Wednesday 23 January 2019

آسماني بجلي Lightning تحرير:- ذيشان جوڻيجو

آسماني بجلي  Lightning
تحرير:- ذيشان جوڻيجو
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
آسماني بجلي Lightning ان وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن بادل ۽ تيز هوائون پاڻ ۾ رڳڙبا آهن، آسماني بجلي (کنوڻ) ۾ ڪروڙين وولٽ ۽ ڪروڙين ايمپيئر ڪرنٽ هوندو آهي. اگر ڪو شخص يا ڪا شئي ، مثال طور ڪا عمارت يا ڪو وڻ وغيره ان جڳھ جي مناسبت سان سڀ کان اوچو هجي تہ آسماني بجلي (کنوڻ) ان تي ڪري زمين ۾ هلي ويندي آهي۔ زمين ۾ بہ منفي يا مثبت چارج   Positive or negative charge  هوندا آهن تنھن ڪري ئي آسماني بجلي ان چارج طرف جهپٽندي آهي ۽ زمين ۾ هلي ويندي آهي.
وولٽيج ۽ ميگا ايمپيئرن جي سبب آسماني بجلي پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هوائن کي Ionize ڪندي آهي، جنھن جي ڪري هوا ۾ ان جو سبب ممڪن ٿيندو آهي.
مسلسل وڌندڙ درجہ حرارت زميني ماحول لاء سڀ کان وڏو خطرو آهي. ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ زمين جي گرمي ۾ اضافو ۔ قدرتي آفتن جي تعداد ۽ شدتن ۾ اضافي جو سبب بہ بڻجي ٿو۔
حال ۾ ٿيل تحقيقن مطابق ماحولياتي تبديلن جي باعث مستقبل قريب ۾ آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن ۾ اصافو ٿيندو۔ آمريڪي ماهرين جي مطابق 2100 عيسوي تائين آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن ۾ 35 سيڪڙو تائين واڌ اچي ويندي.وڌيڪ بجلي ڪرڻ سان ماحول جي Constituent elements ۾ بہ تبديلي اچي ويندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
درجہ حرارت ۽ بجلي جي طوفانن جي باهمي تعلقات کي سمجهڻ لاء ماهرن هڪ نئون طريقو اپنايو آهي جنھن ۾ بجلي جي بادلن کي متحرڪ ڪرڻ واري گرم توانائي جي ٻارڻ جي پيمائش ڪري سگهجي ٿي۔ عالمي درجہ حرارت ۾ هر هڪ ڊگري اضافي سان آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن جي شرح  12 سيڪڙو کان وڌي ويندي.
جڏهن بہ آسماني بجلي ڪرندي آهي تہ هڪ ڪيميائي رد عمل جي ذريعي نائٽروجن آڪسائيڊ گيس خارج ٿيندي آهي، انجو شمار گرين هائوس گيسن ۾ ٿيندو آهي جنھن سان ماحول کي سنگين خطرولاحق آهي.
آسماني بجلي هڪ اهڙو مظھرِ فطرت آهي جنھن تي انسان جو ڪوبہ ضابطو ڪونهي پر ان کان بچاءجون ڪجھ تدبيرون ڪري سگهجن ٿيون. زمين تي صرف پنھنجي پيرن جا پنجا رکو ۽ کڙين کي زمين کان مٿي ڪري پاڻ ۾ملايو، اگر آسماني بجلي اوهان جي ويجهو ڪري ٿي تہ ان صورت ۾ اها هڪ پير مان داخل ٿي ٻئي پير مان واپس زمين ۾ هلي ويندي ۽ جسم ۾ داخل نہ ٿيندي. ان ڳالھ جي پڪ ڪيو تہ اوهان جي آسپاس يا اوهان کي اهڙي ڪا شي نہ ڇھندي هجي جنهن مان ڪرنٽ پاس ٿي سگهي جيئن لوھ ۔  ٽرامي جي تار وغيره يا ڪنھن بہ ڌاتو مان ٺھيل ڪا بہ شي. 
اگر اوهين کليل آسمان جي هيٺان بيٺا آهيو ۽ جسم ۾ ڪنڊا چڀندي محسوس ٿين يا جسم جا وار اڀا ٿي وڃن تہ خبردار رهجو. اوهان جي آسپاس ڪٿي آسماني بجلي ڪرڻ واري هوندي، پيرن جي ڀر زمين تي ويھي رهو ۽ پنهنجي هٿن سان ڪنن کي بند ڪيو، جيئن بجلي جي ڌماڪي سان ڪنن کي نقصان نہ ٿئي۔۔۔

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment