سيارو بي پي جي موسم آھي. نومبر کان مارچ تائين بي پي جي وڌيڪ رھڻ جا امڪان رھن ٿا نتيجي طور سياري ۾ دماغ جي رڳ ٽٽڻ ۔ فالج ۽ موت وڌيڪ ٿئي ٿي. سياري ۾ صبح جو توھان ٻنين ڏي نڪري وڃو توھان کي ٻنين مٿان لوڻ اڦڙيل نظر ايندو مطلب لوڻ وڌيڪ نظر ايندو اھڙي ريت سياري ۾ جسم ۾ لوڻ ڪٺو ٿيندو رھي ٿو ۽ خارج گهٽ ٿئي ٿو فالج ۽ بي پي جھڙيون بيماريون ڪر کڻن ٿيون. ان ڪري سياري ۾ اھڙيون شيون کائڻ کپن جيڪي جسم مان لوڻ کي خارج ڪن جيئن نارنگي ۔ ڪيلو ۽ زيتون وغيرھ. سياري ۾ بي پي واري شخص کي پروٽين جيئن چڻي ۔ وڏي گوشت ۔ بيدي ۽ لوڻ وارين شين کان پرھيز ڪرڻ کپي جيئن وڏين بيمارين جي چنبي ۾ نہ اچي سگهي. ان ڪري هيٺ ڪجھ اهڙين شين جي باري ۾ معلومات ڏجي ٿي جيڪي رت جي داٻ کي متوازن رکڻ ۾ انتھائي فائديمند ثابت ٿين ٿيون.
تلسي يا نازبو جا پن :-
ماهرن مطابق تلسي يا نازبو جا پن رت کي ڇٽو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، اهي رت جي داٻ کي وڌڻ کان بہ روڪيندا آهن ۽ جيڪڏهن ان کي کاڌي ۾ استعمال ڪيو وڃي تہ اهي تمام گهڻا فائديمند آهن.
تلسي يا نازبو جا 6 پن روز کاڌا وڃن تہ رت جو داٻ نہ رھندو ۽ طبيعت تي خوشگوار اثر پوندو.
ليمو :-
ليمو واحد ميوو آھي جيڪو حرارن کي ڳاري ٿو ۽ وٽامن سي ھئڻ ڪري بي پي ھٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ليمو ٿولھ کي گهٽائي ٿو ۽ جسم مان نمڪيات کي خارج ڪري بي پي کان محفوظ رکي ٿو.
ليمو اڌ روز پاڻي گلاس ۾ نپوڙي پيئجي. بھتر فائدو پوندو.
دارچيني :-
دار چيني بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول کي وڌڻ کان روڪي ٿي. اڌ آڱر جيتري دارچيني کي گلاس پاڻي ۾ ڪاڙھي اڌ بچائي ٿڌو ڪري ڇاڻي ان ۾ ماکي چمچو ملائي پيتو وڃي تہ اها رت جي داٻ ، پت (ڪوليسٽرول) ۽ وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.
ننڍا ڦوٽا :-
ننڍا ڦوٽا صحت لاءِ ڪيترن ئي طريقن سان فائديمند آهي. روز ھڪ ننڍي ڦوٽي کي چٻاڙي کائجي. ننڍو ڦوٽو رت جي داٻ ۾ تمام گهڻو مفيد آهي. ان جي لڳاتار استعمال سان وات ۾ بوءِ ختم ٿي ويندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ رت جي داٻ کي متوازن رکڻ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
ڪيلو :-
پي جا مريض جيڪڏھن ھڪ يا 2 ڪيلا روز کائن تہ بي پي قابو ۾ رھي سگهي ٿو. ڪيلو غذائي جزن ۽ پوٽيشم سان ڀرپور ٿئي ٿو ان ڪري اسان جي جسم ۾ 10 سيڪڙو سوڏيم کي گهٽائي ٿو ۽ بڪين جي حفاظت ڪري ٿو.
ڪيلي کي ڪٽي ديڳڙي ۾ وجهي اڌ آڱر جيترو دارچيني جو ٽوٽو وجهي ڪاڙھجي اڌ بچي تہ ڇاڻي پيئجي. بي پي کي فائدو ڏيندو ۽ مرداني طاقت وڌائيندو.
ماکي :-
ماکي اھڙي غذا آھي جيڪا قدرتي مٺاڻ رکي ٿي ۽ بيمارين جو شافي علاج آھي. ماکي دل طرف نشاستي جو دٻاء گهٽ رکي ٿي.
نسخو :-
ماکي چمچو
عرق گلاب سہ آتشہ دتو ڪمپني آنو
روز نيراني ملائي پيئجي. رڳن جي سوڄ کي گهٽ ڪري دل کي فرحت ڏيئي بي پي کي گهٽائي ٿو.
ھلندڙ
0 comments:
Post a Comment