Friday 25 January 2019

ڏندن ۽ وات جي صفائي Cleanliness of teeth and mouth | اصغر ساگر

ڏندن ۽ وات جي صفائي
Cleanliness  of teeth and mouth
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسان وٽ اڪثر ڏٺو ويو آھي تہ ڏندن کي برش ڏيڻ دوارن صرف ڏندن کي برش ڏنو ويندو آھي جڏھن تہ جسم کي نقصان ڏيڻ وارا بيڪيٽيريا زبان جي مٿئين تھ تي رھجي ويندا آھن. ان کانسواء وات جي صفائي تي ڪڏھن بہ ڌيان نہ ڏنو ويندو آھي تہ اسان جي وات ۾ وائرس يا بيڪيٽيريا رھي سگهن ٿا جيڪي ڏندن کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا - بدھضمي جو شڪار ڪري سگهن ٿا - ساھ جي نالي ۾ اچي ساھ جا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ ۽ جسم جي سڄي سرشتي کي متاثر ڪري سگهن ٿا. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڪڏھن نظرانداز ڪرڻ ڪري تڪليف جو باعث بنجنديون آھن ائين زبان ۽ وات جا بيڪيٽيريا صفائي نہ ٿيڻ ڪري مختلف بيمارين جي ور چاڙھي سگهن ٿا.  
جاپان ۾ ڪيل هڪ ڊگهي سروي مان انڪشاف ٿيو آهي تہ جيڪڏهن ڏندن ۽ وات جي درست صفائي نہ ڪئي وڃي تہ ان سان ڦڦڙ متاثر ٿين ٿا ۽ ساھ جو مرض جنم ڏٺي ٿو. جرنل ايم اسفيئر ۾ شايع ٿيندڙ ان تحقيق ۾ جاپان جي بزرگ ماڻهن جو جائزو ورتو ويو. ان موجب وات ۽ خاص طور تي زبان تي ملندڙ بيڪٽيريا جو ڦڦڙن جي تندرستي سان گهرو تعلق  هوندو آهي. سروي جو خلاصو اهو رھيو تہ ڏندن ۽ وات جي صحت خاص طور تي بزرگن لاءِ تمام ضروري آهي.
جيڪڏهن ان جو خيال نہ رکيو وڃي تہ ڦڦڙن ۽ ساھ جو نظام متاثر ٿيندو آهي.
جاپاني شهر فوڪوڪا ۾ واقع ڪيوشو يونيورسٽي ۾ اورل هيلٿ جي ماهر ڊاڪٽر يوشي هيساياما شيٽا ۽ سندس ساٿين چيو آهي تہ وات جا بيڪٽيريا جيڪڏهن جسم جي اندر هليا وڃن تہ اهي اسان جي صحت کي متاثر ڪن ٿا، نہ صرف اھو پر وات جا بيڪٽيريا ۽ جيوڙا ڪينسر، ٿولھ، دل جي مرضن ۽ ٻين مرضن جو سبب بڻجندا آهن. جاپاني ماهرن 2016ع جي وچ ۾ 70 کان 80 سالن جي 503 بزرگن جو جائزو ورتو تہ خبر پئي ته ڪجھ بزرگ کنگھ ۽ غذا ڳڙڪائڻ جي عمل ۾ بہ خراب بيڪٽيريا جو شڪار ٿي رهيا آهن.
ان عمل ۾ ماهرن جديد طريقن سان جينياتي جائزو بہ ورتو جنهن کي 16 ايس آر اين اي جينياتي سيڪوئنس چيو ويندو آهي. ماهر حيران رهجي ويا تہ وات ۾ ملندڙ چئن قسمن جا بيڪٽيريا مليا جيڪي نمونيا جو سبب بڻجن ٿا اھي بزرگن جي فوتگي جو سبب بہ بڻجي رهيا آهن.

انهن بيڪٽيريائن جا نالا پري ويٽولاهسٽي ڪولا، وائلونيلا اٽائيپڪا، اسٽريپٽو ڪوڪس سيلي وائرس ۽ اسٽريپٽو ڪوڪس پير اسينجيئنس آهن. بزرگ ماڻهو ڏند درست انداز ۾ صاف ناهن ڪندا، پوءِ ڏندن ۾ خلا، گهٽ ڏند ۽ گدلاڻ سبب اھي چئن ئي قسمن جا بيڪٽيريا ڦھلجندا رهيا آهن. ان ڪري ننڍن توڙي وڏن کي وات سان گڏ زبان کي بہ برش ڪرڻ کپي جيئن اھي بيڪيٽيريا نہ وات ۾ رھن نڪي زبان تي رھن ۽ صحت صحيح نموني ميسر ٿي سگهي.

حل :-

زبان جي مٿين تھ تي برش ڪجي.

رات جو سمھڻ وقت ڏندن کي برش ڪجي.

رات جو سمهڻ کان پھرين چانھن نہ پيئڻ گهرجي.

نسخو (1) :-
 ڊسپرين    2 عدد
پاڻي        منو گلاس
پاڻ ۾ ملائي مھيني ۾ ٻہ دفعا گرڙا ڪجن.
وات ۽ زبان جا جراثيم مري ويندا - ڏند ماڪوڙي لڳڻ کان بچي ويندا - ڀرندڙ ڏند وري مضبوط ٿيڻ لڳندا ۽ ڏندن ۾ جرڪو اچي ويندو.
ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ ڊسپرين ڏندن جي جراثيم ۔ ماڪوڙي جي ڪيڙن ۽ ڏندن کي قوت بخشڻ ۾ بھترين تاثير رکي ٿي.

نسخو (2) :-
نم جا پن       24 عدد
پاڻي              2 گلاس
پاڻي ۾ نم جا پن ڪاڙھجن ۔پاڻي اڌ بچي تہ پاڻي ڇاڻجي. پاڻي ٿڌو ڪري گرڙا ڪجن. ھن جي استعمال سان وات وائرسن ۽ بيڪيٽيريائن کان صاف ٿي ويندو.

نسخو (3) :-
 نيم گرم پاڻي ۾ لوڻ وجهي گرڙا ڪجن. ھي نمڪين پاڻي مئل گهرڙن کي وات مان خارج ڪري ٿو.

نسخو (4) :-
ھيڊ    ٻہ چپٽا ٽن آڱرين جا
پاڻي ڏيڍ گلاس
پاڻي ۾ ھيڊ ڪاڙھجي ۔پاڻي اڌ بچي تہ پاڻي ڇاڻجي. پاڻي ٿڌو ڪري گرڙا ڪجن. ھن جي استعمال سان وات وائرسن ۽ بيڪيٽيريائن کان صاف ٿي ويندو.

 نسخو (5) :-
ڊسپرين ھڪ عدد کي چٻاڙي ٻن منٽن تائين وات ۾ رھڻ ڏجي پر گگ اندر نہ وڃي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment