Thursday 1 April 2021

گهرڙي جي موت Cell death 💎اصغر ساگر💎

 


گهرڙي جي موت حياتياتي گهرڙي جو واقعو آھي جنھن ۾ پنھنجا ڪم ڪرڻ بند ڪري ٿو. ھي پوڙھن گهرڙن جي قدرتي مرحلي جو نتيجو آھي جيڪي مرن ٿا ۽ انهن جي جڳھ تي نوان گهرڙا اچن ٿا يا ٻيا بہ سبب ٿي سگهن ٿا جيئن بيماري ۔ حادثو ۔ زخم ۔ يا جسم ۾ عضون جي موت جن کان  گهرڙا جدا ٿين ٿا. ڪنھن گهرڙي جي موت ٻن سببن جي ڪري ٿئي ٿي.

(1) خلماريت ۔ خلڇڻ  Apoptosis

(2) خلماتيت ۔ خلمرتيت  Necrosis


(1) خلماريت ۔ خلڇڻ  Apoptosis

ھڪ انسان جي جسم ۾ روزانو ڪيترن گهرڙن جي موت ٿئي ٿي ۽ ڪيئي نوان گهرڙا ٺھن ٿا. گهرڙي جي موت ٻوٽن ۽ جانورن جي اوسر لاء تمام ضروري آھي ۽ گهرڙن جي ھي موت دراصل گهرڙي جي خودڪشي آھي. ھر گهرڙي ۾ ھڪ سٽاء ٿئي ٿو جنھن تحت گهرڙا وقت اچڻ تي خودڪشي ڪن ٿا. جيڪڏھن ڪنھن گهرڙي جي کھ DNA کي نقصان پھچي ٿو تہ گهرڙو پاڻ کي ماري ڇڏي ٿو ڇوجو کھ جي خرابي ڪينسر جو سبب ٿي سگهي ٿي.

خلماريت مرحلي ۾ گهرڙو ھڪ طئي ڪيل رٿا مطابق پنھنجي عمر پوري ڪري ختم ٿي وڃي ٿو. پھرين سسي ٿو پوء ننڍن ٽڪڙن ۾ تقسيم ٿئي ٿو جنھن کان پوء صفائي ڪندڙ گهرڙا ھنن کي کائن ٿا. گهرڙن جي ھن خودڪشي کي جي عمل کي خلماريت Apoptosis سڏجي ٿو. خلماريت ۾ گهرڙو سسي ننڍن حصن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو، انهن ننڍن حصن کي خلڇڻي جسم Apoptotic bodies سڏيو وڃي ٿو. جسم ۾ موجود وڏخورا Macrophages انهن خلماتي جسمن کي ڳھي گهرڙي جي صفائي سان خاتمو ڪري ڇڏين ٿا.

تنتن ۾ خلماريت ننڍپڻ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي جڏھن تنتي سرشتو اوسر کائي ٿو. بالغ دماغ ۾ خلماريت گهٽ ٿئي ٿي. اسان جي شخصيت جي مستقل وجود جو اھم سبب ھي آھي تہ تنتا بلوغت کان پوء تمام عمر جيئن ٿا پر اڌ عمر ۾ وڃي تنتا مرڻ لڳن ٿا جنھن جي ڪري مخول Dementia

 ۽ ويسر Alzheimer جھڙا مرض ڪر کڻن ٿا جيڪڏھن ڪنھن سبب جي ڪري دماغ کي رت جي پھچ چند منٽن ۾ منقطع ٿي وڃي تہ تنتا تيزي سان مرن ٿا جيئن دماغ جي شريان ۾ رت جي رڪاوٽ ۔ دماغ جي شريان جو ڦٽجڻ ۔ دل جي ڌڙڪن جو بند ٿيڻ ۔ رت ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿيڻ مثال ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ يا ڪاربان مونو آڪسائيڊ ساھ ۾ کڻڻ


خلماتيت ۔ خلمرتيت Necrosis:

خلماتيت مرحلي ۾ گهرڙو ڪنھن بيماري يا حادثي جي ڪري ختم ٿي وڃي ٿو. ھن مرحلي ۾ گهرڙي جي اندريون نمونو گهرڙي ديوار کان الڳ ٿي ڦٽجي پوي ٿو ۽ ائين گهرڙو مري وڃي ٿو.

انسان جي اوسر دوران آڱرين جي وچ ۾ خالي جڳھ نٿي ٿئي. خلماتي عمل آڱرين جي درميان گهرڙن کي ختم ڪري آڱرين کي جدا ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا. اھڙي طرح ڏيڏر جڏھن ٻچٽ Tadpole جي حالت ۾ ٿئي ٿو تہ ان جو پڇ ٿئي ٿو بالغ ٿيڻ سان ان جو پڇ غائب ٿي وڃي ٿو جيڪو خود خلماتي عمل آھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment