Wednesday, 12 December 2018

انتون چيخوف Anton Chekov |اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

روسي مشھور اديب انتون چيخوف جو پي ھڪ سخت گير مزاج انسان ھيو. ھو ٿوري ٿوري ڳالھ تي پنھنجي زال ۽ ٻارن کي ڪٽيندو ھيو. ان ڪري انتون چيخوف تي ان جي ننڍپڻ جون ناخوشگوار يادون تمام عمر حاوي رھيون. ھڪ دفعي جڏھن ھن جي ڀاء اليگزينڊر پنھنجي زال کي ڪنھن ڳالھ تي ڪٽيو تہ چيخوف افسوس مان پنھنجي ڀاء کي چيو
”تون بہ اسان جي پيء تي ويو آھين“

زيتون Guava |ڊاڪٽر علي مرتضا ڌاريجو

MyDairyAsgharSagar
 “Guava                                                             زيتون”
”ڊاڪٽر علي مرتضا ڌاريجو“
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
زيتون، دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. سوادي هجڻ ڪري شوق سان کاڌو وڃي ٿو. منجهس ڪيتريون وٽامنون ۽ معدنيات هجڻ سبب گهڻين بيمارين جي علاج لاءِ بہ اڪسير سمجهيو وڃي ٿو. کل ۾  ڪيترن رنگن وارو ٿئي ٿو سائو، پيلو، ڳاڙهو تہ اندران ڪريمي سفيد يا گلابي بہ ٿئي ٿو.
زيتون وزن وڌائي ۽ گھٽائي ٿو: ڪيترين خاصيتن سبب زيتون ڏينهون ڏينهن مقبول ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجو وزن گهٽائڻ چاهيو ٿا تہ پوءِ توهان کي زيتون کان پري رهڻ نہ گهرجي. زيتون پنهنجي ننڍڙي قدبت هوندي بہ توهانجي بک جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. منجهس ڪئلريون ۽ نشاستو گهٽ مقدار ۾ ھجڻ ڪري ڪولسٽيرال نٿو ٿئي. جيڪڏهن ٻين ميون سان ڀيٽجي تہ منجهس کنڊ بہ گهٽ ٿئي ٿي. ان کانسواءِ منجهس وٽامنن، پروٽينن، ڦوڳ، تاندوري ۽ معدنيات جو بہ چڱو ڀنڊار موجود ٿئي ٿو. جڏهن تہ اهي سنهڙا فرد جيڪي پنهنجو وزن وڌائڻ چاهيندا هجن تن لاءِ بہ ڪارائتو ٿئي ٿو. زيتون جسم ۾ غذائي جزن کي جسم ۾ بهترين طريقي سان جذب ڪري ٿو ۽ منجهس موجود واڌو غذائي جزا ميٽابولزم کي بہ درست طريقي سان هلائين ٿا.

بلڊپريشر ۽ ذيابيطس کي سنڀالي ٿو :-
زيتون، جيئن ته هائپوگلائيسيمڪ (گهٽ کنڊ وارو) ۽ تاندوري ۾ ججهو هجي ٿو، ان سبب بلڊپريشر گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. غذائي تاندورو، رت جي پاڻيٺي خاصيت برقرار رکي ٿو ۽ ان کي گهاٽي ٿيڻ کان بچائي ٿو. عام طور تي اهڙا کاڌا جن ۾ تاندورو يا ڦوڳ نٿو ٿئي (جهڙوڪ: ڇاڻ بنا اٽو) تن جي استعمال سان بلڊپريشر ان ڪري وڌي وڃي ٿو جو اهي ستت ئي کنڊ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. ان لحاظ کان زيتون ذيابيطس ٿيڻ کان بچائي يا ان کي روڪي ٿو. جيئن تہ منجهس موجود تاندورو جسم ۾ کنڊ جي جذب ٿيڻ کي ضابطي ۾ رکي ٿو ان سبب جسم ۾ انسولن ۽ گلوڪوس ٻنهي جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ جي خطري کي ضابطي ۾ رکي ٿو.

دست ۽ سوري ختم ڪندڙ :-
زيتون دستن، سُوريءَ ۽ آنڊي جي سوزش جو بہ هڪ علاج آهي: ڪچي زيتون ۽ زيتون جي پنن ۾ اسٽريجنٽ (جسم جي ٽشوئن کي ڪوئيندڙ) وکر جام هجڻ سبب اهو پاخاني کي نرم ڪرڻ ۽ دستن ۽ آنڊن جي سوزش کي گهٽائيندڙ ٿئي ٿو. منجهس زبردست کارائن Alkaline خاصيت هجڻ سبب روڳ ماريندڙ، آنڊي مان واڌو لعاب نيڪال ڪندڙ ۽ جيوڙن جي واڌ کي ٻنجو ڏيندڙ ٿئي ٿو. عام طور تي زيتون ۾ وٽامن سي، ڪئروٽينوئڊ ۽ پوٽيشم بہ جام ٿئي ٿي جيڪي هاضمي جي سرشتي کي بهتر ڪندڙ ٿين ٿيون.

ٿائرائڊ غدودن لاء مفيد :-
زيتون ۾ ٽامون جام ٿئي ٿو جيڪو ٿائرائڊ غدود جي ڪيميائي عملن يا ميٽابولزم کي روان دوان رکڻ لاءِ هڪ تمام سٺو وکر ٿئي ٿو. جيئن تہ ٿائرائڊ غدود جو ڪم اهم هارمونن ۽ عضون جي سرشتن کي هلائڻ ٿئي ٿو ان سبب اهي جسم ۾ هڪ صحتمند توازن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

دماغي صحت لاءِ مفيد ٿئي ٿو :-
زيتون ۾ وٽامن بي 3 ۽ وٽامن بي 6 جو ججهو مقدار هجڻ سبب اهي ٻئي وٽامنون دماغ جي صحت لاءِ فائديمند ٿين ٿيون. عام طور تي وٽامن بي 3 کي نياسن Niacin جي نالي سان بہ سڏجي ٿو جيڪا رت جي وهڪ کي روان دوان رکڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي تہ ادراڪي ڪمن کي بہ متحرڪ ڪري ٿي، جڏهن تہ وٽامن بي 6 عام طور تي تنتن يا اعصابن جي ڪم جي محافظ ٿئي ٿي.

اسِڪرويءَ (Scurvy) جي علاج لاءِ ڪارائتو ٿئي ٿو :-
زيتون نہ رڳو وٽامن سي حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آھي. منجهس موسمي جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي وڌيڪ وٽامن سي موجود ٿئي ٿي جنهن سبب ان کي وٽامن سي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. زيتون ۾ ايتري گهڻي وٽامن سِي هجڻ سبب مهارن جي سوج ۽ رتهير يا رت وهڻ جي بيماريءَ کان بچاءُ ٿئي ٿو جيڪا وٽامن سيءَ جي کوٽ سبب پيدا ٿئي ٿي.

قبض ڪشا ٿئي ٿو :-
زيتون جا ٻج پوءِ چاهي اهي سڄا کائجن يا چٻاڙي کائجن بهترين قبض ڪشا ٿين ٿا. ان کانسواءِ  منجهس غذائي تاندورو هجڻ سبب قبضي جو بهترين علاج سمجهيا وڃن ٿا. زيتون جو ٻج ۽ تاندورو آنڊن ۽ غلاظتي نيڪال سرشتي کي صاف ڪندو رهي ٿو ۽ جسم کي پاڻي سان تر رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو جنهن سبب پيٽان ويهڻ ۾ وڏيءَ حد تائين مددگار ٿين ٿا. جيڪڏهن زيتون لاڳيتو کائبو رهجي ته هاضمي جي سرشتي لاءِ ڪارائتو ٿئي ٿو.

سياٽي ۽ کنگھ ۾ فائديمند ٿئي ٿو :-
سياٽي ٿيڻ Cold ۽ کنگھ ۾ زيتون جي رس پيئڻ ۽ تازو کائڻ سان فائدو ٿئي ٿو. منجهس ايسٽرنجنٽ خاصيت هجڻ سبب بلغم گهٽائي ٿو، ساهه سرشتي، نڙيءَ ۽ڦڦڙن جي روڳ کي ختم ڪري ٿو ۽ انهن جي جيوڙن کي غيرفعال ڪري ڇڏي ٿو. زيتون ۾ فولاد ۽ وٽامن سيءَ جي ججهي مقدار هجڻ سبب وائرسي بيمارين جي علاج ۾ فائدو ڏئي ٿو. ساڳي وقت اها بہ صلاح ڏئي ويندي آهي تہ، سياٽي يا کنگھ جي حالت ۾ گهڻي پڪل زيتون کائڻ کان پرهيز ڪجي نه ته اهڙي حالت بدتر ڪري ڇڏيندو.

نظر لاءِ بهترين ٿئي ٿو :-
زيتون ۾ وٽامن اَي (A) ججهي هجڻ سبب اکين جي صحت لاءِ به انتهائي فائديمند ٿئي ٿو. نظر کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ، موتيي پاڻيءَ Cataract کي گهٽائڻ ۽ ضعيف ٿيندڙ نظر کي سنوارڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

ڪينسر کان بچائي ٿو :-
سائنسدانن مطابق زيتون, نہ رڳو ڪينسر کان ۽ ان جي وگهر کان بچائي ٿو. منجهس لائيڪوپين Lycopene نالي ائنٽي آڪسيڊنٽ هجڻ سبب پراسٽيٽ ڪينسر جي خطري کي گهٽائي ٿو ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر کي بہ روڪي ٿو. زيتون جي پنن مان حاصل ٿيندڙ تيل هڪ اهڙو وکر ٿئي ٿو جيڪو ڪينسر جي واڌ کي اثرائتي انداز ۾ روڪي سگهي ٿو.

چمڙيءَ جي رونق وڌائي ٿو :-
زيتون ۾ چمڙيءَ جي بناوت سڌارڻ جون شاندار خاصيتون ٿين ٿيون ان سبب ان جي کائيندي رهڻ سان چمڙي تازي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. خاص طور تي تازو زيتون ۽ ان جا پن اسٽرجنٽ مادي سان ڀرپور هجڻ سبب منجهس چمڙيءَ جي هلڪن ڦلڪن ڦٽن ڇٽائڻ جي خاصيت ٿئي ٿي. جيڪڏهن پنهنجيءَ چمڙيءَ کي زيتون جي ڪاڙهيلن پنن سان آگهاربو رهجي تہ اهڙي هنڌ جي ڦلهڙي چمڙيءَ جا گهنج ڪڍي ڇڏي ٿو.

جلدي پوڙھي ٿيڻ کان بچائي ٿو :-
زيتون کائڻ سان وٽامن اَي، بي، سي سميت پوٽيشم به حاصل ٿيندي رهي ٿي جنهن کي هڪ بھترين اينٽي آڪسيڊنٽ سمجهيو وڃي ٿو ۽ زهريليون غلاظتون خارج ڪندڙ بہ ٿئي ٿو. روزانو زيتون کائڻ چمڙيءَ کي دلڪش بنائڻ، وقت کان اڳ پوڙهي ٿيڻ ۽ گهنجن پوڻ کان بچائي ٿو ۽ ڦٽن وغيره  ترت ڇٽائي ٿو.
https://www.facebook.com/groups/477240759390039/permalink/529178950862886/

Tuesday, 11 December 2018

وٽامن اِي Vitamin E | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

وٽامن اِي سڻڀ وارين غذائن ذريعي جسم ۾ داخل ٿئي ٿي پر جيڪڏھن ھاضمي جو سرشتو درست ناھي ۽ جيرو فعال ناھي تہ سڻڀيون شيون ھضم نہ ٿين ٿيون جنھن جي ڪري وٽامن اي جي ڪمي ٿي وڃي ٿي. وٽامن اِي جي کوٽ جي ڪري رت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. رت جي کوٽ جي ڪري رنگت پيلي ٿي وڃي ٿي ۔ چڪر اچن ٿا ۔ آت اچن ٿا ۔ اکين جي سامهون انڌيرو اچي وڃي ٿو ۽ ھر وقت غنودگي ڇانيل رھي ٿي. اھي سڀ علامتون وٽامن اي جي کوٽ کي ظاھر ڪن ٿيون. وٽامن اِي جي کوٽ جي ڪري وزن تيزي سان ڪري ٿو ۔ جسماني عضوا ۽ ڏورا ڪمزور ٿي وڃن ٿا ۔ بک نٿي لڳي ۔ چمڙي تي سوڄ ٻرھل جي ڪري داغ پئجي وڃن ٿا ۔ نظر جي ڪمزوري سان گڏ دل ۽ جيري جو مختلف بيماريون اچي وڃن ٿيون.
Edema                            (ٻرھل (رڳن ۾ پاڻي اچڻ
وٽامن اِي ۾ ھي شيون اچن ٿيون.
◀دالون
◀تيلي ٻج
◀سبزيون
◀کير
◀مکڻ
◀موسمي ميوا
⏪دالون :-
◀مٽر ۔ چڻا ۔ منڱ ۔ اڙد ۔ مسور وغيرھ
⏪تيلي ٻج :-
◀سرنھن ۔ ڄانڀو ۔ سورج مکي ۔ سويابين ۔ مڪئي جو تيل ۔ زيتون جو تيل ۔ کوپري جو تيل وغيرھ
⏪ساڳ :-
◀سرنھن جو ساڳ ۔ جهل جو ساڳ ۔ مٽرن جو ساڳ ۔ چڻي جو ساڳ وغيرھ
⏪کير مان ٺھندڙ شيون :-
◀مکڻ ۔ ڏھي ۔ رٻڙي ۔ کڙ ۔ لسي وغيرھ
⏪ماس واريون شيون :-
◀گوشت ۔ مڇي ۔ بيدو ۔ جيرو وغيرھ
⏪ڀاڄيون :-
◀پٽاٽو ۔ گل گوبي ۔ بند گوبي ۔ واڱڻ ۽ کيرو وغيرھ
⏪ميوا :-
◀گجر ۔ ڪيوي ۔ ايڪڏو ۔ چلغوزو ۔ زردالو ۔ املوڪ ۔ اسٽرابيري - نارنگي - چقو ۔ صوف ۔ ڪيلو ۽ انگور وغيرھ
⏪گريون :-
◀بوھي منڱ ۔ باداميون ۔ نيزا ۔ پستا ۔ اخڙوٽ ۔ تر ۔ کاڄا وغيرھ
ياد رکڻ کپي تہ فرج ۾ رکيل شين ۾ وٽامن اِي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. گهرن ۾ تريل شين جيئن ڪڪڙ ۔ مڇي ۔ پٽاٽي جا چپس کي ترڻ سان وٽامن اِي ضايع ٿي وڃي ٿي. وٽامن اي کي بحال رکڻ لاء گجرن کي استعمال ڪرڻ کپي ۽ گجرن مان ٺھندڙ شين گجريلو ۔ گجر جو حلوو ۽ رس استعمال ڪرڻ کپي.
وٽامن اِي جي کوٽ موروثي ٿئي ٿي. جيڪڏھن والدين ۾ وٽامن اِي جي کوٽ آھي تہ تہ اولاد ۾ بہ وٽامن اِي جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. وٽامن اِي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ٻارن کي ڪڏھن بہ ڊٻي وارو کير نہ پيارجي پر ماء جو کير بھتر آھي. ٻارن لاء بھترين کير ڳئون جو کير آھي جيڪو پٽڙو ھجڻ ڪري جلد ھضم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻارن جي ذھني ۽ جسماني نشونما تيزي سان ٿئي ٿي.

⏪وٽامن اِي جا فائدا :-

◀جنسي رغبت ڏيندڙ :-
وٽامن اِي جنسي رغبت ڏئي ٿي ان ڪري مردن ۽ عورتن کي وٽامن اي ضرور کائڻ کپي. اسان جي جسم ۾ غدود ھارمون خارج ڪن ٿا جيڪي جنسي خواھش کي اڀارين ٿا.

◀اپتي جزا وڌائيندڙ :-
ھي وٽامن مردن ۽ عورتن جي توليدي صحت لاء ضروري آھي. جن ماڻهن ۾ وٽامن اي جي کوٽ ٿئي ٿي اھي جلدي پوڙھا ٿي وڃن ٿا. وٽامن اِي جي ڪري چمڙي نرم ملائم رھي ٿي ۽ اعصاب ۽ تناسلي غدود توانا رھن ٿا ۽ سنڍپڻي جي شڪايت نٿي رھي.

◀سياري ۾ توانائي ڏيندڙ :-
وٽامن اِي جسم ۾ گرمي پيدا ڪري ٿي ۽ عضون کي تحرڪ ڏئي ٿي. ان ڪري سياري ۾ گريون ضرور کائڻ کپن ۽ مکڻ توڙي بصري استعمال ڪرڻ کپي ڇوجو ڳڙ سان جڏھن مکڻ ملي ٿو تہ ھڏ کي طاقت ڏئي ٿو ۽ اھا پيدا ٿيندڙ توانائي عمر ڀر محفوظ رھي ٿي.
نوٽ :- جن کي بي پي ھجي - جن کي سائي ھجي ۔ جن جي ڪريٽين وڌيل ھجي يا جيڪي جسم ۾ ٿلها ھجن انهن کي وٽامن اي استعمال نہ ڪرڻ کپي.

گهرڙاتي تبديلي آڻيندڙ :-
وٽامن اي ۾ سڻڀائون تيزاب (Fatty acid) بہ موجود ٿئي ٿو جيڪو گهرڙاتي تبديلي (Metabolism) تي مثبت اثر مرتب ڪري ٿو، ھي سڻڀائون تيزاب دماغی فعل ۽ اعصابی نظام تي بہ مثبت اثر مرتب ڪري ٿو.

◀تڪسيد روڪ :-
سچو گھ ۔ مکڻ ۽ گريون وٽامن اي ۾ اچي وڃن ٿيون جيڪي تڪسيد روڪ آھن. عام تيل کي پچائڻ سان  ان ۾ Free radicals تڪسيدي جز پيدا ٿي وڃن ٿا جيڪي مختلف بيمارين جو سبب بنجن ٿا. ان جي ابتڙ سچي گھ ۾ Saturated bonds رچيل بندن تي مشتمل چڪنائي ٿئي ٿي جنھن جي ڪري Free radicals تڪسيدي جز  تمام گهٽ ٺھن ٿا. ان ڪري وٽامن اي استعمال ڪرڻ سان اعصابي ۽ دلي بيمارين جو خدشو نٿو رھي.

◀نقصانڪار تڪسيدي مرڪب ڪڍندڙ :-
وٽامن اي طاقتور تڪسيد روڪ آھي جيڪا جسم مان نقصانڪار آڪسي مرڪب Harmful oxygen compounds ڪڍي ٿي جن کي آزاد تڪسيدي جز Free radicals چئبو آھي. محققن جي اميد مطابق وٽامن سي ڪينسر ۽ دلي بيمارين کي کي روڪيندي.

◀پوڙھائپ روڪيندڙ :-
وٽامن اي سڻڀ ۾ حل ٿيندڙ وٽامن Fat soluble vitamin آھن جنھن کي ڪل 8 مرڪب آھن جن مان ھڪ مرڪب انسان لاء ڪمائتو آھي. ھن کي Alpha-tocopherol سڏيو وڃي ٿو جيڪو تڪسيد روڪ Antioxidant  ھئڻ ڪري پوڙھائپ کي روڪي ٿو ۽ چمڙي تي گهنج ٿيڻ نٿو ڏئي.

◀نمونيا کي ختم ڪندڙ :-
جيڪي ماڻھو سگريٽ نوشي ڪن ٿا ۽ سگريٽ نوشي جي ڪري نمونيا ٿئي ٿي انهن لاء نمونيا اڪسير آھي. وٽامن اي استعمال ڪرڻ سان 35 سيڪڙو نمونيا جو اثر گهٽجي وڃي ٿو.

◀معدي جو السر ختم ڪندڙ :-
جڏھن جسم ۾ خشڪي اچي وڃي ٿي تہ معدي جو السر ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ھڪ معدي جو السر جسم جي خشڪي جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ان حالت ۾ مکڻ ۽ گريون معدي کي تر ڪري رڳن کي سڻڀيدار ڪن ٿيون نتيجي طور معدي جو السر ختم ٿي وڃي ٿو ڇوجو وٽامن اي ڇوت ۽ زخمن کي ڀري ٿي.

◀نمونيا کي ختم ڪندڙ :-
جيڪي ماڻھو سگريٽ نوشي ڪن ٿا ۽ سگريٽ نوشي جي ڪري نمونيا ٿئي ٿي انهن لاء نمونيا اڪسير آھي. وٽامن اي استعمال ڪرڻ سان 35 سيڪڙو نمونيا جو اثر گهٽجي وڃي ٿو.

◀معدي جي اصلاح ڪندڙ :-
جڏھن جسم ۾ خشڪي اچي وڃي ٿي تہ معدي جو السر ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ھڪ معدي جو السر جسم جي خشڪي جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ان حالت ۾ مکڻ ۽ گريون معدي کي تر ڪري رڳن کي سڻڀيدار ڪن ٿيون نتيجي طور معدي جو السر ختم ٿي وڃي ٿو ڇوجو وٽامن اي ڇوت ۽ زخمن کي ڀري ٿي.

◀اولاد ڏيندڙ :-
جيڪڏھن مرد ۽ عورت وٽامن جي غذا کان محروم ھجن تہ اھي توليدي جزن کان محروم ٿي وڃن ٿا يعني اولاد کان محروم ٿي وڃن ٿا. وٽامن اي نہ ھئڻ ڪري پھرين عورت کي پيٽ نہ ٿو ٿئي ۽ جيڪڏھن پيٽ ٿي وڃي ٿو تہ ٻار پيٽان ڪري پوي ٿو. اھي عورتون جن جو بار بار ٻار ڪري ٿو انهن کي وٽامن اي جو استعمال ڪرڻ کپي اسقاط اتي رڪجي وڃي ٿو ۽ ٻار نٿو ڪري.

نوٽ :- جن کي بي پي ھجي - جن کي سائي ھجي ۔ جن جي ڪريٽين وڌيل ھجي يا جيڪي جسم ۾ ٿلها ھجن انهن کي وٽامن اي استعمال نہ ڪرڻ کپي.

Monday, 10 December 2018

کونگهرا Snoring | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

کونگهرا ھڻڻ اھڙي بيماري آھي جنھن ڏي عام طور تي ڪنھن جو ڌيان نٿو وڃي پر سمهڻ واري سان گڏ ماڻھو وڏي ڪوفت کڻي ٿو. ھي بيماري گهر وارن جي ننڊ کي متاثر ڪري ٿي ۽ کونگهرن ھڻڻ واري شخص جي ڀرسان سمھڻ ڏکيو ھوندو آھي. کونگهرا ھڻڻ کي بيماري تسليم ڪيو ويو آھي پر ھن بيماري ڏي ڪڏھن بہ سنجيدگي سان ڌيان نہ ڏنو ويو آھي.
کونگهرا ھڻڻ ھڪ خطرناڪ عادت آھي جنھن سان ساھ ۾ خلل پوي ٿو ۽ ھن سان دل جي بيمارين جا عارضا وڌن ٿا. کونگهرن جي شدت دماغ تي اثر مرتب ڪري ٿي جنھن سان اڳتي ھلي فالڄ ۔ دل جي دوري ۔ ذھني ڇڪتاڻ ۽ ٻين مرضن جا خطرا وڌي سگهن ٿا.
کونگهرن جا سبب :-
نڪ بند ٿيڻ
نڪ جي ھڏي وڌڻ
نڪ ۾ ڇوت
نڪ ۾ سوڄ
ٿولھ
پت جو وڌڻ
ايلرڄي
نڪ ۾ گوشت وڌڻ
زڪام
تماڪ نوشي
ساھ جا مسئلا

کونگهرن کان بچڻ لاء اپاء :-

رات جو گهٽ کائجي :-
سمھڻ کان پھرين گهڻي کائڻ کان پرھيز ڪجي ڇوجو جيڪڏھن معدو کاڌي سان ڏٽيل ھوندو تہ ساھ جي رڌم تي منفي اثر پوندا ۽ کونگهرن وڌڻ جو خطرو وڌي ويندو ڇوجو جسم کي گهڻي کاڌي ھضم ڪرڻ لاء وڌيڪ ھوا جي ضرورت پوي ٿي نتيجن کونگهرا شروع ٿي ويندا آھن ان ڪري کونگهرن واري کي رات جو گهٽ کاڌو کائڻ کپي جيئن ساھ جو عمل صحيح رھي.

وٽامن سي جو استعمال :-
کونگهرن جي ڪري ناسن جي ھوا تي اثر پوي ٿو. وٽامن سي ساھ جي نظام جي لاء بھترين جز آھي. وٽامن سي نڪ کي صاف رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. وٽامن سي ۾ ليمو ۔ مالٽو ۔ پپيتو ۔ اسٽرابيري ۽ ٻيون شيون اچي وڃن ٿيون.

رات جو کاڌي کان پوء چھل پھل ڪرڻ :-
رات جو کاڌي کائڻ کان پوء ضرور چھل پھل ڪجي ائين سمهڻ وقت کونگهرن ۾ گهٽتائي ٿيندي.

سمهندي دوران پاسو مٽائجي :-
جيڪڏھن سمهڻ دوران کونگهرا اچن تہ پاسو ورائجي ائين ڪرڻ سان کونگهرن جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي.

سمهڻ وقت وھاڻو ٿلهو رکڻ :-
سمهڻ وقت وھاڻو ٿلهو رکجي جيئن سمهڻ وقت مٿو پورو مٿي رھي، ائين ڪرڻ سان زبان ڳلي کي بلاڪ ڪري نہ سگهندي ساھ واري نلي کليل رھندي ۽ کوگهرن کي موقعو نہ ملندو.

سمهڻ وقت نڪ صاف ڪرڻ :-
سمهڻ کان پھرين نڪ کي صاف ڪجي. نڪ جا ڦوڳر ساھ جي گذرگاھ ۾ رنڊڪ اچي وڃي ٿي جنھن جي ڪري وات مان ساھ کڻڻو پوي ٿو جيڪو کونگهرن جو سبب بنجي ٿو.

ٻاڦ وٺڻ :-
جيڪڏھن ڳلي ۾ خشڪي محسوس ٿئي تہ پاڻي کي ڪاڙھي ان جي ٻاڦ وٺجي ۽ ساھ جي رڳن ۾ تراھٽ اچي ويندي ۽ ساھ کڻڻ آسان ٿي پوندو ھي طريقو ان وقت بہ ڪارگر آھي جڏھن نزلو ۔ زڪام يا ايلرڄي ھجي.

بستر جون سڀ شيون مٽائيندو رھڻ :-
جيڪڏھن ڏينھن جو ساھ ٺيڪ رھي ۽ رات جو کونگهرا اچن تہ پڪ ڄاڻجي ايلرڄي جو مسئلو آھي. ان ڪري بستري جي چادر ۔ وھاڻي يا ڇھ ۽ رلين کي جلدي مٽڻ جي عادت وجهجي ائين ڪرڻ سان کونگهرن جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.

ٿولھ گهٽائڻ :-
ھڪ تحقيق مطابق ٿلها ماڻھو کونگهرن جو شڪار رھن ٿا جيڪڏھن اھي پنھنجي 10 سيڪڙو گهٽ ڪن تہ وات ۽ نڪ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

تماڪ نوشي کان پرھيز :-
سگريٽ نوشي جي ڪري ڳلي جون جهليون سڄي وڃن ٿيون. ھڪ تحقيق مطابق تماڪ نوشي ڪندڙ 24 سيڪڙو ماڻھو کونگهرا ھڻڻ جا عادي ٿين ٿا. تماڪ نوشي ڇڏڻ سان کونگهرن کان نجات ملي سگهي ٿي.

علاج :-

ناف ۾ تيل ھڻڻ :-
قديم دور کان سچو گھ بيمارين ۾ استعمال ٿيندو رھيو آھي. دن ۾ روز تيل ھڻڻ کونگهرن کان نجات ڏياري سگهي ٿو ۽ ان کان سوا ھڪ يا ٻہ ڦڙو نڪ ۾ وجهجي.

زيتون جو تيل :-
زيتون جي تيل کي کونگهرن کي ختم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. روز زيتون جي تيل کي تارون مٿان ھڻجي ائين کونگهرن وارو مرض دور ٿيندو ويندو.

ڦودني جي چانھن :-
ڦودني جي چانھن ڦڦڙن جي چپچپاھٽ ختم ڪري ٿي ۽ ان جو مينٿول ساھ جي سوزش کي ختم ڪري ٿو.
ھلندڙ

Sunday, 9 December 2018

Vitamin B وٽامن بي | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

وٽامن بي اسان جي جسم لاء وڏي اھميت رکي ٿي. ھي وٽامنن جو مجموعو آھي. ھن ۾ وٽامن بي 1 ۔ وٽامن بي 2  ۔ وٽامن بي 3 ۔ وٽامن بي5 ۔ وٽامن بي 6 ۔ وٽامن بي7 ۔ وٽامن بي 9 ۽ بي 12 اچي وڃن ٿيون. ھي تمام وٽامن صحت لاء اھميت رکن ٿيون. ھنن جي گهڻي استعمال سان جسم کي نقصان نٿو پھچي ڇوجو اھي جسم اندر پاڻي ۾ حل ٿي وڃن ٿيون ۽ پيشاب جي رستي خارج ٿي وڃن ٿيون. ان جي ابتڙ وٽامن اي ۔ وٽامن ڊي ۽ وٽامن اي چرٻي ۾ جذب ٿي چرٻي کي وڌائن ٿيون ۽ نقصان ڏين ٿيون. وٽامن بي جي کوٽ جي ڪري دل ۽ اعصاب ڪمزور ٿي وڃن ٿا ۔ چمڙي تي خارش ٿي وڃي ٿي ۽ بک گهٽ لڳي ٿي. جگر ،معدي ۽ بدن ۾ ٻين مرضن پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب گھڻو ڪري هن وٽامن جي گهٽتائي هوندي آهي.
وٽامن بي ڪيترن ئي مرڪبن جي ڳٽڪو آهي جن کي وٽامن بي ڪمپليڪس جو نالو ڏنو ويو آهي. ھي ڪيميائي طرح گڏيل سڏيل وٽامن هوندي آهي جنھن ۾ ٿائمين، رائبوفليوين، نائي سين، پري ڊوڪسن، فولڪ ائسڊ، نڪوٽنڪ ايسڊ ۽ سائينو ڪوبالمين شامل آهن. رائبو فليون خمير ۽ کير ۾ موجود هوندو آهي ان جي ڪمي سان فوٽو فوبيا ۽ چمڙي جا مرض پيدا ٿين ٿا. نڪوٽنڪ ايسڊ کير ۽ بيضي جي زردي ۾ موجود هوندو آهي انجي ڪمي سان پيلاگرا جو مرض ٿئي ٿو.
وٽامن بي اناج جي کلن ۽ ٻجن ۾ جام ٿئي ٿي.ڪڻڪ، چانور،
ٻاجھري ،مڪئي ۽ جوئر ۾ هن وٽامن جا خزانا موجود آهن پر ان لاءِ ضروري آهي تہ ڄاڻايل اناج جي اندرين کلن کي باقي رکيو وڃي ۽ انهن جي اٽي کي ڇاڻيو نہ وڃي .خاص ڪري هي وٽامن مشين جي پيٺل اٽي ۾ ضايع ٿي وڃي ٿي.
ڪڻڪ جي ماني انساني غذا جو وڏو ذريعو آهي. جيڪڏهن
اٽي کي نہ ڇاڻيو وڃي تہ انساني جسم ۾ وٽامن جي کوٽ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي . وٽامن بي جي کوٽ مرضن جو اهم سبب بنجندي آهي. سايون ڀاڄيون جھڙوڪ بصر،
پٽاٽا، ٽماٽا، مٽر ۽ گجر نھايت سستا کاڌا آهن ۽ اهي وٽامن بي جا ڀرپور خزانا آهن . وٽامن بي مغزن ۽ دالين ۾ بہ چڱي انداز ۾ موجود آھي .ساين ڀاڄين کي ضرورت کان وڌيڪ رڌڻ سان انهن مان وٽامن بي ضايع ٿي وڃي ٿي.
وٽامن بي کير ۔ مڇي ۔ بيدي ۔ گوشت ۔ دال ۔ ڪيلي ۔ اسٽرابيري ۔ بادام ۔ اخڙوٽ ۔ گجر ۔ ڪيڪڙو ۔ مٽر ۔ اڇي گجر ۔ ڳاڙھي لوبيا ۔ پيز ۔ ادرڪ ۔ سنڍ ۔ بصر ۔ شملا مرچ ۔ بند گوبي ۔ کيري ۔ ٿوم ۽ پنن وارين سبزين ۾ پاتي وڃي ٿي.
وٽامن بي جي گروپ ۾ 8 وٽامن شامل آھن. ھي وٽامن پاڻي ۾ حل ٿي وڃن ٿيون. جسم ۾ پاڻي ۾ حل ٿيڻ جي ڪري جسم ۾ ذخيرو نٿيون ٿين ۽ جسم کي طاقت ڏيئي جسم مان خارج ٿي وڃن ٿيون. ان کان علاوه انهن جو وڌيڪ ڪم جسم جي اندر گهرڙاتي تبديلي ۾ ٿئي ٿو.
وٽامن بي جو ڪم نشاستي ۔ پروٽين  ۽ فيٽ مان توانائي حاصل ڪري ۽ گهرڙن جي استعمال ۾ آڻڻ آھي. گهرڙاتي تبديلي کان علاوه  وٽامن بي جا ڪجھ مخصوص ڪم ٿين ٿا. وٽامن بي جو اثر ڏسڻ لاء وٽامن جي کوٽ ۽ علامتون ڏٺيون وڃن ٿيون جن جي مدد سان وٽامن ڪي جي مخصوص ڪمن جو اندازو ٿي وڃي ٿو.

وٽامن بي1                                               Viatmin B1
وٽامن بي1 کي ٿيامين بہ چيو وڃي ٿو. وٽامن بي1 اسان کي اناج ۔ اٽي ۔ ماني ۔ جيري ۔ بڪي ۔ دل ۔ ڳئون جي گوشت ۔ مڇي ۔ ڪڪڙ ۔ دالن ۔ مٽر ۔ تر ۔ ڪانجو ۔ ڦرين ۔ مغزن ۔ کير ۽ ساون پنن وارين ڀاڄين مان ملي ٿي. هي وٽامن پنهنجي اعصابي سرشتي جي سگنل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، خاص طور تي اهي جيڪي توهان جي جينياتي عضون ڏانهن ويندا آهن. ھي وٽامن اسان جي جسم ۾ نشاستي کي ھضم ڪري توانائي ۾ تبديل ڪري ٿي ۔ ٿڪ دور ڪري ٿي ۔ بک لڳڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ٿايامين جي کوٽ ٿي وڃي  تہ بيري بيري جي بيماري ٿي وڃي ٿي ۔ اعصابي
نظام ۾ سستي اچي ٿي ۔ وزن ۾ کوٽ ۔ ويسر ۔ ٽنگن پنين ٻانھن ۾ پٽ ۔ بي ربط ڌڙڪن ۔ جسم تي سوڄ ۔ ٿڪ ۔ ياداشت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. شراب ۽ سگريٽ پيئڻ وارن ۾ بي 1 جي کوٽ عام ڳالھ آھي ۽ قبض ۔ ياداشت جي کوٽ ۔ پيٽ جي ڀرتي ۔ معدي ۽ آنڊي جي سوزش وغيرھ ٿئي ٿي.

وٽامن بي2                                               Vitamin B2
ھن وٽامن کي رائبوفليون پڻ سڏيو وڃي ٿو.
وٽامن بي 2 اسان کي دل ۔ بڪي ۔ جيري ۔ بيدي ۔ اناج ۽ سبزين مان ملي ٿي. وٽامن بي ٽو ۾ ٻڪري جو گوشت ۔ رڍ جو گوشت ۔ کير ۔ ڏھي ۔ کنڀي ۔ پالڪ ۔ بادام ۽ سامن مڇي اچي وڃي ٿي. ھي وٽامن اسان جي چمڙي ۔ نڪ ۔ ڪن ۔ چپن ۔ ۽ زبان لاء مفيد آھي. ھن جي کوٽ جي ڪري چپ پچي وڃن ٿا ۔ زبان قرمزي رنگ جي ٿي وڃي ٿي ۔ زبان سڄي وڃي ٿي ۔ اکين ۾ جلن پيدا ٿي وڃي ٿي ۔ اکين ۾ سوزش شروع ٿي وڃي ٿي ۔ نظر گهٽ ٿي وڃي ٿي ۔ چپ ڏري پون ٿا. وٽامن بي2 جي کوٽ ۾ ڳلي ۾ بار بار خرابي ۔ اس نہ سھي سگهڻ ۔ زبان جي سوزش ۔ چمڙي ۾ خشڪي ۽ مٿي جي خشڪي شامل آھن.

وٽامن بي3                                                Vitamin B3
وٽامن بي3 کي نياسن بہ سڏيو وڃي ٿو. ھي وٽامن اسان کي ڪڪڙ ۔ گوشت ۔ منڱ ۔ بيدي۔ کنڀي ۔ ڊبل روٽي ۔ دل ۔ بڪي ۔ ڦڦڙ ۔ اناج ۔ مغز ۔ ٽونو مڇي ۽ سبزين مان حاصل ٿئي ٿي. ھي نشاستيدار کاڌن کي ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. دماغي نظام ۔ چمڙي ۔ معدي ۽ آنڊن کي درست ڪري ٿي. ڪوليسٽرول لاء وٽامن بي 3 ضروري آھي. ھي وٽامن ھاضمي کي درست رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ چمڙي کي تر رکي ٿي.
ھن وٽامن جي کوٽ جي ڪري جي بيماري ٿي وڃي ٿي. علامتن ۾ شديد غصو ۔ لڙائي جهڳڙو ۔ چمڙي جي خارش ۔ ننڊ جي کوٽ ۔ جسماني ڪمزوري ۔ پيٽ جي خرابي ۽ دست شامل آھن. ويسر ھن وٽامن جي کوٽ جي ڪري ٿئي ٿي ۽ ڪمزوري ۔ چمڙي جا مرض ۔ ڳڙ ۔ ڦرڙيون ۔ داڻا ۔ ٽڪا وغيرھ ٿي وڃن ٿا. ھن جي کوٽ جي ڪري ۔ دست ۔ پيچش ۽ ھاضمي جي خرابي ٿي وڃي ٿي ۔ ننڊ نہ اچڻ بہ وٽامن بي3 جي کوٽ کي ظاھر ڪري ٿي.

وٽامن بي5                                                Vitamin B5
ھن وٽامن کي پينٽاٿينڪ ايسڊ سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏھن پينٽاٿينڪ ايسڊ جي کوٽ ٿي وڃي تہ جسم تي داڻا ۔ جسم ۾ درد ۔ طبيعت ۾ بيزاري جھڙيون علامتون پيدا ٿي وڃن ٿيون. ھن وٽامن ۾ ٽماٽو ۔ ڪڪڙ ۔ مڇي ۔ ڏھي ۽ گوبي شامل آھن.

وٽامن بي6                                              Vitamin B6
ھن وٽامن کي پاراڊاڪسن بہ سڏيو وڃي ٿو. وٽامن بي 6 جسماني قوت مدافعت کي ضابطي ۾ رکي صحتمند زندگيء جو سبب بڻجي ٿي ۔ ساهه کڻڻ واري سرشتي کي بهتر بڻائي ٿي ۽ دماغ جي صحت رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. پاراڊاڪسن جي ڪمي سان چمڙي ۾ سوزش ۔ خارش ۔ ڊپريشن ۔ اعصابي نظام جي ڪزوري ۔ سستي ۔ ٿڪ ۔ اکين جي ڳاڙھاڻ اچي وڃي ٿي. ھن وٽامن ۾ ڪيلو ۔ پالڪ ۔ ساڳ ۔ سبزيون ۔ اڇي گجر ۔ صوف ۔ ٿوم وغيرھ شامل آھن.

Vitamin B7   or  Vitamin B8
وٽامن بي7   يا   وٽامن بي8

ھن وٽامن کي بائيوٽن پڻ چيو وڃي ٿو. ان کان سوا وٽامن بي7 کي وٽامن بي8 يا وٽامن ايڇ سان سڏيو وڃي ٿو. بائيوٽن جي کوٽ وڏن جي بنسبت ننڍن ۾ وڌيڪ پاتي وڃي ٿي جنھن جي ڪري ٻارن جي نشونما رڪجي وڃي ٿي. ھن کي وٽامن H بہ چيو وڃي ٿو. ھن جي کوٽ جي ڪري وار ۽ ننھن ڪرن ٿا يا انهن ۾ خرابي پيدا ٿي وڃي ٿي. وٽامن بي7 ۾ بيدا ۔ بصر ۔ گوبي ۔ باداميون ۔ املوڪ ۔ ٽماٽا ۔ ڪانجو ۔ ڪيلا ۔ اسٽرابيري ۔ کير ۔ اخڙوٽ ۔ سيلمن مڇي ۽ سبزيون اچي وڃن ٿيون.

وٽامن بي 9                                               Vitamin B9
ھن کي فولڪ ايسڊ يا فوليٽ يا پڻ سڏيو وڃي ٿو. فولڪ ايسڊ يا وٽامن بِي 12 ۽ بي 9 عورتاڻي ڪينسر کان بچاء جو هڪ اهم ذريعو آهي.
 فولڪ ايسڊ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي جنھن کي ايناميا چيو وڃي ٿو. حاملہ عورتن ۾ فولڪ ايسڊ جي کوٽ جي ڪري پيدائشي نقص وارا ٻار پيدا ٿين ٿا. ھن وٽامن ۾ چقندر ۔ گوگڙو ۔ سبزيون ۔ سفيد لوبيا ۔ ڀينڊي ۔ پالڪ ۔ بيدا ۔ دالون ۔ گوبي ۔ انب ۔ نارنگي ۔ کٽا ميوا ۽ مڇي جا ڪيترائي قسم اچي وڃن ٿا.

وٽامن بي12                                           Vitamin B12
ھن وٽامن کي ڪوبالامين بہ سڏيو وڃي ٿو. ڊومينيا ۔ پارونيا ۔ ڊپريشن ۔ انتھائي ٿڪ ۔ ڪمزوري ۽ روين جي تبديلي جھڙيون نفسياتي حالتون وٽامن بي 12 جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿي سگهن ٿيون. ھن وٽامن جي کوٽ جي جي ڪري ياداشت جي کوٽ ۔ اعصابي نظام جي ڪمزوري ۔ رت جي کوٽ ۔ ٿڪ ۔ ڊپريشن ۔ سستي ٿي وڃي ٿي.
وٽامن B12 ۾ گوشت ۔ پنير ۔ کير ۔ مڇي ۔ ٽونو مڇي ۽ بيدا اچي وڃن ٿا. ڪنوار ٻوٽي وٽامن بي 12 ۾ موجود ٿئي ٿي. وٽامن بي12 اعصابي نظام کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھي وٽامن ڳاڙھن گهرڙن جي تشڪيل ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. بيدا ۽ پنير ھن وٽامن جو وڏو ذريعو آھن. وٽامن بي 12 جي کوٽ جي ڪري پوڙھن ۾ اينيميا ۽ الجهن پيدا ٿي سگهي ٿي.

Saturday, 8 December 2018

Does mother share blood with her fetus? ڇا ماء پنھنجي ٻچي کي رت ڏئي ٿي؟|اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
Does mother share blood with her fetus?  ڇا ماء پنھنجي ٻچي کي رت ڏئي ٿي؟

"اصغر ساگر"

رت جي گروپ جو تعين ھڪ جينياتي عمل آھي ان ۾ ٻار کي ڪوبہ رت جو گروپ ٿي سگهي ٿو. ٻار حمل دوران ماء جي
 ٻچيداني جي ذريعي اور جي ذريعي جڙيل رھي ٿو. ان اور ۾ ھڪ حصو ٻار جو ۽ ھڪ حصو ماء جي اوڄي جو ٿئي ٿو. ماء ۽ ٻار جا رت ڌار ڌار پنھنجن حصن ۾ گردش ڪن ٿا ۽ ملن نٿا پر منھن مل جاء تي مختلف شين جو تبادلو ڪندا رھن ٿا. ماء جي طرف کان غذا ۔ آڪسيجن ۔ ڪجھ اجسا ۔ ھارمون ۔ ڪجھ مخصوص وائرس وغيرھ ٻار جي رت مان گذرن ٿا جڏھن تہ ٻار جا ردي مواد ماء جي رت ۾ داخل ٿين ٿا.
ٻار جو رت پنھنجي عزيزن جي رت تي دارومدار رکي ٿو پر ٻار جو رت والدين کان بہ مختلف ٿي سگهي ٿو. ٻار کي پنھنجو رت ٿئي ٿو ۽ ماء کي پنھنجو. ان دوران صرف خوارڪ ۽ ردي مواد جو تبادلو ٿئي ٿو. ماء جو رت ٻار ۾ گردش نٿو ڪري. ماء جي رت مان غذا ۔ آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي پھچ اور مان آرپار ٿئي ٿي.
ٻار جو اندروني نظام خود رت ٺاھي ٿو. رت ماء کان سڌو سنئون ٻار ۾ منتقل نہ ٿو ٿئي. اور مان ٻار کي خوراڪ ملي ٿي نڪي رت ملي ٿو ۽ ردي مواد ماء جي خون ۾ داخل ٿين ٿا. ٻار جو رت والدين کان مختلف ٿي سگهي ٿو
عورت جي بيدي ۾ خون نٿو ٿئي پر رت گهرڙن ۽ پرٿ تي مشتمل پاڻيٺ آھي جڏھن تہ بيدو صرف گهرڙو ٿئي ٿو.
رت جو گروپ ٻار کي والدين جي رت جي گروپ مان نٿو ملي. ٻچو ۽ ماء سڌو سنئون ھڪ ٻئي کي رت نٿا ڏين.
ماء ۽ ٻار ھڪ ٻئي کي رت نٿا ڏين ماء جي رت آڪسيجن ۽ غذائون اور ڏي کڻي وڃي ٿي. ٻار جو رت ناڙي کان اور ڏي وڃي ٿو ۽ غذائون ۽ آڪسيجن واپس ٻار ڏي کڻي وڃي ٿو.
ٻچو ناڙي ذريعي اور سان مليل ھوندو آھي اور جيڪو حمل دوران ماء جي ٻچيداني ۾  اوسر پائي ٿو ۽ ڳڀ جي شڪل وٺي ٿو. ناڙي جي رت جي رڳ ذريعي ٻچو ماء کان غذا ۔ آڪسيجن ۽ جيون جي ٽيڪ وٺي ٿو.
جڏھن ٻار اڃان ٻچيداني ۾ ھوندو آھي ھنجا ڦڦڙ استعمال ٿيندا نٿا رھن. ٻار جو جيرو مڪمل اوسر ۾ نہ ھوندو آھي. رت جو وھڪرو ھي رستو اختيار ڪري ٿو. ماء جي رت جون غذائون ۽ آڪسيجن ناڙي ذريعي ٻچي کي اور مان منتقل ٿين ٿيون.
No, mother and child do not share the same blood. The mothers blood carries the oxygen and nutrients to the placenta. ... The babies blood travels up the umbilical cord to the placenta and carries
the nutrients and oxygen back to the baby.
The fetus is connected by the umbilical cord to the placenta, the organ that develops and implants in the mother's uterus during pregnancy. Through the blood vessels in the umbilical cord, the fetus receives all the necessary nutrition, oxygen, and life support from the mother through the placenta.
While the baby is still in the uterus, his or her lungs are not being used. The baby's liver is not fully developed. ... Blood flow in the unborn baby follows this pathway: Oxygen and nutrients from the mother's blood are transferred across the placenta to the fetus through the umbilical cord.

Friday, 7 December 2018

بي پي کي روڪيندڙ شيون Things that prevent Blood Pressure | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

سيارو بي پي جي موسم آھي. نومبر کان مارچ تائين بي پي جي وڌيڪ رھڻ جا امڪان رھن ٿا نتيجي طور سياري ۾ دماغ جي رڳ ٽٽڻ ۔ فالج ۽ موت وڌيڪ ٿئي ٿي. سياري ۾ صبح جو توھان ٻنين ڏي نڪري وڃو توھان کي ٻنين مٿان لوڻ اڦڙيل نظر ايندو مطلب لوڻ وڌيڪ نظر ايندو اھڙي ريت سياري ۾ جسم ۾ لوڻ ڪٺو ٿيندو رھي ٿو ۽ خارج گهٽ ٿئي ٿو فالج ۽ بي پي جھڙيون بيماريون ڪر کڻن ٿيون. ان ڪري سياري ۾ اھڙيون شيون کائڻ کپن جيڪي جسم مان لوڻ کي خارج ڪن جيئن نارنگي ۔ ڪيلو ۽ زيتون وغيرھ. سياري ۾ بي پي واري شخص کي پروٽين جيئن چڻي ۔ وڏي گوشت ۔ بيدي ۽ لوڻ وارين شين کان پرھيز ڪرڻ کپي جيئن وڏين بيمارين جي چنبي ۾ نہ اچي سگهي. ان ڪري هيٺ ڪجھ اهڙين شين جي باري ۾ معلومات ڏجي ٿي جيڪي رت جي داٻ کي متوازن رکڻ ۾ انتھائي فائديمند ثابت ٿين ٿيون.

تلسي يا نازبو جا پن :-
ماهرن مطابق تلسي يا نازبو جا پن رت کي ڇٽو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، اهي رت جي داٻ کي وڌڻ کان بہ روڪيندا آهن ۽ جيڪڏهن ان کي کاڌي ۾ استعمال ڪيو وڃي تہ اهي تمام گهڻا فائديمند آهن.
تلسي يا نازبو جا 6 پن روز کاڌا وڃن تہ رت جو داٻ نہ رھندو ۽ طبيعت تي خوشگوار اثر پوندو.

ليمو :-
ليمو واحد ميوو آھي جيڪو حرارن کي ڳاري ٿو ۽ وٽامن سي ھئڻ ڪري بي پي ھٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ليمو ٿولھ کي گهٽائي ٿو ۽ جسم مان نمڪيات کي خارج ڪري بي پي کان محفوظ رکي ٿو.
ليمو اڌ روز پاڻي گلاس ۾ نپوڙي پيئجي. بھتر فائدو پوندو.

دارچيني :-
دار چيني بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول کي وڌڻ کان روڪي ٿي.  اڌ آڱر جيتري دارچيني کي گلاس پاڻي ۾ ڪاڙھي اڌ بچائي ٿڌو ڪري ڇاڻي ان ۾  ماکي چمچو ملائي پيتو وڃي تہ اها رت جي داٻ ، پت (ڪوليسٽرول) ۽ وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.

ننڍا ڦوٽا :-
ننڍا ڦوٽا صحت لاءِ ڪيترن ئي طريقن سان فائديمند آهي. روز ھڪ ننڍي ڦوٽي کي چٻاڙي کائجي. ننڍو ڦوٽو رت جي داٻ ۾ تمام گهڻو مفيد آهي. ان جي لڳاتار استعمال سان وات ۾ بوءِ ختم ٿي ويندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ رت جي داٻ کي متوازن رکڻ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.

ڪيلو :-
پي جا مريض جيڪڏھن ھڪ يا 2 ڪيلا روز کائن تہ بي پي قابو ۾ رھي سگهي ٿو. ڪيلو غذائي جزن ۽ پوٽيشم سان ڀرپور ٿئي ٿو ان ڪري اسان جي جسم ۾ 10 سيڪڙو سوڏيم کي گهٽائي ٿو ۽ بڪين جي حفاظت ڪري ٿو.
ڪيلي کي ڪٽي ديڳڙي ۾ وجهي اڌ آڱر جيترو دارچيني جو ٽوٽو وجهي ڪاڙھجي اڌ بچي تہ ڇاڻي پيئجي. بي پي کي فائدو ڏيندو ۽ مرداني طاقت وڌائيندو.

ماکي :-
ماکي اھڙي غذا آھي جيڪا قدرتي مٺاڻ رکي ٿي ۽ بيمارين جو شافي علاج آھي. ماکي دل طرف نشاستي جو دٻاء گهٽ رکي ٿي.
نسخو :-
ماکي چمچو
عرق گلاب سہ آتشہ دتو ڪمپني  آنو
روز نيراني ملائي پيئجي. رڳن جي سوڄ کي گهٽ ڪري دل کي فرحت ڏيئي بي پي کي گهٽائي ٿو.
ھلندڙ

Wednesday, 5 December 2018

Value your good friend پنھنجي سٺي دوست جو قدر ڪر: اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

Two friends were walking through the desert. During some point of the journey, they had an argument, and one friend slapped the other one in the face.
ٻہ دوست ريگستان مان پنڌ ڪري رھيا ھئا. سفر جي ڪجھ نقطي تي، انهن ۾ تڪرار ٿي پيو ۽ ھڪ دوست ٻئي دوست کي منھن تي ٿڦڙ ھنئي.
The one who got slapped was hurt, but without saying anything, wrote in the sand “Today my best friend slapped me in the face”.
جنھن کي ٿڦڙ لڳي ان کي ڏک ٿيو پر ڪجھ چوڻ بنا، ان واريء تي لکيو
”اڄ منھنجي بھترين دوست مون کي منھن تي ٿڦڙ ھنئي.“

They kept on walking until they found an oasis, where they decided to take a bath. The one who had been slapped got stuck in the mire and started drowning, but the friend saved him. After he recovered from the near drowning, he wrote on a stone “Today my best friend saved my life”.
انهن پنڌ جاري رکيو جيستائين انهن سائو علائقو پاتو جتي انهن وھنجڻ جو فيصلو ڪيو. اھو جنھن کي ٿڦڙ لڳي ھئي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو ۽ ٻڏڻ شروع ڪيو پر ھن جي دوست ھن کي بچايو. ذري گهٽ ٻڏڻ کان بچڻ کان پوء، ھن پٿر تي لکيو
”اڄ منھنجي دوست منھنجي زندگي بچائي“.

The friend who had slapped and saved his best friend asked him, “After I hurt you, you wrote in the sand and now, you write on a stone, why?” The other friend replied “When someone hurts us we should write it down in the sand where winds of forgiveness can erase it away. But, when someone does something good for us, we must engrave it in stone where no wind can ever erase it.”
دوست جنھن ھن کي ٿڦڙ ھنئي ھئي ۽ جنھن پنھنجي بھترين دوست کي بچايو ان ھن کان پڇيو ”جڏھن مان تنھنجي دل ڏکوئي تو واري تي لکيو ۽ ھاڻي تو پٿر تي لکيو، ڇو؟ ٻئي دوست وراڻي ڏني تہ جڏھن ڪو اسان کي ڏکوئي ٿو تہ اسان کي ان کي واري تي لکڻ کپي جتي معافي جي ھوا ان انهي کي مٽائي سگهي ٿي. پر، جڏھن ڪو اسان لاء ڪاشي سٺي ڪري ٿو، اسان کي ان کي پٿر تي اڪرڻ کپي جتي ڪابہ ھوا ان کي مٽائي نٿي سگهي.

Moral: Do not value the things you have in your life. But value who you have in your life.
ادراڪ :- شين کي اھميت نہ ڏيو جيڪي توھان وٽ زندگي ۾ آھن. پر ان کي اھميت ڏيو جيڪو توھان جي زندگي ۾ آھي.

پت Cholesterole | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
انساني جسم ھڪ مشين وانگي آھي جيڪا لکن ڪروڙن ننڍن پرزن تي ٻڌل آھي جنھن کي خوردبين کان سواء ڏسي نٿو سگهجي. جسم جو ھر پرزو پنھنجي منفرد حيثيت ۾ گهرڙو سڏرائي ٿو جيڪو اصل ۾ نباتاتي زندگي جي بنيادي اڪائي آھي ۽ ان جي تشڪيل جنھن بنيادي مادي سان ٿئي ٿي ان کي پرٿ (پروٽوپلازم) چئبو آھي ھي گهرڙو ھر حالت ۾ پٽڙو ٿئي ٿو ۽ ھن جي مرڪزن (نيوڪليس) جي تقسيم سان گهرڙن جي تقسيم ٿيندي رھي ٿي. گهرڙا پنھنجي مدت پوري ڪري مري وڃن ٿا ۽ وري ان جي جڳھ تي نوان گهرڙا جنم وٺندا رھن ٿا. صرف سبب ھي آھي تہ قدرت توھان کي جينن جي تحرير ۾ زندھ رکڻ چاھي ٿي جڏھن تہ صحتمند يا بيمارى رھڻ توھان جي چونڊ تي آھي. اھا توھان جي چونڊ پت آھي جنھن کي مقرر حد ۾ رکو ٿا تہ صحتمند رھو ٿا ۽ جي ان کي وڌايو ٿا تہ اوھان مرضن جي ور چڙھي ويندا.

پت                      Cholesterol :-
پت هڪ قسم جو سڻڀو مادو آهي جيڪو رت ۾ گردش ڪندو رهي ٿو جسم ۾ ڪيترائي ڪارائتا ڪم ڪندو آهي. اسانجي جسم ۾ 75 سيڪڙو پت جيرو ٺاهيندو آهي جڏهن ته 25 سيڪڙو اسانجي کاڌي مان ايندو آهي.
چرٻ پت موم وانگر چڪنو مادو ٿئي ٿو جيڪو اسان جي جيري ۾ تيار ٿيندو آھي ۽ اسان جي غذا مان حاصل ٿي ذرن جي شڪل ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. چرٻ پت جي معمولي مقدار اسان جي جسم جي ساخت ۾ شامل گهرڙن جي نشونما ۽ صحت لاء تمام ضروري آھي. ھي مختلف ھارمونن جي تياري ۽ ھاضمي جي نظام جي ڪارڪردگي جو اھم جز آھي.  ان کان سوا ھي جسم ۾ حرارت پيدا ڪرڻ لاء استعمال ٿئي ٿو. پت جي مقرر حد رھي تہ ھر شي معمول مطابق ڪم ڪري ٿي پر جي پت مقرر حد کان وڌي وڃي تہ مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا ۔ رت جون ناليون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ مختلف عضون کي نقصان پھچي ٿو.

پت جا ڪم :-
پت ھارمون بنائڻ ۽ گهرڙن جي بنائڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۔ اعصاب جي حفاظت لاء اعصابي جهلي تشڪيل ڏئي ٿو ۽ وٽامن ڊي کي جوڙي ٿو. اسان جو جسم پت کي خود رسد بنائي ٿو. اسان جو جيرو پت ٺاھي ٿو جنھن جي جسم کي ضرورت پوي ٿي. جسم ۾ تمام بنيادي ھارمون خصيرو ۔ ايسٽروجن ۽ سيل ميمبرين جو بنجڻ جو سبب بنجي ٿو. اھي خوراڪون جيڪي اسان کائون ٿا اھي پت وڌائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. حيواني خوراڪن ۾ جيئن گوشت ۽ بيدي ۾ وڌ ۾ وڌ پت پيدا ٿئي ٿو جڏھن تہ نباتاتي خوراڪن جيئن ڀاڄين ان ۽ سبزين ۾ پت نٿو پاتو وڃي. ڪجھ خوراڪون جيئن مکڻ ۔ گھ ۔ ناريل ۽ ڪريم ۾ پت وڌيڪ پاتي وڃي ٿو. پت انساني جسم ۾ بنيادي چرٻي آھي جيڪا گهرڙن کي توانائي ڏيڻ سان گڏ مضبوطي فراھم ڪري ٿي. پت جسم ۾ عمر جي حد سان وڌي ٿو پر ڪڏھن ڪڏھن ان جي سطح عمر کان پھرين وڌي وڃي ٿو جيڪا وزن ۽ بيمارين جو  سبب بنجي ٿو. جسم ۾ تمام بنيادي ھارمون خصيرو (ٽيسٽوسٽيرون) ۔ بيدوڻ (اسٽروجن) ۽ گهرڙجهلي (سيل ميمبرين) جو بنجڻ جو سبب بنجي ٿو.

پت جي سڃاڻپ :-
جيڪڏهن اوهان جا ڳل ڀريل ۽ چيلھ ويڪري آهي تہ خير آهي پر جڏهن اوهان جي رت ۾ سڻڀ جو مقدار وڌي وڃڻ ڪري اهو گهاٽو ٿي وڃي ۽ ان ۾ پيلي رنگ جو گهاٽو مادو شامل ٿي وڃي تہ اهو خطرناڪ آهي ڇو تہ حد کان وڌيل پت اوهان جي رت جي نالين ۾ ڄمندو ويندو ۽ رت جي وهڪري کي متاثر ڪندو. اڳتي هلي دل جي دوري جو سبب بڻبو.

پت چڪاس ڪرائيندو رھڻ :-
پت چرٻي جو ھڪ قسم آھي جيڪا محدود مقدار ۾ ضروري آھي پر ان جي گهڻائي رت کي گهاٽو ڪري ٿي ۽ دل کي مرضن جي ور چاڙھي ٿي ۽ دل جي دوري جي امڪانن کي وڌائي ٿي. پت کي دنيا ۾ چيڪ ڪرڻ جا مختلف طريقا آھن پر ان جو صحيح مقدار ٻڌائڻ ممڪن ناھي ان ڪري ضروري آھي گهٽ ۾ گهٽ ھر چوٿين مھيني بعد پت ۽ شڳر جو فائيل وٺڻ ضروري آھي تہ جيئن توھان جو رت گهاٽو ٿي دل جي شريانين ۾ ويھي نہ وڃي.
پت ڪھڙين شين مان ملي ٿي.

پت ڪھڙين شين مان ملي ٿي :-
پت جانورن مان حاصل ٿيل غذا مان پاتي وڃي ٿي.
وڏو ۽ ننڍو گوشت - بيدي جي زردي - ڊيري جون شيون مثال کير ۔ ڏھي ۔ مکڻ ۔ پنير ۔ بڪي ۔ جيرو ۔ مغز وغيرھ ۾ پت وڌيڪ ٿئي ٿي. ڪڪڙ ۽ مڇي جي گوشت ۾ پت جي مقدار نسبتن گهٽ ٿئي ٿي.
نباتات مان حاصل ڪيل غذا مثال ميون ۔ سبزين ۔ دالن ۔ مغزن ۔ گرين ۽ ڦرين ۾ پت ڪافي گهٽ ٿئي ٿي.

پت جا قسم :-
* ايڇ ڊي ﺍﯾﻞ HDL: (High Density Lipoprotein ‏) پت
* ايل ڊي ﺍﯾﻞ ‏( LDL : Low Density Lipoprotein ‏) پت
* ٽرائي ﮔﻠﯿﺴﺮﺍئيڊ ‏( Triglycerides ‏)
ھڪ خاص پروٽين لپروٽين جي سھاري ھلن ٿا. لپروٽين جو مثال گاڏي وانگر آھي جيڪا روڊ تي ھلي ٿي ۽ جنھن تي سامان سٿيل ھوندو آھي ۽ ھي سامان پت جي مختلف قسمن جو ٿئي ٿو جو رت جي ذريعي مختلف عضون تي پھچي ٿو.
Lipoprotein                         لپروٽين

ٺوس پت يا ايڇ ڊي ايل ‏ ( HDL ‏) پت :-
ٺوس پت کي سٺو سمجهيو وڃي ٿو ڇوجو ھي پت رت جي نالين ۽ پٺن کان جيري طرف وڃي ٿي ۽ جيرو ھڪ صنعت وانگر آھي ھي پت اتي پھچي ڀسم ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح جيرو رت جي مقرر پت کي حد ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ خاص عضوي دل جي خاص طور تي حفاظت ڪري ٿو.

چرٻ پت يا ايل ڊي ﺍﯾﻞ ‏ ( LDL ‏) پت :-
ھي چرٻ پت بري سمجهي وڃي ٿي ڇوجو ھي ئي رت جي اندرين نالين ۾ ڄمي رڳن کي ٿلهو ڪري رت جي گردش ۾ کوٽ آڻي ٿي ۽ دل جي شريانين جي مرض جو سبب بنجي ٿي.

چرٻاڻ ‏ Triglycerides :-

ھي اھا چڪنائي آھي جيڪا ذرن جي شڪل ۾ ڪٺي ٿئي ٿي. جڏھن جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ حرارا ڪٺا ٿي وڃن ٿا تہ اتي واڌو توانائي جي صورت ۾ مثال ورزش ۔ ڳرو جسماني ڪم وغيرھ جي  ضرورت پوي ٿي. ھي رت ۾ لڳاتار رھڻ ڪري دل جي مرضن جو سبب بنجي ٿي ۽ شڳر جھڙا مرض ھن جي مقدار وڌڻ جي ڪري جنم وٺي ٿو.

رت ۾ پت جي مقرر حد ۽ وڏي حد جي مقدار :-
ٽوٽل چرٻاڻ جي وچٿري مقدار درجابندي مطابق 180 ملي گرام يا گهٽ ٿئي ٿي.
سرحد لائين وڏي پت جي مقدار 181 کان 199 ملي گرام آھي.
وڏي پت جي مقدار 200 ملي گرام يا ان کان وڌيڪ ٿئي ٿي.
ھلندڙ

ڪيلشم Calcium : اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar

ڪيلشم اسان جي ھڏين جي صحت لاء ضروري جز آھي. اسان جي جسم ۾ رت جي رواني ۔ ھارمون تي ضابطي ۽ اعصابي تسلسل لاء ڪاگر آھي. جسم کي ڪيلشم نہ ملڻ جي صورت ۾ ھڏيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ۔ چمڙي ۾ خشڪي اچي وڃي ٿي ۽ مختلف ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ھڏي جي مضبوطي ۽ بناوٽ لاء ڪيلشم ضروري آھي. جسم ۾ پاتي ويندڙ 99 سيڪڙو ڪيلشم ھڏين ۾ پاتي وڃي ٿي. جسم ۾ ڪيلشم جي مختلف ھنڌن تي ضرورت پوي ٿي مثال پٺن جي ڪم ڪرڻ لاء، اعصابي نظام وغيرھ. جسم جي ھڏين جي افزائش ۽ جوڙجڪ  ۾ ڪئلشم اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻار کان 24سالن جي عمر تائين ڪئلشم ھڏين جي اوسر ڪري قد وڌائي ٿي ۔ ھڏين کي مضبوطي ڏئي ٿي ۽ مڪمل نشونما جي مرحلي کي پورو ڪري ٿي. 24 سالن کان پوء قد وڌڻ جا مرحلا رڪجي وڃن ٿا. ان ڪري ٻار جي ڄمندي ٻار جي قد وڌائڻ جي سوچ کي اپنائجي. وٽامن ڊي جو استعمال ڪندو رھجي ان سان گڏ پروٽين کي کاڌي ۾ شامل ڪجي.

ڪيلشم ڇا آھي :-
نشاني سي اي ۽ ايٽمي نمبر 20 سان ڪيلشم ڪيميائي عنصر آھي. الڪلائيني ڌاتو ڪيلشم ردعملي ڌاتو آھي جيڪو آڪسائيڊ۔نٽرائيڊ جو ڪارو تھ ٺاھي ٿو جڏھن ھوا ۾ اچي ٿو. انهي جو طبيعاتي ۽ ڪيميائي خاصيتون پنھنجي ڳرن ڌاتن ھومولوگس اسٽرونيم ۽ بيريم سان گهڻو ڪري ساڳائپ رکن ٿيون.

ڪيلشم جي ماھيت :-
دريا خان سنڌي مطابق ”ڪيلشم هڪ اڇي رنگ جي چمڪدار ۽ نرم ڌات آهي، جيڪا دنيا ۾ آزاد حالت ۾ نہ ٿي ملي پر هميشہ مرڪبن جي شڪل ۾ ملي ٿي. هي اسان جي جسماني بناوت جو هڪ اهم جزو آهي، ۽ مناسب جسم واري ماڻهوءَ ۾ تقريبن 1200 گرام مقدار ۾ موجود هوندي آهي. هڏن جي بناوت  ۾ ڪئلشيم هڪ لازمي جزو آهي، جيڪو هڏن کي ان جي سختي ڏئي ٿو. هڏي جي بناوت ۾ پروٽين جي سخت ڌاڳن جي وچ ۾ ڪيلشيم جا مرڪب پيوند هوندا آهن، جيڪي رت ذريعي هڏي تائين پهچن ٿا، ائين هڏي ۾ مستقل ٽوڙ ڦوڙ ۽ نشونما جو مناسب عمل جاري رهندو آهي.“

ڪيلشم ۽ رت جو تعلق :-
جيڪڏھن ﺭﺕ ۾ ڪيلشم ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﺗﮧ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﺎﮪ رڪجڻ ﺟﻮ ﺧﻄﺮﻭ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ جيڪڏھن ڪﻴﻠﺸﻢ ﻭﮄﻱ ﻭﭸﻲ ﺗﮧ ﺩﻝ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ڪﻢ ڇڏي ڏﺋﻲ ٿي. ﻗﺪﺭﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺭﺕ ﭘﺎﮠ ۾ ڪيلشم ﺟﻲ ﻣﻘﺪﺍﺭ ﮐﻲ ﺿﺎﺑﻄﻲ ۾ ﺭﮐﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ . ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺭﺕ ۾ ڪيلشم ﺯﻳﺎﺩﮪ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﺗﮧ ﺍﮬﺎ ھڏين ۾ ڪٺي ﭤﻴﮡ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪي آھي ۽ ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﺭﺕ ۾ ڪيلشم ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﺗﮧ ھڏين ﮐﺎﻥ ڪيلشم ﺭﺕ ۾ ﺍﭼﮡ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﮬﻲ. اھڙي ﺻﻮﺭﺕ ۾ ڪنھن ﺑﮧ ﺳﺒﺐ ﮐﺎﻥ ھڏي ﺟﺎ ﻣﺎﺩﺍ گهٽ ﭤﻴﮡ ﺷﺮﻭﻉ ﭤﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ ۽ ھڏي ﺟﻲ ﻣﻌﺪﻧﻴﺎﺗﻲ گهاٽاڻ گهٽ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ.

ڪيلشم ۽ وٽامن سي جو تعلق :-
وٽامن سي ۽ ڪيلشم پاڻ ۾ لازم ملزوم آھن جيڪي جسم کي کي مختلف مرحلن مان گذارين ٿا. وٽامن سي تاندورن  کي واڌ ويجھ ڏئي ٿي ۽ انهن جي مرمت ڪري ٿي جنھن جي ڪري تاندورا ھڏن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪن ٿا. وٽامن سي ڪيلشم کي تحليل ڪري ڪئلشم کي ھڏن جي موافق بنائي ٿي ۽ پروٽين کي گهٽ ڪري ۽ وائرسن کي ماري ھڏن جي فعاليت وڌائي ٿي. وٽامن ڊي ڪئلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي گڏوگڏ وٽامن سي ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن ڪي ۔ ميڳنيشم ۽ بورون ڪيلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ھڏي جي مايي کي وڌائين ٿا. وٽامن سي پھرين وٽامن ڊي کي تحليل ڪندي آھي ۽ ان کان پوء وٽامن ڊي ڪيلشم کي تحليل ڪري ڪيلشم کي ھڏين جو حصو بنائيندي آھي. وٽامن سي يا گجري جا اثر نارنگي ۔ مالٽا ۔ ليمي ۔ ڌاڻي ۽ ڪاري مرچ ۾ پاتا وڃن ٿا جيڪي آنڊن ۾ ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي جو تعلق :-
ھڏين جي ڪمزوري جو ھڪ سبب ڪيلشم سان گڏ وٽامن ڊي جي کوٽ ٿئي ٿي. ان کان پوء جسم جي ٻين عضون جو وارو اچي ٿو. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن. وٽامن ڊي اسان جي جسم ۾ ھارمون وانگر ڪم ڪري ٿي ۽ جسم جي ھر گهرڙي ۾ پنھنجي پھچ کي يقيني بنائي ٿي ۽ وار ۔ اکيون ۔ دل ۔ بڪيون جيرو ۽ ھڏيون سڀ وٽامن ڊي گهرن ٿيون. ھي جسم ۾ ڪيلشم ۽ فاسفورس کي تحليل ڪري ٿي ۽ کين ترڪيب ڏئي ٿي. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن. جسم ۾ ڪئلشيم جي سرشتي لاءِ وٽامن ڊي جو هئڻ بہ لازمي اهي. هن وٽامن جي گهٽتائي جي صورت ۾ ڪئلشم جو کاڌي مان رت ۾ جذب ٿيڻ ۽ هڏين ۾ پهچڻ اڻ مڪمل ٿي ويندو آهي ۽ ٻارن ۾ نرم ھڏ Rickets ۽ وڏن ۾ ڪچ ھڏ Osteomlacia جي شڪايت ٿي پوندي آهي، جنھن ۾ هڏيون نرم ٿي پونديون آهن ۔ وزن جي داٻ سان مڙي پونديون آهن ۽ معمولي داٻ يا وزن سان ڀڄي سگهن ٿيون. جيئن جيئن عمر وڌندي آهي، هڏين ۾ ڪئلشيم جو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري انهن ۾ لچڪ گهٽجي ويندي اهي. انهيءَ ڪري پوڙهن جا هڏا آسانيءَ سان ٽٽي پوندا آهن. پوڙھائپ ۾ پوڙھن کي ڪئلشم جو استعمال ضروري ڪرڻ کپي.

ڪيلشم ۽ مئگنيشم جو تعلق :-
مئگنيشم ۽ ڪيلشم ٻئي گڏجي ڪم ڪن ٿيون. مئگنيشم وٽامن ڊي جي ڪئلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڪئلشم ۽ مئگنيشم رت جي رواني کي برقرار رکن ٿيون ۔ دل جي ڌڙڪي کي باقائدا ڪن ٿيون ۔ پٺن کي طاقت ڏين ٿيون.  ڪئلشم کي جذب ڪرڻ لاء مئگنيشم جي ضرورت پوندي آھي. ڪافي مئگنيشم کان سواء ڪئلشم نرم تاندورن ۾ ڪٺي ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌن جي سور جو سبب ٿي سگهي ٿي. ڪيلشم سان گڏ مئگنيشم جي استعمال سان جسم مان ڇوت (انفيڪشن) ختم ٿي سگهن ٿا ۽ زخم جلدي مڙي سگهن ٿا. ان ڪري ڪئلشم سان گڏ مئگنيشم جو استعمال ضروري آھي.

جست ۽ ڪيلشم جو تعلق :-
جست ۽ ڪيلشم ٻئي اھم معدني جزا آھن جيڪي جسم ڪيترا ڪنجي ڪردار ادا ڪن ٿا. جست وچٿري واڌويجھ ڏئي ٿو ۽ زخم کي ڇٽائي ٿو. اھا ھاضمي ۽ سواد جي حس ۾ ڪم ڪري ٿي. جست ننڍي آنڊي ۾ ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڪيلشم جتي ھڏين جي نشونما ڪري ٿي جست اتي پٿ (ھيموگلوبن) جي ترتيب ڪاري ڪري ٿو. جست ھڏن جي ڇوت کي ختم ڪري ٿو ۔ ھڏين جي اوسر کي مضبوط بنيادن تي وڌائي ٿو ۽ ھاضمي کي درست ڪري ٿو ۔ وارن کي مضبوط بنائي ٿو ۔ مدافعتي نظام کي بھتر بنائي ٿو ۽ زخمن کي جلدي ڇٽائي ٿو.

ڪيلشم ۽ ڄاول ٻار جو تعلق :-
ٻار جيئن ڄمندو آھي ان جون ھڏيون نرم ھونديون آھن. ڪئلشم جيئن ماء جي کير يا ٻين ڪيلشمي شين جي استعمال سان ڪئلشم ھڏن جو حصو ٿيندو ويندو آھي ۔ ھڏن ۾ واڌ ويجھ ٿيندي رھندي آھي ۽ ھڏن ۾ مضبوطي اچڻ شروع ٿي ويندي آھي. انهيءَ ڪري ٻارن کي کير جو مناسب مقدار ڏيڻ جي هدايت ڪئي ويندي آھي تہ جيئن هڏين جي چڱي نموني واڌ ويجھ ٿي سگهي. کير جي هڪ پوائنٽ ۾ گهڻو ڪري 600 ملي گرام ڪئلشيم هوندو آهي.

ڪيلشم ۽ ورزش جو تعلق:-
ورزش ڪرڻ سان جسم کلي ٿو ۽ قد وڌي ٿو. جڏھن توھان اھڙيون ورزشون ڪريو ٿا تہ چرٻي استعمال ۾ اچي ٿي ۽ ڪيلشم ھڏين ۾ جذب ٿي ھڏين جو حصو ٿي وڃي ٿي ۽ ھڏيون طاقت وٺن ٿيون.

روز ڪيتري ڪيلشم استعمال ڪرڻ کپي :-
عام حالت  ۾ هڪ مناسب وزن واري ماڻهوءَ کي روزانو تقريباََ 500 ملي گرام ڪئلشم جي ضرورت هوندي آهي. ڪئلشم جي ڪري ٻارن ۾ نشونما جو عمل تيز هوندو آهي، تنهن ڪري انهن کي روزانو 600 کان 700 ملي گرام ڪئلشم گهرجي. پيٽ وارين عورتن کي حمل دوران روزانو 1200 ملي گرام ڪئلشم گهرجي.

ڪيلشم جا وسيلا :-
کير ۽ کير مان ٺھيل شيون
سايون ۽ پنن واريون ڀاڄيون
ڪئلشم مليل (Calcium-fortified) کاڄرو شيون

قد وڌائڻ ۾ ڪيلشم جو ڪردار :-
ھڪ نئين ڪتاب جي مصنف ”بين ڪوٽس“ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ٿو تہ ڪھڙي طرح دنيا جي ھن قوم کير - ڏھي ۽ پنير جو استعمال ڪري پنھنجو قد وڌايو ۽ رشڪ جوڳي قوم بنجي وئي. بي بي سي جي رپورٽ مطابق ڊچ قوم جي کير - پنير ۽ ڏھي صرف روز جي خوراڪ ناھي پر قومي علامتي حيثيت رکي ٿي. سون سالن تائين جڏھن نيڌرلينڊ جي ماڻهن پنھنجي آزادي جي جنگ وڙھي پنھنجي ڌرتي کي آزاد ڪرايو تہ انهن کي گاھ سان زرخيز ڌرتي ملي جاڏي ڪاڏي ساوڪ ملي ۽ گنج چراگاھ مليا. انهن ھزارين چوپايا جانور پاليا. کير ايترو عام ٿي ويو جو جھڙوڪر پاڻي کان جهجهو لڳو پئي. کير پيئندڙن کان کير وڌي ويو جو کير مان ڏھي - پنير ۽ مکڻ ٺاھڻ لڳا. ائين ڊچ قوم ۾ پنير اھم حيثيت ٺاھي ورتي ۔ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ عام استعمال ۾ اچي ويو. تقريبن ڏيڍ صدي پھرين ڊچ قوم يورپ ۾ سڀ ننڍي قد واري قوم ھئي پر پوين ڏيڍ سو سالن کان انهن پنير ۽ کير جو خوب استعمال ڪيو پر اڄ ڊچ قوم نہ صرف يورپ کان پر دنيا جي سڀني قومن کان  قداور قوم آھي. نيدر لينڊ ۾ عورتن جو سراسري قد 5 فٽ 7 انچ ۽ مردن جو سراسري قد 6 فٽن کان مٿي آھي. ماھرن مطابق ان سموري ڪارفرما ۾ ڊيري مصنوعات جو وڏو عمل دخل آھي. نيدرلينڊ ۾ کير مان ٺھندڙ شيون آمريڪا - برطانيہ ۽ جرمني جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ واپرايون وڃن ٿيون. ھن ملڪ جو مقبول ترين ناشتو پنير - بريڊ ۽ کير آھي. صبح جي وقت ماڻھو ريل گاڏين ۾ سفر ڪندي ماڻھو پنير ۽ کير مان ٺھيل شيون کائيندي نظر اچن ٿا. جڏھن اسان مٿئين عنوان تي نظر رکون ٿا تہ اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪيلشم قد وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ڇوجو ڪيلشم ھڏن جي نشونما کي فروغ ڏئي ٿي جنھن جي ڪري قد وڌڻ جي اوسر ۾ ڪابہ رڪاوٽ نٿي رھي. ماضي ۾ سنڌي گهرن ۾ مائرون ڄمندي ٻار کي مکڻ جو دڪو وجهنديون ھيون جنھن جا مثبت اثر زندگي جي آخر تائين رھندا ھيا ۽ ڄمندي ٻار جي ماء کي سچي گھ ۾ مختلف شين جي چورن ٺاھي ڏني ويندي ھئي يا روز بصري کارائي ويندي ھئي جنھن سان عورت جي جسم ۾ حيض جو زھريلو مادو خارج ٿي ويندو ھو ۽ صحتمند ٿي ويندي ھئي پر ھاڻي اسان جي سنڌي سماج ۾ کير مکڻ کائڻ واري روايت ختم ٿي وئي سڄو ڏينھن مالوند گهرن ۾ چانھ جا ٻاٽا ڪڙھن ٿا پيا. قد وڌائڻ لاء جتي ڪيلشم ضروري آھي اتي ٻار جي ڄمندي ان کي خشڪ گرم ۽ گرم خشڪ شين کان پاسو ڪرائڻ کپي ڇوجو ٻار جو ھڏ ڪمزور ٿيندو آھي ان جي گرم شين جي استعمال ڪرڻ سان ھڏين جي نشو نما رڪجي وڃي ٿي نتيجي طور ٻار جي قد ۾ رڪاوٽ جا امڪان اچي وڃن ٿا ۽ ٻار سدائين ڪمزور رھي ٿو.

ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿيندڙ عارضا :-

خشڪ چمڙي :-
بائپوسلڪيميا ۽ ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري چمڙي خشڪ ٿي وڃي ٿي ۽ وارن ۾ ٻڦو اچو وڃي ٿو. ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري ايگزيميا ۔ تر ۔ موھيڙا ۽ ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا.

ٿڪ :-
جڏھن جسم ۾ جلدي ٿڪ ٿئي تہ سمجهجي تہ ڪيلشم جي کوٽ آھي. ڪيلشم سان ڀرپور غذائن کي استعمال ڪري سستي ۽ ٿڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

ذھني دٻاء :-
مزاج کي ٺيڪ رکڻ لاء ڪيلشم جو استعمال ضروري آھي. ڪئلشم ۾ اھڙا عنصر آھن جيڪي ذھني دٻاء کان بچائن ٿا ۽ سڪون ڀريو احساس ڏين ٿا.

ننڊ نہ اچڻ :-
رات جو سڪون جي ننڊ نہ اچي ۽ بي چيني ھجي اھا ڪيلشم جي کوٽ طرف اشارو ڪري ٿي. اھڙي حالت ۾ ڪئلشم استعمال ڪرڻ کپي ڇوجو ڪئلشم ۾ اھڙا ھارمون ٿين ٿا جيڪي ننڊ ڏيڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

اڪثر بيمار ٿيڻ :-
اڪثر بيمار رھڻ ڪئلشم جي کوٽ طرف اشارو آھي ڇوجو جسم قوت مدافعت جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ان ڪري ڪئلشم جي غذائن جي استعمال سان جسم کي ڪئلشم ملي ٿي ۽ قوت مدافعت وڌي وڃي ٿي.

ننھن جو ٽٽڻ :-
ننھن جو ڀرڀرو ٿيڻ ۔ ٽٽڻ ۽ اڇو نظر اچڻ ڪيلشم جي کوٽ آھن ڇوجو ننھن کي بہ ڪئلشم جي ضرورت پوي ٿي.

ڳيھڻ ۾ تڪليف :-
جيڪڏھن ڳيھي نہ سگهڻ جي شڪايت ھجي تہ اھا ڪيلشم جي کوٽ آھي. ڪيلشم جي کوٽ جي ڪري ڳلي ۽ پٺن جو تعلق ٽٽي وڃي ٿو ۽ ڪنھن شي کي کائڻ ۽ ڳيھڻ ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو.

ڏندن جو درد :-
اسان جي جسم وڌيڪ ڪيلشم ھڏين ۽ ڏندن ۾ ڪٺي ٿئي ٿي. ڪئلشم جي کوٽ جي ڪري ڏندن جو درد ۔ ڏندن ۾ ڪيڙو ۽ ٻيون بيماريون لڳي سگهن ٿيون.

پٺن جو درد
ڪئلشم جي ڪري پٺا مضبوط رھن ٿا ۽ جڏھن ڪيلشم ۾ کوٽ ٿئي ٿي پٺن جو درد مستقل ٿي وڃي

آخري حصو
ڪيلشم             Calcium
”اصغر ساگر“

ڪيلشم ڀريا کاڌا :-

سھانجڙو :-
سھانجڙي جا پن ڪيلشم ۾ هڪ مڪمل کاڌو (فوڊ سپليمنٽ) آهن. هن ۾ پالڪ کان 9 ڀيرا وڌيڪ فولاد، ڪيلي کان 4 ڀيرا وڌيڪ پوٽيشم، ڪڻڪ کان 4 ڀيرا وڌيڪ اوڄا، کير کان 8 ڀيرا وڌيڪ ڪيلشم ۽ نارنگي کان ٻيڻ تي وٽامن C شامل هوندي آهي.ﻫﻦ ﺟﻲ 100 ﮔﺮﺍﻡ ﺧﺸڪ ﭘﻨﻦ ﻣﺎﻥ ڏﻫﻲ ﮐﺎﻥ 9 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﭘﺮﻭٽين، ﮔﺠﺮﻥ ﮐﺎﻥ 10 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﻭٽاﻣﻦ ﺍﻱ، ڪﻴﻠﻲ ﮐﺎﻥ 15 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﭘﻮٽيشم، ﮐﻴﺮ ﮐﺎﻥ 17 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ڪﻴﻠﺸﻢ، ﻣﺎلٽي ﮐﺎﻥ 12 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﻭٽاﻣﻦ ﺳﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ.سھاﻧﺠڙﻭ ﺻﺤﺖ ﺑﺨﺶ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﺧﺼﻮصيتن ﺳﺎﻥ ﻣﺎﻻ ﻣﺎﻝ ﺁﻫﻲ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ھن جا پن ﮐﺎﮄﻱ ۾ ڏينھن ۾ ھڪ دفعو ڀاڄي طور کاڌا ﻭڃن تہ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٻہ وقت ﺟﻲ ﮐﺎﮄﻱ ﻣﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻏﺬﺍﺋﻴﺖ ﺟﻲ ﺑﺮﺍﺑﺮ ﻫﻮﻧﺪﻱ.

ڪيلو :-
ڪچ ھڏ جو ھڪ سبب لوڻ جو گهڻو استعمال ڪرڻ آھي. ڪيلو اسان جي جسم 10 سيڪڙو کان وڌيڪ سوڊيم(نمڪيات) جي اثرن جو گهٽ ڪري سگهي ٿو.
ڪيلي ۾ وٽامن - ميگنيشم ۽ ڪيلشم جي وافر مقدار موجود ٿئي ٿي جيڪا ھڏين جي مضبوطي - سنڌن جي سور ۽ ھڏين کي تڪليف کان نجات ڏياري ٿي - ھڏين جي نشونما ڪري ٿو ۽ گردن جي حفاظت ۾ بہ ڪردار ادا ڪندي آهي. ڊاڪٽرن جي تحقيق مطابق پڪل ڪيلي کي پاڻي ۾ ڪاڙھي ڇاڻي اھو پاڻي پيئڻ ڪيلن کائڻ کان وڌيڪ توانائي ڏئي ٿو. ھن ۾ بجلي جھڙي توانائي ھوندي آھي جيڪا اتي جو اتي اثر ڪندي آھي ۽ طاقت سان لبريز ڪري ٿي.

ڏھي :-
ڏھي ۾ قدرتي ڪيلشم ٿئي ٿو. ڏھي جي ھڪ پيالي ۾ ڪيلشم 30 فيصد ۽ وٽامن ڊي 20 فيصد ٿئي ٿي جيڪا انهن غذائن جي هڪ ڏينهن جي جسماني ضرورت پوري ڪندي آهي.

کير :-
ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي سان ڀريل کير کي هڪ مڪمل غذا چيو ويندو آهي. 8 اونس کير ۾ 30 سيڪڙو ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي وڏي مقدار ۾ موجود هوندي آهي، جيڪا هڏين جي مضبوطيءَ لاءِ ڏاڍي فائديمند آهي. چڪنائي کان پاڪ کير ۾ 90 حرارا (ڪيلريون) ٿين ٿا. ڇوجو ھن ۾ وٽامن جي کوٽ رھي ٿي. ھاڻي تہ مغربي ملڪن ۾ کير ۾ مصنوعي وٽامن ڊي شامل ڪيو پيو وڃي تہ جيئن زيادھ غذا بخش ٿي سگهي.

گوگڙو:
گوگڙو وٽامنن جو خزانو آھي. گوگڙو عضلاتي شرياني سرشتي Cardiac vessels system جو محافظ آھي. ھن ۾ ڪیلشیم اور پوٽاشم جي مقدار ڪافي ٿئي ٿي جنھن سان ھڏين جي مضبوطی ۽ افزائش ۾ اضافو ٿئي ٿو. ھن کي ھڏين جي غذا بہ چوندا آھن. گوگڙو کائڻ وارن کي ھڏن جي کوکلاڻ Osteoporosis نہ ٿي ٿئي. جي ٿئي ٿي تہ ان جا اثر گهٽ ٿي وڃن ٿا. گوگڙو وٽامنن جو خزانو آھي.

ٽماٽر :-
وڌ ۾ وڌ ڪيلشم ٽماٽي ۾ پاتي وڃي ٿي. ٽماٽي کائڻ سان ھڏا مضبوط ٿين ٿا. ٽماٽو رت جي بہ افزائش ڪري ٿو. ٽماٽر ۾ لائسوپين ۽ اينٿو سائنس جو ڀرپور مقدار موجود هوندو آهي جيڪو نظر جي ڪمزوري، ڪينسر ۽ دماغي مرض جي خطري لاء گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ ھڏين کي مضبوط ڪري ٿو.

بادام :-
بادام ۾ موجود ڪيلشم سان هڏيون مضبوط ٿين ٿيون ۽ ان ۾ موجود زنڪ سان هيموگلوبن جي ترڪيب ۾ مدد ملي ٿي. بادام وٽامن اي جو ذريعو آهي، تيزابيت ختم ڪندو آهي، دل جي مرض ۽ ڪينسر جي مرضن ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ۽ ايل ڊي ايل ڪوليسٽرول جي سطح کي متوازن رکندو آهي.

ڌاڻا :-
ڌاڻا ڪيلشم بہ رکن ٿا پر گڏوگڏ جسم مان زھراڻ خارج ڪن ٿا. ڌاڻن ۾ وٽامن اَي ۽ ڪي سميت وٽامن سِي بہ جَجهي ٿئي ٿي تہ منجهس مئنگنيشم جهڙي ڌاتوءَ جون ذريون بہ ٿين ٿيون. وٽامن بي، ڪيلشم، فولاد، جست، فاسفورس، پوٽيشم ۽ ميگنيشم جو به ٺاهوڪو مقدار منجهس ٿئي ٿو. جڏهن ڌاڻن جو اينٽي آڪسيڊنٽن جي حوالي سان ذڪر ڪجي ٿو تہ اهي منجهس ايترا تہ طاقتور طريقي سان موجود هجن ٿا، جو قدرتي محافظ طور ڪم ڪن ٿا. ان جو تيل نہ رڳو آڪسيجن جي عمل کي روڪي ٿو تہ کاڌي کي وائي ٿيڻ کان بہ بچائي ٿو. منجهس بئڪٽيريا خلاف خاصيتون هجڻ سبب ڌاڻو سالمونيلا جهڙي خطرناڪ بيماريءَ کان بہ بچائي ٿو، جنهن سبب پيٽ جو سُور، شديد ڊائريا ۽ ٽائفائيڊ ٿي پون ٿا.

بيدو :-
آني جي ٽڪيءَ يا زرديءَ ۾ آني جي 90 سيڪڙو ڪيلشم ۽ فولاد تہ سفيديءَ ۾ آني جي پروٽين جو اڌ موجود ٿئي ٿو.
هن ڌرتيءَ تي موجود سڀني غذائن ۾ آني کي هڪ بھترين غذا سمجهيو وڃي ٿو: آني ۾ هر ان قسم جو غذائي وکر موجود ٿئي ٿو، جنھن جو ڪنھن مثالي کاڌي يا غذا لاءِ هجڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ٿلهي ليکي هڪ اوٻاريل آني ۾ هيٺيان وکر موجود ٿين ٿا: وٽامن اي (A)، فوليٽ(folate)، وٽامن بي 5، وٽامن بي 12، وٽامن بي 2،
،فاسفورس(phosphorus)، سلينيم(selenium)
 وٽامن ڊي، وٽامن اِي، وٽامن ڪي، وٽامن بي 6، ڪئلشم جو بہ خاشو مقدار موجود ٿئي ٿو. ٿلهي ليکي هڪ آنو 77 ڪيلرين، 6 گرام پروٽين ۽ 5 گرام سڻڀ جي برابر ٿئي ٿو.

پالڪ :-
طبي لحاظ کان هيءَ جلد هضم ٿيندڙ ۽ تاثر ۾ ٿڌي آهي. گرم ۽ خشڪ طبيعت وارن لاءِ وڏي فائديمند آهي. تجربن کان پوءِ معلوم ٿيو آهي تہ پالڪ ۾ فولاد ۽ ڪئلشيم جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان جسم جا هڏا مضبوط ٿين ٿا. پالڪ رت وڌائڻ لاءِ بهترين غذا آهي.پالڪ ھڪ ڪپ ۾ وٽامن ڪي جو تعين ٿيل مقدار 1000 سيڪڙو اچي وڃي ٿو جيڪو ھڏين جي نشونما ڪري ٿو ۽ ھڏين کي مضبوط ڪري ٿو.
https://www.facebook.com/groups/1896424147306334/permalink/2232202903728455/



.
ھلندڙ

Tuesday, 4 December 2018

Remedies for itchy throat ڳلي جي سرڻ جا علاج: دريا خان سنڌي

MyDairyAsgharSagar

ڳلي جو سرڻ ۽ سوڄ هڪ عام بيماري آهي جيڪا موسمي تبديلين سبب ٿئي ٿي، گڏوگڏ گهڻو ٿڌو پيئڻ ۽ کائڻ سان بہ ٿئي ٿي. گهڻا ماڻهو حساس هوندا آهن جيڪي ٿوري موسمي تبديلين ۽ آلودگيء واريون شيون کائڻ سان ان جو شڪار ٿين ٿا. ڳلي جو سرڻ ۽ سوڄ وقتي طور گهڻي تڪليف ڏئي ٿي، ان جا شڪار ماڻهو کائڻ، پيئڻ ۽ ڳالهائڻ کان ڪجھ وقت محروم ٿيو وڃن .
ڳلي جي سوڄ سبب ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ گهڻيون شيون ڳلي ۾ اندر ناهين وينديون. 
هن بيماري جا ڪجھ نسخا جيڪي گهريلو آهن، ماھرن مطابق انهن ذريعي ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

ماکي :
چيئو ويندو آهي تہ ماکي هر بيماري جو توڙ آهي. ھاڻ ميڊيڪل سائنس پڻ انهي جي تصديق ڪئي آهي. آمريڪا ۾ ٿيندڙ تحقيق موجب گلي جي سوڄ ۽ کچ کچ جو شڪار ماڻهو ڏينھن ۾ 2 کان 3 ڀيرو ماکي کي چانهن ۾ ملائي يا ائين ئي استعمال ڪن جنھن سان انهن جو ڳلو جلدي ٺيڪ ٿي سگهجي ٿو يا ماکي کي چٽڻ سان بھتر اثر مرتب ٿين ٿا.

لوڻ واري پاڻي سان گرڙا :
هي نسخو صدين کان هلندڙ آهي جنهن جا ڪافي سٺا اثر پون ٿا. ماهرن موجب لوڻ هلڪي گرم پاڻي سان ملائي گرڙا ڪرڻ سان ڳلي ۾ موجود زهريلن بيڪيٽيريائن جو خاتمو ٿيندو آهي جيڪي سوڄ ۽ کچ کچ جو سبب ٿين ٿا.

سوڊا پاڻي جا گرڙا :
لوڻ ملايل پاڻي جيان سوڊا هلڪي گرم پاڻي ۾ سوڊا وجهي گرڙا ڪرڻ سان ڳلي جي خارش ۽ سوڄ کي فائدو پوي ٿو. ماهرن موجب هڪ گلاس نيم گرم پاڻي ۾ چانهن جي چمچي جيتري سوڊا ملائي گرڙا ڪرڻ سان جلد ڳلي جي سوڄ ۽ خارش ختم ٿيندي آهي.

ميٿي جا پن :
ميٿي جي پنن کي تيل ۾ ملائي ڪري ڳلي جي ٻاهرين حصي جي مالش ڪئي وڃي يا گرم پاڻي ۾ اوٻاري نيم گرم پاڻي سان گرڙا ڪرڻ سان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو

صوف جو سرڪو :
صوف جي سرڪي ۾ موجود مائڪروبيل جزا خراب بيڪٽيريائن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هڪ گلاس هلڪي گرم پاڻي ۾ چانھن جو هڪ چمچي جيترو صوف جو سرڪو ملائي ڪري گرڙا ڪرڻ سان گلي جي سوڄ ۽ خارش ۾ بهتري اچي ٿي.

ادرڪ :
ٿورو کن ادرڪ کي هلڪي پاڻي ۾ اوٻاري رکي ھلڪي گرم پاڻي سان گرڙا ڪرڻ سان وات ۾ موجود خراب بيڪٽيريائن جو انت ايندو آهي. جيڪڏهن ان کي روزانو ٽوٿ برش سان استعمال هيٺ آڻجي تہ ان سان ڏند مظبوط ٿيڻ سان گڏ وات مان ايندڙ ڌپ کي ختم ڪري سگهجي ٿو

گرم مصالا جات :
مختلف گرم مصالحن جي مدد سان ٺھندڙ سوپ ۽ چڪن سوپ بہ ڳلي جي سوڄ ۽ خارش لاء سٺا هجن ٿا.

Saturday, 1 December 2018

Phloem Bundle اوڄي تندون: By Asghar Sagar

MyDairyAsgharSagar

ڪيلو اھو ميوو آھي جيڪو مڪمل غذائيت رکي ٿو ھي وٽامنن جومجموعو آھي. ڪيلو سپر فوڊ جي حيثيت رکي ٿو پر ان جي کل بہ  ڪمال جي شي آھي گڏوگڏ ڪيلي جي اندر تار جھڙي کل بھترين فائدا رکي ٿي.
Those banana strings are called ''Phloem.'' Their job is to distribute nutrients up and down the banana as it grows and their scientifically name is Phloem bundle.
ڪيلي جي انهن تارن کي فلوئم چئبو آھي. انهن جو ڪم ڪيلي کي غذائيت پھچائڻ آھي جيئن اھو واڌ ويجھ ڪري ٿو ۽ ھن جو سائنسي نالو فلوم بنڊل آھي. ڪيلي جي اندر موجود تارن کي اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون چئبو آھي. ڪيلي جي اوڄي تندن ۾ ايتري غذائيت آھي جيتري ڪيلي ۾ اچي وڃي ٿي. ڪيلي جي اوڄي تندن ۾ پوٽيشم ۔ تاندورا ۔ وٽامن اي ۽ وٽامن بي 6 وافر مقدار ۾ موجود ٿئي ٿو. اوڄي تندون ھڪ تاندورا آھن جيڪي مختلف ميون ۾ پاتيون وڃن ٿيون ھن جو ڪم غذائيت پھچائڻ آھي. اوڄي تندون زندھ گهرڙن مان ٺھن ٿيون ۽ ھي کاڌو ۽ شڳر کي ٻوٽي جي مختلف حصن تي پھچائن ٿيون ۽ ڪيلي جون اوڄي تندون بہ ساڳو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. ھي اوڄي تندون رڳن وانگر پوري ميوي کي غذائيت ۽ پاڻي پھچائين ٿيون تہ جيئن ميوو پوري طرح پروان چڙھي. ھي اوڄي تندون ڪيلي جي واڌ ويجھ ۾ مدد ڪن ٿيون. توھان جڏھن بہ ڪيلو کائو ڪيلي ۾ موجود اوڄي تندن کي کائو تہ جيئن وڌيڪ غذائيت حاصل ٿئي ڇوجو اوڄي تندون ڪيلي جيتري غذائيت رکن ٿيون.
اسان کي ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ جيڪي ميوا اسان کائون ٿا انهن جي اندر اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون ٿين ٿيون اھي ميوي وانگر ساڳا فائدا رکن ٿيون. جيڪڏھن اسان انهن اوڄي ڳنڍن کي وٽامن بي17 ۾ شمار ڪريون تہ ڪري سگهون ٿا ڇوجو اھي ميوي جو جوھر يا ست رکن ٿيون جيڪي مرض کي جلدي ختم ڪري سگهن ٿيون. نارنگي ۔ مالٽا ۔ ڪيلي يا اھڙن ميون ۾ اوڄي تندون ٿين ٿيون جن کي کائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.