Thursday 4 March 2021

اُٺگهوڙو Praying mantis 💎اصغر ساگر💎


جڏھن اسان ٻنين ڏي چڪر لڳائيندا آھي تہ ھڪ جيت ٻن اڳين پيرن تي بيٺل ۽ ڪر کنيل نظر ايندو آھي. ڏسڻ ۾ حشمتدار ۔ جنگ ۾ بيٺل ڄڻ جوڌو يا ڄڻ دعا گهرندي نظر ايندو آھي. ڪنھن بہ پکي کان نہ ڊڄندڙ ۔ سينو سٻر ڪندڙ ۔ موت جي خوف کان بي نياز ۔ آخري دم تائين وڙھندڙ دشمن ڀلي طاقتور ھجي پر ان سان سينو ساھيندو، مري ويندو پر پوئتي نہ ڀڄندڙ اُٺگهوڙو جو تعلق Mantodea اٺگهوڙاڪ خاندان سان آھي. ھن وقت تائين ھن جا 30 خاندان ۽ 24 سو نمونا دريافت ٿي چڪا آھن. 

اٺگهوڙو گهوڙي جھڙي شڪل رکي ٿو۔ ھن جون اکيون ٻاھر نڪتل ٿين ٿيون. آرام سان ٻن اڳين پيرن سان ائين بيھي ٿو ڄڻ ڪو جوڌو ميدان ۾ لٿو ھجي. ھنجي چيلھ لچڪدار ٿئي ٿي جنھن ڪري مٿي کي ڪنڌ سان گهمائي سگهي ٿو.

اٺگهوڙو اڪثر ڪري گرم ملڪن ۾ پاتو وڃي ٿو، ھن جا ڪجھ قسم سرد ملڪن ۾ پاتا وڃن ٿا. ھي امن پسند جيت ٿئي ٿو، خاص ڪري گاھن ۔ وڻن ۽ ساون فصلن ۾ ملي ٿو. ھي ميدانن ۔ پھاڙن ۽ گاھن ۾ رھڻ پسند ڪري ٿو. جتي گاھ ۽ وڻ موجود ٿين ٿا اتي ھي پنھنجي رھائش جوڙي ٿو.

اٺگهوڙي جي لڳ ڀڳ عمر سال ٿئي ٿي جيڪا موسم جي لحاظ کان گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. ھن جي افزائش جي بھترين موسم بھار ٿئي ٿي. مادي اٺگهوڙي وڻن يا گاھن ۾ بيدا ڏئي ٿي ۽ بھار ۾ ھن جا ٻچا ڦٽن ٿا. ھي جيت سال جي ڪنھن بہ موسم ۾ آنا ڏيئي سگهن ٿا. 

اٺگهوڙي جا آنا فوم ۾ لپٽيل ٿين ٿا جنھن جي ڪري اھي دشمنن ۽ سرد موسم کان محفوظ رھن ٿا. ھن جي بيدن مٿان چڙھيل فوم کي بيدڳوٿو Ootheca سڏجي ٿو. اٺگهوڙي ھڪ ڀيري 4 سو آنا لاھي سگهي ٿي. اٺگهوڙن جا نمونا مختلف ٿين ٿا، ھنن ۾ ڪتگهوڙا Bark mantis  آنن جي سنڀال ڪن ٿا جڏھن تہ ٻيا نمونا سنڀالداري نٿا ڪن. 3 کان 6 ھفتن بعد آنن مان ٻچا نڪري اچن ٿا. اٺ گهوڙا سڄي زندگي ۾ چمٽا Molting ٿين ٿا، زندگيء ۾ 10 ڀيرا چمڙي بدلائين ٿا.

اٺگهوڙا گوشت خور آھن جيڪي جيتن ۔ ڪوريئڙن ۔ پکين ۔ ڪرڙين ۽ نانگن جو شڪار ڪن ٿا. 

اٺگهوڙا شڪار ۾ مھارت رکن ٿا، شڪار ڪرڻ وقت روپبدلا Camouflage ٿين ٿا جيڪي گاھ يا پنن جي اڙ وٺي پڪڙ ڪن ٿا يا شڪار جي پويان ڀڄن ٿا. ھنن جي بھترين شڪاري ھجڻ جو سبب ھنن جي نظر تيز ٿئي ٿي. ھنن جي اکين ۾  لڳ ڀڳ 10 ھزار اکاما Fovea ٿين ٿا جن جي مدد سان ھي شڪار جي حرڪت کي محسوس ڪن ٿا. اٺ گهوڙي جي اکين ۾ اکامو fovea ٿئي ٿو جتان تيز نظر سان ڏسي ٿو. اٺگهوڙو شڪار کي ڏسنديئي مٿو ڪنڌ سان ورائي، اکامي مان ڏسي شڪار تي ڪڙڪي ٿو ۽ اڳين پيرن سان شڪار کي جڪڙي ان جانور جي چمڙي ۾ نوڪيلا پير دٻائي ٿو جن ۾ ڦاسڻ کان پوء شڪار جو نڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. اٺگهوڙو زندھ جانورن جو شڪار ڪري کائي ٿو ۽ مئل جيتن کي پڻ شوق سان کائي ٿو.

جڏھن اٺگهوڙي کي ڪنھن جاندار مان خوف ٿئي ٿو تہ ڪر کڻي ٿو ۽ پنھنجي ٻنهي پيرن تي بيھي پر کولي ٿو جيئن مخالف ھن جي اڀريل جسامت کي ڏسي ڊڄي وڃي. جيڪڏھن مخالف ھن کان نٿو ڊڄي تہ ھي پرن کي ڦڙڪائي آواز ڪڍي ٿو ۽ جسم کي ائين لوڏي ٿو جيئن پپر جا پن ھوا ۾ ھاسو ڪندا آھن. ھي ھن جو دفاعي انداز آھي.

اٺگهوڙا جيتن ۾ سڀ کان وڌيڪ بھادر ٿين ٿا جيڪي دشمنن کان نٿا ڊڄن ۽ مقابلو ڪن ٿا.

اٺگهوڙي جي دشمنن ۾ سرفھرست پکي ۽ وڏيون ڪرڙيون شمار ٿين ٿيون پر ھي مقابلي بغير شڪار نٿا ٿين. ڪجھ ڏينڀون ۽ ماڪوڙا پنھنجي زھر سان ھن جو شڪار ڪن ٿا ڇوجو اٺگهوڙي ۾ زھر نٿو ٿئي ان ڪري ھي زھريلن جيتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

اٺگهوڙو ٻين جيتن کان مختلف ۽ ممتاز ٿئي ٿو ڇوجو ھي دشمن سان وڙھي ٿو ۽ ميدان نٿو ڇڏي ۽ نڪي ھار تسليم ڪري ٿو. ھي واحد جيت آھي جيڪو پنھنجي مٿي کي انسانن وانگر کاٻي ۽ ساڄي پاسي ورائي سگهي ٿو. اھڙي صلاحيت ٻئي ڪنھن جيت ۾ موجود ناھي.

ھنجي نظر سڀن جيتن کان وڌيڪ ٿئي ٿي. اٺگهوڙي جي شڪار جي نوعيت ٻلي ۽ شينھن سان ملي ٿي جيڪي مختلف انداز سان شڪار ڪن ٿا.

اٺگهوڙي بابت مشھور آھي تہ جڏھن ھي مادي سان ميلاپ ڪري ٿو تہ ميلاپ جي آخري بعد مادي ھن جو مٿو کائي وڃي ٿي. اھو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن اھا غذائي قلت جو شڪار ھجي ۽ مستقبل ۾ آنن ڏيڻ لاء ماسي Protein وغيرھ جي کوٽ ھجي. جيڪڏھن مادي غذائي قلت جو شڪار نہ ھجي تہ اھا ڪڏھن بہ نر کي کائي نٿي.

اٺگهوڙي مان انسانن کي ڪوبہ خطرو نٿو ٿئي ڇوجو ھن ۾ نہ زھر ٿئي ٿو نڪي ڏنگ ٿئي ٿو  ۽ نہ ھي ڪا ڇوتدار بيماري کڻي ٿو.

اٺگهوڙن کي نوڪدار پير ٿين ٿا جن کي ھي شڪار وقت شڪار جي جسم ۾ کپائن ٿا ۽ پوء شڪار جو نڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. ھي مکيون ۔ تڏون ۽ ڪرڙيون کائن ٿا.

عيسائي ملڪن ۾ اٺگهوڙي کي ڀاڳ ۽ سعادت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ھن جا دعا وارا ھٿ روحانيت کي ظاھر ڪن ٿا. جيڪڏھن اھو گهر ۾ ملي ٿو، سمجهيو ويندو آھي تہ ملائڪ گهر ۾ آيو آھي ۽ تنھنجي سنڀال ڪري رھيو آھي.

اٺگهوڙا سھپدار گوشتخور Non-aggressive carnivores آھن، اھي بي زھر ۽ انسانن کان بي تعلق رھن ٿا. جيڪڏھن انهن سان نامناسب رويو رکيو وڃي تہ اھي چڪ ھڻي سگهن ٿا مگر نقصان ناھي باقي جيڪڏھن ھن سان پويان کان حرڪت ڪئي وڃي تہ ھي حملو نٿا ڪن.

اٺ گهوڙن کي پاڻي جي ضرورت نٿي رھي ڇوجو اھي پنن تان قطرا پين ٿا. جيڪڏھن توھان اسپري بوتل سان ڦوھار ڏيو ٿا تہ ھنن جو ھڪ يا ٻن قطرن مان گذران ٿي وڃي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment