ڪيلو اھو ميوو آھي جيڪو مڪمل غذائيت رکي ٿو ھي وٽامنن جومجموعو آھي. ڪيلو سپر فوڊ جي حيثيت رکي ٿو پر ان جي کل بہ ڪمال جي شي آھي گڏوگڏ ڪيلي جي اندر تار جھڙي کل بھترين فائدا رکي ٿي.
Those banana strings are called ''Phloem.'' Their job is to distribute nutrients up and down the banana as it grows and their scientifically name is Phloem bundle.
ڪيلي جي انهن تارن کي فلوئم چئبو آھي. انهن جو ڪم ڪيلي کي غذائيت پھچائڻ آھي جيئن اھو واڌ ويجھ ڪري ٿو ۽ ھن جو سائنسي نالو فلوم بنڊل آھي. ڪيلي جي اندر موجود تارن کي اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون چئبو آھي. ڪيلي جي اوڄي تندن ۾ ايتري غذائيت آھي جيتري ڪيلي ۾ اچي وڃي ٿي. ڪيلي جي اوڄي تندن ۾ پوٽيشم ۔ تاندورا ۔ وٽامن اي ۽ وٽامن بي 6 وافر مقدار ۾ موجود ٿئي ٿو. اوڄي تندون ھڪ تاندورا آھن جيڪي مختلف ميون ۾ پاتيون وڃن ٿيون ھن جو ڪم غذائيت پھچائڻ آھي. اوڄي تندون زندھ گهرڙن مان ٺھن ٿيون ۽ ھي کاڌو ۽ شڳر کي ٻوٽي جي مختلف حصن تي پھچائن ٿيون ۽ ڪيلي جون اوڄي تندون بہ ساڳو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. ھي اوڄي تندون رڳن وانگر پوري ميوي کي غذائيت ۽ پاڻي پھچائين ٿيون تہ جيئن ميوو پوري طرح پروان چڙھي. ھي اوڄي تندون ڪيلي جي واڌ ويجھ ۾ مدد ڪن ٿيون. توھان جڏھن بہ ڪيلو کائو ڪيلي ۾ موجود اوڄي تندن کي کائو تہ جيئن وڌيڪ غذائيت حاصل ٿئي ڇوجو اوڄي تندون ڪيلي جيتري غذائيت رکن ٿيون.
اسان کي ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ جيڪي ميوا اسان کائون ٿا انهن جي اندر اوڄي تندون يا تاندوري ڳنڍون ٿين ٿيون اھي ميوي وانگر ساڳا فائدا رکن ٿيون. جيڪڏھن اسان انهن اوڄي ڳنڍن کي وٽامن بي17 ۾ شمار ڪريون تہ ڪري سگهون ٿا ڇوجو اھي ميوي جو جوھر يا ست رکن ٿيون جيڪي مرض کي جلدي ختم ڪري سگهن ٿيون. نارنگي ۔ مالٽا ۔ ڪيلي يا اھڙن ميون ۾ اوڄي تندون ٿين ٿيون جن کي کائي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
ڪارائتي ڄاڻ
ReplyDelete