Sunday 28 March 2021

ڪچنار وڻ Bauhinia Tree 💎اصغر ساگر💎

 

ڪچنار وچولي قد جو وڻ ٿئي ٿو. ھن جو ڇوڏو خاڪي ۽ ھن جا پن نوڪيلي نموني ٻن حصن ۾ جڙيل ٿين ٿا جيڪي ويڪرا پشمدار ٿين ٿا پر ھيٺئين طرف صاف ٿين ٿا. ھن جي ڦري ھڪ آڱر جيتري ڊگهي ٿئي ٿٿي جنھن ۾ ڇھ کان 12 ٻج ٿين ٿا. ھن جي کل گھري خاڪي نموني جي ٿئي ٿي جيڪا چمڙي جي رڱاوت ۾ ڪم اچي ٿي. ھن وڻ مان ڀوري رنگ جي کونئر نڪري ٿي جنھن کي ڪچنار جي کونئر سڏجي ٿو.

شاعرن ڪچنار جي پنکڙي کي ھڪ حسين جميل ناري سان تشبيھ ڏني آھي. ڪچنار گرم آبھوا ۾ واڌ ويجھ ڪري ٿو. ھي وڻ ٻج جي ڇٽڻ کان علاوا پيوندڪاري ذريعي پوکيو وڃي ٿو. مارچ مھيني ۾ ھن جا پن ڪرڻ لڳن ٿا ۽ نئون ڦوٽھڙو ڪري ٿو. جيڪڏھن ڪچنار رستن ۔ پارڪن ۔ گهرن ۽ جنگلن ۾ پوکيو وڃي تہ ھي خوبصورت ڏيک ڏئي ٿو.

ڪچنار وچولي ۽ گرم آبھوا ۾ ٿيندڙ ھڪ وڻ آھي جنھنجو گل قيمتي ۽ فائدمند آھي. ھن کي سبزي طور پاڪستان، ڀارت ۽ چين ۾ کاڌو وڃي ٿو. ھن جو گل قيمو، سبزي، گوشت وغيره ۾ تمام گھڻو استعمال ٿيندو آھي. ڪراچي ۽ پنجاب جي وڏن ھوٽلن ۾ ڪچنار سٺن کاڌن طور شوق سان کاڌو وڃي ٿو. ھن جو گل تمام سھڻو ۽ خوشبودار گلابي ۽ سفيد رنگ جو ٿئي ٿو.

ڪچنار جو وڻ 10 کان 12 فٽ ڊگھو ٿيندو آھي. ھن وڻ ۾ فيبروري ۽ مارچ يعني بھار جي موسم ۾ گل ٿين ٿا. ڪچنار جو گلُ سبزي ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندو آھي جنھن جي ڪري ھن گُل جي کپ مارڪيٽ ۾ بہ وڌيڪ آھي. ھن جو گل ۽ مکڙي ڪراچي منڊي ۾ فيبروري ۾ 5000 کان 8000 روپيہ في مڻ ۽ مارچ ۾ مال وڌيڪ اچڻ جي ڪري 2500 کان 4000 روپيہ في مڻ وڪامي ٿو. واپارين جي چوڻ موجب گل کان وڌيڪ مکڙي جي قيمت گھڻي آھي. مکڙي ۾ وزن بہ ٿئي ٿو ۽ مکڙي ايڪسپورٽ ڪرڻ سان جلدي خراب نٿي ٿئي. ھڪ وڻ سيزن ۾ تقريباََ 40 ڪلو کان 80 ڪلو تائين پيداوار ڏئي ٿو. ھي وڻ 4 کان 6 سالن ۾ گل ڏيڻ شروع ڪندو آھي. ھن جي ڪاٺي بہ ٽالھي وانگر مضبوط ۽ لچڪدار ٿيندي آھي. ھن وڻ کي ڪوشش ڪجي تہ آخري پاڻي نومبر ۾ ڏجي ۽ ان کان پوء بند ڪجي ڇا ڪاڻ تہ فيبروري ۾ ڪچ گھٽ ڪرڻ سان گل ۽ مکڙي جام لڳندي آھي جنھن جي ڪري پيداوار ۾ اضافو ٿيندو آھي. ھن وڻ کي اوھان 15 کان 20 فٽ جي فاصلي تي زمين جي چوڌاري بہ لڳائي سگھو ٿا. وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاء وڻ جي سار سنڀال لاء چلھو ٺاھي آڪٽوبر مھيني مال جو ڀاڻ ڏجي.

ڪچنار جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي جيڪا ڪاٺ کان علاوا دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿي. ھن جا گل ۔ کل ۔ پن سڀ اڪسيري درجو رکن ٿا ۽ دوائن ۾ استعمال ٿين ٿا.

ڪچنار جون ڪليون گوشت يا قيمي جي ڀاڄي ۾ ذائقي کي ٻيڻو ڪن ٿيون. ھي وٽامن اي Vitamin A ۔ وٽامن بي Vitamin B ۽ وٽامن سي Vitamin C سان سرشار ٿئي ٿي.


پيدائش جو علائقو:

ڪچنار وڻ جو وچولو قد ٿئي ٿو. ھي 10 کان 12 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو، ھن جو اصل وطن ڏکڻ ايشيا ۽ چين آھي. ھي وڻ ھندستان ۽ پاڪستان خودرو نموني پيدا ٿئي ٿو ۽ باغن ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو.


مزاج:

سرد خشڪ درجو ٻيو.


خاص نفعو:

آنڊن کي طاقت ڏيندڙ ۔ دست روڪيندڙ.


مصلح:

گرم مصالحو ۽ گوشت.


خوراڪ:

گل يا پنکڙيون 3 گرام


فعل:

قابض ۔ حابس الدم (رت بند ڪندڙ) ۔ حابس اسھال (دست بند ڪندڙ) ۔ مسڪن (سڪون ڏيندڙ) ۔ مصفي خون (رت صاف ڪندڙ) ۔ عضلاتي بواسير ختم ڪندڙ.


استعمال:

ھي وڻ ٻڌ مذھب ۾ مقدس حيثيت رکي ٿو. ٻوڌي ھن جا گل ھارن ۾ پروئن ٿا ۽ تبرڪ طور پائڻ ٿا.


افاديت:

ڪچنار وڻ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ جٿي ڪٿي پاتو وڃي ٿو پر ماڻهو ھن جي خوبين ۽ ماھيت کان اڻ واقف آھن. ھن جون ڦريون ھڪ آڱر جيتريون ڊگهيون ٿين ٿيون. ھن جي گونچن کي ڀاڄي ۽ گوشت ۾ پڪايو وڃي ٿو جنھن جي ڪري لذت بھترين بيھي ٿي. ھن جي ٻجن مان تيل نڪري ٿو. ھن جي ڦري کي کٽاڻ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جو گل جگر، سڪر، السر، ڪينسر، قوت مدافعت جي ڪمي، مردن ۽ عورتن ۾ ٿيندڙن جنسي مسئلن ۽ معدي جي بيمارين لاء دوائن ۾ تمام گھڻو استعمال ٿيندو آھي. حقيقت ۾ ڪچنار رت صاف ڪندڙ ٻوٽو آھي جنھن ڪري ڪنٺ مالا يعني خنازير کي دفع ڪري ٿو ۔ رت مان زھرن کي خارج ڪري ٿو ۔ جسم اندر زخمن کي ڇٽائي ٿو ۔ رت ۾ صفرا جي گهڻائي کي ڪڍي ٿو ۽ مقعد جي مرضن کي دور ڪري ٿو. ويدن ۾ ڪچنار جي گلن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.

(1) اڇي گل وارو ڪچنار

(2) پيلي گل وارو ڪچنار

(3) ڳاڙھي گل وارو ڪچنار

اڇي گل وارو ڪچنار آبھوا جي زھرن کان بچائي ٿو ۽ ھن جي جي جوشاندي پيئڻ سان مليريا جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ واتان گگ وھڻ کي فائدو ڏئي ٿو. پيلي گلن جي جوشاندي پيئڻ سان آنڊن جا ڪيڙا مري وڃن ٿا. ڳاڙھن گل جي جوشاندي پيئڻ سان رت صاف ٿئي ٿو ۽ ڦٽ ڦرڙيون ختم ٿي وڃن ٿا.

طبيبن موجب ڪچنار جي سبزي بواسير جي مريضن لاء تمام گھڻي مفيد آھي. ڪچنار کائڻ سان پيٽ جا ڪيڙا ختم ٿي ويندا آھن ۽ جسم جي غير ضروري چرٻي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ رت صاف ڪرڻ جي ڪري رت جي دٻاء جي مريضن لاء بہ مفيد آھي.

ھن جي جاڻ سان ڦڪي ٺاھي وڃي ٿي جيڪا ھاضميدار ٿئي ٿي. ھن جي گلن جون پنکڙيون سرد ۽ قابض ٿين ٿيون جن جو سفوف ٺاھي دستن کي بند ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪچنار جي پاڙ جي جوشاندي پيئارڻ سان ھاضمو درست ٿي وڃي ٿو. بواسير جي مريض کي ڪچنار جي سبزي کارائڻ سان بواسير مرض ختم ٿي وڃي ٿو.

ھن جي گلن من گلقند ٺاھيو وڃي ٿو جيڪو دل کي فرحت ڏيندڙ ٿئي ٿو ۽ قبضي بہ ٽوڙي ٿو. گهڻا حڪيم ھن جي ڦرين ۽ بابچي مان سفوف ٺاھن ٿا جيڪو رت کي صاف ڪري ٿو ۽ بگ ۔ ڦرڙين ۽ ڪنھن حد تائين ڪوڙھ تي بہ ڪم ڪري ٿو. جيڪڏھن سونا مکي جو ڪشتو ھن جي گلن جي لغدي ۾ ٺاھيو وڃي تہ ھي ڪشتو چيچڪ تي ڪم ڪري ٿو چيچڪ جا داڻا نڪري اچن ٿا ۽ بيماري زائل ٿي وڃي ٿي.

جن ٻارن کي دست ٿين ٿا ڪچنار انهن لاء اڪسير جو درجو رکي ٿو. جن ٻارن جو پڇو لھي اچي ٿو، ڪچنار کائڻ سان انهن کي جلدي فائدو پوي ٿو.

ڪچنار عورتن جي بہ پسنديده سبزي آھي جيڪي ھن کي شوق سان کائين ٿيون. جن عورتن کي حيض گهڻو اچي ٿو انهن لاء ڪچنار بيحد مفيد آھي. ڪچنار جا جزا عورتن کي مخصوص ڏينھن ۾ رت وڌيڪ وھڻ کان بچائيندا آھن. جديد تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ ڪچنار آنڊن جي اندرون زخمن کي ختم ڪرڻ لاء مؤثر غذا آھي.


بواسير:

ڪچنار جا گل سڪل ۽ مصري ھموزن جو سفوف ٺاھجي.

روزانو ماشومکڻ سان استعمال ڪجي

خوني بواسير ھفتي ۾ ختم ٿي ويندو.


جيري جي سوڄ:

جن مريضن جو جيرو سڄي وڃي ٿو، اھي ڪچنار جي پاڙ ڪاڙھي پيئن تہ جگر جي گرمي ختم ٿي ويندي.


نوٽ:

ڪچنار دير سان ھضم ٿئي ٿو ان ڪري ڀاڄي ٺاھڻ وقت گرم مسالا ضرور وجهڻ گهرجن.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment