي ٿي ۽ وارن جي خشڪي جا امڪان اچي وڃن ٿا.
ماکي     چمچو
ڊسپرين ٽڪي ھڪ عدد
پاڻي گلاس
پاڻ ۾ ملائي وارن کي ڌوئجي.

⏪(28) قوت مدافعت وڌائيندڙ :-
◀ماکي ۾ موجود پروبائيوٽڪ بيڪيٽيريا قوت مدافعت کي وڌائي ٿو جنھن کي ليڪٽو بيسيلس ڪن ڪائي بہ چيو وڃي ٿو. ھي بيڪيٽيريا قوت مدافعت وڌائڻ سان گڏ جراثيمن سان وڙھڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

⏪(29) رﺕ ﭠﺎھيندڙ :-
◀ﻣﺎﮐﻲﺀَ ۾ فولاد ٿئي ٿو جيڪو ﺭﺕ ﺟﻲ ﺧﺎﺹ ﻣﺮڪﺐ ”ﻫﻴﻤﻮﮔﻠﻮﺑﻦ“ ﭘﻴﺪﺍ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ﻃﺎﻗﺖ رکي ٿو . ﺟﺴﻢ ۾ ﻧﺌﻴﻦ ﺭﺕ ﭠﺎﻫﮡ ﻻﺀِ ﻣﺎﮐﻲﺀَ جو چمچو پاڻي سان روز پيئڻ کپي.

⏪(30) اﮎ ﺍﭤﻠﮡ لاء :-
◀ﻣﺎﮐﻲ ۽ عرق گلاب ھم وزن ملائي ڊراپر ۾ رکجي.
◀2 ﭰڙﺍ ﺍﭤﻴﻞ ﺍﮎ ۾ ﻫﺮ ﺭﻭﺯ وجهجن.

⏪(31) ڪينسر روڪ :-
◀ماکي ۾ اھڙا فليونائيڊ ۽ دافع تڪسيد پاتا وڃن ٿا جيڪي ڪجھ ڪينسرن ۽ دل جي ڪيترن بيمارين جي امڪانن کي ختم ڪن ٿا.

⏪(32) ذﻫﻨﻲ ۽ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﭤڪ ﻻﻫﮡ ﻻﺀِ :-
◀ڪم ڪار ڪرڻ کان پوء ماکي ٿڪ لاھڻ ۽ توانائي ڏيڻ جو بھترين ذريعو آھي. ڪﻨﻬﻦ بہ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺫﻫﻨﻲ ﻳﺎ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﭘﺎﮢﻲﺀَ ﺟﻲ ﻫڪ ﮔﻼﺱ ۾ ﻣﺎﮐﻲﺀَ جو ﭼﻤﭽو وجهي ﭼﮝﻲﺀَ ﻃﺮﺡ ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﺳﺎﻥ ﭤڪ ﻟﻬﻲ ﻭڃي ٿو.

⏪(33) مدﻱ ﺟﻲ ﺗﭗ ﻻﺀِ :-
◀ﻣﺪﻱ ﺟﻲ ﺗﭗ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺎﮢﻬﻮﺀَ ﮐﻲ ﺟﻴﺘﺮﺍ ﺩﻓﻌﺎ بہ ﮐﻴﺮ ﭘﻴﺎﺭﮢﻮ ﻫﺠﻲ، ﻫﺮ ﺩﻓﻌﻲ نيم گرم پاڻيء ۾ ﻣﺎﮐﻲﺀَ جو ﭼﻤﭽو ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻴﺎﺭجي.

⏪(34) صحت ﺑﺨﺶ ﺧﻮﺭﺍڪ :-
◀ﻧﻴﺮﻥ ۾ ماني سان ﻣﺎﮐﻲ ﮐﺎﺋﮡ سان ﺁﻧڊﻥ ﺗﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﺳﭡﻮ ﺍﺛﺮ ﭘﻮﻱ ﭤﻮ جنھن ڪﺮﻱ ﺗﻨﺪﺭﺳﺘﻲ ﻗﺎﺋﻢ ﺭﻫﻲ ٿي.

⏪(35) ھاضمي جي نظام کي تيز ڪندڙ :-
◀ماکي  پرھاضم ٿئي ٿي ۽ کاڌي ھضم پيدا ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿي ۔ ريح کي خارج ڪري ٿي ۽ معدي ۾ تيزابيت جي اثر کي بي اثر ڪري ٿي. کاڌي کائڻ کان پوء ماکي جو استعمال جسم کي آرامدھ ڪري ٿو.
◀ماکي چمچو ۔ پاڻي گلاس ۽ ليمو ھڪ نپوڙي گلاس ۾ وجهي پاڻي ۽ ماکي ملائي پيئجي. ھاضمي جي نظام کي بي حد فائدو پھچندو.

⏪(36) اڌ مٿي جي سور لاء :-
◀اڌ مٿي جي سور ۾ ماکي مفيد آھي. ھي سور سور سج اڀرڻ کان پوء شروع ٿي وڃي ٿو ۽ سج لھڻ کان پوء گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو. جنھن طرف ھي سور پوندو آھي ان طرف جي اک ڳاڙھي ٿي وڃي ٿي.
◀ماکي جي ھڪ بوند مٿي جي سور واري مخالف نڪ جي ناس ۾ وجهجي. فورن آرام اچي ويندو.

⏪(37) اکين جي درد لاء :-
◀اکين جي درد لاء ماکي ۽ بصر جو پاڻي ھم وزن ملائي ڊراپر ۾ رکجي.
◀2 قطرا اکين ۾ وجهجن.

⏪(38) ھڏڪي لاء :-
◀ھڏڪي انتھائي تڪليفدھ ٿئي ٿي ڪافي دفعا بيھڻ جو نالو نہ وٺندي آھي.
◀مور جي کنڀن کي جلائي رکجي.
◀مور جي راک رتي ماکي ملائي چٽجي.
◀ھڏڪي رڪجي ويندي.

⏪(39) قئي لاء :-
◀جيڪڏھن قئي اچي تہ ھي نسخو استعمال ڪجي.
◀ناڙو خشڪ ڪاٺي تولو
◀پاڻي        گلاس
◀پاڻي ۾ ناڙو وجهي ڪاڙھجي اڌ بچي تہ ڇاڻجي. ان ۾ ماکي چمچو وجهي پيئجي.
◀آرام اچي ويندو.

⏪(40) ڌنڌ ۔ ڦلي ۽ تيز نظر لاء :-
◀ماکي اکين جي بصارت لاء مفيد آھي. ماکي ۾ موجود وٽامن سي اکين کي ڪافي مرضن کان بچائي ٿي.
بصر جو          تولو
ماکي              تولو
موري جو پاڻي تولو
ٽئي ملائي ڊراپر ۾ رکجن.
◀روز 2 ڦڙا اکين ۾ وجهجن.
◀اکين جي ڌنڌ ختم ٿيندي ۔ ڦلو لھڻ لڳندو ۔ نظر تيز ٿيندي ۽ شب ڪوري واري کي فائدو پھچندو.
◀نوٽ :- ھي محلول رکئي خراب ٿي وڃي تہ استعمال نہ ڪجي ۽ وري نئين سر ٺاھجي.

⏪نوٽ :-
⏪ھميشہ تسلي جوڳي ماکي وٺجي ۽ نقلي ماکي کي استعمال نہ ڪجي.
⏪ڪڏھن بہ ماکي اڪيلي طور اکين ۾ نہ وجهجي ڇوجو ماکي جي گهاٽاڻ اکين کي نقصان ڏيئي سگهي ٿي.
By Asghar Sagar
https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1068781729942921&id=649790728508692

Wednesday, 23 January 2019

آسماني بجلي Lightning تحرير:- ذيشان جوڻيجو

MyDairyAsgharSagar
آسماني بجلي  Lightning
تحرير:- ذيشان جوڻيجو
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
آسماني بجلي Lightning ان وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن بادل ۽ تيز هوائون پاڻ ۾ رڳڙبا آهن، آسماني بجلي (کنوڻ) ۾ ڪروڙين وولٽ ۽ ڪروڙين ايمپيئر ڪرنٽ هوندو آهي. اگر ڪو شخص يا ڪا شئي ، مثال طور ڪا عمارت يا ڪو وڻ وغيره ان جڳھ جي مناسبت سان سڀ کان اوچو هجي تہ آسماني بجلي (کنوڻ) ان تي ڪري زمين ۾ هلي ويندي آهي۔ زمين ۾ بہ منفي يا مثبت چارج   Positive or negative charge  هوندا آهن تنھن ڪري ئي آسماني بجلي ان چارج طرف جهپٽندي آهي ۽ زمين ۾ هلي ويندي آهي.
وولٽيج ۽ ميگا ايمپيئرن جي سبب آسماني بجلي پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هوائن کي Ionize ڪندي آهي، جنھن جي ڪري هوا ۾ ان جو سبب ممڪن ٿيندو آهي.
مسلسل وڌندڙ درجہ حرارت زميني ماحول لاء سڀ کان وڏو خطرو آهي. ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ زمين جي گرمي ۾ اضافو ۔ قدرتي آفتن جي تعداد ۽ شدتن ۾ اضافي جو سبب بہ بڻجي ٿو۔
حال ۾ ٿيل تحقيقن مطابق ماحولياتي تبديلن جي باعث مستقبل قريب ۾ آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن ۾ اصافو ٿيندو۔ آمريڪي ماهرين جي مطابق 2100 عيسوي تائين آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن ۾ 35 سيڪڙو تائين واڌ اچي ويندي.وڌيڪ بجلي ڪرڻ سان ماحول جي Constituent elements ۾ بہ تبديلي اچي ويندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
درجہ حرارت ۽ بجلي جي طوفانن جي باهمي تعلقات کي سمجهڻ لاء ماهرن هڪ نئون طريقو اپنايو آهي جنھن ۾ بجلي جي بادلن کي متحرڪ ڪرڻ واري گرم توانائي جي ٻارڻ جي پيمائش ڪري سگهجي ٿي۔ عالمي درجہ حرارت ۾ هر هڪ ڊگري اضافي سان آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن جي شرح  12 سيڪڙو کان وڌي ويندي.
جڏهن بہ آسماني بجلي ڪرندي آهي تہ هڪ ڪيميائي رد عمل جي ذريعي نائٽروجن آڪسائيڊ گيس خارج ٿيندي آهي، انجو شمار گرين هائوس گيسن ۾ ٿيندو آهي جنھن سان ماحول کي سنگين خطرولاحق آهي.
آسماني بجلي هڪ اهڙو مظھرِ فطرت آهي جنھن تي انسان جو ڪوبہ ضابطو ڪونهي پر ان کان بچاءجون ڪجھ تدبيرون ڪري سگهجن ٿيون. زمين تي صرف پنھنجي پيرن جا پنجا رکو ۽ کڙين کي زمين کان مٿي ڪري پاڻ ۾ملايو، اگر آسماني بجلي اوهان جي ويجهو ڪري ٿي تہ ان صورت ۾ اها هڪ پير مان داخل ٿي ٻئي پير مان واپس زمين ۾ هلي ويندي ۽ جسم ۾ داخل نہ ٿيندي. ان ڳالھ جي پڪ ڪيو تہ اوهان جي آسپاس يا اوهان کي اهڙي ڪا شي نہ ڇھندي هجي جنهن مان ڪرنٽ پاس ٿي سگهي جيئن لوھ ۔  ٽرامي جي تار وغيره يا ڪنھن بہ ڌاتو مان ٺھيل ڪا بہ شي. 
اگر اوهين کليل آسمان جي هيٺان بيٺا آهيو ۽ جسم ۾ ڪنڊا چڀندي محسوس ٿين يا جسم جا وار اڀا ٿي وڃن تہ خبردار رهجو. اوهان جي آسپاس ڪٿي آسماني بجلي ڪرڻ واري هوندي، پيرن جي ڀر زمين تي ويھي رهو ۽ پنهنجي هٿن سان ڪنن کي بند ڪيو، جيئن بجلي جي ڌماڪي سان ڪنن کي نقصان نہ ٿئي۔۔۔

Tuesday, 22 January 2019

اسٽيفن ھاڪنگ | StephenHawking اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
Stephen Hawking A greatest and A Humanity Lover Scientist.
اسٽيفن ھاڪنگ ھڪ عظيم ترين ۽ انسان سان پيار ڪندڙ سائنسدان.
"اصغر ساگر"
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
"اگر مان معذوري باوجود ڪامياب ٿي وڃان ٿو، اگر مان ميڊيڪل سائنس کي شڪست ڏيئي سگهان ٿو، جيڪڏھن مان موت جو رستو روڪي سگهان ٿو تہ توھان سڀني ماڻهن جا عضوا سلامت آھن، جيڪي ھلي سگهن ٿا، جيڪي ٻنهي ھٿن سان ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ پنھنجي خيالن کي ٻين تائين پھچائي سگهن ٿا اھي ڇو مايوس آھن."
ھي لفظ اسٽيفن ھاڪنگ تڏھن چيا جڏھن ھن کي خطرناڪ بيماري اي ايل ايس لاحق ٿي - اھڙي بيماري جا لاعلاج آھي. ڊاڪٽرن مطابق اسٽيفن ھاڪنگ چند ڏينھن جو مھمان آھي ۽ وڌ ۾ وڌ چند مھينن تائين جيئي سگهي ٿو. ھن بيماري جا شڪار صرف 5 فيصد ماڻھو ڏھن سالن کان وڌيڪ زيادھ عرصو جئي نٿا سگهن. گهڻو تڻو ماڻهو ھن بيماري جي تشخيص بعد چند سالن ۾ مري وڃن ٿا. دنيا جو نالي وارو سائنسدان برطانوي ماھر طبيعات آئين اسٽائن ثاني اسٽيفن ھاڪنگ اھڙن ماڻهن جي سرفھرست ۾ آھي جنھن پنھنجي معذوري کي مجبوري نہ بنايو. ان وقت اسٽيفن ھاڪنگ جي عمر 22 سال ھئي ۽ ھن 76 سالن تائين جيئي ميڊيڪل سائنس جي ڪٿ کي شڪست ڏني. ھن ڄاتو پئي تہ اڳيان موت آھي ۽ ھنجي بيماري لاعلاج ۽ خطرناڪ آھي ان وقت ھي پنھنجي مسلسل درد تڪليفن ڀوڳنائن تان نظر ڦيري انسانيت جي لاء گهڻو ڪجھ ڪرڻ چاھي ٿو ۽ انسانن لاء عظيم سونھون بنجي اڳيان اڀري اچي ٿو.  موت ھن جي اڳيان منڊلائي ٿو ھي پنھنجي عزم کي اڃان اٽل اڏول بنائي ٿو - ھي پنھنجو وجود موت جي وادي ۾ گهرڪندي ڏسي ٿو اتي ھي پنھنجي سوچن کي مضبوط ترين بنائي پنھنجي بيوس جسم جي بيساکي کي وساري خيالن جي سونھين دنيا اڏي ٿو.
"I am not afraid of death. But I am in no hurry to die. I have so much I have to do first.
مان موت کان خوفزدھ ناھيان. پر مون کي مرڻ جي ڪابہ تڪڙ ناھي. مون وٽ گهڻو ڪجھ آھي جيڪو مون کي پھرين ڪرڻو آھي."
اڳيان موت کي ڏسندي جيئڻ جو اتساھ ڀرڻ عظيم ماڻھن جو ڪم آھي. پنھنجي وجود کي موت جو مھمان ڏسندي انسان جي فلاح لاء ڪم ڪرڻ وڏي ڪٿ آھي. ان سان گڏ اھي ماڻھو جن جا عضوا سلامت آھن انهن کي پنھنجي مثال سان سمجهائي کين جھد جاکوڙ جي تلقين ڪري ٿو - ھن جا ٻئي ھٿ ڪم نٿا ڪن پر تنھن ھوندي بہ ھن اکين جي پلڪن سان دنيا جا شاھڪار ڪتاب لکيا ۽ دنيا وارن کي ھٿ پيرن سان سڄو چئي انهن کان اڃان وڌيڪ ڪم جي اميد رکي ٿو. 
ھن آديسي ماڻھو جي جوش ولولي جذبي کي ڏسي شاھ عبداللطيف جو بيت ڪنھن فقير واتان ور ور وراڪا کائي آسمان جي بلندين کي ڇھڻ لڳي ٿو.
اندر جنين اڌ ڏونگر سي ئي ڏورينديون.
اسٽيفن ھاڪنگ 8 جنوري تي پيدا ٿيو. ھي گيليلو جي موت جو ڏينھن ھيو. ھاڪنگ جي وفات 14 مارچ تي ٿي جيڪو آئن اسٽائن جي جنم جي تاريخ آھي. ھي جيترو بہ عرصو زندھ رھيو اھو ڪنھن معجزي کان گھٽ ناھي. ھن دنيا جي تخليق جو حل عدم ۾ پائي The Grand Design کي ڏسڻ لاء پرلوڪ پڌاريو. ھڪ ڳالھ جابجا آھي تہ مغربي ملڪن ۾ فلسفي ۽ سائنس تي ڪم ٿي رھيو آھي جڏھن تہ مشرق اڃان پراڻپسندي کي چچڙ وانگر چنبڙيو پيو آھي. مغرب جيئن تيئن عھد ارتقا جي راھ تي گامزن ٿي جدتن کي مرقوم ڪري رھيو آھي. Cern انهن جي ايجاد آھي انهن ئي God Particle جي جوڙ کي جڙت ڏني آھي.
چار سو سالن جي عرصي ۾ مغرب ايترا فلسفي پيدا ڪيا آھن جو انھي عرصي ۾ مشرق صرف 10 سيڪڙو فلسفي پيدا ڪيا تن تي بہ ڪفر جون فتوائون لڳيون - کين مختلف قسمن جون سزائون مليون جڏھن تہ مغرب جي فلسفين کي ھمت افزائي ملي ۽ اتان جي ماحول انهن جي نت نئين نظريي کي سرجڻ ۾ تقويت ڏني. مشرق جي فلسفين تي تنقيد جا پھاڙ ڪيرايا ويا جڏھن تہ مغرب جي فلسفين ماحول دوست معاشرو ھئڻ ڪري پنھنجي سماج جي ذھنن ۾ انقلابي سوچ جي آبياري ڪئي.
اسٽيفن ھاڪنگ انهن ماڻهن جو مذاق اڏائيندو ھيو جيڪي عقيدت جا قائل ھيا ۽ تقدير جي جبر جا پوئلڳ ھيا. ھن جو چوڻ ھيو تہ جيڪي ماڻھو ھن ڳالھ کي مڃن ٿا تہ جو ٿيڻو آھي سو ٿي رھندو اھي بہ رستو پار ڪرڻ کان پھرين ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسن ٿا.
اسٽيفن ھاڪنگ جي سوچ پروڙ ۽ سوالن جو مرڪز ڪائنات رھي. ازل ڇاھي - ابد ڇاھي - کربين سال اڳ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي - وقت ڪائنات سان گڏ وجود ۾ آيو يا ڪائنات کان پھرين ھيو. ھي اھي سوال ھيا جن اسٽيفن ھاڪنگ جي تجسس کي وڌايو ۽ ڪائنات کي سمجهڻ ۾ مدد ڏني. اسٽيفن ھاڪنگ عقليت کي ترجيح ڏني ۽ ھر شي عقل جي اک سان ڏٺو ۽ پروڙيو پرکيو.
ھاڪنگ ڪائنات جي پوشيدھ اسرارن کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين چوڻ بھتر ٿيندو تہ ھن آئنسٽائن جي نامڪمل ڪم کي مڪمل ڪيو. ھن جي وڃڻ کانپوء ھن جي ڪيل ڪم تي ڪافي سائنسدان ڪم ڪري رھيا آھن ۽ ھنجي نقش قدم تي ھلي رھيا آھن.
اسٽيفن ھاڪنگ کي غيرمعمولي ذھانت جي ڪري اڄ آئن اسٽائن جو ھم مٽ سائنسدان قرار ڏنو وڃي ٿو پيو. ھن عظيم سائنسدان ڪائنات ۾ ھڪ اھڙو بليڪ ھول دريافت ڪيو جنھن مان روزانو نوان سيارا جنم وٺن ٿا، ان بليڪ ھول مان اھڙا شعاع خارج ٿين ٿا جيڪي ڪائنات ۾ وڏين تبديلين جو سبب بنجن ٿا. انهن شعاعن کي اسٽيفن ھاڪنگ جي نالي جي مناسبت سان ھاڪنگ ريڊيئيشن Halking radiations سڏيو وڃي ٿو.
ھاڪنگ فزڪس ۽ رياضي ۾ اعلا پائي جو ذھن رکندڙ ھيو. وڏا وڏا سائنسدان ھن جي سائنسي ڪارنامن تي حيرتزدھ ھئا. عظيم ڪم ۽ عظيم نالو اسٽيفن جي زندگي جو ھڪ نمايان پھلو ھيو، ان جي زندگي جو ھڪ منفرد نمايان ۽ المناڪ پھلو ھن جي عجيب بيماري ھئي. ھي ايم ايس سي تائين وچولي درجي جو شاگرد - سائيڪلنگ - فٽ بال ۽ ڪشتي راني جو شوقين ھو. روزانو 5 ڪلوميٽر ڊوڙ ھن جو معمول ھئي. 1963ع ۾ جڏھن ھي ڪيمبرج يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪري رھيو ھو تہ ھن جو پير ڏاڪڻ تان ترڪي پيو. طبي معائني کانپوء پتو پيو تہ ھي پيچيدھ بيماري موٽر نيوران ڊزيز ۾ مبتلا ٿي ويو آھي.
طبي زبان ۾ اي ايل ايس سڏي وڃڻ واري ھي بيماري دل کي متاثر ڪري ٿي. دل جا ننڍڙا عضوا جسم جي مختلف فعلن تي ڪنٽرول ڪن ٿا. ھن بيماري جي تشخيص کان پھرين سائنسدان صرف دماغ کي جسم جو مالڪ تصور ڪندا ھئا. 20 صدي جي آغاز ۾ اي ايل ايس جو پھريون مريض سامهون آيو تہ پتو پيو تہ جسماني سرگرمين جو مرڪز صرف دماغ نہ پر دل بہ آھي.
دل جا عضلات موٽر سڏجن ٿا. اگر ھي موٽر مرڻ شروع ٿي وڃن تہ جسم جا تمام عضوا ھڪ ھڪ ٿي ساٿ ڇڏڻ شروع ڪن ٿا. انسان خود کي آھستي آھستي موت جي وادي ۾ اترندي محسوس ڪري ٿو. اي ايل ايس جي مريض جي زندگي ٻن کان ٽن سالن جي مھمان ٿئي ٿي. ان جو علاج اڃان تائين دريافت ٿي ناھي سگهيو.
 ھاڪنگ 21 سالن جي عمر ۾ ان بيماري جو شڪار ٿيو. پھرين آڱريون مفلوج ٿيون - پوء ھٿ - پوء ٻانھن - پوء ڪارايون - پوء ڌڙ - پوء ٽنگون - ۽ آخر ۾ زبان ساٿ ڇڏي ڏنو. 1965ع تائين ويل چيئر تائين محدود ٿي ويو. ان کان پوء ان جي چيلھ ساڄي کاٻي پاسي کان مڙڻ کان لاچار ٿي وئي. ھو خوراڪ ۽ واش روم ۾ وڃڻ لاء ٻين جو محتاج ٿي ويو. ھلي سارو جسم مفلوج ٿي ويو. سڄي جسم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. صرف پلڪن ۾ زندگي جي جرڪ رمق باقي رھي جي ھائو صرف پلڪن کي ھلائي سگهيو پئي.
طبي ماھرن 1974ع ۾ ھاڪنگ جي علاج کي الوداع چئي ھن کي لاعلاج قرار ڏنو ليڪن ھن عظيم انسان شڪست تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
جھڙي اميد ھئي ائين ٿيو بيماري آھستي آھستي ھن جي ھٿن - پيرن - ۽ زبان کي مفلوج ڪري ڇڏيو پر ھن جي بيماري جي شرح جي رفتار سست بہ ھئي جيتري ڊاڪٽرن کي اميد ھئي. ان ڪري ايتري عرصي ۾ ھن ڪيئي مرحلا عبور ڪيا. ھي ٽن ٻارن جو پي ٿي ويو. ھاڻي ڏاڏو بہ بنجي ويو آھي.. ويل چيئر تي ھن جي چيلھ کي چرپر ڪرائڻ لاء ۽ خوراڪ ۽۽ بنيادي ضررتن جي پورائي لاء ھو ھڪ نرس جو محتاج ھيو. نرس جي خدمت کي ڏسندي ھن پنھنجي پھرين زال کي طلاق ڏني ۽ چئن سالن کان پوء ان نرس سان شادي ڪئي. اسٽيفن ھاڪنگ کي پھرين زال مان ٽي ٻار پيدا ٿيا جن ۾ لڪي - رابرٽ ۽ وليم شامل آھن. ھن کي پنھنجي ڌي سان ڏاڍو پيار ھوندو ھيو ان ڪري ھن ٻارن جي لاء آسان فزڪس ۾ ڪھاڻيون مرتب ڪيون.
مفلوج جڏي جسم سان گڏ اسٽيفن پنھنجي نيم مئل پلڪن تي ئي زندھ رھڻ - اڳتي وڌڻ - عظيم سائنسدان ٿيڻ جو خواب ڏٺو. ويل چيئر تي ويھي ھن شخص ڪائنات جا راز کوليا تہ دنيا حيران ٿي وئي. ڪيمبرج جي سائبر ماھرن ھاڪنگ جي لاء ڳالهائڻو ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو. ڪمپيوٽر ويل چيئر تي لڳايو ويو. ھن  ڪمپيوٽر ھاڪنگ جي پلڪن جي زبان سمجهي پئي. اسٽيفن پنھنجا خيال پلڪن سان ڪمپيوٽر تي منتقل ڪري ٿو. خاص زاويي - توازن ۽ رڌم سان ھلندڙ پلڪ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي لفظ ٽائپ ڪندا وڃن ٿا گڏ گڏ اسپيڪر بہ لفظ بہ نشر ڪندو وڃي ٿو. اسٽيفن ھاڪنگ واحد انسان آھي جيڪو پلڪن سان ڳالهائي ٿو ۽ دنيا ٻڌي ٿي.
اسٽيفن پلڪن ذريعي ذريعي بي شمار ڪتاب لکيا ڪوانٽم گريوٽي - ڪاسمولاجي ڪائناتي سائنس کي نئون فلسفو نئين زبان ڏني. ھن جي ڪتاب اي بريف ھسٽري آف ٽائيم سڄي دنيا ۾ مشھوري مچائي ڇڏي. ھي ڪتاب 237 ھفتا بيسٽ سيلر رھيو جنھن کي ادبي شاھڪار وانگر خريد ڪيو ويو ۽ پڙھيو ويو.
ھاڪنگ 1990ع ۾ جي ڏھائي ۾ منفرد ڪم شروع ڪيو.مايوس ماڻهن کي زندگي جي خوبصورتي تي ليڪچر ڏيڻ لڳو. دنيا جي وڏين وڏين ڪمپنين - ادارن ۽ فرمن اسٽيفن کان خدمت حاصل ڪرڻ شروع ڪيون. معذورن کي ويل چيئرن تي ويھاري ۽ ٻين ھزارن ماڻھن کي ھي ڪمپيوٽر تي پلڪن ذريعي ماڻهن سان مخاطب ٿئي ٿو. اپاھج ۽ جڏو ھوندي پنھنجي تڪليفن کي فراموش ڪري سڀني ماڻهن کي اتساھ ڀريو سبق ڏئي ٿو ۽ ان سبق ۾ تلقين بہ نظر اچي ٿي تہ ان سان گڏ ھماليہ جيڏو حوصلو بہ.
"اگر مان معذوري باوجود ڪامياب ٿي وڃان ٿو، اگر مان ميڊيڪل سائنس شڪست ڏيئي سگهان ٿو، جيڪڏھن مان موت جو رستو روڪي سگهان ٿو تہ توھان سڀني ماڻهن جا عضوا سلامت آھن، جيڪي ھلي سگهن ٿا، جيڪي ٻنهي ھٿن سان ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ پنھنجي خيالن کي ٻين تائين پھچائي سگهن ٿا اھي ڇو مايوس آھن."
بنا ڪنھن شڪ جي آئن اسٽائن ۽ اسٽيفن ھاڪنگ جو نالو بھترين سائنسدانن جي مٿين فھرست ۾ اچي ٿو. اسان لاء اھا وڏي خوشي جي ڳالھ آھي تہ اسان اسٽيفن ھاڪنگ جي عھد ۾ جئي رھيا آھيون. اسٽيفن ھاڪنگ جو تعلق تمام غريب گهراڻي سان ھيو ايتريقدر جو ھڪ وقت اھڙو آيو جو ھن جي والدين وٽ في ڀرڻ لاء پيسا ڪونہ ھيا جنھن ڪري ھاڪنگ ٻين شاگردن جي بنسبت سٺو شاگرد بڻجي نہ پايو. جيتوڻيڪ اسٽيفن ميڊيڪل جي شعبي سان وابستہ ھيو جڏھن تہ ھن رياضيدان بنجڻ پئي چاھيو. 70 سال پھرين رياضيدان بنجڻ وارن کي نوڪريون نہ ملنديون ھيون ان ڪري ھاڪنگ جڏھن وڏو ٿيو تہ ان جي والد علم طب پڙھڻ لاء زور وڌو مگر ھن رياضي ۽ فزڪس طرف پنھنجو رجحان برقرار رکيو. ھن جي ڪلاس جا شاگرد ھن کي آئن اسٽائن چئي پڪاريندا ھيا مگر ان وقت ڪنھن کي بہ معلوم نہ ھيو تہ ھي اڳتي ھلي آئن اسٽائن ثاني ثابت ٿيندو.
1959ع تائين اسٽيفن پنھنجي ڪاليج جي پڙھائي پوري ڪئي ۽ 1962ع ۾ نيچرل سائنس ۾  (B.A (Hons جي ڊگري مڪمل ڪئي. ياد رھي تہ گريجوئيشن تائين اسٽيفن جي متعلق ھي مشھور ھيو تہ اسٽيفن نالائق ۽ سست شاگرد آھي. ايتري ۾ اسٽيفن 21 سالن جي عمر جي ڏاڪي تي پھچي ويو. ھڪ ڏينھن ڪاليج ۾ تقرير دوران ڪري پيو ان جا والد پريشان ٿي ويا ۽ ڊاڪٽرن وٽ معائني لاء وٺي ويا تہ معلوم ٿيو تہ اسٽيفن ھاڪنگ ھڪ لاعلاج بيماري جو شڪار ٿي چڪو آھي. ڊاڪٽرن مطابق اڳين ٻن سالن ۾ ھي مري ويندو.
ھي اھا بيماري آھي جنھن ۾ مريض جا عضوا ھڪ ھڪ ٿي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ آخرڪار مريض مري وڃي ٿو. وقت سان گڏ ھاڪنگ تي بيماري جو گھرو اثر پوندو ويو. ھن منڊڪائي بہ ھلڻ شروع ڪيو. ھن تمام صورتحال ھاڪنگ کي شديد ڌچڪو پھچايو. ھن بار بار دنيا کان ڪناراڪشي ڪري موت جي انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر ان دوران ھن جي استاد ۽ مارڊرن ڪاسمولاجي جي باني ڊينس وليم ھن کي ھمت ڏياري ۽ علمي ميدان ۾ ھن کي واپس وٺي آيو ۽ ھي ئي بيماري ھن جي اتساھ ۽ ڪاميابي جو سبب بني. ھن جي ڪوشش ھئي تہ مرڻ کان پھرين ھي نظريہ اضافت جي باري ۾ مسئلن کي حل ڪري. ھن 1964 جي وچ ۾ علمي ميدان ۾ واپس اچي پنھنجي پسنديدھ سائنسدان فريڊ ھائل جي سائنسي نظرين مان غلطيون ڪڍيون پھريون ڀيرو ھن کي ڀرپور پذيرائي ملي.
ھي اھو دور ھيو جڏھن بليڪ ھول ۽ بگ بينگ متعلق نظريا جھڙوڪر مفروضا ھيا. ڪاسمڪ بيڪ گرائونڊ ريڊيئيشن دريافت ٿي چڪي ھئي ۽ فزڪس ۾ نوان نوان ذرا دريافت ٿيڻ لڳا ھئا. ان دوران اسٽيفن بلئڪ ھول ۽ بگ بئنگ تي تحقيق ڪرڻ جو سوچيو ۽ مقالو Thesis لکيو جو 1966 ۾ منظور ٿيو جنھن کانپوء پروفيسر اسٽيفن ھاڪنگ 24 سالن جي عمر ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. مٿئين مقالي کي 2017ع ۾ جڏھن انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويو تہ تقريبن ھڪ ڏينھن ۾ ھڪ لک ماڻهن ان کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ويبسائيٽ تي تمام گهڻو لوڊ پئجي ويو جو ويبسائيٽ کي جام ٿيڻو پيو. ھي واقعو عالمي خبرن جي زينت بنيو. تقريبن 4 سال آئن اسٽائن جي نظريي اضافت تي تحقيق ڪري اسٽيفن ھاڪنگ ثابت ڪيو تہ جي نظريي اضافت جا قانون ڪائنات تي لاڳو ڪيا وڃن تہ يقيني طور تي ڪائنات جو آغاز ھڪ نقطي  Singularity کان شروع ٿيو  ڇوجو بلئڪ ھول ۾ بہ سنگيولرٽي ٿئي ٿي. ائين ان کان پوء اسٽيفن جي تحقيق جو رخ بلئڪ ھول طرف ٿي ويو ۽ ھن بلئڪ ھول جي باري ۾ ڪافي قابل قبول واضح انڪشاف ڪيا جنھن کي سڄي دنيا تسليم ڪيو ۽ ساراھيو. 1973ع ۾ ھن جو جڳ مشھور ڪتاب
 "The Large scale structure of  space time
شايع ٿيو.
ھن ڪتاب کانپوء ھاڪنگ ڪوانٽم فزڪس جي ميدان ۾ تحقيق جو آغاز ڪيو. ھن دوران تحقيق ڪندي ھاڪنگ کي معلوم ٿيو تہ فزڪس جي اصولن تحت بلئڪ ھول ۾ ويندڙ شين مان شعاعن جو اخراج ٿيڻ کپي. ھاڪنگ دعوا ڪئي تہ بلئڪ ھول مان ھر وقت Radiations جو اخراج ٿيندو رھي ٿو. انهن Radiations کي شروع ۾ سائنسدانن اھميت نہ ڏني مگر ھاڪنگ جي دريافت بعد فزڪس جي دنيا ۾ تھلڪو مچي ويو. اڄ بہ اسان انهن Radiations کي ھاڪنگ ريڊيئيشن جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ان کان پوء اسٽيفن تي انعامن ۽ ميڊلن جي بارش شروع ٿي وئي. ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلن تي ھن جا انٽرويو نشر ٿيڻ شروع ٿي ويا.1980 جي ڏھائي ۾ اسٽيفن ھاڪنگ ڪائنات جي آغاز تي تحقيق شروع ڪئي ۽ بگ بينگ کي ھڪ بار وري پنھنجي تحقيق جو موضوع بنايو جنھن جو نتيجو ھي حاصل ڪيو تہ ڪائنات جي آغاز سان ڪائنات کان پھرين وقت نہ ھيو ان ڪري اسان اھو ٻڌائي نٿا سگهون تہ ان کان پھرين ڇا ھيو. 1985 کان پوء ھاڪنگ کان ڳالهائڻ جي طاقت بہ کسجي وئي ۽ ھاڻي ھو لفظن ڳالهائڻ جي قابل نہ رھيو. موت ھن جي ويجهو اچي رھيو ھو جنھن ڪري اسٽيفن مقالا لکڻ بجاء اھڙي ڪتاب تي لکڻ جو سوچيو جنھن ۾ ڪائنات جي اسرارن ۽ رمزن کي انتھائي آسان انداز ۾ سمجهايو وڃي تہ جيئن عوام ڪائنات جي ڳجهن کي سمجهي سگهي. 1988 ۾ ھاڪنگ پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب A brief history of time لکيو جنھن جون ھڪ ئي وقت 90 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون. ان کان پوء ڪتابن جي شوقينن پنھنجي طرفان ھن ڪتاب کي دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ڪيو. ھن ڪتاب کي 1992ع ۾ ڊاڪيومينٽري جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. 1997ع ۾ اسٽيفن ھاڪنگ جي 6 حصن تي مشتمل ٽي وي سيريز بہ آن ايئر ڪئي وئي. ان کان پوء ھاڪنگ 2001ع ۾ ھڪ جڳ مشھور ڪتاب  The universe in a nut  shell
لکيو. ان کان پوء 2005 ۾ A brief history of tiime لکيو. ان کان پوء رياضي جي دنيا ۾ مشھوري مچائيندڙ ڪتاب  "God created the integers" لکيو. ھاڪنگ کي دنيا ڀر جي يونيورسٽين ۾ مدعو ڪيو وڃڻ لڳو. 2007 ۾ اسٽيفن ھاڪنگ کي خصوصي طور تي زيرو گريوٽي فلائيٽ ۾ آندو ويو جتي ان کي معذور جي حيثيت ۾ ڪشش ثقل جي آزاد ماحول جو تجربو ڪرڻ جو اعزاز مليو. اسٽيفن ھاڪنگ ھگز بوسون نالي ذرن کي تسليم نہ ڪندو ھيو مگر بعد ۾ جولاء 2012ع ۾ سرن ليباريٽري ۾ ان جو وجود ثابت ٿيو جنھن تي اسٽيفن پنھنجي شڪست تسليم ڪندي بگز ھوسون جي باري ۾ پھرين پيشنگوئي پيش ڪندڙ سائنسدان کي نوبل پرائيز ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. دنيا ڀر جي ملڪن ھاڪنگ کي اعلا اعزازن سان نوازيو. ڪيترن ئي ملڪن جي عمارتن جا نالا ھن جي نالي سان منسوب ڪيا ويا ڇوجو اسٽيفن وقت ۾ سفر ڪرڻ جو ناقد ھيو، ان خاطر 28 جون 2009ع ۾ پنھنجي گهر ھڪ Time traveller پارٽي رکي ۽ ان جو اجلاس اڳئين ڏينھن 29 جون 2009 تي ڪيو تہ ڪلھ رات مون ٽائيم ٽريول جي پارٽي رکي ھئي جنھن ۾ ڪنھن بہ شرڪت نہ ڪئي. ان جو مطلب آھي تہ انسان ڪڏھن بہ ماضي ۾ سفر نہ ڪري پائيندو ڇوجو جيڪڏھن مستقبل ۾ وقت ۾ سفر ڪرڻ ممڪن ھجي ھا تہ ڪو نڪو ٽائيم ٽريولر ان پارٽي ۾ لازمي اچي ھا. 2015 ۽ 2017ع ۾ اسٽيفن ھاڪنگ خلائي مخلوق جي باري ۾ زبردست تحقيق ڪئي ۽ وصيت بہ ڪئي تہ ھن ڪائنات ۾ ڪا ٻي مخلوق لازمي طور تي موجود آھي مگر انسانن کي انهن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪرڻ کپي جيڪڏھن خلائي مخلوق ٿوري بہ انسان کان زيادھ ترقي يافتہ آھي تہ اھا زمين تي قبضو ڪري انسان جي زندگي کي تباھ برباد ڪري سگهي ٿي بلڪل ائين جيئن ڪولمبس جي آمريڪا دريافت ڪرڻ کانپوء آمريڪين کي سخت تڪليفن سان منھن ڏيڻو پيو. شروع ۾ اسٽيفن ھاڪنگ جي جڏھن ڳالهائڻ واري صلاحيت ختم ٿي تہ ھي آڱرين جي ذريعي لفظن جي چونڊ ڪري تقرير ڪندو ھو  مگر 2005ع ۾ ھن جي آڱرين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو تہ Intel جي ماھرن ھن جي ڳلن جي حرڪت ذريعي لفظ تحقيق ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ تقرير ڪرڻ لاء ھن جي ڳلن کي لوڏي لفظن جي چونڊ ڪندا ھئا ڇوجو ھي ويل چيئر پاڻ بہ ھلائي نہ سگهندو ھيو. ان کي ھلائڻ لاء حڪم ھاڪنگ کي ڳلن طرفان ڏيڻا پوندا ھيا. وفات کان ڪجھ عرصو پھرين مرض ان حد تائين شدت اختيار ڪري ويو جو ان کي ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي جنھن جي ڪري ڪيئي ڀيرا ان کي Ventilator تي رکيو ويو. سيپٽمبر 2013ع ۾ پنھنجي بيماري کان تنگ اچي ھاڪنگ پنھنجي مجبوري کي
تڪليفدھ لفظن جي اظھار ۾ آندو.
"منھنجي خيال ۾ جيڪي ماڻھو شديد تڪليف ۾ مبتلا ھجن انهن کي پنھنجي زندگي ختم ڪرڻ جي حوالي سان قانوني اختيار ڏيڻ کپي اسان جانورن کي اذيت پھچائي نٿا سگهون تہ انسانن کي اذيت ۾ ڇو رکون "
اسٽيفن ھاڪنگ انهي ڳالھ تي زور ڏيندو رھيو  جيڪڏھن انسان کي پنھنجي بقا عزيز آھي تہ پوء زمين مان نڪري ڪائنات جي ٻين گرھن تي خود کي آباد ڪرڻ کپي.
If human has to save his existence for coming thousand years then he has to find an alternative of this earthen planet.....
جيڪڏهن انسان کي ايندڙ هڪ هزار سال تائين پنهنجو وجود بچائڻو آهي ته پوءِ کيس هن زميني سياري جو متبادل ضرور ڳولڻو پوندو.
"اسٽيفن هاڪنگ"
ان کان علاوہ ھاڪنگ سائنسدانن کي تنبيھ ڪندو رھيو تہ ڪمپيوٽر ۾ موجود وائرس بہ ايندڙ وقت ۾ ڪمپيوٽر ۽ روبوٽن کي پنھنجي ھٿ وس ڪري انسانن تي حڪمراني ڪري سگهن ٿا ۽ ھي زندگي جي ھڪ الڳ ۽ ھڪ نئين قسم جي حڪمراني ٿي سگهي ٿي. بنا شڪ جي ھاڪنگ جي وڃڻ کان پوء علم فلڪيات ۾ پيدا ٿيڻ واري خال کي پر ڪرڻ مشڪل آھي پر ھي بہ سچ آھي تہ ھاڪنگ جون تحقيقون انسان جي نسل کي ڪاميابين جي نئين موڙ تي پھچائڻ لاء ھڪ اھم سنگ ميل ثابت ٿي سگهن ٿيون.

By Asghar Sagar