Tuesday 22 January 2019

اسٽيفن ھاڪنگ | StephenHawking اصغر ساگر

Stephen Hawking A greatest and A Humanity Lover Scientist.
اسٽيفن ھاڪنگ ھڪ عظيم ترين ۽ انسان سان پيار ڪندڙ سائنسدان.
"اصغر ساگر"
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
"اگر مان معذوري باوجود ڪامياب ٿي وڃان ٿو، اگر مان ميڊيڪل سائنس کي شڪست ڏيئي سگهان ٿو، جيڪڏھن مان موت جو رستو روڪي سگهان ٿو تہ توھان سڀني ماڻهن جا عضوا سلامت آھن، جيڪي ھلي سگهن ٿا، جيڪي ٻنهي ھٿن سان ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ پنھنجي خيالن کي ٻين تائين پھچائي سگهن ٿا اھي ڇو مايوس آھن."
ھي لفظ اسٽيفن ھاڪنگ تڏھن چيا جڏھن ھن کي خطرناڪ بيماري اي ايل ايس لاحق ٿي - اھڙي بيماري جا لاعلاج آھي. ڊاڪٽرن مطابق اسٽيفن ھاڪنگ چند ڏينھن جو مھمان آھي ۽ وڌ ۾ وڌ چند مھينن تائين جيئي سگهي ٿو. ھن بيماري جا شڪار صرف 5 فيصد ماڻھو ڏھن سالن کان وڌيڪ زيادھ عرصو جئي نٿا سگهن. گهڻو تڻو ماڻهو ھن بيماري جي تشخيص بعد چند سالن ۾ مري وڃن ٿا. دنيا جو نالي وارو سائنسدان برطانوي ماھر طبيعات آئين اسٽائن ثاني اسٽيفن ھاڪنگ اھڙن ماڻهن جي سرفھرست ۾ آھي جنھن پنھنجي معذوري کي مجبوري نہ بنايو. ان وقت اسٽيفن ھاڪنگ جي عمر 22 سال ھئي ۽ ھن 76 سالن تائين جيئي ميڊيڪل سائنس جي ڪٿ کي شڪست ڏني. ھن ڄاتو پئي تہ اڳيان موت آھي ۽ ھنجي بيماري لاعلاج ۽ خطرناڪ آھي ان وقت ھي پنھنجي مسلسل درد تڪليفن ڀوڳنائن تان نظر ڦيري انسانيت جي لاء گهڻو ڪجھ ڪرڻ چاھي ٿو ۽ انسانن لاء عظيم سونھون بنجي اڳيان اڀري اچي ٿو.  موت ھن جي اڳيان منڊلائي ٿو ھي پنھنجي عزم کي اڃان اٽل اڏول بنائي ٿو - ھي پنھنجو وجود موت جي وادي ۾ گهرڪندي ڏسي ٿو اتي ھي پنھنجي سوچن کي مضبوط ترين بنائي پنھنجي بيوس جسم جي بيساکي کي وساري خيالن جي سونھين دنيا اڏي ٿو.
"I am not afraid of death. But I am in no hurry to die. I have so much I have to do first.
مان موت کان خوفزدھ ناھيان. پر مون کي مرڻ جي ڪابہ تڪڙ ناھي. مون وٽ گهڻو ڪجھ آھي جيڪو مون کي پھرين ڪرڻو آھي."
اڳيان موت کي ڏسندي جيئڻ جو اتساھ ڀرڻ عظيم ماڻھن جو ڪم آھي. پنھنجي وجود کي موت جو مھمان ڏسندي انسان جي فلاح لاء ڪم ڪرڻ وڏي ڪٿ آھي. ان سان گڏ اھي ماڻھو جن جا عضوا سلامت آھن انهن کي پنھنجي مثال سان سمجهائي کين جھد جاکوڙ جي تلقين ڪري ٿو - ھن جا ٻئي ھٿ ڪم نٿا ڪن پر تنھن ھوندي بہ ھن اکين جي پلڪن سان دنيا جا شاھڪار ڪتاب لکيا ۽ دنيا وارن کي ھٿ پيرن سان سڄو چئي انهن کان اڃان وڌيڪ ڪم جي اميد رکي ٿو. 
ھن آديسي ماڻھو جي جوش ولولي جذبي کي ڏسي شاھ عبداللطيف جو بيت ڪنھن فقير واتان ور ور وراڪا کائي آسمان جي بلندين کي ڇھڻ لڳي ٿو.
اندر جنين اڌ ڏونگر سي ئي ڏورينديون.
اسٽيفن ھاڪنگ 8 جنوري تي پيدا ٿيو. ھي گيليلو جي موت جو ڏينھن ھيو. ھاڪنگ جي وفات 14 مارچ تي ٿي جيڪو آئن اسٽائن جي جنم جي تاريخ آھي. ھي جيترو بہ عرصو زندھ رھيو اھو ڪنھن معجزي کان گھٽ ناھي. ھن دنيا جي تخليق جو حل عدم ۾ پائي The Grand Design کي ڏسڻ لاء پرلوڪ پڌاريو. ھڪ ڳالھ جابجا آھي تہ مغربي ملڪن ۾ فلسفي ۽ سائنس تي ڪم ٿي رھيو آھي جڏھن تہ مشرق اڃان پراڻپسندي کي چچڙ وانگر چنبڙيو پيو آھي. مغرب جيئن تيئن عھد ارتقا جي راھ تي گامزن ٿي جدتن کي مرقوم ڪري رھيو آھي. Cern انهن جي ايجاد آھي انهن ئي God Particle جي جوڙ کي جڙت ڏني آھي.
چار سو سالن جي عرصي ۾ مغرب ايترا فلسفي پيدا ڪيا آھن جو انھي عرصي ۾ مشرق صرف 10 سيڪڙو فلسفي پيدا ڪيا تن تي بہ ڪفر جون فتوائون لڳيون - کين مختلف قسمن جون سزائون مليون جڏھن تہ مغرب جي فلسفين کي ھمت افزائي ملي ۽ اتان جي ماحول انهن جي نت نئين نظريي کي سرجڻ ۾ تقويت ڏني. مشرق جي فلسفين تي تنقيد جا پھاڙ ڪيرايا ويا جڏھن تہ مغرب جي فلسفين ماحول دوست معاشرو ھئڻ ڪري پنھنجي سماج جي ذھنن ۾ انقلابي سوچ جي آبياري ڪئي.
اسٽيفن ھاڪنگ انهن ماڻهن جو مذاق اڏائيندو ھيو جيڪي عقيدت جا قائل ھيا ۽ تقدير جي جبر جا پوئلڳ ھيا. ھن جو چوڻ ھيو تہ جيڪي ماڻھو ھن ڳالھ کي مڃن ٿا تہ جو ٿيڻو آھي سو ٿي رھندو اھي بہ رستو پار ڪرڻ کان پھرين ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏسن ٿا.
اسٽيفن ھاڪنگ جي سوچ پروڙ ۽ سوالن جو مرڪز ڪائنات رھي. ازل ڇاھي - ابد ڇاھي - کربين سال اڳ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي - وقت ڪائنات سان گڏ وجود ۾ آيو يا ڪائنات کان پھرين ھيو. ھي اھي سوال ھيا جن اسٽيفن ھاڪنگ جي تجسس کي وڌايو ۽ ڪائنات کي سمجهڻ ۾ مدد ڏني. اسٽيفن ھاڪنگ عقليت کي ترجيح ڏني ۽ ھر شي عقل جي اک سان ڏٺو ۽ پروڙيو پرکيو.
ھاڪنگ ڪائنات جي پوشيدھ اسرارن کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين چوڻ بھتر ٿيندو تہ ھن آئنسٽائن جي نامڪمل ڪم کي مڪمل ڪيو. ھن جي وڃڻ کانپوء ھن جي ڪيل ڪم تي ڪافي سائنسدان ڪم ڪري رھيا آھن ۽ ھنجي نقش قدم تي ھلي رھيا آھن.
اسٽيفن ھاڪنگ کي غيرمعمولي ذھانت جي ڪري اڄ آئن اسٽائن جو ھم مٽ سائنسدان قرار ڏنو وڃي ٿو پيو. ھن عظيم سائنسدان ڪائنات ۾ ھڪ اھڙو بليڪ ھول دريافت ڪيو جنھن مان روزانو نوان سيارا جنم وٺن ٿا، ان بليڪ ھول مان اھڙا شعاع خارج ٿين ٿا جيڪي ڪائنات ۾ وڏين تبديلين جو سبب بنجن ٿا. انهن شعاعن کي اسٽيفن ھاڪنگ جي نالي جي مناسبت سان ھاڪنگ ريڊيئيشن Halking radiations سڏيو وڃي ٿو.
ھاڪنگ فزڪس ۽ رياضي ۾ اعلا پائي جو ذھن رکندڙ ھيو. وڏا وڏا سائنسدان ھن جي سائنسي ڪارنامن تي حيرتزدھ ھئا. عظيم ڪم ۽ عظيم نالو اسٽيفن جي زندگي جو ھڪ نمايان پھلو ھيو، ان جي زندگي جو ھڪ منفرد نمايان ۽ المناڪ پھلو ھن جي عجيب بيماري ھئي. ھي ايم ايس سي تائين وچولي درجي جو شاگرد - سائيڪلنگ - فٽ بال ۽ ڪشتي راني جو شوقين ھو. روزانو 5 ڪلوميٽر ڊوڙ ھن جو معمول ھئي. 1963ع ۾ جڏھن ھي ڪيمبرج يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪري رھيو ھو تہ ھن جو پير ڏاڪڻ تان ترڪي پيو. طبي معائني کانپوء پتو پيو تہ ھي پيچيدھ بيماري موٽر نيوران ڊزيز ۾ مبتلا ٿي ويو آھي.
طبي زبان ۾ اي ايل ايس سڏي وڃڻ واري ھي بيماري دل کي متاثر ڪري ٿي. دل جا ننڍڙا عضوا جسم جي مختلف فعلن تي ڪنٽرول ڪن ٿا. ھن بيماري جي تشخيص کان پھرين سائنسدان صرف دماغ کي جسم جو مالڪ تصور ڪندا ھئا. 20 صدي جي آغاز ۾ اي ايل ايس جو پھريون مريض سامهون آيو تہ پتو پيو تہ جسماني سرگرمين جو مرڪز صرف دماغ نہ پر دل بہ آھي.
دل جا عضلات موٽر سڏجن ٿا. اگر ھي موٽر مرڻ شروع ٿي وڃن تہ جسم جا تمام عضوا ھڪ ھڪ ٿي ساٿ ڇڏڻ شروع ڪن ٿا. انسان خود کي آھستي آھستي موت جي وادي ۾ اترندي محسوس ڪري ٿو. اي ايل ايس جي مريض جي زندگي ٻن کان ٽن سالن جي مھمان ٿئي ٿي. ان جو علاج اڃان تائين دريافت ٿي ناھي سگهيو.
 ھاڪنگ 21 سالن جي عمر ۾ ان بيماري جو شڪار ٿيو. پھرين آڱريون مفلوج ٿيون - پوء ھٿ - پوء ٻانھن - پوء ڪارايون - پوء ڌڙ - پوء ٽنگون - ۽ آخر ۾ زبان ساٿ ڇڏي ڏنو. 1965ع تائين ويل چيئر تائين محدود ٿي ويو. ان کان پوء ان جي چيلھ ساڄي کاٻي پاسي کان مڙڻ کان لاچار ٿي وئي. ھو خوراڪ ۽ واش روم ۾ وڃڻ لاء ٻين جو محتاج ٿي ويو. ھلي سارو جسم مفلوج ٿي ويو. سڄي جسم ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. صرف پلڪن ۾ زندگي جي جرڪ رمق باقي رھي جي ھائو صرف پلڪن کي ھلائي سگهيو پئي.
طبي ماھرن 1974ع ۾ ھاڪنگ جي علاج کي الوداع چئي ھن کي لاعلاج قرار ڏنو ليڪن ھن عظيم انسان شڪست تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
جھڙي اميد ھئي ائين ٿيو بيماري آھستي آھستي ھن جي ھٿن - پيرن - ۽ زبان کي مفلوج ڪري ڇڏيو پر ھن جي بيماري جي شرح جي رفتار سست بہ ھئي جيتري ڊاڪٽرن کي اميد ھئي. ان ڪري ايتري عرصي ۾ ھن ڪيئي مرحلا عبور ڪيا. ھي ٽن ٻارن جو پي ٿي ويو. ھاڻي ڏاڏو بہ بنجي ويو آھي.. ويل چيئر تي ھن جي چيلھ کي چرپر ڪرائڻ لاء ۽ خوراڪ ۽۽ بنيادي ضررتن جي پورائي لاء ھو ھڪ نرس جو محتاج ھيو. نرس جي خدمت کي ڏسندي ھن پنھنجي پھرين زال کي طلاق ڏني ۽ چئن سالن کان پوء ان نرس سان شادي ڪئي. اسٽيفن ھاڪنگ کي پھرين زال مان ٽي ٻار پيدا ٿيا جن ۾ لڪي - رابرٽ ۽ وليم شامل آھن. ھن کي پنھنجي ڌي سان ڏاڍو پيار ھوندو ھيو ان ڪري ھن ٻارن جي لاء آسان فزڪس ۾ ڪھاڻيون مرتب ڪيون.
مفلوج جڏي جسم سان گڏ اسٽيفن پنھنجي نيم مئل پلڪن تي ئي زندھ رھڻ - اڳتي وڌڻ - عظيم سائنسدان ٿيڻ جو خواب ڏٺو. ويل چيئر تي ويھي ھن شخص ڪائنات جا راز کوليا تہ دنيا حيران ٿي وئي. ڪيمبرج جي سائبر ماھرن ھاڪنگ جي لاء ڳالهائڻو ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو. ڪمپيوٽر ويل چيئر تي لڳايو ويو. ھن  ڪمپيوٽر ھاڪنگ جي پلڪن جي زبان سمجهي پئي. اسٽيفن پنھنجا خيال پلڪن سان ڪمپيوٽر تي منتقل ڪري ٿو. خاص زاويي - توازن ۽ رڌم سان ھلندڙ پلڪ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي لفظ ٽائپ ڪندا وڃن ٿا گڏ گڏ اسپيڪر بہ لفظ بہ نشر ڪندو وڃي ٿو. اسٽيفن ھاڪنگ واحد انسان آھي جيڪو پلڪن سان ڳالهائي ٿو ۽ دنيا ٻڌي ٿي.
اسٽيفن پلڪن ذريعي ذريعي بي شمار ڪتاب لکيا ڪوانٽم گريوٽي - ڪاسمولاجي ڪائناتي سائنس کي نئون فلسفو نئين زبان ڏني. ھن جي ڪتاب اي بريف ھسٽري آف ٽائيم سڄي دنيا ۾ مشھوري مچائي ڇڏي. ھي ڪتاب 237 ھفتا بيسٽ سيلر رھيو جنھن کي ادبي شاھڪار وانگر خريد ڪيو ويو ۽ پڙھيو ويو.
ھاڪنگ 1990ع ۾ جي ڏھائي ۾ منفرد ڪم شروع ڪيو.مايوس ماڻهن کي زندگي جي خوبصورتي تي ليڪچر ڏيڻ لڳو. دنيا جي وڏين وڏين ڪمپنين - ادارن ۽ فرمن اسٽيفن کان خدمت حاصل ڪرڻ شروع ڪيون. معذورن کي ويل چيئرن تي ويھاري ۽ ٻين ھزارن ماڻھن کي ھي ڪمپيوٽر تي پلڪن ذريعي ماڻهن سان مخاطب ٿئي ٿو. اپاھج ۽ جڏو ھوندي پنھنجي تڪليفن کي فراموش ڪري سڀني ماڻهن کي اتساھ ڀريو سبق ڏئي ٿو ۽ ان سبق ۾ تلقين بہ نظر اچي ٿي تہ ان سان گڏ ھماليہ جيڏو حوصلو بہ.
"اگر مان معذوري باوجود ڪامياب ٿي وڃان ٿو، اگر مان ميڊيڪل سائنس شڪست ڏيئي سگهان ٿو، جيڪڏھن مان موت جو رستو روڪي سگهان ٿو تہ توھان سڀني ماڻهن جا عضوا سلامت آھن، جيڪي ھلي سگهن ٿا، جيڪي ٻنهي ھٿن سان ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ پنھنجي خيالن کي ٻين تائين پھچائي سگهن ٿا اھي ڇو مايوس آھن."
بنا ڪنھن شڪ جي آئن اسٽائن ۽ اسٽيفن ھاڪنگ جو نالو بھترين سائنسدانن جي مٿين فھرست ۾ اچي ٿو. اسان لاء اھا وڏي خوشي جي ڳالھ آھي تہ اسان اسٽيفن ھاڪنگ جي عھد ۾ جئي رھيا آھيون. اسٽيفن ھاڪنگ جو تعلق تمام غريب گهراڻي سان ھيو ايتريقدر جو ھڪ وقت اھڙو آيو جو ھن جي والدين وٽ في ڀرڻ لاء پيسا ڪونہ ھيا جنھن ڪري ھاڪنگ ٻين شاگردن جي بنسبت سٺو شاگرد بڻجي نہ پايو. جيتوڻيڪ اسٽيفن ميڊيڪل جي شعبي سان وابستہ ھيو جڏھن تہ ھن رياضيدان بنجڻ پئي چاھيو. 70 سال پھرين رياضيدان بنجڻ وارن کي نوڪريون نہ ملنديون ھيون ان ڪري ھاڪنگ جڏھن وڏو ٿيو تہ ان جي والد علم طب پڙھڻ لاء زور وڌو مگر ھن رياضي ۽ فزڪس طرف پنھنجو رجحان برقرار رکيو. ھن جي ڪلاس جا شاگرد ھن کي آئن اسٽائن چئي پڪاريندا ھيا مگر ان وقت ڪنھن کي بہ معلوم نہ ھيو تہ ھي اڳتي ھلي آئن اسٽائن ثاني ثابت ٿيندو.
1959ع تائين اسٽيفن پنھنجي ڪاليج جي پڙھائي پوري ڪئي ۽ 1962ع ۾ نيچرل سائنس ۾  (B.A (Hons جي ڊگري مڪمل ڪئي. ياد رھي تہ گريجوئيشن تائين اسٽيفن جي متعلق ھي مشھور ھيو تہ اسٽيفن نالائق ۽ سست شاگرد آھي. ايتري ۾ اسٽيفن 21 سالن جي عمر جي ڏاڪي تي پھچي ويو. ھڪ ڏينھن ڪاليج ۾ تقرير دوران ڪري پيو ان جا والد پريشان ٿي ويا ۽ ڊاڪٽرن وٽ معائني لاء وٺي ويا تہ معلوم ٿيو تہ اسٽيفن ھاڪنگ ھڪ لاعلاج بيماري جو شڪار ٿي چڪو آھي. ڊاڪٽرن مطابق اڳين ٻن سالن ۾ ھي مري ويندو.
ھي اھا بيماري آھي جنھن ۾ مريض جا عضوا ھڪ ھڪ ٿي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ آخرڪار مريض مري وڃي ٿو. وقت سان گڏ ھاڪنگ تي بيماري جو گھرو اثر پوندو ويو. ھن منڊڪائي بہ ھلڻ شروع ڪيو. ھن تمام صورتحال ھاڪنگ کي شديد ڌچڪو پھچايو. ھن بار بار دنيا کان ڪناراڪشي ڪري موت جي انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر ان دوران ھن جي استاد ۽ مارڊرن ڪاسمولاجي جي باني ڊينس وليم ھن کي ھمت ڏياري ۽ علمي ميدان ۾ ھن کي واپس وٺي آيو ۽ ھي ئي بيماري ھن جي اتساھ ۽ ڪاميابي جو سبب بني. ھن جي ڪوشش ھئي تہ مرڻ کان پھرين ھي نظريہ اضافت جي باري ۾ مسئلن کي حل ڪري. ھن 1964 جي وچ ۾ علمي ميدان ۾ واپس اچي پنھنجي پسنديدھ سائنسدان فريڊ ھائل جي سائنسي نظرين مان غلطيون ڪڍيون پھريون ڀيرو ھن کي ڀرپور پذيرائي ملي.
ھي اھو دور ھيو جڏھن بليڪ ھول ۽ بگ بينگ متعلق نظريا جھڙوڪر مفروضا ھيا. ڪاسمڪ بيڪ گرائونڊ ريڊيئيشن دريافت ٿي چڪي ھئي ۽ فزڪس ۾ نوان نوان ذرا دريافت ٿيڻ لڳا ھئا. ان دوران اسٽيفن بلئڪ ھول ۽ بگ بئنگ تي تحقيق ڪرڻ جو سوچيو ۽ مقالو Thesis لکيو جو 1966 ۾ منظور ٿيو جنھن کانپوء پروفيسر اسٽيفن ھاڪنگ 24 سالن جي عمر ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. مٿئين مقالي کي 2017ع ۾ جڏھن انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويو تہ تقريبن ھڪ ڏينھن ۾ ھڪ لک ماڻهن ان کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ويبسائيٽ تي تمام گهڻو لوڊ پئجي ويو جو ويبسائيٽ کي جام ٿيڻو پيو. ھي واقعو عالمي خبرن جي زينت بنيو. تقريبن 4 سال آئن اسٽائن جي نظريي اضافت تي تحقيق ڪري اسٽيفن ھاڪنگ ثابت ڪيو تہ جي نظريي اضافت جا قانون ڪائنات تي لاڳو ڪيا وڃن تہ يقيني طور تي ڪائنات جو آغاز ھڪ نقطي  Singularity کان شروع ٿيو  ڇوجو بلئڪ ھول ۾ بہ سنگيولرٽي ٿئي ٿي. ائين ان کان پوء اسٽيفن جي تحقيق جو رخ بلئڪ ھول طرف ٿي ويو ۽ ھن بلئڪ ھول جي باري ۾ ڪافي قابل قبول واضح انڪشاف ڪيا جنھن کي سڄي دنيا تسليم ڪيو ۽ ساراھيو. 1973ع ۾ ھن جو جڳ مشھور ڪتاب
 "The Large scale structure of  space time
شايع ٿيو.
ھن ڪتاب کانپوء ھاڪنگ ڪوانٽم فزڪس جي ميدان ۾ تحقيق جو آغاز ڪيو. ھن دوران تحقيق ڪندي ھاڪنگ کي معلوم ٿيو تہ فزڪس جي اصولن تحت بلئڪ ھول ۾ ويندڙ شين مان شعاعن جو اخراج ٿيڻ کپي. ھاڪنگ دعوا ڪئي تہ بلئڪ ھول مان ھر وقت Radiations جو اخراج ٿيندو رھي ٿو. انهن Radiations کي شروع ۾ سائنسدانن اھميت نہ ڏني مگر ھاڪنگ جي دريافت بعد فزڪس جي دنيا ۾ تھلڪو مچي ويو. اڄ بہ اسان انهن Radiations کي ھاڪنگ ريڊيئيشن جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ان کان پوء اسٽيفن تي انعامن ۽ ميڊلن جي بارش شروع ٿي وئي. ٽي وي ۽ ريڊيو چئنلن تي ھن جا انٽرويو نشر ٿيڻ شروع ٿي ويا.1980 جي ڏھائي ۾ اسٽيفن ھاڪنگ ڪائنات جي آغاز تي تحقيق شروع ڪئي ۽ بگ بينگ کي ھڪ بار وري پنھنجي تحقيق جو موضوع بنايو جنھن جو نتيجو ھي حاصل ڪيو تہ ڪائنات جي آغاز سان ڪائنات کان پھرين وقت نہ ھيو ان ڪري اسان اھو ٻڌائي نٿا سگهون تہ ان کان پھرين ڇا ھيو. 1985 کان پوء ھاڪنگ کان ڳالهائڻ جي طاقت بہ کسجي وئي ۽ ھاڻي ھو لفظن ڳالهائڻ جي قابل نہ رھيو. موت ھن جي ويجهو اچي رھيو ھو جنھن ڪري اسٽيفن مقالا لکڻ بجاء اھڙي ڪتاب تي لکڻ جو سوچيو جنھن ۾ ڪائنات جي اسرارن ۽ رمزن کي انتھائي آسان انداز ۾ سمجهايو وڃي تہ جيئن عوام ڪائنات جي ڳجهن کي سمجهي سگهي. 1988 ۾ ھاڪنگ پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب A brief history of time لکيو جنھن جون ھڪ ئي وقت 90 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون. ان کان پوء ڪتابن جي شوقينن پنھنجي طرفان ھن ڪتاب کي دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ڪيو. ھن ڪتاب کي 1992ع ۾ ڊاڪيومينٽري جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. 1997ع ۾ اسٽيفن ھاڪنگ جي 6 حصن تي مشتمل ٽي وي سيريز بہ آن ايئر ڪئي وئي. ان کان پوء ھاڪنگ 2001ع ۾ ھڪ جڳ مشھور ڪتاب  The universe in a nut  shell
لکيو. ان کان پوء 2005 ۾ A brief history of tiime لکيو. ان کان پوء رياضي جي دنيا ۾ مشھوري مچائيندڙ ڪتاب  "God created the integers" لکيو. ھاڪنگ کي دنيا ڀر جي يونيورسٽين ۾ مدعو ڪيو وڃڻ لڳو. 2007 ۾ اسٽيفن ھاڪنگ کي خصوصي طور تي زيرو گريوٽي فلائيٽ ۾ آندو ويو جتي ان کي معذور جي حيثيت ۾ ڪشش ثقل جي آزاد ماحول جو تجربو ڪرڻ جو اعزاز مليو. اسٽيفن ھاڪنگ ھگز بوسون نالي ذرن کي تسليم نہ ڪندو ھيو مگر بعد ۾ جولاء 2012ع ۾ سرن ليباريٽري ۾ ان جو وجود ثابت ٿيو جنھن تي اسٽيفن پنھنجي شڪست تسليم ڪندي بگز ھوسون جي باري ۾ پھرين پيشنگوئي پيش ڪندڙ سائنسدان کي نوبل پرائيز ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. دنيا ڀر جي ملڪن ھاڪنگ کي اعلا اعزازن سان نوازيو. ڪيترن ئي ملڪن جي عمارتن جا نالا ھن جي نالي سان منسوب ڪيا ويا ڇوجو اسٽيفن وقت ۾ سفر ڪرڻ جو ناقد ھيو، ان خاطر 28 جون 2009ع ۾ پنھنجي گهر ھڪ Time traveller پارٽي رکي ۽ ان جو اجلاس اڳئين ڏينھن 29 جون 2009 تي ڪيو تہ ڪلھ رات مون ٽائيم ٽريول جي پارٽي رکي ھئي جنھن ۾ ڪنھن بہ شرڪت نہ ڪئي. ان جو مطلب آھي تہ انسان ڪڏھن بہ ماضي ۾ سفر نہ ڪري پائيندو ڇوجو جيڪڏھن مستقبل ۾ وقت ۾ سفر ڪرڻ ممڪن ھجي ھا تہ ڪو نڪو ٽائيم ٽريولر ان پارٽي ۾ لازمي اچي ھا. 2015 ۽ 2017ع ۾ اسٽيفن ھاڪنگ خلائي مخلوق جي باري ۾ زبردست تحقيق ڪئي ۽ وصيت بہ ڪئي تہ ھن ڪائنات ۾ ڪا ٻي مخلوق لازمي طور تي موجود آھي مگر انسانن کي انهن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪرڻ کپي جيڪڏھن خلائي مخلوق ٿوري بہ انسان کان زيادھ ترقي يافتہ آھي تہ اھا زمين تي قبضو ڪري انسان جي زندگي کي تباھ برباد ڪري سگهي ٿي بلڪل ائين جيئن ڪولمبس جي آمريڪا دريافت ڪرڻ کانپوء آمريڪين کي سخت تڪليفن سان منھن ڏيڻو پيو. شروع ۾ اسٽيفن ھاڪنگ جي جڏھن ڳالهائڻ واري صلاحيت ختم ٿي تہ ھي آڱرين جي ذريعي لفظن جي چونڊ ڪري تقرير ڪندو ھو  مگر 2005ع ۾ ھن جي آڱرين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو تہ Intel جي ماھرن ھن جي ڳلن جي حرڪت ذريعي لفظ تحقيق ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ تقرير ڪرڻ لاء ھن جي ڳلن کي لوڏي لفظن جي چونڊ ڪندا ھئا ڇوجو ھي ويل چيئر پاڻ بہ ھلائي نہ سگهندو ھيو. ان کي ھلائڻ لاء حڪم ھاڪنگ کي ڳلن طرفان ڏيڻا پوندا ھيا. وفات کان ڪجھ عرصو پھرين مرض ان حد تائين شدت اختيار ڪري ويو جو ان کي ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي جنھن جي ڪري ڪيئي ڀيرا ان کي Ventilator تي رکيو ويو. سيپٽمبر 2013ع ۾ پنھنجي بيماري کان تنگ اچي ھاڪنگ پنھنجي مجبوري کي
تڪليفدھ لفظن جي اظھار ۾ آندو.
"منھنجي خيال ۾ جيڪي ماڻھو شديد تڪليف ۾ مبتلا ھجن انهن کي پنھنجي زندگي ختم ڪرڻ جي حوالي سان قانوني اختيار ڏيڻ کپي اسان جانورن کي اذيت پھچائي نٿا سگهون تہ انسانن کي اذيت ۾ ڇو رکون "
اسٽيفن ھاڪنگ انهي ڳالھ تي زور ڏيندو رھيو  جيڪڏھن انسان کي پنھنجي بقا عزيز آھي تہ پوء زمين مان نڪري ڪائنات جي ٻين گرھن تي خود کي آباد ڪرڻ کپي.
If human has to save his existence for coming thousand years then he has to find an alternative of this earthen planet.....
جيڪڏهن انسان کي ايندڙ هڪ هزار سال تائين پنهنجو وجود بچائڻو آهي ته پوءِ کيس هن زميني سياري جو متبادل ضرور ڳولڻو پوندو.
"اسٽيفن هاڪنگ"
ان کان علاوہ ھاڪنگ سائنسدانن کي تنبيھ ڪندو رھيو تہ ڪمپيوٽر ۾ موجود وائرس بہ ايندڙ وقت ۾ ڪمپيوٽر ۽ روبوٽن کي پنھنجي ھٿ وس ڪري انسانن تي حڪمراني ڪري سگهن ٿا ۽ ھي زندگي جي ھڪ الڳ ۽ ھڪ نئين قسم جي حڪمراني ٿي سگهي ٿي. بنا شڪ جي ھاڪنگ جي وڃڻ کان پوء علم فلڪيات ۾ پيدا ٿيڻ واري خال کي پر ڪرڻ مشڪل آھي پر ھي بہ سچ آھي تہ ھاڪنگ جون تحقيقون انسان جي نسل کي ڪاميابين جي نئين موڙ تي پھچائڻ لاء ھڪ اھم سنگ ميل ثابت ٿي سگهن ٿيون.

By Asghar Sagar

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment