Saturday 30 March 2019

|پيٽ ۾ گئس ۔ ڀرتي |اصغر ساگر|

 پيٽ ۾ گئس ۔ ڀرتي | اصغر ساگر|
پيٽ ۾ گئس ڀرجڻ دراصل جسم ۾ ھوا جو وڌيڪ ڀرجڻ آھي. اڪثر ڪري جلدي کاڌو کائڻ ۔ کائيندي ڳالهيون ڪرڻ ۔ ڪاربي مشروب پيڻ سان گئس جو عارضو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن جسم مان گئس خارج نہ ٿئي تہ پيٽ ۾ درد ۽ پيٽ ۾ ڀرتي جھڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا.

⏪سبب :-
◀کاڌي ۾ غلط شين جو انتخاب.
◀مرچ مسالي ۽ چٽپٽين شين جو غلط استعمال.
◀جسم ۾ موجود بيڪيٽريائن جو وڌيڪ گئس بنائڻ.
◀معدي ۾ شڳر جو جذب نہ ٿيڻ.
◀آنڊن ۾ وڌيڪ جيوڙا پيدا ٿيڻ.

⏪علامتون :-
◀چڪر اچڻ
◀بي پي
◀مزاج ۾ بدمزگي
◀ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ
◀قبضي
◀پيٽان ٿورو ويھڻ
◀بڊن جو سڄڻ
◀منھن ۾ ڦلوڪڻا ٿيڻ
◀زبان جو ڦٽجڻ
◀معدي جي تيزابيت
◀بادي بواسير
◀خوني بواسير

⏪گئس پيدا ڪندڙ شيون :-
◀ٽي وي ڏسندي يا ڪجھ پڙھندي ڪنھن نمڪين شي کي کائڻ لاء وات پاڻي ٿيڻ لڳي ٿو ۽ چپس کائو ٿا تہ پيٽ لوڻ وڌڻ ڪري ڦوڪجي ٿو ۽ گئس پيدا ڪري ٿو. طبي ماھرن مطابق وڌيڪ نمڪين شيون کائڻ سان جسم ۾ آنڊي ۽ بڪين ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو ۽ پيٽ ڦوڪڻي وانگر ڦوڪجي وڃي ٿو ۽ عارضا ڪر کڻن ٿا.

⏪چيگم ۽ ٽافيون :-
◀چيگم يا ٽافيون چوسڻ پيٽ ۾ گئس جو سبب بنجن ٿا. ماھرن مطابق جڏھن ڪنھن شي کي چوسجي يا چٻاڙجي ٿو تہ پيٽ ۾ ھوا ڀرجڻ لڳي ٿي ان کان علاوا مصنوعي مٺاس غذائي نالي ۾ مسئلا پيدا ڪري ٿي.

⏪ٻجن واريون سبزيون :-
◀سبزيون جيڪي ٻج واريون ٿين ٿيون انهن جي کائڻ سان ڀرتي يا گئس ٿئي ٿي جيئن کيرو وغيرھ. ماھرن جي مطابق ٻج واريون سبزيون معدي تي ناڪاري اثر ڇڏن ٿيون يا آنڊن جي ڀت سان ملي ننڍيون ننڍيون ٿيلهيون ٺاھن ٿيون جيڪي مسئلو پيدا ڪن ٿيون.

⏪صوف :-
◀روز ھڪ صوف کائو بيماري کان دور رھو ھي قول گهڻن کي بدھضمي سان شڪار ڪري ٿو. صوف پيٽ ۾ گئس پيدا ڪرڻ وارو ميوو آھي. صوف ۾ تاندورا ٿين ٿا پر ھن ۾ قدرتي کنڊ ۽ مٺو قلمي مادو ٿئي ٿو جنھن کي ڪيترن جو معدو ھضم ڪري نٿو سگهي. جيڪڏھن صوف کائڻ کان پوء پيٽ ۾ ڀرتي يا گئس ٿئي تہ ان جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪرڻ کپي.

⏪منڱ :-
◀منڱن جي دال غذائيت سان ڀرپور ٿئي ٿي پر گهڻن ماڻھن کي ايلرڄي ڪري ٿي ۽ پيٽ جي ڦوڪجڻ جو سبب ٿئي ٿي. جيڪڏھن ڪنھن کي کاڌي کان پوء اھڙي شڪايت ٿئي تہ منڱ جي دال جو واھپو گهٽ ڪجي.

⏪برگر :-
◀برگر کائڻ ۾ مزيدار ٿين ٿا انهن ۾ ڪافي شيون وڌيون وڃن ٿيون جيئن بصر ۔ ڪيچپ ۽ مسالا برگر کي مزيدار ڪن ٿا پر گئس جو سبب بنجن ٿا ڇوجو ھي مشڪل سان ھضم ٿين ٿا ۽ آنڊي ۾ پاڻي وڌائن ٿا.

⏪گوبي يا اھڙيون ٻيون شيون :-
◀گوبي ۔ بند گوبي يا ٻيون اھڙيون سبزيون جيڪي ڀرپور جزن ھئڻ ڪري ڪينسر خلاف مزاحمت ڪن ٿيون پر انهن ۾ موجود نشاستو جسم ۾ آساني سان حل نٿو ٿئي ۽ وڏي آنڊي ۾ ھي ميٿين گئس جي شڪل اختيار ڪريٿو. انهي جو مطلب اھو ناھي تہ گوبي کائڻ ڇڏي ڏجي پر وڌيڪ مقدار ۾ نہ کائجي پر ھرٻي جي ٻج جي اضافي سان ھي جلدي ھضم ٿي وڃي ٿي.

⏪ڇانھي :-
◀ڇانھي مفيد ميوو آھي پيٽ جي اڪثر مسئلن کي حل ڪري ٿو پر ھن ۾ گهڻي مٺاڻ ٿئي ٿي ۽ وڌيڪ مقدار ۾ کائڻ سان پيٽ ڦوڪجڻ ۽ گئس جو سبب بنجي ٿي.

⏪مخصوص دوائون :-
◀سوڄ ڪش دوائن جيئن سنڌن جو سور يا گوڏي جو سور کائڻ ڪري ٽڪيون آنڊن ۾ پھچي پيٽ کي ڦوڪائي ٿي جيڪڏھن ائين ٿئي تہ اھڙي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رجوع ڪري متبادل دواين کائڻ جومشورو وٺجي.

⏪سویا ساس :-
◀جيڪڏھن توھان سويا جو گھ استعمال ڪيو ٿا ۽ معدي ۾ مسئلو ٿئي تہ يقيني طور تي اھو سويا گھ جي ڪري ٿيو آھي. طبي ماھرن مطابق سويا گھ جي استعمال سان ايلرڄي ٿئي ٿي جنھن جو پھرين احساس نٿو ٿئي اڳتي ھلي گئس ۽ پيٽ جي ڦوڪجڻ جو مسئلو پيدا ڪري ٿو. ان ڪري ڀاڄين مان سويا گھ کي ڪڍي ڇڏجي.

⏪وڌيڪ بو واريون سبزيون :-
◀سبزيون جن جي بوء تيز ٿئي ٿي بصر ۔ سائو بصر يا ٿوم وغيرھ ۾ تاندورن جي ھڪ قسم فريڪٽانس وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ان کي ھضم ڪرڻ ۾ معدي کي ڏکيائي ٿئي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ پيٽ جا مسئلا جيئن گئس ۽ ڀرتي ڪر کڻن ٿا.

⏪پيٽ جي گئس لاء فائدي بخش شيون :-

⏪کيرو :-
◀کيرو ھاضمي لاء بھترين آھي پر ڪچو کيرو استعمال ڪجي. کيري ۾ فلونوئيڊ آڪسائيڊ موجود ٿئي ٿو جيڪو پيٽ جي سوڄ کي گهٽ ڪري ٿو ھن کي سلاد طور کائجي يا ھن جو جوس پيئجي ٻنهن ۾ فائدو آھي.

⏪ڪيلو :-
◀پوٽيشم سان ڀرپور غذائون جيئن ڪيلو جسم جي لوڻيٺ ليول کي باقائدي ڪري جمع ٿيڻ کان روڪ ڪري ٿو جنھن سان لوڻ جي وڌيڪ اسٿعمال سان پيٽ ڦوڪجڻ يا گئس بنجڻ جي عارضي تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي ٿي. طبي ماھرن مطابق ڀرتي جو اھم سبب قبضي آھي ۽ ڪيلي جي پوٽيشم قبضي کي ٽوڙي ٿي.

⏪پپیتو :-
◀پپيتي ۾ موجود خامرا غذائي نالي ۾ موجود پروٽين کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا جنھن سان کاڌو ھضم ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو. ھي ميوو سوڄ کي گهٽائي ٿو ۽ ھن ۾ موجود تاندورا ھاضمي جي عمل کي وڌائن ٿا.

⏪ڏھي :-
◀ڏھي ۾ موجود پروبائيوٽڪ برڪيٽيريا معدي لاء فائديمند ٿين ٿا جيڪي ھاضمي کي باقائدي ڪري غذائي نالي جي صحت کي وڌائن ٿا. ڪجھ مقدار ۾ ڏھي کائڻ پيٽ ۾ گئس جي عارضي کي گهٽائي ٿي.

⏪سونف :-
◀سونف ھاضمي لاء بھترين آھن ھي ٻج غذائي نالي کي سڪون پھچائين ٿا جنھن جي ڪري پيٽان گئس نڪري ٿي.

⏪اپاء :-
◀ڀاڄين ۾ مسالا گهٽ وجهجن.
◀صرف مڱن جي دال ۾ ھڪ ڳڙي ٿوم جي وجهجي.
◀ڀاڄي ۾ بصر گهٽ وجهجي ۽ داغ گهٽ ڏجي.
◀بواسير جي صورت ۾ بيدي ۔ چڻي ۔ گوشت ۽ مڇي کان پرھيز ڪجي.
◀سڪيٽن ۽ چانھن کان پرھيز ڪجي.

⏪تدبير :-

◀ڀاڄين ۽ چانورن ۾ ننڍو ڦوٽو وجهجي.

◀نسخو :-
🔺ڌاڻو    تولو
🔺جيرو  تولو
🔺ھرٻو   تولو
🔺سونف تولو
🔺ڦودنو  تولو
🔺کنڊ     5 تولا
🔺ڪٽي پائوڊر ڪجي.
🔺چپٽي روز پاڻي سان پيئجي.

◀ھاضمي ۽ گئس لاء ھيڊ بھترين اثر رکي ٿي. ڀاڄين ۾ ھيڊ وجهجي. مارڪيٽ ۾ ھيڊ ملاوٽي ملي ٿي ان ڪري پنھنجي ھيڊ وٺي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجي ۽ اتان ڀاڄين ۾ وجهجي.
◀گيسٽرڪ سيرپ Gastric syrup
استعمال ڪجي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment