Wednesday, 2 February 2022

ميازاڪي انب Miazaki Mango 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


ميازاڪي انب Miyazaki mango منفرد ياقوتي ڳاڙھو رنگ Unique ruby red colour ھئڻ ڪري خوشبھار انب Irwin mango ڄاتو وڃي ٿو جنھن جي ڪري ھن جو نالو صوف انب Apple mango رکيو ويو آھي ڇوجو ھي صوف جھڙا خوشنما رنگ رکي ٿو. ھن انب کي فلپيني انب Philippine mango ۽ منيلا انب Manila Mango پڻ سڏيو وڃي ٿو. فلپين ۾ ھي انب ڪارابائو Carabao جي نالي تان ورتل آھي جنھن جي معنا اڇي مينھن جو فلپپيني جنس Filipino breed of water buffalo آھي.
 ميازاڪي انب کي منفرد ياقوتي ڳاڙھو رنگ unique ruby red colour ھئڻ ڪري خوشبھار انب Irwin mango ڄاتو وڃي ٿو جنھن جي ڪري ھن تي صوف انب Apple mango رکيو ويو آھي ڇوجو ھي صوف جھڙا خوشنما رنگ رکي ٿو. ھن انب کي فلپيني انب Philippine mango ۽ منيلا انب Manila Mango پڻ سڏيو وڃي ٿو. فلپين ۾ ھي انب ڪارابائو Carabao جي نالي تان ورتل آھي جنھن جي معنا اڇي مينھن جو فلپپيني کاڌو  Filipino breed of water buffalo آھي. 

ھي ماھي خور انب (پيڻ انب) Pelican mango کان مختلف آھي.ھي انب ڏکڻ اوڀر ايشيا Southeast Asia وسيع پيماني تي پوکيو وڃي ٿو. مازاڪي انب جي اوڪنوا کان پوء جپان جي ٻي وڏي اپت آھي. مازاڪي انب طور منفرد نمونو ھئڻ ڪري مارڪيٽ تمام مھانگو کپي ٿو. ھن جو ھڪ داڻو 50 ڊالرن يعني 9 ھزار روپين ۾ کپي ٿو.  مازاڪي انبن کي سج جا بيدا سڏيو Eggs of the Sun  سڏيو وڃي ٿو. 

مازاڪي انب پاڻ ۾ کنڊ جو وڏو مقدار رکي ٿو. ھن جي 350 گرام ۾ 15 گرام کنڊ مواد موجود ٿئي ٿو.

Thursday, 13 May 2021

نانگ بين کي ٻڌي ٿو Snake listens to Been 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


نانگ کي ٻاھريان ڪن نٿا ٿين ان ڪري تصور ڪيو ويندو ھيو تہ نانگ ٻوڙو آھي، ڪنھن وقت تائين سائنس انهي ڳالھ کي سچ سمجهيو پر سائنسدانن جي تازي تحقيق ان ڳالھ کي رد ڪندي چيو آھي تہ آوازي لھرون نانگ جي کوپڙي ۾ لرزشون پيدا ڪن ٿيون جيڪي پوء اندرئين ڪن ذريعي ٻڌي سگهجن ٿيون. درحقيقت نانگ ٻڌي سگهي ٿو جيئن اسان ٻڌي سگهون ٿا.

انسانن ۾ آوازي لھرون ھوا رستي ڪن دھلڙي Eardrum تي پھچن ٿيون جيڪي سنهن ھڏن جي چرپر ۽ سنهن وارن جي لرزشن کي ڪن ۾ پيدا ڪن ٿا. اھي لھرون تنتي ڇڪن Nerve impulses ۾ تبديل ٿين ٿيون جيڪي دماغ ڏي ھلن ٿيون. نانگن کي مڪمل اندريان ڪن ٿين ٿا پر ڪن دھلڙي نٿي ٿئي. انهي بدران انهن جا اندريان ڪن ڄاڙين سان سڌا مليل ٿين ٿا جيڪي زمين تي بنياد رکن ٿا جيئن اھي رڙھن ٿا. سائنسي تحقيق مطابق آوازي لھرون زمين زمين رستي پنجن سان سفر ڪن ٿيون جيڪي ڄاڙي ۾ آوازي لھرون پيدا ڪن ٿيون ۽ اندرئين ڪن رستي دماغ کي اشارو ڏين ٿيون. تازي سائنسي مطابق نانگ ٻن لرزشن ذريعي آواز ٻڌي ٿو.

By Ground vibrations

By Air vibrations

ڪي نانگ زميني لرزش زيعي اڳيون آواز ٻڌندا آھن جڏھن تہ ڪي نانگ ھوائي لرزشن ٻڌندا آھن ۽ ٻڌڻ جي معيار ۾ گهٽتائي نہ ھوندي آھي ائين جيئن انسان ٻڌندو آھي.

 نانگ ۽ بين جو تعلق عجيب وٿ رکي ٿو بين جو وڄڻ ۔ ناگ جون جهمريون ھڻڻ جوڳي جو بين کي ڦيرائڻ نانگ جو وراڪا ڏيڻ ۔ بين جو آواز نانگ ۾ ايتري جاذبيت پيدا ڪري ٿو جو نانگ جهومڻ لڳي ٿو پر جيڪڏھن ائين ڏسجي تہ حقيقت ان جي ابتڙ آھي. نانگ جي بناوٽ تي سوچڻ کان پھرين اچو تہ ڪن جي حصن کي سمجهون. ڪن جا ٽي حصا ٿين ٿا.

ٻاھريون ڪن Outer ear

وچون ڪن Middle ear

اندريون ڪن Inner ear

اسان کي خبر آھي تہ آواز ھوا ۾ لھرن جي صورت ۾ ھلي ٿو. ھي لھرون ھوا کان اسان جي ٻاھرئين ڪن External ear جنھن جو ٻاھر وارو حصو جسم کان ٻاھر نظر ايندو آھي ان ۾ داخل ٿين ٿيون ۽ اسان جي ڪنن سان ٽڪرائجي لرزش پيدا ڪن ٿيون جتان ھي لرزشون وچين ڪن ۾ موجود ٻوڌ ھڏن Ear ossicles کان ٿيندي اندرئين ڪن Inner ear ۾ پھچي ٿي اندرئين ڪن کان ھي آواز تاڻي تنت nerve impulse جي صورت ۾ اشارو دماغ طرف وڃن ٿو ۽ اسان ھن آواز کي ٻڌون ٿا.

نانگ جا ڪن انسان جي ڀيٽ ۾ مختلف ٿين ٿا. نانگ جي ڪنن ۾ نہ ٻاھريون ڪن ٿئي ٿو، نڪي وچون ڪن، ايترو اسريل ٿئي ٿو نڪي ڪن جو پردو Tympanic membrane ٿئي ٿو. نانگ ۾ صرف اندريان ڪن ٿين ٿا جيڪي لرزشي اشاري کي وٺي ٿو.

پھرين خيال ڪيو ويندو ھيو تہ نانگ ٻوڙو ٿئي ٿو پر تحقيق مان ثابت ٿي چڪو آھي تہ نانگ ٻوڙو ناھي. نانگ جي اندرئين ڪن جو رابطو ھن جي مھار ۾ موجود ٿنڀري Columella سان ٿئي ٿو. آواز جي لرزشن کي نانگ جي ڪن تائين پھچائڻ جو ڪردار ھي ھڏو ادا ڪري ٿي. نانگ جڏھن زمين يا ٻي ڪنھن سطح تي رڙھي ٿو تہ ان سطح ۾ پيدا ٿيندڙ لرزشون نانگ جي مھارن ۽ ٻين ھڏين کان ٿينديون ان جي Columella جي رستي ان جي اندرئين ڪن ۾ پھچن ٿيون پوء اھي لرزشن اشارا دماغ ڏي وڃن ٿا ۽ نانگ پنھنجي آسپاس جي صورتحال کان واقف ٿي وڃي ٿو.

اھي لرزشون جيڪي زمين يا نانگ جي جسم سان جڙيل ٿين ٿيون ڪنھن ٻي سطح کان ٿينديون اندرئين ڪن  inner ear تائين پھچن ٿيون انهن کي ماتحت تاڻي لرزشون Substrate borne vibrations چئبو آھي ۽ ھوا کان ايندڙ لرزشن کي ھوائي تاڻي لرزشون Air borne vibrations چئبو آھي. اھو سڀ نانگ صرف مخصوص اڳاڻ Frequency جي آوازن مان محسوس ڪري ٿو. جتي انسان 20Hz کان 20000Hz جي اڳاڻ واري آواز ٻڌي سگهي ٿو پر نانگ 30Hz کان 1000Hz اڳاڻ جي آواز ٻڌي سگهي ٿو.

نانگ جي بين تي حرڪت ڪرڻ جو سبب نانگ جو بين مان نڪرندڙ آواز کي محسوس ڪرڻ آھي جڏھن بين جي حرڪت سان آواز جي طرف تبديل ٿئي ٿي تہ نانگ بہ ان طرف آواز محسوس ڪري ان طرف حرڪت ڪري ٿو اھو ئي سبب آھي جو نانگ بين کي پاڻ وٽ ڏسي ۽ ان جي حرڪت کي ڏسي پنھنجو مٿو ھيٺ مٿي ڪري ڦيرائي ٿو جوڳي ھي ڪم نانگن کي سيکارين ٿا ۽ تماشي ۾ استعمال ٿيندڙ نانگ تربيت ورتل ھوندا آھن. جوڳي انهن جا ڏند Fangs ڪڍي ڇڏيندا آھن يا ڪجھ نانگن جو منھن بند ڪري ڇڏيندا آھن تہ جيئن ڏنگ ھڻي نہ سگهن. ھي سراسر ظلم شھي جرڪو جوڳي نانگن تي ڪن ٿا ھن ڪم لاء اڪثر ڦڻ وارن ڪوبرا نانگن کي استعمال ڪن ٿا. پھرين ھي تماشا ھر ملڪ ۾ ھوندا ھئا پر ھاڻي آفريڪا ۽ ھندستان تائين محدود ٿي ويا آھن.


نانگ ٻڌي سگهي ٿو:

نانگن کي پوري جوڙجڪ سان اندريون ڪن ٿئي ٿو پر دھلڙي ناھي. انھي بدران انهن جو اندريون ڪن سڌو سنئون ڄاڙين سان مليل ٿئي ٿو اھو زمين تي ٿئي ٿو جيئن اھي ريڙھيون پائين ٿا.

نانگن کي ظاھري ڪن نٿا ٿين جيئن اسان کي ٿين ٿا. انهن کي دماغ جي اندران ٻڌڻ وارا آلا ٿين ٿا جن کي ٿنڀرا Columella سڏجي ٿو جيڪي ڄاڙين سان مليل ٿين ٿا جن ڪري اھي آواز جي لرزش چڱي طرح محسوس ڪن ٿا ۽ گهٽ اڳاڻ وارا آواز ٻڌي سگهن ٿا.

جنھن ماڻهو ۾ سماعت جي قابليت رھي ٿي اھو 20 کان 2000 ايڇ زيڊ تائين ٻڌي سگهي ٿو جڏھن تہ نانگ جي ٻڌڻ جي حد 200 کان 300 ايڇ زيڊ حد آھي سراسري انسان جي آواز جي حد 250 ايڇ زيڊ آھي جنھن کي نانگ ٻڌي سگهي ٿو. بلڪل تنھنجي ڳالھ ٻولھ کي ٻڌي سگهي ٿو.

Monday, 12 April 2021

بنا ٿڪ لڳاتار ڪم ڪندڙ دل Heart working continuously without tiredness 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


دل ھڪ عجيب عضوو آھي. اھا زندگي ھلائڻ لاء آڪسيجن ۽ غذا ڀريو رت Nutrient-rich blood جسم ڏي ڌوڪي ٿي. ھي مڪي جھڙو بجلي گهر لک ڀيرا ڏينھن جو ڌڙڪو ڪري ٿو، 5 يا 6 چوٿگ Quartz يعني ساڍن پنجن لٽرن کان مٿي رت ڌوڪي ٿو ۽ اٽڪل 2 ھزار گيلن رت کي جسم ڏي ڌوڪي ٿو. ايترو سخت ڪم ۔ ايڏي جفاڪشي پر پوء بہ ٿڪ نٿو ٿئي، دل ساندھ پنھنجي ڪم ۾ روان دوان رھي ٿي.

دل جي کاٻي وينوتي Left ventricle ۽ ساڄي وينوتي Right ventricle مضبوط ڌوڪيندڙ آھن. کاٻي وينوتي Left ventricle مضبوط ۾ مضبوط آھي ڇوجو رت کي ڌوڪي سڄي جسم ڏي موڪلي ٿي. جڏھن دل ٺيڪ ٺاڪ نموني ڪم ڪري ٿي تہ چارئي خانا گڏجي لڳاتار ڪم ڪن ٿا ۽ باھمي ربط سان آڪسيجن واري رت کي جسم ۾ ڦيرائين ٿا.

دل جو ڪم ڦنڊڻ ۽ سسڻ آھي ۽ جسم جي عضون کي رت پھچائڻ آھي. جڏھن دل سسي ٿي تہ اھا نپوڙجي ٿي ۽ مڪ وانگر روپ وٺي ٿي. مڪ ھڪ نمونو آھي جيڪا دل اپنائي ٿي تہ جيئن رت کي ٻاھر ڌوڪي سگهي. دل اھو سڄو ڏينھن رات لڳاتار ڪم ڪندي رھي ٿي، ڪيڏو نہ سخت ڪم ڪري ٿي پر ٿڪجي نٿي.

دل جو اھم ڪم آڪسيجن ڀريو زرخيز رت جسمن ڏي ڌوڪڻ آھي ۽ سادو آڪسيجن وارو رت ڦڦڙ ڏي موڪلڻ آھي. اھا 60 کان 100 دفعا منٽ ۾ ڌڙڪي ٿي ۽ ڏينھن رات ڌڙڪندي رھي ٿي. ھڪ اندازي مطابق 80 سالن جي عمر ۾ بہ 3,363,840,000 ڀيرا ڌڙڪي ٿي پر ٿڪڻ جو نالو ناھي.

دل ايترو ڌڙڪڻ باوجود ڇو نٿي ٿڪجي، ان ڪري جو دل ۾ عضلاتي مشڪون Cardiac muscles ٿين ٿيون جيڪي کيس لڳاتار تحرڪ ڏين ٿيون ۽ کيس بيھارين نہ ٿيون. دل واحد عضوو آھي جيڪا جيڪا عضلاتي مشڪن Cardiac muscles جي ٺھيل آھي، ھي اھي مشڪون آھن جيڪي بغير ناغي جي ڪم ڪنديون رھن ٿيون ۽ دل کي تحرڪ ڏينديون رھن ٿيون. جيڪڏھن اسان پنھنجي مرضي سان دل کي تحرڪ ڏيڻ جو ڪم کڻون تہ اسان جون ڪرنگهي مشڪون Skeletal muscles ٿڪجي سگهن ٿيون.

زندھ گهرڙن وانگر مشڪن جي گهرڙن کي بہ توانائي جي ضرورت پوي ٿي. گهرڙن جي توانائي غدٽسفيٺو Adenosine triphosphate ATP جي صورت ۾ ٿئي ٿي. ھر گهرڙو غدٽسفيٺي ATP مان توانائي بنائڻ لاء گلوڪاڻ Glucose استعمال ڪري ٿو جنھن کي اسان گهرڙي ساھداري Cellular respiration سڏيون ٿا. جيڪڏھن گهرڙو گلوڪاڻ Glucose مان توانائي ٺاھيندي آڪسيجن جو استعمال ڪري تہ اسان ان کي توانائي لاء واسي ساھداري Aerobic respiration چونداسين ۽ ان ساھداري لاء رت جو آڪسيجن کڻي گهرڙن تائين پھچڻ ضروري آھي. جيڪڏھن گهرڙا توانائي لاء آڪسيجن جو استعمال نٿا ڪن تہ ان عمل کي اسان اڻ واسي ساھداري Anaerobic respiration چونداسين. واسي ساھداري Aerobic respiration ۾ گهرڙي کي وڌيڪ غدٽسفيٺا ATPs ملن ٿا. حسابي طور تي 36 ۽ جڏھن تہ غير واسي ساھداري Anerobic respiration ۾ صرف 2 غدٽسفيٺا  2ATPs  ملن ٿا، ان سان گڏوگڏ غير واسي ساھداري Anerobic respiration دوران پڄيرو تيزاب Lactic acid ڪيميائي مادو ٺھي ٿو.

دل جي ڪل مقدار ۾ 30 کان 35 سيڪڙو ماڳوٽا آھن. ايتري وڏي توانائي پيدا ڪرڻ جو مطلب دل صحتمند حالت ۾ عضلاتي مشڪ Cardiac muscle آھي جيڪا ڪڏھن آرام نٿي ڪري. ڪجھ توانائي عضلاتي مشڪن ڏي منتقل ٿئي ٿي ان ساڳئي وقت ايتري وڌيڪ توانائي حراري کاڌي پيتي Calories intake مان ملي ٿي.

 توانائي ٺاھڻ جي ھن عمل لاء گهرڙي وٽ عضوا ٿين ٿا جن کي اسان ماڳوٽا Mitochondria چئون ٿا. جڏھن اسان پنھنجي ڪرنگهي مشڪن کان سخت ڪم وٺون ٿا تہ انهن مشڪن جي توانائي جي ضرورت وڌي وڃي ٿي پر رت ايتري تيزي سان انهن مشڪن جي گهرڙن کي آڪسيجن ڏيئي نٿو پائي، پوء ھي گهرڙا بغير آڪسيجن جي توانائي ٺاھڻ شروع ڪن ٿا يعني اڻ واسي ساھداري Anerobic respiration جو عمل شروع ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ پڄيرو تيزاب Lactic acid ٺھڻ شروع ڪري ٿو جيڪو مشڪن ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پڄيرو تيزاب Lactic acid مشڪن جي ٿڪ جو سبب بنجي ٿو، ھي پڄيرو تيزاب Lactic acid رت سان گڏ مشڪن مان جيري ۾ پھچي وڃي ٿو جتي ان کي ٻيھر گلوڪاڻ (مٺ) Glucose ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو.

ھڪ عام غلطي آھي تہ مشڪن ۾ ڏارون پڄيري تيزاب Lactic acid جي ڪري پون ٿيون، دراصل راند ۽ ورزش جي ڪجھ ڏينھن کان پوء تاخيري تاڻي مشڪي سوڄ DOMS جي ڪري مشڪن ۾ سيرون پون ٿيون جن جو سبب سخت ورزش ھوندي آھي.

دل جون مشڪون ڇو نٿيون ٿڪجن ان جو سبب ھي آھي تہ دل جي مشڪن ۾ ماڳوٽا Mitochondria وڌيڪ ٿين ٿا، دل جي مشڪن ۾ ڪرنگهي مشڪن جي ڀيٽ ۾ 35 سيڪڙو وڌيڪ ماڳوٽا ٿين ٿا جنھن جي ڪري وڌيڪ توانائي ٺھي ٿي ۽ وڌيڪ اڻ واسي ساھداري Anaerobic respiration نٿي ٿئي. دل کي رت جي سٺي پھچ ملي ٿي جنھن جي ڪري وڌيڪ آڪسيجن ملي ٿي ۽ وڌيڪ واسي ساھداري Aerobic respiration ٿئي ٿي. دل جي ڪجھ مشڪن ۾ جيئن ڪجھ غير واسي ساھداري Anaerobic respiration ٿئي ٿي ۽ پڄيرو تيزاب  Lactic acid ٺھي ٿو جنھن کي وري پائرو تيزاب pyruvate ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو، ھي ئي ڪيميائي مادو آھي جنھن مان پڄيرو تيزاب Lactic acid ٺھيو. ھن ڪم لاء مشڪن وٽ ھمخامرا Isoenzymes ٿين ٿا.

دل جي مشڪن ۾ عام طور تي تاخيري تاڻي مشڪي سوڄ DOMS (Delayed-onset muscle soreness) جي ڪري سيرون نہ ٿيون پون ڇوجو انهن تي ڪرنگهي مشڪن وانگر وزني ڇڪ نٿي پوي. سخت ورزش جي ڪري ڍانچي مشڪي تاندورن ۾ ننڍا ننڍا ڏار پون ٿا پوء اتي ڇوت جي ڪري درد ٿئي ٿو جيڪو 24 کان 72 ڪلاڪ رھي ٿو.

Tuesday, 6 April 2021

ڳوڙھا ۽ سائنس Tears And Science 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


ٻار روئڻ لڳو مگر ماء ڌيان نہ ڌريو. ٻار جذبات ۾ رانڀاٽ شروع ڪيا، ماء ڊوڙندي اچي ھن کي ڳلي لڳايو. ڳلي لڳڻ شرط ٻار جو احتجاج ماٺو ٿي ويو ۽ کيس ننڊ اچي وئي پر ڪجھ دير تائين ڳوڙھا ھليا.

ھي روئڻ ۔ ھي ڳوڙھا ڳاڙڻ فطرت جي نشاندھي ڪن ٿا جيڪي ڪائنات ۾ معصوم روپ سروپ سان موجود آھن. ڪڪرن جو اڀ تي مڙڻ ۔ سارنگ جو ساٺ ڪرڻ ۔ پياسي ڌرتي کي پلر جي پالوٽ ڏيڻ ۽ ڌرتي تي سرسبز شادابي اچڻ ۔ ارزان ان ٿيڻ ۽ سنگهارن لاء سک ٿيڻ ھي سڀ ڪيفيتون فطرت جي زرخيز ھجڻ اشارو ڪن ٿيون.

سارنگ   سار   لَڌِي

آگَميا           اَبَر


سَڄو سُونھن ٿَر

چُميو چُم مَلِير کي.

”اصغر ساگر“


محبوب جو رسڻ ۔ عاشق جو تڙپڻ ۔ حيلا وسيلا ھلائڻ ۔ ايلاز منٿون ڪرڻ ۔ ڪوبہ وس نہ ڇڏڻ ۔ فطرت اھو عشق انسان جي جيء سان جڙي ڇڏيو. محبت ۾ پاڻ کي ڪنھن سان منسوب ٿيڻ ۽ ان کان ڌار ٿيڻ دردن جو اڻ کٽ سلسلو جنھن ۾ ڳوڙھا ڳاڙڻا پون ٿا ۔ راتو ڏينھن روئجي ٿو ۽ ريجهائڻ لاء ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

روئڻ سان جي ريجهن تہ راتو ڏينھن روئان

لاڙي لڙڪ اکين مان    پيرين   ھوند   پوان

ڌرتي سڀ ڌوئان  لڙڪن سان  لطيف چوي.

”شاھ لطيف“


ڳوڙھا جتي عاشق پنھنجي جاني جي جدائي کي ظاھر ڪن ٿا، اتي پڇتاء وارا ڳوڙھا اکين ۾ ڪر کڻن ٿا ۽ روئندي پاڻ تي ملامت کڻڻي پوي ٿي. اتي ساڳي ھنڌ گوتم ٻڌ جو مرندي ڪامل مراقبو نظر اچي ٿو ۽ موت جي ڪابہ فلڪ سندس منھن تي نظر نٿي اچي، مرڻ وقت بہ گوتم ٻڌ ڌيان ۽ گيان ۾ رھيو.

ڌِيان       گِيان       مُراقبو

سوچُون سُونھن سُرڪ


سَدا      کيڏِي     مُرڪ

گوتَم   تُنھنجي   لَبن   تي.

”اصغر ساگر“

ھندوستان ۾ ذات پات واري اونداهي نظام کي للڪاريندڙ ۽ ٻڌمت جو باني - انسانيت جي پرچار ڪندڙ - انساني محبت ۾ يقين رکندڙ ۽ مذھبن جي متڀيد کان مٿانھون سوچيندڙ سڌارٿ عرف گوتم ٻڌ جنھن کي کي کنڀيون  ڏاڍيون وڻنديون هيون. سندس هڪ پيروڪار کنڀيون پچائي سندس خدمت ۾ پيش ڪيون ۔

 اتفاقاً ان ۾ زهريليون کنڀيون بہ شامل ٿي ويون ، جيڪي گوتم ٻڌ کاڌيون ۔ ان کان پوءِ سندس طبيعت ناساز ٿيڻ لڳي.  هاڻي سندس پوئلڳ کي پنھنجي غلطي ۽ لاپرواهي تي پشيماني ۽ شرمندگي ٿيڻ لڳي. پوئلڳ  زارو زار روئڻ لڳو ۽ گوتم ٻڌ کان معافي گهرڻ لڳو.

مھاتما ٻڌ، جيڪو حد درجي جو رحمدل هو ، تنهن ھن ڳالھ کي ليکي ۾ نہ آندو - گوتم ٻڌ ھن سان اھڙي نموني ڳالهايو ڄڻ تہ ڪجھ ٿيو ئي نہ ھجي ۽ اطمينان سان کيس چوڻ لڳو :

"ڪا ڳالھ ناهي منهنجا دوست ! کاڌو واقعي مزيدار هو ۔ "


موت جو ڊِڄ نَہ مُنھن تي

نَظَر   نَڪو   نِراس


مُراقِبو      قائِم      يَڪو

ساڳا سَڀ اِحساس


کُنڀيُن  جو سَواس

پڇ    مرندي   گوتم  کان.

”اصغر ساگر“

اهڙي طرح ان زهر جي اثر سبب  483 ق۔م ۾ هن عظيم اڳواڻ جي وفات جو واقعو پيش آيو.

ڪن ڪن عاشقن دلپشوري طور بہ عشق ڪيو آھي ۽ يادن ۾ حوالي طور ناٽڪ نموني ڳاڙيا آھن. انهن ناٽڪ وارن ڳوڙھن کي بہ اسان جذباتي ڳوڙھا چونداسين.

ھڪ دفعي جوش مليح آبادي پنھنجي گهر ۾ ڪجھ بي تڪلف دوستن سان پنھنجي محبوبائن جو ذڪر ڪري رھيو ھو. ذڪر ڪندي ڪندي ھو ايترو جذباتي ٿي ويو جو ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ايتري ۾ ھن جي گهر واري ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ جوش کي روئندو ڏسي روئڻ جو سبب پڇيو

جوش صاحب ورندي ڏني

”بس ٿورو اڳ امان ياد اچي وئي ھئي.“


ڳوڙھا وھائڻ جتي مرد جي جذبن جي اظھار ظاھر ڪن ٿا، اتي عورت جي معصومپائپ کي نمايان ڪن ٿا پر ڪڏھن ڪن جا ڳوڙھا مانگر مڇ جي ڳوڙھن وانگر لڳندا آھن. عام جائزي مطابق مرد سال ۾ ڏھ ڀيرا ڳوڙھا وھائي ٿو تہ عورتون سال ۾ 50 ڀيرا روئن ٿيون. اکين ۾ ڳوڙھن جا خاص غدود نيراسا غدود  Lacrimal glands ٿين ٿا جتان ڳوڙھا وھي نڪرن ٿا. ڳوڙھن جي مربوط نظام کي نيراسي سرشتو Lacrimal system چئبو آھي جيڪي اک ۾ ڳوڙھا پيدا ڪن ٿا ۽ ان کي ٻاھر خارج ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿا. جيڪي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ سان نڪرن ٿا، اھي انهن ڳوڙھن کان مختلف ٿين ٿا جيڪي عام طور تي مٽي پوڻ ۔ بصر ڪٽڻ جي خارج ٿيل گئس جي اثر جي ڪري خارج ٿين ٿا. اھي خارج ٿيندڙ ڳوڙھا ان گئس جي ڪري ٿين ٿا جيڪا بصر جي گهرڙن ۾ موجود گنڌارو تيزاب Sulfenic acid ۽ خاص خامري لسڻ  Alliinase جي ميلاپ سان گنڌڪ گئس Sulphur gas جڙي ٿي جنھن کي نيرڪار جزي ترڪيب  Lachrymatory-factor synthase  سڏيو وڃي ٿو جنھن سان بصر پاڻ تي حملو ڪندڙ خردوبن Microbes سان جنگلي جانورن ۽ اسان کي رلائڻ لاء استعمال ڪن ٿا. گئس جي حالت ۾ گنڌڪ يا ٻئي ڪنھن جز جي ڪري اکين کي اھا تڪليف اچي ٿي جنھن کي توھان غير جذباتي چئي سگهو ٿا.

نيراسا غدود  Lacrimal gland اکين جي پنبڻين ھيٺان ٿورو مٿان واقع ٿين ٿا ۽ پنبڻين جهپٽڻ سان ڳوڙھا اک جي سطح تي اچن ٿا ۽ پوء نينارين (نير نالين) Lacrimal punctum ذريعي نڪ ۾ لھي اچن ٿا. جيڪڏھن ڳوڙھن جو وھڪرو وڌيڪ آھي تہ نيناريون (نير ناليون) ڳوڙھن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ ڳوڙھا اک تان ڇلڪي ڳلن تي قطرن جي صورت ۾ ٽم ٽم ٽمڪن ٿا.

اکين ۾ پوسل قائم رکڻ لاء ڳوڙھا ڪيترن نموني مفيد ٿين ٿا ۽ ھي لڳاتار جڙندا رھن ٿا. ڳوڙھن جو ڪم اکين کي تر رکڻ ۽ صاف ڪرڻ آھي. اکين جي مٿان ڇپرن Upper eyelids جي پويان نيراسا غدود Lacrimal glands ٿين ٿا جتان ڳوڙھا نڪرن ٿا ۽ ڳوڙھا اک جي نير نالي مان نڪرن ٿا. تحقيق مطابق ھر سال انسان اکين مان 15 کان 30 گيلن ڳوڙھا وھائي سگهي ٿو. ڳوڙھن ۾ ليسامرا Lysozyme ۔ چرٻا Lipids ۔ پروٽين Protein ۔ تابڪارا Electrolyte ۔ مٺ Glucose ۔ سلوڻ Sodium ۽ لوڻياٺ موجود ٿين ٿا جيڪي اکين کي جيوڙن ۽ وائرن Viruses کان تحفظ ڏيڻ سان ٻين فائدن سان ھمڪنار ڪن ٿا. ڳوڙھن کي سائنسدانن ٽن قسمن ۾ ورھايو آھي.


(1) Psychic tears

جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:


(2) Basal tears

اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:


(3) Reflex tears

عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا:


(1) Psychic tears

جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:-

ھنن ڳوڙھن جو تعلق جذبات سان آھي. جڏھن ماڻهو جا جذبا شدت وٺن ٿا ۔ صدمو اچي ٿو ۔ يا ڪا بري خبر اچي ٿي تہ ھي ڳوڙھا ٺھي وھڻ لڳن ٿا ڇوجو انهن ۾ شدتي ڪيميائي مادا Stress chemicals ھوندا آھن جيئن آڏڇوڏيسر حرڪيرو Adrenocorticotropic Harmone ۽ کيراسو Prolactin وغيرھ. ھنن ڳوڙھن جي خارج ٿيڻ سان شدتپڻو گهٽ ٿئي ٿو. ان کان علاوا ھي ڳوڙھا معدنيٺو Manganese خارج ڪن ٿا. ھي ڳوڙھا الجهيل ماڻهن ۾ وڌيڪ رھن ٿا.

اھي وڏي جذبات جي ڪري رونما ٿين ٿا. ھي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ ۔ ڏک درد ۔ جسماني تڪليف يا غم خوشي جي ڪري نڪري اچن ٿا. جذباتي ڳوڙھن مان قدرتي طور تي ھڪ حرڪيرو لڪانتو Leu-enkephalin خارج ٿئي ٿو جيڪو درد جي شدت گهٽ يا ختم ڪري ٿو جنھن جي ڪري ڏک غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ توھان پاڻ کي ھلڪو محسوس ڪيو ٿا. روئڻ دوران دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي ۔ ساھ جي رفتار گهٽ ٿيڻ سان پگهر اچڻ لڳي ٿو ۔ ھڏڪيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۔ ڳوڙھن جي نڪ ۾ زڪام پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ ائين ڳلو وٺجي وڃي ٿو. ڪجھ سائنسدانن جو خيال آھي تہ جذباتي ڳوڙھن ۾ ڪجھ اھڙا پروٽين Protein ۽ حرڪيرا Hormone پاتا وڃن ٿا جيڪي ٻين قسمن جي ڳوڙھن ۾ پاتا نٿا وڃن جن ۾ کيراسو حرڪيرو Prolactin ۔ لڪانتو حرڪيرو Leu-enkephalin سان گڏ پوٽيشم ۽ معدنيٺا Manganese شامل آھن. اسان کي اھا ڳالھ بہ سمجهڻ کپي تہ جذبات ۾ روئڻ دماغ جي حڪمت عملي آھي جنھن سان وڌيڪ پھتل تڪليف ۔ غم ۔ خوشي جيڪا دماغ کي نقصان پھچائي ٿي ان کي روئڻ زائل ڪري ٿو ۽ ٻيھر جسم جان ۾ توازن قائم ڪري ٿو.


2) Basal tears

اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:-

ھي ڳوڙھا اکين کي ھر وقت تر رکن ٿا ۽ خشڪ ٿيڻ نٿا ڏين ۽ جراثيمن کان بچائن ٿا. ھي ڳوڙھا اکين ۾ ھر وقت موجود رھن ٿا جن کي اکين جو پاڻي سڏجي ٿو. جيڪڏھن اکين ۾ آڱر لڳائجي تہ آڱر پسيل محسوس ٿيندي. ھي ڳوڙھا اکين ۾ ھر وقت ٺھندا رھن ٿا ۽ اکين کي تر ڪندا رھن ٿا ۽ صاف ڪندا رھن ٿا. ھي ڳوڙھا جيوڙا روڪ Antibacterial خاصيت رکن ٿا ۽ اکين کي جيوڙن کان محفوظ رکن ٿا.


(3) Reflex tears

عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا ۔ اضطراري ڳوڙھا:

ھي ڳوڙھا ان وقت خارج ٿين ٿا جڏھن ٻاھر کان ڪا شي اک داخل ٿئي ٿي يا ڪنھن شي جي ڪري اکين ۾ خارش يا چڀڪ ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ڳوڙھا ٺھن ٿا. ھن جي ڪري جسم جو ڪو حصو ڪا ناگوار شي برداشت ڪري ٿو جيئن ڪٿي ڌڪ لڳو ھجي ۔ زبان تي مرچ جي تکاڻ آئي ھجي ۔ ڪا ڪني ڌپ آئي ھجي ۔ تيز ھوا آئي ھجي يا بصر ڪٽيا ھجن تہ ھي ڳوڙھا وھڻ شروع ڪن ٿا. ھنن ڳوڙھن جو ڪم بہ اکين کي صاف ڪرڻ آھي. ڪڏھن ڪڏھن تيز ھوا جي ڪري اکيون خشڪ ٿي وينديون آھن تہ بہ ڳوڙھا ٺھندا آھن. ھي ڳوڙھا پوتلي Cornea جي صفا رکڻ لاء جڙيل آھن. ھي ڳوڙھا اکين کي ڌوڙ ۔ دونھين يا بصر مان نڪرندڙ گئس يا ٻي ماحول جي ناسازگاري تي اچن ٿا.


 ابھم ٻارن جي روئڻ کي جذبات جو اظھار نٿو سمجهيو وڃي پر والدين تائين ڳالھ پھچائڻ ۽ مڃرائڻ جو نمونو آھي جنھن بھاني سان ھن کي ٿيڻ واري تڪليف کان نجات ملي ٿي. ننڍي ٻار جي روئڻ کي جسماني درد ۔ بک لڳڻ ۔ ڊڄي وڃڻ ۽ ڪنھن ڳالھ تي غصو اچڻ يا ڳالھ مڃرائڻ ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ وڏي ٿيڻ سان اھي انداز ٻيو نمونو اختيار ڪن ٿا. جذبات ۾ رلائڻ جو ذميدار دماغ جو پنھنجو سرشتو انگڪار سرشتو Limbic system آھي جنھن ۾ جذبن کي اڀارڻ يا قابو ڪرڻ جو ذميدار ھڪ مخصوص حصو مغزوٽو Hypothalamus آھي جيڪو ٻيا اھم ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ھي دماغ جي خودڪار اعصابي نظام جنھن تي توھان جو قابو ناھي، ان سان جڙيل ٿئي ٿو. اھو ھڪ ڳوڙھن وھائڻ واي نظام اعصابي نفوذي تنتابي (تنتي لعابو) Acetylcholine جي ذريعي نيراسي سرشتي Lacrimal system کي ضابطي ۾ رکي ٿو. ھن اعصابي نفوذي جي تحريڪ ذريعي ڳوڙھن جي برسات شروع ٿئي ٿي.

سادي نموني اعصابي نظام غم ۽ خوشي ۽ ڏک ۽ درد کان متاثر ٿئي ٿو ۽ پوء ھي ڳوڙھن جي بھاني سان ڳوڙھن جي نظام کي حڪم جاري ڪري ٿو. ڳوڙھن ۾ ھر قسم جا خامرا Enzymes ۔ چرٻا Lipids ۔ تابڪارا Electrolytes ۔ پاڻي Water ۽ نامياتي مرڪب Organic compound ٿين ٿا. ڳوڙھن تي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ڳوڙھن جي فلم Tear film جي جي درجابندي کي ٽن تھن Layers ۾ ورھايو آھي. اھي ٽئي تھ اسان جي اکين جي صحت برقرار رکڻ ۽ ڇوت Infection ختم ڪرڻ لاء گڏجي ڪم ڪن ٿا. ڳوڙھن جا آبي پرت پروٽين ۔ پاڻي ۽ تابڪارن تي مشتمل ٿين ٿا 


(1) Oil layer = Lipid layer

تيلي تھ ۔ چرٻ تھ ۔ تيلي استر ۔ چرٻ استر:

ٻاھريون پرت جنھن کي  Oily layer سڏيو وڃي ٿو ان ۾ ڪيترن قسمن جا چرٻا پاتا وڃن ٿا. ھن تھ جو ڪم ڳوڙھن کي خشڪ ٿيڻ کان بچائڻ آھي ۽ انهن جي رطوبت برقرار رکڻ آھي.


(2) Water layer = Aqueous layer

آبي تھ ۔ رطوبتي تھ ۔ آبي استر ۔ رطوبتي استر:

ھي اک جو وچون تھ ٿئي ٿو. ھن تھ جو ڪم جيوڙن کي روڪڻ آھي.


(3) Mucin layer = Mucous layer

بلغمي تھ ۔ لعابي تھ ۔ بلغمي استر ۔ لعابي استر:

سڀ کان ھيٺيين تھ بلغمي تھ سڏجي ٿو جنھن جو ڪم ڳوڙھن کي اکين ۾ چپڪائي رکڻ آھي جيئن اھي وھي نہ وڃن.


ڳوڙھا صحت لاء ضروري:-

دريا خان سنڌي روئڻ جي اھميت کي اجاڳر ڪندي لکي ٿو

” روئڻ انساني صحت لاءِ ضروري ۽ فائديمند آهي. انهيءَ لاءِ مرد، عورت، ٻار ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کي هفتي ۾ هڪ دفعو لازم روئڻ گهرجي. روئڻ سان نفسياتي دٻاءۡ ۽  ٿڪاوٽ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. روئڻ وارو ماڻهو روئڻ کان پوءِ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو. سمهڻ، آرام وٺڻ ۽ هڪ ڪپ چانھن پيئڻ کان سٺو آهي تہ ھفتي ۾ هڪ دفعو روئي وٺجي. روئڻ سان زندگيءَ کي سٺو بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

ماهرن جو چوڻ آهي تہ روئڻ جي ڪوشش جي دوران اکين مان ڳوڙها جو اچڻ بہ لازمي آهي. جاپان ۾ هڪ ماڻهو ھيڊ ڦومي يوشيدافي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو روائڻ جو ماهر آهي. اهو ماڻهن کي روئڻ جا طريقا سيکارڻ سان گڏوگڏ ان جي فائدي تي بہ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ پنھنجي شاگردن کي اکين مان ڳوڙها ڳاڙڻ جا طريقا سيکاري ٿو. ھن جو جو چوڻ آهي تہ گانا ٻڌڻ، دردن ڀريون فلمون ڏسڻ ۽ ڪھاڻيون پڙهڻ سڀ معمول مطابق زندگيءَ جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون پر هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو روئڻ پرسڪون زندگيءَ ۽ پاڻ کي نفسياتي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهي.“


روئڻ جا فائدا:-

اسان جي معاشري ۾ روئندڙ کي ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري کي جتي روئڻو پوي ٿو اتي اھي نٿا روئن. ھڪ تحقيق مطابق پاڪستان ۾ عورتون مھيني ۾ 5 يا 7 دفعا روئن ٿيون جڏھن تہ مرد مھيني ۾ ھڪ دفعو روئن ٿا. 5 اھڙيون بيماريون آھن جيڪي روئڻ سان ختم ٿين ٿيون. ان ڪري جيڪڏھن ڪنھن کي اھڙي بيماري آھي اھو روئي ان بيماري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو اھي بيماريون ھي آھن.


(1) ڇڪتاڻ ۽ مونجھ:

ھڪ نئين تحقيق مطابق روئڻ سان مونجھ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو فرحت محسوس ڪري ٿو. ماھرن مطابق روئڻ سان ٿوري ديرکان پوءِ ذھني مونجھ موڪلائي وڃي ٿي جنھن سان گھري ننڊ اچي ٿي. طبي سائنس مطابق روئڻ سان پراسمپٿيٽڪ سرشتو بيدار ٿي وڃي ٿو ۽ ھي تنتي سرشتو دماغ کي پرسڪون ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.


(2) رت جو دٻاءُ:

رت جو دٻاءُ خطرناڪ بيماري ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري دل جو دورو - بڪيون ختم ۽ فالج جھڙيون خطرناڪ بيماريون اچي وڃن ٿيون. ماھرن مطابق روئڻ سان رت جو دٻاء پورو پنو ٿي وڃي ٿو ۽ دل جون ڌڙڪنون قابو ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ ٺيڪ ٿي وڃن ٿيون.


(3) فاضل مادا خارج ٿين ٿا:

روئڻ سان اکين جي صفائي ٿئي ٿي ۽ مير نڪري وڃي ٿو. روئڻ سان گڏ بيڪار مادا خارج ٿين ٿا جيڪي ڇڪتاڻ دوران وڌن ٿا ۽ اسان جي جسم جي ڇوڏري حد Cortisol range ٺيڪ ٿي وڃي ٿي. ڇوڏرو Cortisol ھڪ حرڪيرو Harmone آھي جنھن جي وڌڻَسان ذھني مونجھ وڌي ٿي.


(4) مزاج تبديل ٿئي ٿو.

غصي ۽ پريشاني جي دوران مزاج ناگوار ٿي ويندو آھي ۽ روئڻ سان مينگانيز جي تعداد وڌيڪ خارج ٿئي ٿي جنھن ڪري اھا مزاج کي متاثر ڪري ٿي ۽ جڏھن اھا خارج ٿئي ٿي تہ اسان جو مزاج خوشگوار ٿي وڃي ٿو ۽ سڪون جي ننڊ اچي ٿي.


(5) درد جو خاتمو:

جسماني درد جي صورت ۾ روئڻ سان تڪليف گهٽ ٿئي ٿي اھڙي طرح شديد غم جي صورت ۾ روئڻ سان غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ دماغي ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي ٿي.

ماھرن جو چوڻ آھي تہ روئڻ سان ڳوڙھن سان گڏ جسم مان اھڙا ڪيميائي مادا خارج ٿين ٿا جيڪي جسماني دردن کي گهٽ ڪن ٿا ۽ غم جي احساس کي ميسارين ٿا.

Thursday, 1 April 2021

گهرڙي جي موت Cell death 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


گهرڙي جي موت حياتياتي گهرڙي جو واقعو آھي جنھن ۾ پنھنجا ڪم ڪرڻ بند ڪري ٿو. ھي پوڙھن گهرڙن جي قدرتي مرحلي جو نتيجو آھي جيڪي مرن ٿا ۽ انهن جي جڳھ تي نوان گهرڙا اچن ٿا يا ٻيا بہ سبب ٿي سگهن ٿا جيئن بيماري ۔ حادثو ۔ زخم ۔ يا جسم ۾ عضون جي موت جن کان  گهرڙا جدا ٿين ٿا. ڪنھن گهرڙي جي موت ٻن سببن جي ڪري ٿئي ٿي.

(1) خلماريت ۔ خلڇڻ  Apoptosis

(2) خلماتيت ۔ خلمرتيت  Necrosis


(1) خلماريت ۔ خلڇڻ  Apoptosis

ھڪ انسان جي جسم ۾ روزانو ڪيترن گهرڙن جي موت ٿئي ٿي ۽ ڪيئي نوان گهرڙا ٺھن ٿا. گهرڙي جي موت ٻوٽن ۽ جانورن جي اوسر لاء تمام ضروري آھي ۽ گهرڙن جي ھي موت دراصل گهرڙي جي خودڪشي آھي. ھر گهرڙي ۾ ھڪ سٽاء ٿئي ٿو جنھن تحت گهرڙا وقت اچڻ تي خودڪشي ڪن ٿا. جيڪڏھن ڪنھن گهرڙي جي کھ DNA کي نقصان پھچي ٿو تہ گهرڙو پاڻ کي ماري ڇڏي ٿو ڇوجو کھ جي خرابي ڪينسر جو سبب ٿي سگهي ٿي.

خلماريت مرحلي ۾ گهرڙو ھڪ طئي ڪيل رٿا مطابق پنھنجي عمر پوري ڪري ختم ٿي وڃي ٿو. پھرين سسي ٿو پوء ننڍن ٽڪڙن ۾ تقسيم ٿئي ٿو جنھن کان پوء صفائي ڪندڙ گهرڙا ھنن کي کائن ٿا. گهرڙن جي ھن خودڪشي کي جي عمل کي خلماريت Apoptosis سڏجي ٿو. خلماريت ۾ گهرڙو سسي ننڍن حصن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو، انهن ننڍن حصن کي خلڇڻي جسم Apoptotic bodies سڏيو وڃي ٿو. جسم ۾ موجود وڏخورا Macrophages انهن خلماتي جسمن کي ڳھي گهرڙي جي صفائي سان خاتمو ڪري ڇڏين ٿا.

تنتن ۾ خلماريت ننڍپڻ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي جڏھن تنتي سرشتو اوسر کائي ٿو. بالغ دماغ ۾ خلماريت گهٽ ٿئي ٿي. اسان جي شخصيت جي مستقل وجود جو اھم سبب ھي آھي تہ تنتا بلوغت کان پوء تمام عمر جيئن ٿا پر اڌ عمر ۾ وڃي تنتا مرڻ لڳن ٿا جنھن جي ڪري مخول Dementia

 ۽ ويسر Alzheimer جھڙا مرض ڪر کڻن ٿا جيڪڏھن ڪنھن سبب جي ڪري دماغ کي رت جي پھچ چند منٽن ۾ منقطع ٿي وڃي تہ تنتا تيزي سان مرن ٿا جيئن دماغ جي شريان ۾ رت جي رڪاوٽ ۔ دماغ جي شريان جو ڦٽجڻ ۔ دل جي ڌڙڪن جو بند ٿيڻ ۔ رت ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿيڻ مثال ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ يا ڪاربان مونو آڪسائيڊ ساھ ۾ کڻڻ


خلماتيت ۔ خلمرتيت Necrosis:

خلماتيت مرحلي ۾ گهرڙو ڪنھن بيماري يا حادثي جي ڪري ختم ٿي وڃي ٿو. ھن مرحلي ۾ گهرڙي جي اندريون نمونو گهرڙي ديوار کان الڳ ٿي ڦٽجي پوي ٿو ۽ ائين گهرڙو مري وڃي ٿو.

انسان جي اوسر دوران آڱرين جي وچ ۾ خالي جڳھ نٿي ٿئي. خلماتي عمل آڱرين جي درميان گهرڙن کي ختم ڪري آڱرين کي جدا ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا. اھڙي طرح ڏيڏر جڏھن ٻچٽ Tadpole جي حالت ۾ ٿئي ٿو تہ ان جو پڇ ٿئي ٿو بالغ ٿيڻ سان ان جو پڇ غائب ٿي وڃي ٿو جيڪو خود خلماتي عمل آھي.

Sunday, 28 March 2021

ڪچنار وڻ Bauhinia Tree 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 

ڪچنار وچولي قد جو وڻ ٿئي ٿو. ھن جو ڇوڏو خاڪي ۽ ھن جا پن نوڪيلي نموني ٻن حصن ۾ جڙيل ٿين ٿا جيڪي ويڪرا پشمدار ٿين ٿا پر ھيٺئين طرف صاف ٿين ٿا. ھن جي ڦري ھڪ آڱر جيتري ڊگهي ٿئي ٿٿي جنھن ۾ ڇھ کان 12 ٻج ٿين ٿا. ھن جي کل گھري خاڪي نموني جي ٿئي ٿي جيڪا چمڙي جي رڱاوت ۾ ڪم اچي ٿي. ھن وڻ مان ڀوري رنگ جي کونئر نڪري ٿي جنھن کي ڪچنار جي کونئر سڏجي ٿو.

شاعرن ڪچنار جي پنکڙي کي ھڪ حسين جميل ناري سان تشبيھ ڏني آھي. ڪچنار گرم آبھوا ۾ واڌ ويجھ ڪري ٿو. ھي وڻ ٻج جي ڇٽڻ کان علاوا پيوندڪاري ذريعي پوکيو وڃي ٿو. مارچ مھيني ۾ ھن جا پن ڪرڻ لڳن ٿا ۽ نئون ڦوٽھڙو ڪري ٿو. جيڪڏھن ڪچنار رستن ۔ پارڪن ۔ گهرن ۽ جنگلن ۾ پوکيو وڃي تہ ھي خوبصورت ڏيک ڏئي ٿو.

ڪچنار وچولي ۽ گرم آبھوا ۾ ٿيندڙ ھڪ وڻ آھي جنھنجو گل قيمتي ۽ فائدمند آھي. ھن کي سبزي طور پاڪستان، ڀارت ۽ چين ۾ کاڌو وڃي ٿو. ھن جو گل قيمو، سبزي، گوشت وغيره ۾ تمام گھڻو استعمال ٿيندو آھي. ڪراچي ۽ پنجاب جي وڏن ھوٽلن ۾ ڪچنار سٺن کاڌن طور شوق سان کاڌو وڃي ٿو. ھن جو گل تمام سھڻو ۽ خوشبودار گلابي ۽ سفيد رنگ جو ٿئي ٿو.

ڪچنار جو وڻ 10 کان 12 فٽ ڊگھو ٿيندو آھي. ھن وڻ ۾ فيبروري ۽ مارچ يعني بھار جي موسم ۾ گل ٿين ٿا. ڪچنار جو گلُ سبزي ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندو آھي جنھن جي ڪري ھن گُل جي کپ مارڪيٽ ۾ بہ وڌيڪ آھي. ھن جو گل ۽ مکڙي ڪراچي منڊي ۾ فيبروري ۾ 5000 کان 8000 روپيہ في مڻ ۽ مارچ ۾ مال وڌيڪ اچڻ جي ڪري 2500 کان 4000 روپيہ في مڻ وڪامي ٿو. واپارين جي چوڻ موجب گل کان وڌيڪ مکڙي جي قيمت گھڻي آھي. مکڙي ۾ وزن بہ ٿئي ٿو ۽ مکڙي ايڪسپورٽ ڪرڻ سان جلدي خراب نٿي ٿئي. ھڪ وڻ سيزن ۾ تقريباََ 40 ڪلو کان 80 ڪلو تائين پيداوار ڏئي ٿو. ھي وڻ 4 کان 6 سالن ۾ گل ڏيڻ شروع ڪندو آھي. ھن جي ڪاٺي بہ ٽالھي وانگر مضبوط ۽ لچڪدار ٿيندي آھي. ھن وڻ کي ڪوشش ڪجي تہ آخري پاڻي نومبر ۾ ڏجي ۽ ان کان پوء بند ڪجي ڇا ڪاڻ تہ فيبروري ۾ ڪچ گھٽ ڪرڻ سان گل ۽ مکڙي جام لڳندي آھي جنھن جي ڪري پيداوار ۾ اضافو ٿيندو آھي. ھن وڻ کي اوھان 15 کان 20 فٽ جي فاصلي تي زمين جي چوڌاري بہ لڳائي سگھو ٿا. وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاء وڻ جي سار سنڀال لاء چلھو ٺاھي آڪٽوبر مھيني مال جو ڀاڻ ڏجي.

ڪچنار جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي جيڪا ڪاٺ کان علاوا دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿي. ھن جا گل ۔ کل ۔ پن سڀ اڪسيري درجو رکن ٿا ۽ دوائن ۾ استعمال ٿين ٿا.

ڪچنار جون ڪليون گوشت يا قيمي جي ڀاڄي ۾ ذائقي کي ٻيڻو ڪن ٿيون. ھي وٽامن اي Vitamin A ۔ وٽامن بي Vitamin B ۽ وٽامن سي Vitamin C سان سرشار ٿئي ٿي.


پيدائش جو علائقو:

ڪچنار وڻ جو وچولو قد ٿئي ٿو. ھي 10 کان 12 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو، ھن جو اصل وطن ڏکڻ ايشيا ۽ چين آھي. ھي وڻ ھندستان ۽ پاڪستان خودرو نموني پيدا ٿئي ٿو ۽ باغن ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو.


مزاج:

سرد خشڪ درجو ٻيو.


خاص نفعو:

آنڊن کي طاقت ڏيندڙ ۔ دست روڪيندڙ.


مصلح:

گرم مصالحو ۽ گوشت.


خوراڪ:

گل يا پنکڙيون 3 گرام


فعل:

قابض ۔ حابس الدم (رت بند ڪندڙ) ۔ حابس اسھال (دست بند ڪندڙ) ۔ مسڪن (سڪون ڏيندڙ) ۔ مصفي خون (رت صاف ڪندڙ) ۔ عضلاتي بواسير ختم ڪندڙ.


استعمال:

ھي وڻ ٻڌ مذھب ۾ مقدس حيثيت رکي ٿو. ٻوڌي ھن جا گل ھارن ۾ پروئن ٿا ۽ تبرڪ طور پائڻ ٿا.


افاديت:

ڪچنار وڻ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ جٿي ڪٿي پاتو وڃي ٿو پر ماڻهو ھن جي خوبين ۽ ماھيت کان اڻ واقف آھن. ھن جون ڦريون ھڪ آڱر جيتريون ڊگهيون ٿين ٿيون. ھن جي گونچن کي ڀاڄي ۽ گوشت ۾ پڪايو وڃي ٿو جنھن جي ڪري لذت بھترين بيھي ٿي. ھن جي ٻجن مان تيل نڪري ٿو. ھن جي ڦري کي کٽاڻ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جو گل جگر، سڪر، السر، ڪينسر، قوت مدافعت جي ڪمي، مردن ۽ عورتن ۾ ٿيندڙن جنسي مسئلن ۽ معدي جي بيمارين لاء دوائن ۾ تمام گھڻو استعمال ٿيندو آھي. حقيقت ۾ ڪچنار رت صاف ڪندڙ ٻوٽو آھي جنھن ڪري ڪنٺ مالا يعني خنازير کي دفع ڪري ٿو ۔ رت مان زھرن کي خارج ڪري ٿو ۔ جسم اندر زخمن کي ڇٽائي ٿو ۔ رت ۾ صفرا جي گهڻائي کي ڪڍي ٿو ۽ مقعد جي مرضن کي دور ڪري ٿو. ويدن ۾ ڪچنار جي گلن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.

(1) اڇي گل وارو ڪچنار

(2) پيلي گل وارو ڪچنار

(3) ڳاڙھي گل وارو ڪچنار

اڇي گل وارو ڪچنار آبھوا جي زھرن کان بچائي ٿو ۽ ھن جي جي جوشاندي پيئڻ سان مليريا جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ واتان گگ وھڻ کي فائدو ڏئي ٿو. پيلي گلن جي جوشاندي پيئڻ سان آنڊن جا ڪيڙا مري وڃن ٿا. ڳاڙھن گل جي جوشاندي پيئڻ سان رت صاف ٿئي ٿو ۽ ڦٽ ڦرڙيون ختم ٿي وڃن ٿا.

طبيبن موجب ڪچنار جي سبزي بواسير جي مريضن لاء تمام گھڻي مفيد آھي. ڪچنار کائڻ سان پيٽ جا ڪيڙا ختم ٿي ويندا آھن ۽ جسم جي غير ضروري چرٻي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ رت صاف ڪرڻ جي ڪري رت جي دٻاء جي مريضن لاء بہ مفيد آھي.

ھن جي جاڻ سان ڦڪي ٺاھي وڃي ٿي جيڪا ھاضميدار ٿئي ٿي. ھن جي گلن جون پنکڙيون سرد ۽ قابض ٿين ٿيون جن جو سفوف ٺاھي دستن کي بند ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪچنار جي پاڙ جي جوشاندي پيئارڻ سان ھاضمو درست ٿي وڃي ٿو. بواسير جي مريض کي ڪچنار جي سبزي کارائڻ سان بواسير مرض ختم ٿي وڃي ٿو.

ھن جي گلن من گلقند ٺاھيو وڃي ٿو جيڪو دل کي فرحت ڏيندڙ ٿئي ٿو ۽ قبضي بہ ٽوڙي ٿو. گهڻا حڪيم ھن جي ڦرين ۽ بابچي مان سفوف ٺاھن ٿا جيڪو رت کي صاف ڪري ٿو ۽ بگ ۔ ڦرڙين ۽ ڪنھن حد تائين ڪوڙھ تي بہ ڪم ڪري ٿو. جيڪڏھن سونا مکي جو ڪشتو ھن جي گلن جي لغدي ۾ ٺاھيو وڃي تہ ھي ڪشتو چيچڪ تي ڪم ڪري ٿو چيچڪ جا داڻا نڪري اچن ٿا ۽ بيماري زائل ٿي وڃي ٿي.

جن ٻارن کي دست ٿين ٿا ڪچنار انهن لاء اڪسير جو درجو رکي ٿو. جن ٻارن جو پڇو لھي اچي ٿو، ڪچنار کائڻ سان انهن کي جلدي فائدو پوي ٿو.

ڪچنار عورتن جي بہ پسنديده سبزي آھي جيڪي ھن کي شوق سان کائين ٿيون. جن عورتن کي حيض گهڻو اچي ٿو انهن لاء ڪچنار بيحد مفيد آھي. ڪچنار جا جزا عورتن کي مخصوص ڏينھن ۾ رت وڌيڪ وھڻ کان بچائيندا آھن. جديد تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ ڪچنار آنڊن جي اندرون زخمن کي ختم ڪرڻ لاء مؤثر غذا آھي.


بواسير:

ڪچنار جا گل سڪل ۽ مصري ھموزن جو سفوف ٺاھجي.

روزانو ماشومکڻ سان استعمال ڪجي

خوني بواسير ھفتي ۾ ختم ٿي ويندو.


جيري جي سوڄ:

جن مريضن جو جيرو سڄي وڃي ٿو، اھي ڪچنار جي پاڙ ڪاڙھي پيئن تہ جگر جي گرمي ختم ٿي ويندي.


نوٽ:

ڪچنار دير سان ھضم ٿئي ٿو ان ڪري ڀاڄي ٺاھڻ وقت گرم مسالا ضرور وجهڻ گهرجن.

Thursday, 25 March 2021

ٽوڏر ۽ ڏيڏر ۾ فرق Difference between Toad and frog 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


ٽوڏر ۽ ڏيڏر ٻيئي جلٿل Amphibians جانور آھن جيڪي پاڻي ۽ خشڪي تي زندگي گذارين ٿا. ٻنهن جي شڪل پاڻ ۾ ملي ٿي، نڪي وري درجابندي Taxonomy ۾ ڪو فرق آھي. ٻئي جنسون گاڏڙ آھن ۽ ڪيترين جڳھن تي ٽوڏر کي ڏيڏر سمجهيو وڃي ٿو. ٽوڏرن کي ڏيڏر چئي سگهجي ٿو ۽ ڏيڏرن کي ٽوڏر چئي نٿو سگهجي.

(1) ڏيڏر گهڻو وقت پاڻي ۾ يا ڀرسان ملن ٿا جڏھن تہ ٽوڏر جي چمڙي پاڻي کان سوا تر رھي ٿي ان ڪري ٽوڏر پاڻي کان دور ملن ٿا خاص ڪري ٻوٽن ۽ گاھن ۾.

(2) ڏيڏر جون پويون ٽنگون ٽوڏر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڊگهيون ٿين ٿيون ان ڪري ڏيڏر جي اڇل وڌيڪ ٿئي ٿي جڏھن تہ ٽوڏر اڇل يا ٽپ ۾ وڏو نٿو ٿئي.

(3) ڏيڏر ۽ ٽوڏر ٻئي پاڻي ۾ آنا ڏين ٿا، ڏيڏر آنن کي جوڙي ڳنڍو بنائين ٿا ۽ گڏوچڙ ڪري رکن ٿا جڏھن تہ ٽوڏر آنن کي زنجير نما شڪل ۾ جوڙي رکن ٿا.

(4) ڏيڏر ٽوڏر کان ڊيگھ ۾ وڏو ٿئي ٿو ڇوجو ڏيڏر جون ٽنگون ڊگهيون ٿين ٿيون.

(6)ٽوڏر جي چمڙي ڏيڏر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خشڪ ٿئي ٿي جڏھن تہ ڏيڏر جي چمڙي تر ۽ ھموار ٿئي ٿي.

(7) ڏيڏر کي ڏند ٿين ٿا جڏھن تہ ٽوڏر کي ڏند نٿا ٿين.

(8) ڏيڏر جون اکيون وڏيون ۽ ٻاھر نڪتل ٿين ٿيون جڏھن تہ ٽوڏر جون اکيون ننڍيون ۽ اندر ٿين ٿيون.

(9) ٽوڏر بي پڇڙ ترتيب Order Anura سان واسطو رکن ٿا ۽ ڏيڏرن جو ماتحت سيٽ آھن جڏھن تہ ڏيڏر ٽوڏر ناھن.

(10) ٽوڏر کي اکين پويان ۽ ڪنن اڳيان گڦارا غدود Parotid glands ٿين ٿا، ھي مختلف قسمن جا زھرا Toxins خارج ڪن ٿا جيڪي ان کي شڪارين کان بچڻ ۾ مدد ڪن ٿا گهڻو ڪري ٽوڏر زھرا خارج نٿا ڪن.

(11) ڏيڏر ۽ ٽوڏر عام طور تي پاڻ ۾ لڳ نٿا ڪن پر انهن جو لڳ آوازن ذريعي گهرائڻ سان ٿئي ٿو. نر مادي کي گهرائڻ لاء خاص قسم جو آواز ڪڍي ٿي جن کي من۔صلاحا سڏ Advertisement calls سڏجي ٿو ۽ جيڪڏھن مادي آمادھ ٿئي ٿي تہ ان جي جوابي آواز کي من۔موٽا سڏ Reciprocation calls سڏجي ٿو. ھي آواز صرف ھڪ قسم جي جنسن کي کي راغب ڪرڻ لاء ٿين ٿا.

(12) ڪڏھن ڏيڏر ۽ ٽوڏر جو لڳ ٿي وڃي ٿو پر شرط آھي اھي ھڪ جڳھ تي موجود ھجن پر انهن جي لڳ مان جاندار پيدا نٿو ٿئي نڪي نسل ھلي ٿو.

(13) جيڪڏھن توھان ڏيڏر ۽ ٽوڏر کي گڏ ڏسندئو تہ ڏيڏر ڊگهو ۽ پٽڙو ۽ ٽوڏر ننڍو ۽ ٿلهو نظر ايندو.

Thursday, 18 March 2021

چراخ Hyena 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


جسم ۾ مضبوط ۔ ھلندي ڏيا ڏيکاريندڙ ۔ آواز ۾ خطرناڪ ۔ شڪار ۾ ڦڙتيلو ۔ مطلب ڏسڻ ۾ ھي جانور عجيب غريب لڳي ٿو. چراخ جو شمار خطرناڪ گوشت خور جانورن ۾ ٿئي ٿو. ھن جو چار نسل دريافت ٿيا آھن، ٽي نسل آفريڪا ۾ ۽ چوٿون نسل وچ ايشيا جي ملڪن ازبڪستان ۔ ڪرغستان ۔ ايران ۔ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پاتي وڃي ٿو، ھي پاڪستان ۾ گهڻو ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي خشڪ علائقن ۾ ملي ٿو.

چراخ جو سڀ کان وڏو قسم چٽڪمرو چراخ Spotted Hyena آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آفريڪا ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي قسم آفريڪا کان سوا تقريبن ھر ملڪ ۾ موجود آھي. ھي اھي چراخ آھن جيڪي شينھن سان وڙھندي کين ماريندي دير ڪونہ ٿا ڪن، ھي چٽڪمرا چراخ Spotted Hyenas ئي ھوندا آھن.

چراخ يا لگهڙ، چراخاڪ خاندان Hyaenidae جا ٻلي منھا گوشتخور ڀونڀا Feliform carnivoran mammals آھن. چار جنسن سان ھي گوشتخور پنجون ننڍو حياتياتي خاندان آھي ۽ ڀونڀن جي درجي ۾ ننڍي ۾ ننڍو خاندان آھي. پنھنجي الڳ ٿلڳ نموني باوجود، چراخ آفريڪا جي ماحولياتي سرشتي ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. جنگلي ڪتن وانگر، چراخ ڄار کي ٽوڙي ان مان نڪري وڃي ٿو. گروھن ۾ ھن کي شينھن ماريندڙ ڄاتو وڃي ٿو جيڪا ھن جي وڏي ڪاميابي ليکي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ چراخ ڪتي سان مماثلت رکي ٿو پر حقيقت ۾ ھي لڇ ۾ ٻلين سان ويجهو لاڳاپو رکي ٿو. اھي آفريڪا کان علاوا انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پاتا وڃن ٿا.

چراخ جو وزن تقريبن 40 کان 60 ڪلوگرام ٿئي ٿو جڏھن تہ ماديون اڃان وزني ٿين ٿيون. انهن جي چيلھ موڪري ٿئي ٿي پويون ٽنگون ننڍيون ۽ اڳيون وڏيون ٿين ٿيون. چيلھ موڪري ۔ اڳيون وڏيون ٽنگون ھنن کي شڪار مارڻ ۽ کڻي ھلڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ھن جي چيلھ جا مضبوط پٺاڙا ھن جي کوپڙي ۾ موجود مھارن کي سھارو ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھن جا مھارون تمام طاقتور ٿين ٿيون انهن جي طاقت جو ھيئن اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ انسان جي مھارن جي طاقت 126 Psi ٿئي ٿي جڏھن تہ لگهڙ جي مھارن جي طاقت 1100 Psi ٿئي ٿي جيڪا سواء چيتن ۔ شيرن ۔ جهنگلي ٻلين جي ٻين جانورن کان وڌيڪ ٿئي ٿي. ھن جي ڏندن جي جوڙجڪ ھڏين کي ٽوڙي کائڻ واري ٿئي ٿي. ھن جي جسم تي ڪاري رنگ جا ٽڪا اسان جي آڱرين جي ڇاپ کان مختلف ٿين ٿا. صرف چٽڪمرا چراخ  Spotted Hyena نسل ۾ مادي ۽ نر جو توليدي حصو اھا شي آھي جو باقي جانورن ۾ اھڙي خاصيت نٿي ملي. 

  

خاندانی ۽ سماجی نظام :

چراخن ۾ سڀ کان وڌيڪ حڪمراني ڪندڙ چراخ ناھي پر مادي چراخ آھي جيڪا ملڪا ٿئي ٿي ۽ ٽولي کي ھلائي ٿي جنھن ۾ 20 کان 80 چراخ ۽ مادي چراخ ٿين ٿا. چراخن ۾ تمام نر ۽ ماديون سماجي رتبن ۾ تقسيم ٿين ٿيون جيئن A ۔ B ۽ C. اي قسم ۾ مادي ۽ ان جا ڦر اعلا قسم ۾ اچن ٿا ۽ ھي شڪار ۾ اعلا نموني حصو وٺن ٿا. ان کان پوء B ۽ C جا چراخ ۽ مادي چراخ اچن ٿيون جن جو رتبو A وارن کان گهٽ ٿئي ٿو پر مزي جا ڳالھ تہ نر چراخ ABC درجن ۾ ھيٺاھين درجي ۾ اچن ٿا ۽ انهن کي آخر ۾ شڪار ملي ٿو. اڪثر ڪري مادي چراخ نر جوان ڦرن کي پنھنجي گروھ مان ڪڍي ڇڏينديون آھن جيڪو لما سما ھڻي ٻين گروھن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ڪنھن مادي چراخ کي گروھ ۾ شامل ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جو فيصلو A درجي واري مادي چراخ تي ھوندو آھي. مادي چراخ باختيار ھوندي آھي جيڪڏھن اھا چاھي تہ ھيٺئين درجن وارن مادي چراخن ۽ نر چراخن تي سختي ڪري يا چٻاڙي کائي ڪير بہ مادي چراخ کي روڪي نٿو سگهي. 


نسل جي افزائش۽ رھائش:

ھي آفريڪا جي جنگلن جي ميداني ۔ نيم ميداني علائقن ۔ نيم پھاڙي علائقن تائين پکڙيل ٿين ٿا. زمين اندر کڏو کوٽي رھن ٿا. ڳرکو اڪثر ڪري مادي چراخ بنائين ٿيون تہ جيئن ڦر ڏيئي سگهن باقي چراخ آوارا گهمن ڦرن ٿا. مادي ھڪ کان 2 ڦر ڏئي ٿي. ھي واحد جانور آھي جنھن جي کير ۾ ماسو ۽ چرٻي وڌيڪ ٿئي ٿي. ان جو سبب ھي آھي تہ مادي چراخ کي شڪار ڪرڻ لاء ڪجھ ڏينھن پنھنجي ڦرن کان پري وڃڻو پوي ٿو ۽ ھن جو ڏنل کير ڏھن ڏينھن تائين ڦرن جو پوراء ڪري ٿو ۽ انهن جو پيٽ ڀريل رکي ٿو. ھن ڦرن ۾ درندگي چوٽان چوٽ ٿئي ٿي. ھي ڦر مھيني اندر چڪ ھڻي چٻاڙڻ جھڙا ٿي وڃن ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاڻ ۾ وڙھندي طاقتور ڦر ڪمزور ڦر کي ماري وجهي ٿو.


چراخ بطور شڪاري:

چراخ بھترين شڪاري ۽ بي درد شڪاري آھي جيڪو شڪار کي زندھ چٻاڙي کائي ٿو. حقيقت ۾ ھي ڪافي ڏينھن بکيا رھن ٿا ۽ جڏھن شڪار ملي ٿو تہ ان تي ٽٽي پون ٿا. ھنن جو پسنديدھ شڪار جهنگلي مينھن Wildeebeast آھي. ھنن جي ھڪ عادت آھي تہ ھي شڪار ھميشہ ننڍو جانور يا پوڙھو جانور ڪن ٿا. ھي ان جانور تي گروھ جي صورت ۾ ڪڙڪن ٿا جڏھن شڪار ڪري ٿو تہ ھي ان کي زندھ چٻاڙين ٿا. نڪي شيرن وانگي جيڪي شڪار کي پڪڙي ان جو ساھ بند ڪن ٿا. شير چراخن کان ان ڪري ڊڄندا آھن جو اھي شيرن جي ڦرن کي کڻن ٿا ۽ کائن ٿا. ان ڪري جڏھن شيرن کي موقعو ملي ٿو تہ اھي چراخن جي ڦرن جو شڪار ڪن ٿا. شيرن کان علاوا جنگلي ڪتا Wild dogs انهن جا وڏا دشمن ٿين ٿا، چراخ ھنن کان ڊڄن ٿا ۽ ھنن کان ٽري ٽارو ڪن ٿا. چراخن جي ڪا چونڊ نٿي ٿئي جيڪو شڪار ۾ ھٿ اچي ٿو اھو کائن ٿا. دراصل ھي جانور شيرن ۔ چيتن ۽ جنگلي ڪتن جو شڪار کڻي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ھنن جي کائڻ جي رفتار ايتري تہ تيز آھي جو جيڪڏھن زيبرا ھنن جي آڏو اڇلايو وڃي تہ ھي زيبرا کي ٽيھن منٽن ۾ کائي سگهن ٿا.

 آفريڪا جي ايڪو سسٽم جو ھنن کي ھي فائدو آھي جو ھي مردارخور بہ آھن تہ ھڏي خور بہ. ھي ڳجھ جھڙي خاصيت رکن ٿا ڇوجو مئل جانور بہ ھنن لاء غذائيت جو ڪم ڪن ٿا. ھن جي معدي جي تيزابيت تمام تيز ٿئي ٿي جو شڪار ڪيل جانور جون گوشت ۔ کل ايتري قدر جو ھڏيون بہ ھضم ڪري وڃن ٿا.


چراخ جي آواز:

ھوڪار واري آواز صرف چٽڪمرا چراخ Spotted Hyenas ئي لڳائي سگهن ٿا. جڏھن شڪار نٿو ملي يا اڻپورو شڪار ملي ٿو يا پريشاني ھجي ٿي تہ ھي ھوڪاريندڙ آواز ڪڍن ٿا. ھي آواز ننڍا چراخ لڳائين ٿا. شير ۽ جنگلي ڪتا صرف ھنن جو شڪار ڪري سگهن ٿا ۽ ھنن جي سراسري عمر 12 سال ٿئي ٿي.


انسانن لاء نقصانڪار:

چراخ انساني ميت کي کائي سگهن ٿا ڇوجو اھي چالاڪ ٿين ٿا ۽ وڏين ٻلين کان گهٽ خطرناڪ ٿين ٿا ڇوجو اھي پنھنجي حد رکن ٿا. چراخ حملو ڪندڙ جانور آھي ان ڪري ماڻهو کي ماري سگهي ٿو جڏھن کاڌي جي قلت پائي ٿو. جڏھن چراخ سامهون اچي تہ چرپر نہ ڪجي ۽ اڃان بہ لگهڙ ڏي ھلجي جيسين ٽري نٿو. جڏھن لگهڙ توتي حملو ڪري ٿو تہ ھي پويان کان وڙھي ٿو ۔ چڪ ھڻي ٿو يا ڌڪ ھڻي ٿو.

لگهڙ کي پالتو طور ڌاري نٿو سگهجي ڇوجو ڀلي ھي ڪيڏو پالتو ٿي وڃي پر کاڌي جي کوٽ ۾ انسان کي کائي سگهي ٿو.

Tuesday, 16 March 2021

گهگهو Antlion 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


توھان جنگل ۾ شينھن کي شڪار ڪندي ڏٺو ھوندو پر ڪڏھن اھڙو شير نہ ڏٺو ھوندو جيڪو ڪيولين ۽ ماڪوڙن جو شڪار ڪندو ھجي. اھو گهگهو Antlion آھي جيڪو جيتن جي خاندان گهگهڙاڪ Myrmeleontidae ۽ گهگهيتر Neuroptera جي ترتيب ۾ اچي ٿو. گهگهو کي ماڪوڙن جو سردار سڏيو وڃي ٿو ڇوجو ھن جي پڪڙ مضبوط ٿئي ٿي ۽ ڏسڻ ۾ ڏيا وارو نظر اچي ٿو. ھن جي منھن وٽ ٻہ حسماڻا Antennas ٿين ٿا جيڪي کيس شڪار پڪڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھي جيت ٽڪنڊي نما شڪل جو ٿئي ٿو، ھن کي ڇھ پير ۽ وڇون وانگر اڳتي نڪتل ھاٿي جي ڏندن واري شڪل. جڏھن ھي وڏو ٿئي ٿو تہ ھن جي جسامت وڌي ٿي ۽ پر نڪري اچن ٿا جيڪي وڏا ٿين ٿا. بالغ ٿيڻ وقت ھي ڀنڀوري وانگر لڳن ٿا پر فرق ھي آھي تہ ڀنڀوري جو حسماڻو Antenna ننڍو ٿئي ٿو پر گهگهو جو حسماڻو وڏو ٿئي ٿو. گهگهو ڏينھن ۾ عام طور تي ڏسڻ نٿو اچي، سج لھڻ سان گڏن مان نڪري اچي ٿو ۽ سج اڀرڻ سان واپس گڏ ۾ اچي ٿو. ھي جيت گرم علائقن ۾ پاتا وڃن ٿا جڏھن تہ سرد علائقن ۾ ھن جا قسم گهٽ ملن ٿا.

ھي جيت گرم خشڪ علائقن ۾ رھن ٿا. ڪجھ نمونا کنڊرن ۔ رستن جي ڪنارن ۔ دريا جي ڪنارن ۽ جنگل وغيرھ ۾ پاتا وڃن ٿا.

گهگهو مٽي يا واري ۾ گڏ بنائي شڪار جو انتظار ڪن ٿا. ھي گهڙي ۾ پاڻ کي واري يا مٽي ۾ لڪائي ڇڏين ٿا. جيئن ئي ڪيل يا ماڪوڙو ان گڏ ۾ ڪري ٿو تہ گهگهو جلد ئي ان کي گڏ اندر ڇڪي ٿو. ھن جي گڏ اھڙي ماھراڻي انداز ۾ ٺھيل ٿئي ٿي جو ڪوبہ جاندار ڪري ان مان نڪري نٿو سگهي.

ڪجھ نمونا پاڻ کي پنن يا تيلن ۾ لڪائين ٿا جيئن انهن جي ڀرسان شڪار گذري ٿو، ان کي پڪڙي ڇڏين ٿا. ھن جي خوراڪ جيت ۔ ڪيڙا ۔ ڪيوليون ۽ ماڪوڙا ٿين ٿا. گهگهو چڪ سان شڪار اندر زھر وجهن ٿا جو شڪار ڳري محلول جي شڪل اختيار ڪري ٿو جنھن کي ھي چوسين ٿا باقي ڦوڳ کي ٻاھر اڇلين ٿا. 

ھن جي منھن تي جيڪي حسماڻا Antennas ٿين ٿيا، ان جي مدد سان شڪار جي قدمن جو آواز ٻڌن ٿا ۽ ھن جي رفتار جو اندازو لڳائي حملي لاء چوڪس ٿين ٿا. بالغ گهگهو گلن جي رس يا گلن جي زرداڻ کائين ٿا.

مادي پنھنجي نوعيت جي حساب سان آنا ڏيڻ لاء جڳھ جو تعين ڪري ٿي. مادي گهگهو واري ۔ مٽي ۔ ڪريل پنن يا تيلن ۾ آنا ڏئي ٿي. ھن جا ٻچا مھينن تائين کاڌي بغير رھي سگهن ٿا. جيڪڏھن خوراڪ جي کوٽ نہ ھجي تہ جلد ئي بالغ ٿي وڃن ٿا. ھن جا ٻچا جڏھن وڏا ٿين ٿا تہ اھي پنھنجي جسم سان ماحول مطابق ريشم يا ٻين شين کي لپيٽي ڇڏين ٿا، سوٻٽ Pupa ٿي وڃن ٿا، جلدئي ھڪ مھيني ۾ بالغ ٿي وڃن ٿا ۽ پر نڪري اچن ٿا، پرن نڪرڻ کان پوء ڪجھ ڪلاڪن ۾ اڏرڻ جي قابل ٿي وڃن ٿا ۽ ساٿي جي تلاش ۾ نڪرن ٿا. بلوغت کان پوء ھنن جي عمر لڳ ڀڳ مھينو يا ڏيڍ مھينو ٿئي ٿي. ھنن ڪيڙن ۾ ڪوبہ نقصان ناھي.


سماجي جهلڪيون:

ڊاڳ جي چوٽيدار تري ۾ گهگهو ٿو. جتي گهڻي ڊاڳ ٿيندي آھي، اتي ھي جيت سوراخ بنائي رھي ٿو. ننڍڙن ٻارن جي اڪثر ھن سان ورونھن ھوندي آھي. ٻار ڌاڳو ڦيري ھن سان کيڏندا آھن ۽ ڌاڳو ڦيري ھن جي چوٽيدار تري جي سوراخ ۾ وجهندي، جهونگار ڪندا رھندا آھن.

نڪري اچ گهگهو يار

ٻاھر  تنھنجو انتظار

ٻارن جي جهونگار ۽ ڌاڳي ڦيرڻ تي گهگهو تحرڪ ۾ اچي ويندو آھي ۽ ڌاڳي کي پڪڙيندو آھي تہ ٻار جلدي ڌاڳو ٻاھر ڇڪي ڪڍندا آھن ۽ گهگهو ڌاڳي کي چنبڙيل ھوندو آھي. جڏھن گهگهو کي نئين زمين تي رکبو آھي تہ جلدي اتي نئون چوٽيدار سوراخ ٺاھي پنھنجي جڳھ جو انتظام ڪري ڇڏيندو آھي.

ڪي ٻار وري ڪيولي يا ماڪوڙي کي سوراخ ۾ اڇلي گهگهو کي خبردار ڪندا آھن

گهگهو تنھنجي گهر چور

لٺ    کڻي    تون    ڊوڙ

ڪيولي ھٿ پير ھڻندي آھي ۽ ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھي تيستائين گهگهو چوڪس ٿي ويندو آھي.

ھيٺاھون چوٽيدار گهر ھئڻ ڪري ڪيولي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪندي آھي پر ترڪي ھيٺ ڊاڳيلي گهر ۾ ھلي ويندي آھي، جيستائين ڪيولي ٻاھر نڪري، گهگهو پنھنجي پنجن سان ھن کي پڪڙي شڪار ڪري وٺندو آھي.

ننڍپڻ ۾ مان شام جو دوستن سان ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي ڳوٺ غلام خان چانڊيو مان نڪري، ڀرسان ڪڙ تي نڪري ايندو ھيس. ھر ھڪ دوست وٽ ڌاڳا ھوندا ھيا. اسان گهگهن کي ڪڏھن بہ ڪيولي اڇلي نہ ڏني. اسان جيئن ڪڙ تي پھچندا ھياسين، گهگهو جي ھيٺ چوٽيدار گهرن ۾ ڌاڳا وجهي، پنھنجي جهونگار سان گهگهن کي خبردار ڪري کين ڌاڳن کي پڪڙڻ لاء آتو ڪندا ھئاسين ۽ جهونگار ھلندي رھندي ھئي.

نڪري اچ گهگهو يار

ٻاھر تنھنجو انتظار

Thursday, 11 March 2021

وڇون مک Scorpionfly 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 

ھي عجيب قسم جي مک آھي جيڪا وڊلينڊ جي ڪنارن خاص طور تي اسٽنگنگ نيٽ ۽ بريامبل ۾ پاتي وڃي ٿي. ھي مک وڇون جھڙو پڇ ۽ شڪل مک جھڙي رکي ٿي. ھي مک ڏسڻ ۾ خطرناڪ اچي ٿي پر انسانن کي ڏنگي نٿي، نڪي چڪ ھڻي ٿي، نڪي وري زھريلي ٿئي ٿي. وڇون مک ڪوبہ نقصان نٿي رکي. ھي مک اتر آمريڪا کان ڏکڻ آمريڪا تائين ۽ ايشيا کان آسٽريليا ۾ پاتي وڃي ٿي. گهاٽا جهنگل جتي پوسل رھي ٿي، ھي مک اتي پنھنجو گهر ٺاھي ٿي. نر وڇون مک، وڇون جھڙي جوڙجڪ رکن ٿا جڏھن تہ مادي ۾ اھڙي جوڙجڪ ناھي. ھي 35 ملي ميٽر ڊگهي ٿئي ٿي. ٻين جيتن وانگر وڇون مکيون ۽ لٽڪمکين Hangingflies کي جسم جا 3 حصا ٿين ٿا.

(1) منھن

(2) ھڪ اينٽينا جو جوڙو

(3) 6 ٽنگون

ظاھري طور وڇون مکيون ٻٽو ڪرتب ڏيکارين ٿيون، اھي نہ فقط پنھنجي ڏنگ کي قربان ڪن ٿيون پر پنھنجي پڇ کي گهور ڪن ٿيون. محققن مطابق ڏکڻ آمريڪا جي اترين جنگلن ۾ اينٽينائي وڇون مکين جا 14 نمونا ملن ٿا جيڪي پڪڙجڻ کان بچڻ لاء پنھنجو پڇ ٽوڙي ڇڏين ٿيون. بالغ وڇون مکيون حملا آور يا شڪاري ھونديون آھن. اھي مھلا Aphids ۔ سوٻٽ Caterpillars ۔ مکيون Flies ۔ ڪوريئڙا Spiders ۔ مئل جيت Dead insects ۔ پنن جا سڙيل حصا Decaying parts of plants ۽ ڪائي Mosses کائن ٿيون. وڇون مکين لاء پاڻي ضروري ٿئي ٿو پر تہ بہ اھي پاڻي بنا مھينن تائين ھلي سگهن ٿيون. ھنن  کي پنجا ٿين ٿا جن سان ھي شڪار کي ڦاسائين ٿيون ۽ چيڀاٽين ٿيون. وڇون مک ککر وانگر ڊگهو منھن رکي ٿي ۔ ھن جا پر وروڪڙا ٿين ٿا ۔ پڇڙي لولهيري ٿئي ٿي. ھنن جو رنگ سونھري ۔ ڪارپٽو يا ڪارو چٽڪمرو ٿئي ٿو. جسم جو رنگ پيلو ڀورو ٿئي ٿو. نر وڇون جي پيٽ جي پڇڙي وڇون جي چڪ سان مماثلت رکي ٿي. وڇون مکيون گروھ جي صورت ۾ کاڌو حاصل ڪن ٿيون، انهن ۾ انفراديت ناھي جو ٻن تي ھلن پر گروھ کڻي ھلن ٿيون. وڇون مکيون پھرين ٻچٽ Larva پيدا ڪن ٿيون جيڪو اڳتي ھلي سوٻٽ Caterpillars ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ سوٻٽ سان مماثلت رکي ٿو. ٻچڪاري Pupation کان پوء، اھي پاڻ کي نرم ڀاڻ ۾ ڍڪين ٿيون ۽ بالغ وڇون مکين کي پيدا ڪن ٿيون. وڇون مکيون پراڻي خاندان وڇماک Mecoptera سان تعلق رکن ٿيون. وڇماک خاندان اٽڪل 250 ملين سال پراڻو آھي جيڪو پوپٽن ۽ مکين جو مائٽ آھي.

Saturday, 6 March 2021

دلرتو Bleeding heart 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


دل رتي گل Bleeding heart کي جوتيرو Lamprocapnos spectabilis ۔ ايشيائي دلرتو Asian bleeding-heart يا جهالردار دلرتو Fringed bleedin heart سڏجي ٿو جيڪو ٽوپسر يا دلوسر Papaveraceae خاندان ۾ گل ٻوٽي جي جنس سان واسطو رکي ٿو. ھي گل سائبيريا ۔ اتر چين ۔ ڪوريا ۽ جپان ۾ پاتو وڃي ٿو، تنھن ھوندي بہ ھن کي پراڻي نالي دلجوتو Dicentra سان پڻ ڄاتو وڃي ٿو.

دلدلرتا Bleeding hearts جزوي ڇانو ۾ وڌن ويجهن ٿا. انهن جي پوکائي پن ڇڻي وڻن Deciduous tree ھيٺان ھجڻ بھتر آھي ڇوجو جڏھن ھنن کي پوکيو وڃي ٿو، ان وقت پن ڇڻندا آھن جنھن ۾ ھنن کي بھار جي سج جي روشني ملي وڃي ٿي ۽ جڏھن اونهارو اچي ٿو تہ وڻ پن جهلين ٿا ۽ ھنن گلن کي اس کان بچائين ٿا. دلرتا، وڻن جي پن نڪرڻ کان پھرين گل جهلين ٿا ۽ اونهاري ۾ ھنن جا گل مرجهائجي وڃن ٿا.

سياري جي پوين ڏينھن ۾ ھي گل کڙڻ لڳي ٿو ۽ بھار جي پوئين پن ڇڻ ۾ ڪومائجي وڃي ٿو. ھي گل سياري جي آخر ۾ وري کڙي ٿو يا بھار جي پھرين ڏينھن ۾ گل ڪڍي ٿو باقي سال بنا گلن جي رھي ٿو.

ھي گل سياري جي آخر ۽ بھار ۾ گل جهلين ٿا ۽ اونهاري ۾ ھنن جا گل ڇڻي وڃن ٿا مگر افسوس جي ڳالھ ناھي ڇوجو سيارو مٿان اچي پھچي ٿو. ھي گل دل جھڙي ريٽي خوشنما ڏيک ڏيندا آھن ۽ روشني ۾ جوت جرڪائيندي نظر ايندا آھن. سياري جي آخر کان ويندي بھار تائين ھي گهڻو وقت گل جهلي رکن ٿا.

ھي گل ٽي فوٽ ويڪرا ۽ ڊگها ٿين ٿا. ھي گل ڳاڙھي ۔ اڇي ۔ پيلي ۽ ريٽوڙ نموني جا ٿين ٿا. ھنن گل جي پوکي بھار ۾ ڪري سگهجي ٿي ۽ سياري تائين ھي گل افزائش ڪري وڃن ٿا. جتي گرم علائقا آھن اتي ھنن گلن کي وڻن جي ڇانو ۾ پوکڻ کپي. ٿڌن علائقن ۾ وري ھنن گلن کي کليل نموني پوکڻ کپي جيئن سج جي روشني ھنن کي راس ايندي رھي ۽ ڦوٽھڙو ڪندا رھن.

Thursday, 4 March 2021

اُٺگهوڙو Praying mantis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


جڏھن اسان ٻنين ڏي چڪر لڳائيندا آھي تہ ھڪ جيت ٻن اڳين پيرن تي بيٺل ۽ ڪر کنيل نظر ايندو آھي. ڏسڻ ۾ حشمتدار ۔ جنگ ۾ بيٺل ڄڻ جوڌو يا ڄڻ دعا گهرندي نظر ايندو آھي. ڪنھن بہ پکي کان نہ ڊڄندڙ ۔ سينو سٻر ڪندڙ ۔ موت جي خوف کان بي نياز ۔ آخري دم تائين وڙھندڙ دشمن ڀلي طاقتور ھجي پر ان سان سينو ساھيندو، مري ويندو پر پوئتي نہ ڀڄندڙ اُٺگهوڙو جو تعلق Mantodea اٺگهوڙاڪ خاندان سان آھي. ھن وقت تائين ھن جا 30 خاندان ۽ 24 سو نمونا دريافت ٿي چڪا آھن. 

اٺگهوڙو گهوڙي جھڙي شڪل رکي ٿو۔ ھن جون اکيون ٻاھر نڪتل ٿين ٿيون. آرام سان ٻن اڳين پيرن سان ائين بيھي ٿو ڄڻ ڪو جوڌو ميدان ۾ لٿو ھجي. ھنجي چيلھ لچڪدار ٿئي ٿي جنھن ڪري مٿي کي ڪنڌ سان گهمائي سگهي ٿو.

اٺگهوڙو اڪثر ڪري گرم ملڪن ۾ پاتو وڃي ٿو، ھن جا ڪجھ قسم سرد ملڪن ۾ پاتا وڃن ٿا. ھي امن پسند جيت ٿئي ٿو، خاص ڪري گاھن ۔ وڻن ۽ ساون فصلن ۾ ملي ٿو. ھي ميدانن ۔ پھاڙن ۽ گاھن ۾ رھڻ پسند ڪري ٿو. جتي گاھ ۽ وڻ موجود ٿين ٿا اتي ھي پنھنجي رھائش جوڙي ٿو.

اٺگهوڙي جي لڳ ڀڳ عمر سال ٿئي ٿي جيڪا موسم جي لحاظ کان گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. ھن جي افزائش جي بھترين موسم بھار ٿئي ٿي. مادي اٺگهوڙي وڻن يا گاھن ۾ بيدا ڏئي ٿي ۽ بھار ۾ ھن جا ٻچا ڦٽن ٿا. ھي جيت سال جي ڪنھن بہ موسم ۾ آنا ڏيئي سگهن ٿا. 

اٺگهوڙي جا آنا فوم ۾ لپٽيل ٿين ٿا جنھن جي ڪري اھي دشمنن ۽ سرد موسم کان محفوظ رھن ٿا. ھن جي بيدن مٿان چڙھيل فوم کي بيدڳوٿو Ootheca سڏجي ٿو. اٺگهوڙي ھڪ ڀيري 4 سو آنا لاھي سگهي ٿي. اٺگهوڙن جا نمونا مختلف ٿين ٿا، ھنن ۾ ڪتگهوڙا Bark mantis  آنن جي سنڀال ڪن ٿا جڏھن تہ ٻيا نمونا سنڀالداري نٿا ڪن. 3 کان 6 ھفتن بعد آنن مان ٻچا نڪري اچن ٿا. اٺ گهوڙا سڄي زندگي ۾ چمٽا Molting ٿين ٿا، زندگيء ۾ 10 ڀيرا چمڙي بدلائين ٿا.

اٺگهوڙا گوشت خور آھن جيڪي جيتن ۔ ڪوريئڙن ۔ پکين ۔ ڪرڙين ۽ نانگن جو شڪار ڪن ٿا. 

اٺگهوڙا شڪار ۾ مھارت رکن ٿا، شڪار ڪرڻ وقت روپبدلا Camouflage ٿين ٿا جيڪي گاھ يا پنن جي اڙ وٺي پڪڙ ڪن ٿا يا شڪار جي پويان ڀڄن ٿا. ھنن جي بھترين شڪاري ھجڻ جو سبب ھنن جي نظر تيز ٿئي ٿي. ھنن جي اکين ۾  لڳ ڀڳ 10 ھزار اکاما Fovea ٿين ٿا جن جي مدد سان ھي شڪار جي حرڪت کي محسوس ڪن ٿا. اٺ گهوڙي جي اکين ۾ اکامو fovea ٿئي ٿو جتان تيز نظر سان ڏسي ٿو. اٺگهوڙو شڪار کي ڏسنديئي مٿو ڪنڌ سان ورائي، اکامي مان ڏسي شڪار تي ڪڙڪي ٿو ۽ اڳين پيرن سان شڪار کي جڪڙي ان جانور جي چمڙي ۾ نوڪيلا پير دٻائي ٿو جن ۾ ڦاسڻ کان پوء شڪار جو نڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. اٺگهوڙو زندھ جانورن جو شڪار ڪري کائي ٿو ۽ مئل جيتن کي پڻ شوق سان کائي ٿو.

جڏھن اٺگهوڙي کي ڪنھن جاندار مان خوف ٿئي ٿو تہ ڪر کڻي ٿو ۽ پنھنجي ٻنهي پيرن تي بيھي پر کولي ٿو جيئن مخالف ھن جي اڀريل جسامت کي ڏسي ڊڄي وڃي. جيڪڏھن مخالف ھن کان نٿو ڊڄي تہ ھي پرن کي ڦڙڪائي آواز ڪڍي ٿو ۽ جسم کي ائين لوڏي ٿو جيئن پپر جا پن ھوا ۾ ھاسو ڪندا آھن. ھي ھن جو دفاعي انداز آھي.

اٺگهوڙا جيتن ۾ سڀ کان وڌيڪ بھادر ٿين ٿا جيڪي دشمنن کان نٿا ڊڄن ۽ مقابلو ڪن ٿا.

اٺگهوڙي جي دشمنن ۾ سرفھرست پکي ۽ وڏيون ڪرڙيون شمار ٿين ٿيون پر ھي مقابلي بغير شڪار نٿا ٿين. ڪجھ ڏينڀون ۽ ماڪوڙا پنھنجي زھر سان ھن جو شڪار ڪن ٿا ڇوجو اٺگهوڙي ۾ زھر نٿو ٿئي ان ڪري ھي زھريلن جيتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

اٺگهوڙو ٻين جيتن کان مختلف ۽ ممتاز ٿئي ٿو ڇوجو ھي دشمن سان وڙھي ٿو ۽ ميدان نٿو ڇڏي ۽ نڪي ھار تسليم ڪري ٿو. ھي واحد جيت آھي جيڪو پنھنجي مٿي کي انسانن وانگر کاٻي ۽ ساڄي پاسي ورائي سگهي ٿو. اھڙي صلاحيت ٻئي ڪنھن جيت ۾ موجود ناھي.

ھنجي نظر سڀن جيتن کان وڌيڪ ٿئي ٿي. اٺگهوڙي جي شڪار جي نوعيت ٻلي ۽ شينھن سان ملي ٿي جيڪي مختلف انداز سان شڪار ڪن ٿا.

اٺگهوڙي بابت مشھور آھي تہ جڏھن ھي مادي سان ميلاپ ڪري ٿو تہ ميلاپ جي آخري بعد مادي ھن جو مٿو کائي وڃي ٿي. اھو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن اھا غذائي قلت جو شڪار ھجي ۽ مستقبل ۾ آنن ڏيڻ لاء ماسي Protein وغيرھ جي کوٽ ھجي. جيڪڏھن مادي غذائي قلت جو شڪار نہ ھجي تہ اھا ڪڏھن بہ نر کي کائي نٿي.

اٺگهوڙي مان انسانن کي ڪوبہ خطرو نٿو ٿئي ڇوجو ھن ۾ نہ زھر ٿئي ٿو نڪي ڏنگ ٿئي ٿو  ۽ نہ ھي ڪا ڇوتدار بيماري کڻي ٿو.

اٺگهوڙن کي نوڪدار پير ٿين ٿا جن کي ھي شڪار وقت شڪار جي جسم ۾ کپائن ٿا ۽ پوء شڪار جو نڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. ھي مکيون ۔ تڏون ۽ ڪرڙيون کائن ٿا.

عيسائي ملڪن ۾ اٺگهوڙي کي ڀاڳ ۽ سعادت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ھن جا دعا وارا ھٿ روحانيت کي ظاھر ڪن ٿا. جيڪڏھن اھو گهر ۾ ملي ٿو، سمجهيو ويندو آھي تہ ملائڪ گهر ۾ آيو آھي ۽ تنھنجي سنڀال ڪري رھيو آھي.

اٺگهوڙا سھپدار گوشتخور Non-aggressive carnivores آھن، اھي بي زھر ۽ انسانن کان بي تعلق رھن ٿا. جيڪڏھن انهن سان نامناسب رويو رکيو وڃي تہ اھي چڪ ھڻي سگهن ٿا مگر نقصان ناھي باقي جيڪڏھن ھن سان پويان کان حرڪت ڪئي وڃي تہ ھي حملو نٿا ڪن.

اٺ گهوڙن کي پاڻي جي ضرورت نٿي رھي ڇوجو اھي پنن تان قطرا پين ٿا. جيڪڏھن توھان اسپري بوتل سان ڦوھار ڏيو ٿا تہ ھنن جو ھڪ يا ٻن قطرن مان گذران ٿي وڃي ٿو.

Wednesday, 3 March 2021

ٽاپوڙي ڪرڙي Basilisk lizard 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


سمنڊ ۽ دريائن ۾ رھڻ وارا جانور ترڻ جي قابليت رکن ٿا پر زمين تي رھندڙ جانور بہ ترڻ جي مھارت رکن ٿا. اھڙو ئي ٻن فٽن جو ھڪ جانور جيڪو پاڻي تي ڊوڙي ٿو، ان کي ٽاپوڙي يا ٽاپوڙي ڪرڙي Basilisk lizard يا مسيح ڪرڙي Jesus Christ lizard سڏجي ٿو. ھي ڪرڙي مرڪزي آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي دريائن ۽ ندين ۾ پاتي وڃي ٿي. ٻيپھري وقت جڏھن ھي ڪرڙي ڪنھن ٽاري تي سج جي سامهون ويھي ٿي تہ ھن کي آسمان مان شڪاري پکي ۽ ٽار تي ويٺل نانگ جي شڪار ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو. جڏھن ھي خطري کي محسوس ڪري ٿي تہ شاخ جي چوٽي تان صرف ھن کي ھڪ رستو نظر اچي ٿو، اھو آھي ڇلانگ لڳائڻ ۽ ھو پاڻي ۾ ڇلانگ لڳائي ٿي. پاڻي ۾ ڇلانگ لڳائڻ کان پوء ھي پنھنجي ٽنگن جي پويان پيرن جي تراکڙن پنجن کي کولي ٿي جنھن سان پيرن جي سطح وڌي وڃي ٿي ۽ آرام سان پاڻي جي مٿان 24 ڪوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي پنھنجي جان بچائي ٿي. جيڪڏھن انسان بہ تقريبن في ڪلاڪ 65 ڪلوميٽر پاڻي تي رفتار پڪڙي تہ پاڻي تي ڊوڙي سگهي ٿو.

ٽاپوڙي ڪرڙي، جلڊوڙاڪ Corytophanidae

خاندان سان واسطو رکي ٿي. ھي ڪرڙيون زھريليون ناھن، ھنن کي وڏو ۽ ڊگهو جسم ٿئي ٿو ۽ چپٽيل پڇ ٿئي ٿو. ٽاپوڙيون پاڻي تي ڦڙتي سان ھلن ٿيون ڇوجو ھنن جا پير چپٽيل ٿين ٿا جيڪي پاڻي تي سنها بوڙيا ٺاھن ٿا. ھلڻ وقت ٻڏڻ کان پھرين ٽاپوڙي پير کڻي پاڻي جي سطح ٽپي وڃي ٿي.

ٽاپوڙين کي وڻن جي ٽارين جي واڙي ۾ پالي سگهجي ٿو پر ھنن کي ھٿ لڳائڻ مناسب ناھي. سائي ٽاپوڙي کي اھڙي نموني ڌاري سگهجي ٿو. ٽاپوڙيون، ڪرڙي جا چست نمونا آھن. جيڪڏھن توھان اگهاڙا ھٿ ھنن کي لائيندو تہ اھي چڪ ھڻي سگهن ٿيون. ھي کائڻ ۾ چست ٿي وڃن ٿيون جڏھن مادي ٽاپوڙيي ۽ نر ٽاپوڙو گڏ ھجن. اھي کائڻ وقت ھڪ ٻئي تي نظر رکن ٿا. سائنسدانن مطابق نونگر ٽاپوڙي Basilisk of Cyrene ھڪ نانگ آھي جنھن کي 12 آنڱريون ٿين ٿيون، اھا تمام زھريلي ٿئي ٿي ايتري قدر جو پاڻي ۾ ڇڏيل پويان پيچري ۾ زھريلو اثر رکي ٿي جيڪو موتمار آھي.

Saturday, 27 February 2021

وائرو Virus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


جراثيمن Microorganisms يا خوردوبن Microbes جا پنج  اھم نمونا ٿين ٿا.

جيوڙو  Bacteria

وائرو    Virus

ڦنگي   Fungi

الجي   Algae

اڳازو Protozoa

جراثيم جتي نقصان ڏين ٿا ۽ بيماريون ڏين ٿا اتي فائدا بہ مرتب ڪن ٿا. جراثيم انهن جاندارن کي سڏيو وڃي ٿو جن کي اسان اک سان ڏسي نٿا سگهون پر خوردبين سان ڏسي سگهون ٿا.

جيوڙو Bacteria جيڪو ھڪ زندھ گهرڙو آھي جيڪو انساني جسم لاء فائدا توڙي نقصان رکي ٿو. ھي فائديمند توڙي نقصاندھ ٻئي ڪيميائي مادا بنائڻ جي مھارت رکي ٿو ۽ پنھنجي آبادي وڌائڻ لاء پنھنجي ئي جسم مان ٻيا گهرڙا تخليق ڪري ٿو. جيوڙا جسم کي فائدو پھچائين ٿا پر وائرو Virus ڪنھن زندھ گهرڙي کان دور رھڻ تي ستل رھي ٿو جيستائين ان کي زندھ گهرڙو ملي نٿو. ھي زندھ گهرڙي جي نازڪ گهرڙڀت Cell membrane کي کائڻ شروع ڪري ٿو ۽ زندھ گهرڙن کي ھر صورت ۾ نقصان پھچائي ٿو.

وائرو اھو جراثيم آھي جيڪو جسم جي گهرڙي ۾ داخل ٿي پنھنجون نقلون تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھي ھڪ خاص ماسي Protein جي کوکڙي Capsid ۾ لپٽيل ٿئي ٿو. ھي مختلف شين ھوا ۔ پاڻي ۽ ٻين شين ۾ ستل رھي ٿو پر ھن کي ھميشہ زندھ گهرڙي جي تلاش رھي ٿي. جيئن ئي ھن کي موقعو ملي ٿو تہ ھي زندھ گهرڙي تائين پھچي جسم لاء لڳل ان ڪارخاني کي پنھنجي لاء پنھنجون نقلون بنائڻ لاء تمام تيزي سان استعمال ڪري ٿو. ھن وائري کان متاثر گهرڙو ھڪ وائري سان برق رفتاري سان ڪيئي ھزار ڪاپيون ٺاھڻ لاء استعمال ٿئي ٿو. 

وائرو حياتياتي ايجنٽ Biological agent آھي جيڪو جيئندڙ ميزبانن جي جيو گهرڙن ۾ افزائش ڪري ٿو. جڏھن وائري جي ڇوت Infection لڳي ٿي، ميزبان گهرڙي تي اصل وائري جي لاتعداد نقلن پيدا ڪرڻ جو دٻاء پوي ٿو.

وائرو اڻ گهرڙي جاندار Non cellular organism آھي، ھي خاص ڪري ميزبان گهرڙي تي ڀاڙي ٿو جنھن ۾ پنھنجو ماليڪيول ڇڏي اتي جينياتي مواد Genetic material تي قابو پائي پنھنجون نقل ڪاپيون ٺاھڻ شروع ڪري ٿو. لفظ وائرس لاطيني ٻولي جي لفظ وائرون Viron مان ورتل آهي جنھن جي معني آهي زهر. وائرا گهرڙن جا نہ ٺھيل ھوندا آھن، اھي پاڻ کي زندھ حالت ۾ نہ رکي سگهندا آھن، اھي وڌن نٿا ۽ نڪي اھي پنھنجي توانائي پيدا ڪري سگهندا آھن پر اھي يقيني طور تي گهرڙي ۾ پنھنجا نقل ٺاھيندا آھن  ۽ ماحول سان مطابقت پيدا ڪندا آھن. وائرا حقيقي زندھ جاندارن بجاء اينڊرائڊ  وانگر ھوندا آھن.

وائرن کي جاندار نٿو ليکيو وڃي ڇوجو انهن ۾ ڪيترين ئي ملڪيتن جي کوٽ ھوندي آھي جن کي سائنسدان زندھ جاندارن سان ملحق ڪن ٿا. ابتدائي طور تي انهن ۾ ميزبان گهرڙي جي مدد کان سواء وري اپت ڪرڻ جي قابليت نہ ھوندي آھي ۽ اھي نقل سازي لاءِ  نمونياتي گهرڙِڪ ورھاستي پھچ Typical cell- division approach to replication استعمال نٿا ڪن.

پراڻي دور ۾ حڪيم خوردبين اڻ گهرڙي جاندارن کان اڻ واقف ھيا، ان ڪري انهن وائري کي زھر ۾ شمار ڪيو ۽ زھر جي بنياد تي ان جو علاج شروع ڪيو خاص ڪري بواسير Haemorrhoids ۔ سوزاڪ Gonorrhea ۽ آتشڪ Syphilis کي باسوري زھرن ۾ شمار ڪيو ويندو ھيو. ان وقت انهن حڪيمن بھترين ڄاڻ سان انهن بيمارين جو ڪامياب علاج ڪيو ۽ پرھيز جو تصور ڏنو. پرھيز ۾ مريض کي ساھ وارين شين جيئن گوشت ۔ مڇي ۔ بيدي کائڻ کان منع ڪيو ويندو ھيو ۽ گڏوگڏ ماسي Protein وارين شين کان رک ڪرائي ويندي ھئي. اڳتي ھلي پيچيدگين سان نوان وائرا وجود ۾ آيا جن کي سائنس جي مدد سان سڃاتو ويو ۽ سڀن پيدا ٿيندڙ اڻ گهرڙي جاندارن کي وائري جو نالو ڏنو.

وائرا پھرين زھرن وانگر ڏسجن ٿا، پوء زندگي جي نمونن وانگر ڏسجن ٿا، پوء حياتياتي ڪيميائي مادن وانگر نظر اچن ٿا، اڄ جا وائرا جاندارن ۽ غيرجاندارن جي وچ ۾ سائي ايراضي ۾ وجود طور خيال ڪيا وڃن ٿا. اھي پنھنجو پاڻ پنھنجا نقل ٺاھين ٿا پر اھي ائين سچن جانداري گهرڙن ۾ جوڙن ٿا ۽ پنھنجن ميزبانن جي رويي کي بلڪل متاثر ڪن ٿا.

وائرا ۽ جيوڙا مختلف طريقن سان جسم ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. انهن کي کائي سگهجي ٿو ڇوجو اھي کاڌي جي يقيني نموني ۾ موجود آھن يا جانور يا ٻوٽي ۾ رھن ٿا جن کي توھان کائو ٿا. توھان انهن کي ترندي يا پيئندي پاڻي مان حاصل ڪري سگهو ٿا. توھان انهن کي ھوا مان ساھ ۾ کڻي سگهو ٿا ۽ اھي توھان جي ڦڦڙن ۾ داخل ٿين ٿا.

وائرو بيماريون پکيڙيندڙ وبائي جراثيمن ڇوتي خردوبن Infectious microbes مان سڀ کان ننڍو جراثيم ٿئي ٿو يعني ھي جيوڙي Bacteria ۽ ڦنگي Fungi کان ننڍو ٿئي ٿو ۽ تمام وڏي طاقتور خوردبين سان ڏسي سگهجي ٿو.

وائرو بيماريون پکيڙيندڙ سادي نموني ماسي Protein جي پرت ۾ لپٽيل بيحد ننڍي جينياتي مواد ڄڻ ڪڙي DNA يا مک ڄڻ ڪڙي RNA جي ھڪ ننڍڙي ٽڪڙي تي مشتمل ٿئي ٿو. وائرو زندھ گهرڙي کان سوا زندھ رھي نٿو سگهي يعني ھي صرف گهرڙي ۾ سرگرم ۽ نقل ڪاپيون تيار ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو.

ھڪ بار جڏھن ھڪ وائرو ڪنھن زندھ گهرڙي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ان گهرڙي جي اندر سرگرمين ۽ فعلن کي سنڀاري ٿو تہ گهرڙو جيڪو پنھنجي زندگي برقرار رکڻ لاء معمول جا ڪم ڪري ٿو، اھو انهن کي سرانجام ڏيڻ جي قابل نٿو رھي. 

وائرو ميزبان زندھ گهرڙي کي پنھنجي لاء تيارساز پلانٽ جي صورت ۾ ڍالي ٿو جنھن ۾ وائري جا ڪل پرزا بنجن ٿا. ھي سڀ تيار ٿيل وائرڪ پرزا ملي ھڪ نئون وائرو تشڪيل ڏين ٿا ۽ ٻين زندھ گهرڙن کي متاثر ڪن ٿا. خاص مدت تائين وائرا جسم ۾ اھو عمل دھرائين ٿا ۽ آخر ۾ زندھ ميزبان گهرڙن کي ماري خود بہ مري وڃن ٿا.

 مختلف قسمن جا وائرا پنھنجي ميزبان زندھ گهرڙن جي مختلف حصن کي پنھنجي نقل ڪاپي بنائڻ لاء استعمال ڪن ٿا. جيوخورا Bacteriophagous ۽ مک ڄڻ ڪڙيا وائرا RNA Viruses ميزبان زندھ گهرڙي جي جيوڳر Cytoplasm ذريعي پنھنجو نقل ٺاھين ٿا جڏھن تہ ڪيترن قسمن جا وائرا زندھ گهرڙي جي ناڀ Nucleus ۾ پنھنجا نقل تيار ڪن ٿا. وائري جا ٽي نمونا ٿين ٿا.

(1) پيغامي مک ڄڻڪڙي

Messanger RNA (mRNA)

(2) رفتي مک ڄڻڪڙي

Transport RNA (tRNA)

(3) رٻي مک ڄڻڪڙي

Ribosomal RNA (rRna)

مک ڄڻڪڙي RNA جا نمونا بنيادي طور تي جيوڪيميائي ردعمل Biochemical reactions کڻن ٿا ساڳي نموني خامرن Enzymes ڏي.


(1) پيغامي مک ڄڻڪڙي

Messanger RNA (mRNA):

پيغامي مک ڄڻڪڙي mRNA پيغام پھچائيندي آھي ۽ DNA ۾ نقل ڪاپيون ٺاھيندي آھي.


(2) رفتي مک ڄڻڪڙي

Transport RNA (tRNA):

رفتي مک ڄڻڪڙي tRNA، ڄڻڪڙي DNA يا ناڀ Nucleus ۾ پاڻيٺ کڻي پھچائيندي آھي. 

ھي آمدرفت Translation دوران رٻي Ribosome ڏي ٺيڪ امينو تيزاب Amino acid پھچائي ٿي.


 (3) رٻي مک ڄڻڪڙي

Ribosomal RNA (rRna):

ھي ماسي Protein جا خول ٺاھيندي آھي. ھي پروٽينن سان گڏ، رٻي Ribosome کي مرتب ڪري ٿو، رٻو جن کي اسان گهڱا (گهرڙي جا عضوا) Organelles سڏيو ٿا جيڪي پروٽين جي ترڪيب Protein synthesis جي جڳھ آھن.


وائري جي دريافت:

پھرين انگريزي لفظ وائرس جي معنا زھر طور استعمال ٿيندي ھئي پر اڳين صدين ۾ وائرس لفظ هڪ ٻئي معني ماڻي ورتي، هڪ آلودگي وارو مواد جيڪو بيماري پکيڙي سگھي ٿو. اهو پاڻياٺ بہ ٿي سگھي ٿو، جيئن ڪنھن خراب زخم وارو مواد، هي هوا ۾ ڦرندڙ ڳجهو مواد بہ ٿي سگھي ٿو ۽ اهو ڪنھن ورق تي بہ اثر وجهي سگهي ٿو.

نيدرلينڊز ۾ 1879ع ۾ تمباڪو جي کيتيءَ ۾ هڪ بيماري پکڙجي رهي هئي جنھن سان ٻوٽن جي واڌ ويجھ بيھجي وئي. ان تي تحقيق ڪرڻ وارا نوجوان زرعي ڪيمسٽ ايڊولف ۽ مائير هيا. انھن پتو لڳايو تہ بيمار ٻوٽن مان رس گڏ ڪري صحتمند ٻوٽن ۾ وڌي وڃي تہ ھي ٻوٽا بہ بيمار ٿي ويندا آهن جنھن جو مطلب هي نڪتو تہ ان جو انھن ٻوٽن جي اندر پيدا ٿيندڙ ڪا خوردبين روڳو Micro pathogen هيو، پر ڪھڙو؟ مائير انکي دريافت نہ ڪري سگھيو.

هڪ ٻئي ڊچ سائنسدان مارٽينس بائيرنڪ جنھن ڪجھ سالن کان پوءِ ان تحقيق کي اتان کان اڳتي وڌايو، اهو ڇا هو؟ ڪجھ اهڙو خوردبين جراثيم Microorganism جيڪو جيوڙي Bacteria کان گهڻو ننڍو هو. ھن بيمار ٻوٽن کي پيٺو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ پاڻياٺ کي هڪ عمدي ڇاڻي مان گذاريو جنھن سان ٻوٽن جا خليا ۽ بيڪٽيريا بہ ڇاڻجي پئي سگهيا، ھن انهي صاف سنهڙي پٽڙي مادي کي صحتمند ٻوٽن ۾ داخل ڪيو، ٻوٽا بيماري ٿي ويا.

بائيرنڪ هاڻ نون بيمار ٻوٽن مان انھي طرح رس ڇاڻيو، ھن رس بہ نون ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيو جيڪو ڪجھ هو، ان رس ۾ هو.

ان سنهڙي پٽڙي رس ۾ جيڪو ڪجھ بہ هو اهو ڪنھن بہ اهڙي شيء کان مختلف هو، جنھن کي ان وقت جا حياتياتي ماھر Biologist ڄاڻيندا هئا. ھن ان رس ۾ الڪوحل جو اضافو ڪيو، پر ان جي ڇوت Infection جي صلاحيت ۾ فرق نہ پيو، ان کي گرم ڪيو، ڪجھ فرق نہ پيو، ان سان هڪ ڇاڻ پني Filter paper کي آلو ڪيو، ان کي سڪائي ڪري ٽن مھينن لاءِ رکيو ۽ پوءِ پاڻي ۾ وڌو، هن ڳاري بہ نون ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيو. 

هائيرنڪ ان ڳجھي ايجنٽ تي ”وائرس"  جو لفظ استعمال ڪيو، هي لفظ سڀ کان پھريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو، جيڪو جديد معني ۾ هو. بائيرنڪ ٻڌايو تہ وائرس ڇا ” نہ “ آهي، هي جانور ناهي، ٻوٽو ناهي، ڦنگيڙو Fungus  ناهي، جيوڙو ناهي. اڳتي ھلي اڻويھ صدي جي سائنس جي حد اچي چڪي هئي جنھن مان گهڻو ڪجھ معلوم ٿيو.

وائري کي صحيح سمجھڻ جي لاءِ نوان اوزار استعمال ٿيڻ لڳا. برقي خوردبين Electro microscope سان سائسندانن کي ڏسڻ جو موقعو مليو جنھن ۾ گھڻا ئي ننڍا ذرڙا نظر آيا جن جي اڳيان جيوڙا Bacterias گهڻا وڏا آهن.

انهن جي ننڍي ماپ معلوم ڪرڻ ۔ انهن جي اندر ڏسڻ ۽ انھن جي علاج لاء سائنسدانن طريقا ڳولهي لڌا آهن. هڪ انساني گهررڙو جيڪو ڪيترا ملين ماليڪيولن سان لاڳاپيل آهي، جيڪي ماحول کي محسوس ڪندا آهن، خوراڪ وٺندا آهن، وڌندا آهن ۽ فيصلو ڪندا آهن تہ ڪڏهن ٻن مان الڳ ٿيڻو آهي يا ساٿي گهرڙن جي ڀلائي خاطر خودڪشي ڪري وٺڻي آهي. وائري ماھر Virologist ڳولھا ڪري چڪا آهن تہ وائرا ان جي مقابلي ۾ گھڻا سادا آهن، اھي ماسي Protein جي تھ ۾ موجود ٻيڻن ٽيڻن جينن تي لاڳاپيل آهن. انھن دريافت ڪيو تہ هي ان سادگي ۽ محدود جينياتي مواد باوجود وائرس زندگي جي ٻين قسمن کي هائي جيڪ ڪري سگهن ٿا. اهيئي وائرا پنهنجي جين Gene ۽ ماسي Protein سان گهرڙي ۾ نفوذ ڪن ٿا ۽ ان تي ضابطو پائي ان کان پنھنجون ڪاپيون ٺھرائيندا آھن. هڪ وائرو هڪ گهرڙي جي اندر داخل ٿي ڪري هزارين نقل ڪاپيون ٺهرائي سگهي ٿو.

وائري ماھر 1950ع جي ڏهاڪي تائين هن بنيادي سچائي جو پتو ڪري چڪا هئا پر وريات Virology ۾ اڳتي وڃڻ لاءِ گھڻو ڪجھ هو. وائري ماھر اهو نہ ڄاڻيندا هئا تہ پاپيلو وائرس Papillomavirus ڪيئن سيھڙ جا سنڱ ڪيرائيندو آھي ۽ لکين عورتون کي هر سال ٻچيناڙ Cervix ڪينسر ۾ جڪڙائي ڇڏيندو آهي. انھن کي اهو پتو نہ هو تہ ھي پنھنجي ساٿي جي دفاعي نظام سان ڪيئن بچندا آهن، ڪنھن بہ ٻي شيء کان وڌيڪ تيز رفتاري سان ارتقاء ڇو ڪندا آهن. ان وقت اڃان انھن کي اهو پتو نہ هو تہ هڪ وائرو ان وقت چمپيزي کان انسانن ۾ ٽپو ڏئي چڪو هو ۽ ڦھلجي رهيو آهي ۽ ٽن ڏهاڪن کان پوءِ انسانيت جي وڏن قاتلن ۾ ليکيو ويندو. انھن جي وهم ۽ دماغ ۾ بہ نہ هو تہ زمين تي وائري جا قسم ۽ تعداد گهڻي ڀاڱي وڌيڪ آهن ۽ زندگي جا جينياتي قسم سڀ کان وڌيڪ وائري ۾ آهن. هي بہ پتو نہ ھو تہ ھي سياري ۾ گرموسڪن Thermostat  جو ڪم ڪندا آهن، زمين ۾ بڻجڻ واري آڪسيجن جي وڏي حصي جا ذميوار آهن، اسانجو ساھ کڻڻ انھن جي ذمي آهي. اهو بہ بلڪل پتو نہ هو تہ انساني ڄڻوٽي Genome جو هڪ قابل ذڪر حصو جيڪو هزارين وائرس تي لاڳاپيل آهي، جيڪي اسان جي پري وارن ابن ڏاڏن جي مختلف وقتن ۾ ڇوت ڏيندا رهيا آهن. هي تہ شايد چار ارب سال اڳ وائري زندگي جي شروعات ڪري چڪا ھئا، ان ڪري وائري کي اڳار گهرڙو  Prokaryotic cell سڏيو وڃي ٿو.

هاڻي سائنسدان انھن شين مان ڪجھ ڪجھ واقف آهن، هي انساني جسم جي اندر يا زمين جي ڏکين مقامن تي وائري جي موجودگي جي سڃاڻپ ڪري سگهن ٿا، کين وائري جي سمجھ اڃان گھڻي گھري ناهي پر اھي سمجھڻ جي شروعات ڪري چڪا آهن.


وائري جو جسم:

وائري جو جسم ٻن حصن تي مشتمل ٿئي ٿو ھڪ پروٽين ۽ ٻيو جينياتي مادو. جينياتي مادو يا ڄڻ ڪڙي DNA يا مک ڄڻ ڪڙي RNA جو ٺھيل آھي ۽ ھر وائري ۾ پنھنجو جينياتي ڪوڊ ٿئي ٿو. وقت سان گڏ وائري جي جينياتي ڪوڊ ۾ تبديلي اچي ٿي. ان تبديلي کي تغير Mutation چئبو آھي جنھن جي نتيجي ۾ وائرو يا زيادھ خطرناڪ ٿي وڃي ٿو يا بي ضرر ٿي وڃي ٿو.

مثال طور ”الف“ ھڪ وائرو آھي جو انسانن کي متاثر ڪري ٿو ۽ ”بي“ ٻيو وائرو آھي جيڪو پکين کي متاثر ڪري ٿو. ھي ٻئي گڏ ڪنھن جانور جي گهرڙي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جتي ھڪ ٻئي سان گڏ جينياتي ڪوڊ جا ڪجھ حصا مٽ سٽ ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ نئون وائرو ٺھي ويو. الف ۽ بي وائري وٽ الڳ جينياتي ڪوڊ آھي پر ھاڻي الڳ نئين قسم جو وائرو ٺھي چڪو آھي. مختلف جينياتي ڪوڊن جي مٽا سٽا کان سوا بي ترتيب تغير Random mutation پڻ نون قسمن جي وائرن ٺاھڻ جو سبب بنجي ٿو. ھي وائري جي ارتقا آھي جيڪا سدا کان جاري رھندي اچي پئي. 

وائرا ھميشہ ارتقا پذير ٿين ٿا ۽ خاص طور تي مک ڄڻ ڪڙيا وائرا RNA viruses تيزي سان ارتقا ڪن ٿا جيئن ڪرونا وائرو پينگولين ۽ چمڙي ۾ ارتقا پذير ٿيندو انساني گهرڙي ۾ شامل ٿي جينياتي ڪوڊ جي مٽا سٽا ڪري نئون وائرو بنجي ويو. اھڙي طرح جينياتي زنجير وائرن ۾ پاتي وڃي ٿي جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تہ وائرا ھڪ ٻئي جا قريبي رشتيدار آھن يعني ھڪ خاندان جا آھن. اھڙي طرح ڪرونا وائري جو پيدا ٿيڻ فطري ارتقا جو نتيجو آھي ۽ ڪوبہ ثبوت ناھي مليو تہ ليب ۾ تيار ٿيو آھي.


وائري دور حيات:

وائري کي پنھنجي دور حيات کي پوري ڪرڻ لاء گهرڙي جي ضرورت پوي ٿي. ھي ڄموڙي Becterium جو اڳار گهرڙو Prokaryotic cell ٿي سگهي ٿو يا جاندارن جو يڪار گهرڙو Eukaryotic cel ٿي سگهي ٿو.


1۔ نشانر گهرڙي Target cell جي سڃاڻپ:

ھر وائرو ھر گهرڙي تي حملو نٿو ڪري. ھڪ وائرو ڪجھ قسم جي گهرڙن کي پنھنجو نشانو بنائي ٿو. انهن گهرڙن جي سڃاڻپ لاء انهن جي بيروني جهلين تي ڪجھ موصولا Receptor ٿيڻ کپن. ھي موصولا گهڻو ڪري پروٽين ۔ مٺچرٻي Glyco-lipid يا مٺماسي Glyco-ptotein تي مشتمل ٿين ٿا.


2۔ وائرس جي ميل Attachment:

وائرو پنھنجي ميزبان گهرڙي جي موصولي Receptor سان لڳي وڃي ٿو. موصولي تي چپڪڻ لاء وائري جي کوکڙي Capsid تي مخصوص ماليڪيول ٿين ٿا.


3۔ وائري نفوذيت Penetration:

چپڪڻ کان پوء ڪجھ دير بعد وائرا گهرڙي جي اندر داخل ٿي وڃن ٿا. ڪجھ صورتن ۾ کوکڙا Capsid ٻاھر ئي ڇڏين ٿا ۽ صرف ڄڻوٽي Genome اندر داخل ٿين ٿا.


4۔ خول اتارڻ Uncoating:

وائرو پنھنجي کوکڙي Capsid جو خول لاھي ٿو تہ جيئن گهرڙي جي ناڀ Nucleus يا موروثي Chromosome تائين رسائي ملي وڃي. 


5۔ تشڪيل سازي Transcription:

ڄڻ ڪڙيا وائرا DNA viruses گهرڙي جا خامرا استعمال ڪري پيغامي مک ڄڻ ڪڙي mRNA کي تشڪيل ڪن ٿا، ان عمل کي تشڪيل سازي سڏجي ٿو.


6۔ پروٽين جي تياري:

پيغامي مک ڄڻ ڪڙيا mRNA گهرڙي جي مڪمل مشينري کي استعمال ڪري وائري لاء درڪار پروٽين حاصل ڪرڻ شروع ڪن ٿا.


7۔ نقلسازي Replication:

پروٽين سان گڏ وائرا گهرڙي ۾ ڄڻوٺي Genome جون نقلون ڌڙا ڌڙ تيار ٿي وڃن ٿيون. ھن مرحلي ۾ گهرڙو وائري جي مڪمل غلامي اختيار ڪري ٿو.


8۔ جوڙڪاري Assembly:

وائرا تمام مطلوبا ماليڪيولن جو نقلون تيار ڪرڻ بعد انهن جي جوڙجڪ ڪرڻ شروع ڪن ٿا. ھي عمل ڪنھن ڪارخاني ۾ ڪل پرزن کي جوڙي مشين جوڙڻ برابر آھي.


9۔ ٽوڙ ڦوڙ ۽ فرار:

ھڪ گهرڙي ۾ اندازن ھڪ لک وائرا تيار ٿي وڃن ٿا. ھاڻي ھي گهرڙا نون تشڪيل شدھ وائرن جي ڪم جا نٿا رھن تنھن ڪري ھي گهرڙجهلي Cell membrane ۽ ٻين روڪبندين کي ٽوڙي گهرڙي کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري اتان فرار ٿي وڃن ٿا. ھاڻي انهن لکن وائرن کي نون نشانن جي ضرورت پوي ٿي جتي ھو پنھنجي واردت جو نئون ڄار وڇائن.


وائري جا قسم:

وائرا پنھنجي معلومات رکڻ يا جام ڪرڻ وارو ڪوڊ پنھنجي جينياتي مادي مک ڄڻڪڙيي وائري RNA virus يا ڄڻڪڙيي وائري DNA virus ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ھي ٻنهي قسمن جا وائرا ھڪ مضبوط ماسي Protein جي کوکڙي Capsid ۾ بند ٿين ٿا. ڄڻڪڙيا وائرا DNA viruses مرڪز ۾ داخل ٿي ۽ قبضو ڪري ھن گهرڙي کي پنھنجي نقل ٺاھڻ لاء استعمال ڪن ٿا جڏھن تہ مک ڄڻڪڙيا وائرا DNA viruses خود گهرڙي جي ناڀ Nucleus ۾ پنھنجو پروگرامنگ ڪوڊ نقل ڪن ٿا ۽ گهرڙي جي ناڀ جي چوڌاري موجود جيوڳر Cytoplasm جي مشينري کي پنھنجي نقل بنائڻ لاء تيار ڪن ٿا.

وائرو انساني جسم ۾ تمام داخلي رستن کان اندر گهڙي اچي ٿو. ھي ساھ کڻڻ دوران آبي بخارن ذريعي ، کائڻ پيئڻ جي شين ۾ داخل ٿي، ھڪ ماء کان ٻار کي، پيشاب ۽ ڪاڪوس ذريعي، جنسي ميل جول سان ۽ رت جي منتقلي ذريعي ٿي سگهي ٿو. انساني جسم جو نظام گهڻن وائرن سان وڙھي انهن کي ختم ڪري سگهي ٿو. رت جا اڇا گهرڙا ليڦن Lymphocytes ذريعي اجسا Antibodies پيدا ڪري وائري حملن کي ناڪام ڪري وائرن کي دٻائي وائري بيمارين کي پيدا ٿيڻ نٿا ڏين. جيڪڏھن اھي وائرا جسماني نظام کي ڌوڪو ڏيئي گهرڙي اندر داخل ٿي وڃن ٿا تہ اھي سخت قسم جو ڇوت پيدا ڪن ٿا.


وائرڪ مرض:

چيچڪ Small pox ۔ لاکڙو Small pox ۽ جنسی بیماري تناسلي سوزش Herpes genitalia جھڙا مرض ڄڻ ڪڙين وائرن DNA viruses کان متاثر ٿين ٿا جڏھن تہ ڪاري ڪامڻ HCV ۔ ايڊس AIDs ۔ ايبولو Ebola ۔ سارس Sars ۔ ليس Common cold ۔ زڪام Influenza ۔ پوليو Polio ۽ خسري Measles جھڙيون بيماريون مک ڄڻ ڪڙين وائرن RNA viruses کان پيدا ٿين ٿيون.



وائري جي پيمائش:

اسڪيل تي ننڍا ننڍا پيمائشي نشان ملي ميٽر کي ظاھر ڪن ٿا. ملي ميٽر جي ھزارين حصي کي مائڪروميٽر چئبو آھي. مائڪروميٽر جي ھزارين حصي کي نينو ميٽر سڏبو آھي. اسان کي سمجهڻ کپي تہ وائري جي پيمائش ھميشہ نينوميٽر ۾ ٿيندي آھي. 

وائرو ننڍي ۾ ننڍو روڳو Pathogen آھي جنھن جي جسامت 30 نينوميٽر آھي جڏھن تہ سڀ کان وڏي وائري جي جسامت 3 سو نينوميٽرن تائين دريافت ٿي آھي. مطلب وائرو روشني جي موجن جي لھري ڊيگھ wave length کان بہ ننڍو آھي.


وائري جي ساخت:

وائري جي ساخت تمام سادي ٿئي ٿي. ھن ۾ ماسي Protein جو بڻيل ھڪ کوکڙو Capsid ٿئي ٿو. ھن کوکڙي ۾ ڄڻ ڪڙي DNA يا مک ڄڻ ڪڙي RNA جو ڄڻوٺو Genome ٿئي ٿو.

ھڪ وائري ۾ ھڪ ئي قسم جو ناڀ تيزاب ٿئي ٿو. ڪنھن بہ وائري ۾ ڄڻ ڪڙي DNA يا مک ڄڻ ڪڙي RNA نٿي پاتي وڃي.

کوکڙي ۾ ھڪ قسم کان وٺي ڪجھ قسمن جا پروٽين پاتا وڃن ٿا. 

پورو خول اڳتي ھلي تمام ھڪجھڙين اڪاين سان ملي ٺھي ٿو. ھر يونٽ ڪيپسوميٽر سڏجي ٿو.

وائري جي کوکڙي اندر خامرا Enzymes پاتا وڃن ٿا. ڇوت پيدا ڪرڻ ۾ خامرن جو وڏو مقدار ٿئي ٿو.

ڪڏھن ڪڏھن وائرو پنھنجي ميزبان گهرڙي تي حملو ڪري ٿو تہ ان جي جهلي Membrane کي کڻي ٿو، ھي جهلي وائري جي کوکڙي کي تھ وانگر چوطرف گهيري ٿي ۽ لفافو Envelope سڏرائي ٿي.


وائري جا حصا:

زمين تي موجود تقريبن تمام ايڪو سسٽم وائرا رکن ٿا. جڏھن وائرس گهرڙي ۾ داخل ٿئي ٿو تہ ھن وقت ھن جو مقدار ڪنھن جيوڙي Bacteria کان 100 ڀيرا ننڍو ٿئي ٿو ۽ ھن جو جسم ٽن حصن تي مشتمل ٿئي ٿو.

اول

1 جینیاتی مواد Genetic material

2 مک ڄڻ ڪڙي RNA

3 ڄڻ ڪڙي DNA


ٻيو

ماسي Protein سان ٺھيل ٽوپلي يا خول سان اندريين جينياتي مواد جي حفاظت ڪري ٿو.

ٽيو

گهرڙي کان ٻاھر رھڻ جي صورت ۾ ماسي خول جي چوڌاري چرٻن سان ھڪ جهلي جو ڍڪ ٺاھي ٿو.

وائري جي اندر رٻا Ribosomes نٿا ٿين ٿين ان ڪري اھي پنھنجو ماسو Protein ٺاھي نٿا سگهن، ان ڪري وائرو ڪنھن جاندار گهرڙي جي اندر پنھنجو گهر ٺاھي ٿو، ان حساب سان وائري کي ٻار سڏيو وڃي ٿو. ڪنھن بہ جاندار گهرڙي ۾ داخل ٿي وائرو پنھنجو جينياتي مواد ان ۾ منتقل ڪري ٿو ۽ ميزبان گهرڙي جو ڪنٽرول سنڀاري ميزبان گهرڙي سان ماسو Protein تيار ڪرڻ لڳي ٿو جنھن ۾ ھو جينياتي مواد جون ڪاپيون تيار ڪري ڪري وجهي ٿو ۽ پاڻ جھڙا بيشمار وائرا تيار ڪرڻ لڳي ٿو، ھن بنياد تي وائري کي مفتخورو Paracite مڃيو وڃي ٿو.



وائري جون شڪليون:

وائرا مختلف شڪليون ۽ مقدار رکن ٿا. خاص وائرس ھي آھن.


1. پيچدار ۔ اسپرنگ نما Helical:

ھي اسپرنگ نما ٿين ٿا ۽ تماڪ جي ٻوٽن تي پاتو وڃن ٿا.


2. ويھ سطحو  Icosahedral

ھي بيضوي شڪل ٿين ٿا ۽ انهن جي اڪثريت جانورن ۾ پاتي وڃي ٿي.


وائري جا نمونا:

وائرو پنجن نمونن ۾ پاتو وڃي ٿو.


1۔ گهڻ سطحو ۔ گهڻ تھو Polyhedral


2۔ گولورو ۔ گول نما Spherical


3۔ ڌاڳورو ۔ ڌاڳي نما Filamentous


4۔ پیچیدھ وائرو Complex virus


5۔ پيچدار وائرو ۔ خمدار وائرو Helical virus


وائرو ھڪ منفرد جراثيم:

وائرو مفتخورو آھي مطلب ڀاڙيتو زندگي گذاري ٿو. ھن کي رھڻ لاء ميزبان درڪار ٿئي ٿو.

ھن جي ميزبانن ۾ ھرقسم جا جاندار ٿين ٿا. ھي جيوڙن ۽ جراثيمن تي بہ حملو ڪري سگهن ٿا.

ھي گهرڙي جي اندر وڃي جيئي ٿو يعني ھي منجھگهرڙ مفتخورو Intracellular paracite آھي.

وائرا اھڙن ڇاڻي پنن مان گذري سگهن ٿاجتان جيوڙو نٿو گذري.

ھي پنھنجو پاڻ کي خود تقسيم نٿو ڪري، ان ڪري ھن کي ميزبان درڪار ٿئي ٿو.

وائرو کائي نٿو نڪي ساھ کڻي ٿو ۽ نہ ئي ھن ۾ ڪنھن قسم جي توانيت Metabolism ٿئي ٿي.

ھن ۾ ڪنھن قسم جا گهرڙا يا گهڱا Organelles پاتا نہ وڃن ٿا.

ھن ۾ جيومادو Protoplasm نٿو پاتو وڃي.

وائري کي جاندار ۽ بي جان شي طور تصور ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري ھن کي جاندارن جي بادشاھي ۾ نہ ٿو رکيو وڃي ٿو.


وائري جو ماخذ:

وائرو مرڻ کان پوء پنھنجو فاسل يا ڍانچو نٿو ڇڏي، ان ڪري زماني قديم ۾ ان جي موجود گي مشڪل آھي. ڪجھ سالماتي طريقا اختيار ڪري ان جي ڄڻڪڙي DNA يا مک ڄڻڪڙي RNA جي مواد کي ٽريس ڪيو وڃي ٿو تہ ڪنھن مقام تي ڪنھن دور ۾ ان جي موجودگي جي خبر ورتي وڃي ٿي. وائري جي ابتدا يا شروعات متعلق سائسدانن پنھنجا ٽي نظريا پيش ڪيا آھن


1. Regressive or Reduction Hypothesis

تخفيفي مفروضو:

ھن نظريي مطابق وائري جي ابتدا آزادانا طور تي جاندارن جي حيثيت سان گذريل وقت سان گڏ گهرڙن جي جينياتي مواد ۾ تغير واقع ٿيڻ سان وائرس پنھنجي ڄم لاء جاندار گهرڙن جو محتاج ٿيندو ويو.

 


2. Escape hypothesis or 

Progressive hypothesis

اوسري مفروضو:

ھن نظريي مطابق وڏن گهرڙن کان ٽٽي جينياتي مواد ارتقا پائي وائري جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ ان ۾ آھستي آھستي آزاد زندگي جي صلاحيت ۽ بين گهرڙي حرڪت پيدا ٿي وئي.



3. Virus first hypothesis

وائرو پھرين مفروضو:

ھن نظريي مطابق اڄ کان ارب سال پھرين جڏھن ڪائنات ۾ زندگي وجود ۾ آئي تڏھن پروٽين ۽ ناڀ تيزاب Nucleic acid جي سالمن ملڻ سان وائرا وجود ۾ آيا.


*وائري کی ترسیل*

ھڪ وائرو صرف نسل ڪشي لاء پيدا ٿئي ٿو. ھي ڪنھن گهرڙي ۾ وڃي پنھنجي افزائش ڪري ٿو تہ ٻين گهرڙن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. ڪنھن بہ وائري جي خطرناڪ اثر جو اندازو ان جي پيدائشي صلاحيت تي ٿئي ٿو. وائرو ھڪ انسان کان ٻئي انسان ۽ حمل دوران ٻئي ٻار ۾ منتقل ٿئي ٿو. وائرو ھن ريت پکڙجي ٿو.

ڇھڻ

گگ

کنگھ

زڪام

جنسي تعلق

آلودھ رت، پاڻي جا ڪيڙا، جانورن، مکين ۽ مڇرن ذريعي وائرو ھڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين پھچي ٿو.

ڪجھ وائرا ڪنھن غير جاندار جسم تي زندھ رھي سگهن ٿا. جيڪڏھن ڪو وائرو ورتل ماڻهو ڪنھن جڳھ کي ڇھي تہ اتي وائرا پيدا ٿي سگهن ٿا، ان غيرجاندار طريقي کي جڙت Formit سڏجي ٿو.

ھر وائرو پنھنجي جاندار گهرڙي ۾ وڃي افزائش ڪري ٿو ان کان پوء ميزبان جاندار تي ان جا اثر ظاھر ٿين ٿا. ھڪ مخصوص وقت جنھن کي پالخاني وقت Incubation period سڏجي ٿو، جنھن کان پوء جسم تي علامتون ظاھر ٿين ٿيون.


وائري کي غير فعال ڪندڙ شيون:

چار شيون ھر قسم جي وائرس کي غير فعال ڪن ٿيون.


1۔ تیزاب Acid


2۔ ڊٽرجنٽ یا صابن


3۔ خشڪ ماحول


4۔ حرارت


*وائرس جي شڪل ساخت میں تغیر*

جڏھن ھڪ وائرو نسل ڪشي ڪري ٿو تہ پنھنجي ميزبان گهرڙي جي ڪجھ ڄڻ ڪڙي DNA وٺي ٿو. جيڪڏھن وائرو ميزبان گهرڙي جي ڄڻ ڪڙي DNA ۾ داخل ٿي وڃي تہ ان جي موروثي ۾ تبديليون پيدا ڪري ڇڏي ٿو. اھڙي موروثي تبديلي جا انسان تي ديرپا اثر پون ٿا. انسانن ۾ ان جو مثالون چمھير Hemophilia ۽ مشڪي نقص Muscular dystrophy آھن. ميزبان گهرڙي سان وائري جي ان ميلاپ سان وائري جي اندر تبديليون اچي سگهن ٿيون. ڪجھ وائرا ڪجھ اھڙن قسمن جي جاندارن کي متاثر ڪن ٿا مثال پکي. ھڪ وائرو جيڪو عام طور تي پکين کي متاثر ڪري ٿو جيڪڏھن اھو اتفاقن انسان ۾ داخل ٿي وڃي ۽ انساني ڄڻ ڪڙي Human DNA جا اثر قبول ڪري تہ ھي ھڪ نئين وائري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو جو مستقبل ۾ ڪيترن انسانن کي متاثر ڪري سگهي ٿو.


وائري بيماريون:

وائرو انسان ۾ گهڻا مرض پيدا ڪري ٿو.

Chickenpox  چيچڪ


لاکڙو Small pox


Flu (Influenza) زڪام


لڦيڙ ۔ ڳڦيڙ Herpes


Bird flu  پکي مھاڙو


ڪامڻ  Hepatitis


Human immunodeficiency virus (HIV/AIDS)

انساني خودپڻ کوٽو وائرو


Human papillomavirus (HPV) چمبڙ وائرو


Infectious mononucleosis     غدودي ڇوت


Mumps   ڳلڳيڙ ۔ ڪن پيڙ ۔ ڳلي جي سوڄ


خسرو  Measles


Rubella  ڪوڙو خسرو


Shingles

دڙداڻ ۔ ڳاڙھي ڦيسڙ ۔ منھن تي ڳاڙھن داڻن جي پٽي


Ebola ايبولا


ڦيساڙا ۔ خسري جا ڳاڙھا داڻا  Roesola


Fifth disease پنجين بيماري


Chikungunya virus infection   لاسڙ وائري ڇوت


The common cold and different Types of flu

ليس جا نمونا


ڇھنڊا  Cold sores


Polio پوليو


ريٻا وائرس  Rabies


Hanta fever ھنٺو بخار


Middle East respiratory syndrome  ميرس


Dengi ڊينگي


زڪو وائرس Zika virus


*انسان دوست وائرا*

جيئن تہ انسان دوست جيوڙا آنڊن ۾ پاتا وڃن ٿا ۽ غذا جي ھاضمي لاء مددگار ٿين ٿا تيئن انسانن ۾ انسان دوست وائرا پاتا وڃن ٿا جيڪي خطرناڪ جيوڙن کان بچائن ٿا.


*وائري کان تحفظ*

جڏھن انسان جو مدافعتي نظام وائري کي محسوس ڪري ٿو تہ دفاعي ردعمل شروع ڪري گهرڙن جو تحفظ ڪري ٿو، ھڪ عمل سان آر اين اي ۾ مداخلت ڪري وائري جي جينياتي مادي کي ٽوڙي انهن کي مفلوج ڪري ٿو ۽ مدافعتي نظام ۾ مخصوص اجسا پيدا ڪري ٿو جيڪي وائرن سان جڙي انهن ۾ تعفن پيدا ڪن ٿا ۽ جسم ۾ گهرڙا موڪلي انهن کي تباھ ڪن ٿا. گهڻن وائرن جي ڇوت حفاظتي نظام کي مدافعتي نظام ذريعي بيدار ڪري ٿي پر ايڇ آء وي ۽ نيوروٽروپڪ وائرا مدافعتي نظام جي دفاع کي ٽوڙڻ جي سگھ رکن ٿا. نيوروٽوپڪ وائرا اعصابي گهرڙن کي متاثر ڪن ٿا ۽ پوليو Polio ۔ ڳلڳيڙ (ڳلي جي سوڄ) Mumps ۽ خسري Measles جھڙيون بيماريون پيدا ڪن ٿا. ھي وائرس مرڪزي اعصابي نظام جي ڍانچي کي متاثر ڪن ٿا. 


علاج ۽ دوائون:

وائرن جي وائري ڇوت جي ڇوت کان بچاء لاء سئي Vaccine تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪجھ وائري روڪ دوائن سان علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجھ صورتن ۾ علامتن سان علاج ڪيو وڃي ٿو.


وائري روڪ نشاڻ:

ڪثير تعداد ۾ اينٽي وائرل ايلوپيٿڪ دوائون ايڊز جي مقابلي لاء تيار ڪيون ويون پر اھي وائري کي تباھ ڪري نہ سگهيون پر وائري تي اثرانداز ٿي ان جي بگاڙ ۽ پکيڙ کي سست ڪري ڇڏين ٿيون. ڳڦيڙ Herpes ۔ ڪامڻ بي Hepatitis B ۔ ڪامڻ سي Hepatitis C ۔ نزلي Influenza ۔ دڙداڻ Shingles ۽ چيچڪ Chicken pox جھڙا مرضن لاء وائرس روڪ دوائون موجود آھن.


*سئي*

وائري جي خلاف سئي Vaccine ھڪ سستو ۽ موثر علاج آھي. ڪجھ سيون وائري کي ڪاميابي سان ختم ڪن ٿيون مثال چيچڪ Chicken pox وغيرھ. سئي Vaccine جي جزن ۾ وائرس کي ڪمزور ڪرن وارا جز موجود ٿين ٿا جيڪي جسم ۾ اجسا Antibodies پيدا ڪري تحريڪ پيدا ڪن ٿا ۽ جسم ۾ وائرس جي ڇوتدار مواد يا مئل وائرن مان سئي تيار ڪري علاج ڪيو وڃي ٿو.


وريات:

وائري جي مطالعي کي وريات Virology چيو وڃي ٿو. وائرس جو لفظ دراصل لاطيني يا ان کان اڳ يوناني زبان مان آيو آھي جنھن جو مفھوم زھر آھي. وائرا زيرخوردبين جينياتي مواد Submicroscopic genetic material تي مشتمل اھي طفيلي جز ٿين ٿا جن جي مٿان ماسي Protein جو تھ ٿئي ٿو.

وريات مطابق وائرا پنھنجي نسلي افزائش Reproduction لاء ميزبان گهرڙي کي ڪيئن متاثر ڪن ٿا. اھو ميزبان جاندارن Host Organism جي فعلن ۽ قوت مدافعت جي فعل Immunity جو گڏيل نتيجو آھي ۽ معلوم ڪيو وڃي ٿو تہ وائرا ڪھڙيون ڪھڙيون بيماريون پکيڙن ٿا ۽ اھي ڪھڙا طريقا آھن جن سان وائرس جي ڪري پکڙجندڙ بيمارين جو علاج ڪيو وڃي ٿو.


وائري کی ساخت اور جماعت بندی:

وائري درجابندي زھريات جي وڏي شاخ آھي. وائري درجابندي ميزبان گهرڙي مطابق ڪئي ويندي آھي جيئن حيواني وائرا Animal viruses، نباتاتي وائرا Plant viruses، ڦنگي وائرا Fungal viruses، جيوخور وائرا Bacteriophage virus آھن جيڪي جراثيم کي متاثر ڪن ٿا ۽ سڀ کان پيچيدھ آھن.

وائري درجابندي ھندساتي نمونن سان بہ ڪئي وڃي ٿي جيئن کوکڙي وائرا Capsid viruses، ويھ سطحي وائرا Icosahedron viruses ۽ پيچدار وائرا Helix viruse.

ان کان علاوا وائرن جي نمونن جي لحاظ کان بہ ان جي جماعت بندي ڪئي وڃي ٿي جن ۾ وائرن جي چوڌاري چرٻ لفافي Lipid envelope جي موجودگي ۽ غيرموجودگي جو لحاظ رکيو وڃي ٿو. وائرن جي جسامت 30 نينو ميٽر کان 450 نينوميٽر تائين ٿئي ٿي جنھن جو مطلب آھي تہ نظري خوردبين (Optical microscope سان نٿي ڪري سگهجي. وائرسن جا نمونا ڏسڻ لاء برقي خوردبيني Electron microscopy، نيوڪلائي مقناطيسي گمگي طيف بيني  NMR spectroscopy ۽ لاشعاعي قلم نگاري X-ray crystallography استعمال ڪئي وڃي ٿي.

وائر وائري درجابندي لاء انهن جي جينياتي مواد Genetic material، انهن جي ناڀي تيزاب Nucleic acid کي استعمال ڪن ٿا يا وائري نقل پذيري جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي جنھن طريقي سان ھو پنھنجا نقل نمونا تيار ڪرڻ لاء ميزبان گهرڙن Host cells کي متاثر ڪن ٿا. جينياتي بنياد تي وائري کي ڄڻڪڙيي وائري DNA ۽ مک ڄڻڪڙيي وائري RNA virus جي بنياد تي تقسيم ڪيو وڃي ٿو.

ڄڻڪڙيا وائرا RNA viruses اھي وائرا آھن جيڪي ڄڻڪڙيو جينياتي مواد DNA genetic material رکڻ ٿا.  ڄڻڪڙين وائرن DNA viruses جي ڪري چيچڪ smallpox، خسرو chickenpox ۽ ڳڦيڙ herpes جھڙيون بيماريون ٿين ٿيون.

مک ڄڻڪڙيا وائرس RNA viruses اھي وائرا آھن جيڪي مکڪڙيو جينياتي مواد RNA genetic material رکن ٿا. مک ڄڻڪڙين وائرن جي ڪري انساني بيماريون جيئن ايبولا وائرڪ بيماري  Ebola virus disease ۔ سارس SARS ۔ ريٻا Rabies ۔ ليس Common cold ۔ نمونيا Influenza، ڪاري ڪامڻ Hepatitis C ۔ ڪامڻ اي Hepatitis E، مغري نير بخار West Nile fever، پوليو Polio، خسرو Measles ۽ ڪرونا COVID-19 جھڙا روڳ جنم وٺن ٿا.

سنڌي انگريزي سائنسي اصطلاحي جوڙ: اصغر ساگر👇


Microorganism جراثيم


خوردوبو ۔ لزوبو  Microbe


Bacteria  جيوڙو


وائرو ۔ ورو ۔ وائرس   Virus


Fungi  ڦنگي


الجي   Algae


Protozoa  اڳازو


گهرڙجهلي ۔ گهرڙي جي جهلي

Cell membrane


ماسو ۔ پروٽين  Protein


Capsid  کوکڙو


ڄڻ ڪڙي ۔ اڍ ڪڙي DNA


RNA  مک ڄڻڪڙي ۔ مک اڍڪڙي


جيوخورو  Bacteriophagous


DNA viruses  ڄڻڪڙيا وائرا ۔ اڍڪڙيا وائرا


RNA viruses

مک ڄڻڪڙيا وائرا ۔ مک اڍڪڙيا وائرا


Cytoplasm  جيوڳر ۔  جيوجيل ۔ جيوپاڻيٺ


حياتياتي ايجنٽ  Biological agent


Genetic material  جينياتي مواد


Non cellular organism اڻ گهرڙي جاندار


نمونياتي گهرڙِڪ ورھاستي پھچ

Typical cell- division approach to replication

نمونياتي گهرڙِڪ ورھاستي پھچ


بواسير Haemorrhoids


Gonorrhea  سوزاڪ


آتشڪ    Syphilis


Messanger RNA (mRNA)

پيغامي مک ڄڻڪڙي ۔ سنديشي ڄڻڪڙي


Transport RNA (tRNA)

رفتي ڄڻڪڙي ۔ رفتي اڍڪڙي


Ribosomal RNA (rRna)

رٻي مک ڄڻڪڙي ۔ رٻوسي ڄڻڪڙي


Biochemical reactions

 جيوڪيميائي ردعمل


Enzymes خامرو


خامرا   Enzymes


Nucleus ناڀ ۔ مرڪز


آمدرفت  Translation


Amino acid امينو تيزاب ۔ مينو تيزاب


رٻو ۔ رٻوسو Ribosome


Organelle گهڱو ۔ گهرڙي جو  عضوو


گهڱا ۔ گهرڙي جا عضوا Organelles


Protein synthesis

ماسي جي ترڪيب ۔ پروٽين جي ترتيب


Micro pathogen  خوردبين روڳو


خوردبين روڳا Micro pathogen


Biologist حياتياتي ماھر


ڇوت  Infection


Fungus ڦنگيڙو


ڇاڻدار پنو Electro microscope


Electro microscope برقي خوردبين


وائري ماھر ۔ وائرسي ماھر  Virologist


Virology وريات ۔ وائريات


جين ۔ ڄڻ ۔ اڍ  Gene


Papillomavirus پپيلو وائرو


اڳار گهرڙو Prokaryotic cell


Eukaryotic cell يڪار گهرڙو


اڳارو ۔ اڳار گهرڙو  Prokaryote


Eukaryote  يڪارو ۔ يڪار گهرڙو


ٻچيناڙ ۔ ٻچيداني جو منھن Cervix


Thermostat

گرموسڪن ۔ گرمي ۾ سڪون ڏيندڙ


Mutation  تغير ۔ تبديلي


Random mutation

بي ترتيب تغير ۔ بي ترتيب تبديلي


Becterium  ڄموڙو ۔ ڄوڙو


نشانر گهرڙي Target cell


Receptor موصولو ۔ موصلو


موصولا ۔ موصلا  Receptor


 Glyco-lipid  مٺچرٻو


 مٺچرٻا Glyco-lipid


Glyco-ptotein  مٺماسو


مٺماسا  Glyco-ptotein


Attachment  ميل ۔ ميلاپ


کوکڙو ۔ کوکو Capsid


Penetration  وائري نفوذيت


ڄڻوٺو ۔ ڄڻوٽو Genome


Uncoating  خول اتارڻ


تشڪيلسازي ۔ روپسازي Transcription


Chromosome  موروثو ۔ وراثو


ليڦي گهرڙا ۔ لمفي گهرڙا Lymphocytes


Herpes genitalia

تناسلي سوزش ۔ آلتي سوزش


HCV  ڪاري ڪامڻ


لاکڙو  Small pox


AIDs  ايڊس


ايبولو  Ebola


Sars  سيرس


عام ليس  Common cold


Influenza  زڪام


پوليو  Polio


Measles    خسرو


لفافو Envelope


Parasite مفتخورو


 گهڻ سطحو ۔ گهڻ تھو Polyhedral


Spherical  گولرو ۔ گول نما


ڌاڳرو ۔ ڌاڳي نما Filamentous


Complex virus  پیچیدھ وائرو


پيچدار وائرو ۔ خمدار وائرو Helical virus


Intracellular paracite

منجهگهرڙ مفتخورو


Metabolism توانيت ۔ توانڪاري


جيومادو Protoplasm


Regressive Hypothesis

ھٽندڙ مفروضو ۔ لھندڙ نظريو


Reduction Hypothesis

تخفيفي مفروضو


Escape hypothesis  چاڙھ نظريو


Progressive hypothesis

اوسري مفروضو


Virus first hypothesis

وائرو پھرين مفروضو


Nucleic acid  ناڀ تيزاب


Incubation period

پالخاني وقت ۔ پالخاني مدو


Hemophilia  چمھير ۔ چم مان رت وھڻ


مشڪي نقص Muscular dystrophy


Human DNA

انساني ڄڻڪڙي ۔ انساني اڍڪڙي


Human RNA

انساني مک ڄڻڪڙي ۔ انساني مک اڍڪڙي


Flu (Influenza) زڪام


لڦيڙ ۔ ڳڦيڙ    Herpes


Bird flu  پکي مھاڙو


ڪامڻ Hepatitis


Human immunodeficiency virus (HIV/AIDS)

انساني خودپڻ کوٽو وائرو


Human papillomavirus (HPV)

چمبڙ وائرو ۔ چمر وائرو


Infectious mononucleosis

غدودي ڇوت


ڳلڳيڙ ۔ ڪن پيڙ ۔ ڳلي جي سوڄ  Mumps


Measles  خسرو


ڪوڙو خسرو  Rubella


Shingles

دڙداڻ ۔ ڳاڙھي ڦيسڙ ۔ منھن تي ڳاڙھن داڻن جي پٽي


Chickenpox  چيچڪ


زڪام  Flu (Influenza


Herpes  لڦيڙ ۔ ڳڦيڙ


پکي مھاڙو  Bird flu


Human immunodeficiency virus (HIV/AIDS)

انساني خودپڻ کوٽو وائرو


Roesola ڦيساڙا ۔ خسري جا ڳاڙھا داڻا


پنجين بيماري  Fifth disease


Chikungunya virus infection.

لاسڙ وائري ڇوت


The common cold and different Types of flu ليس جا عام نمونا


لڦاڙا ۔ ڳڦاڙا ۔ ڇھنڊا  Cold sores


Rabies ريٻا وائرس


ھنٺو بخار  Hanta fever


Middle East respiratory syndrome 

ميرس

Zika virus زڪو وائرو


جانور وائرا Animal viruses


Plant viruses  نباتاتي وائرا


ڦنگي وائرا Fungal viruses


Bacteriophage virus جيوخور وائرا


 کوکڙي وائرا Capsid viruses


Icosahedron virusesويھ سطحي وائرا


 پيچدار وائرا Helix viruse


Lipid envelope  چرٻ لفافو


نظري خوردبين Optical microscope


Electron microscopy برقي خوردبين


NMR spectroscopy

ناڀي مقناطيسي گمگي طيف بيني


X-ray crystallography

لاشعاعي قلم نگاري

By Asghar Sagar