Monday 12 April 2021

بنا ٿڪ لڳاتار ڪم ڪندڙ دل Heart working continuously without tiredness 💎اصغر ساگر💎

 


دل ھڪ عجيب عضوو آھي. اھا زندگي ھلائڻ لاء آڪسيجن ۽ غذا ڀريو رت Nutrient-rich blood جسم ڏي ڌوڪي ٿي. ھي مڪي جھڙو بجلي گهر لک ڀيرا ڏينھن جو ڌڙڪو ڪري ٿو، 5 يا 6 چوٿگ Quartz يعني ساڍن پنجن لٽرن کان مٿي رت ڌوڪي ٿو ۽ اٽڪل 2 ھزار گيلن رت کي جسم ڏي ڌوڪي ٿو. ايترو سخت ڪم ۔ ايڏي جفاڪشي پر پوء بہ ٿڪ نٿو ٿئي، دل ساندھ پنھنجي ڪم ۾ روان دوان رھي ٿي.

دل جي کاٻي وينوتي Left ventricle ۽ ساڄي وينوتي Right ventricle مضبوط ڌوڪيندڙ آھن. کاٻي وينوتي Left ventricle مضبوط ۾ مضبوط آھي ڇوجو رت کي ڌوڪي سڄي جسم ڏي موڪلي ٿي. جڏھن دل ٺيڪ ٺاڪ نموني ڪم ڪري ٿي تہ چارئي خانا گڏجي لڳاتار ڪم ڪن ٿا ۽ باھمي ربط سان آڪسيجن واري رت کي جسم ۾ ڦيرائين ٿا.

دل جو ڪم ڦنڊڻ ۽ سسڻ آھي ۽ جسم جي عضون کي رت پھچائڻ آھي. جڏھن دل سسي ٿي تہ اھا نپوڙجي ٿي ۽ مڪ وانگر روپ وٺي ٿي. مڪ ھڪ نمونو آھي جيڪا دل اپنائي ٿي تہ جيئن رت کي ٻاھر ڌوڪي سگهي. دل اھو سڄو ڏينھن رات لڳاتار ڪم ڪندي رھي ٿي، ڪيڏو نہ سخت ڪم ڪري ٿي پر ٿڪجي نٿي.

دل جو اھم ڪم آڪسيجن ڀريو زرخيز رت جسمن ڏي ڌوڪڻ آھي ۽ سادو آڪسيجن وارو رت ڦڦڙ ڏي موڪلڻ آھي. اھا 60 کان 100 دفعا منٽ ۾ ڌڙڪي ٿي ۽ ڏينھن رات ڌڙڪندي رھي ٿي. ھڪ اندازي مطابق 80 سالن جي عمر ۾ بہ 3,363,840,000 ڀيرا ڌڙڪي ٿي پر ٿڪڻ جو نالو ناھي.

دل ايترو ڌڙڪڻ باوجود ڇو نٿي ٿڪجي، ان ڪري جو دل ۾ عضلاتي مشڪون Cardiac muscles ٿين ٿيون جيڪي کيس لڳاتار تحرڪ ڏين ٿيون ۽ کيس بيھارين نہ ٿيون. دل واحد عضوو آھي جيڪا جيڪا عضلاتي مشڪن Cardiac muscles جي ٺھيل آھي، ھي اھي مشڪون آھن جيڪي بغير ناغي جي ڪم ڪنديون رھن ٿيون ۽ دل کي تحرڪ ڏينديون رھن ٿيون. جيڪڏھن اسان پنھنجي مرضي سان دل کي تحرڪ ڏيڻ جو ڪم کڻون تہ اسان جون ڪرنگهي مشڪون Skeletal muscles ٿڪجي سگهن ٿيون.

زندھ گهرڙن وانگر مشڪن جي گهرڙن کي بہ توانائي جي ضرورت پوي ٿي. گهرڙن جي توانائي غدٽسفيٺو Adenosine triphosphate ATP جي صورت ۾ ٿئي ٿي. ھر گهرڙو غدٽسفيٺي ATP مان توانائي بنائڻ لاء گلوڪاڻ Glucose استعمال ڪري ٿو جنھن کي اسان گهرڙي ساھداري Cellular respiration سڏيون ٿا. جيڪڏھن گهرڙو گلوڪاڻ Glucose مان توانائي ٺاھيندي آڪسيجن جو استعمال ڪري تہ اسان ان کي توانائي لاء واسي ساھداري Aerobic respiration چونداسين ۽ ان ساھداري لاء رت جو آڪسيجن کڻي گهرڙن تائين پھچڻ ضروري آھي. جيڪڏھن گهرڙا توانائي لاء آڪسيجن جو استعمال نٿا ڪن تہ ان عمل کي اسان اڻ واسي ساھداري Anaerobic respiration چونداسين. واسي ساھداري Aerobic respiration ۾ گهرڙي کي وڌيڪ غدٽسفيٺا ATPs ملن ٿا. حسابي طور تي 36 ۽ جڏھن تہ غير واسي ساھداري Anerobic respiration ۾ صرف 2 غدٽسفيٺا  2ATPs  ملن ٿا، ان سان گڏوگڏ غير واسي ساھداري Anerobic respiration دوران پڄيرو تيزاب Lactic acid ڪيميائي مادو ٺھي ٿو.

دل جي ڪل مقدار ۾ 30 کان 35 سيڪڙو ماڳوٽا آھن. ايتري وڏي توانائي پيدا ڪرڻ جو مطلب دل صحتمند حالت ۾ عضلاتي مشڪ Cardiac muscle آھي جيڪا ڪڏھن آرام نٿي ڪري. ڪجھ توانائي عضلاتي مشڪن ڏي منتقل ٿئي ٿي ان ساڳئي وقت ايتري وڌيڪ توانائي حراري کاڌي پيتي Calories intake مان ملي ٿي.

 توانائي ٺاھڻ جي ھن عمل لاء گهرڙي وٽ عضوا ٿين ٿا جن کي اسان ماڳوٽا Mitochondria چئون ٿا. جڏھن اسان پنھنجي ڪرنگهي مشڪن کان سخت ڪم وٺون ٿا تہ انهن مشڪن جي توانائي جي ضرورت وڌي وڃي ٿي پر رت ايتري تيزي سان انهن مشڪن جي گهرڙن کي آڪسيجن ڏيئي نٿو پائي، پوء ھي گهرڙا بغير آڪسيجن جي توانائي ٺاھڻ شروع ڪن ٿا يعني اڻ واسي ساھداري Anerobic respiration جو عمل شروع ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ پڄيرو تيزاب Lactic acid ٺھڻ شروع ڪري ٿو جيڪو مشڪن ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پڄيرو تيزاب Lactic acid مشڪن جي ٿڪ جو سبب بنجي ٿو، ھي پڄيرو تيزاب Lactic acid رت سان گڏ مشڪن مان جيري ۾ پھچي وڃي ٿو جتي ان کي ٻيھر گلوڪاڻ (مٺ) Glucose ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو.

ھڪ عام غلطي آھي تہ مشڪن ۾ ڏارون پڄيري تيزاب Lactic acid جي ڪري پون ٿيون، دراصل راند ۽ ورزش جي ڪجھ ڏينھن کان پوء تاخيري تاڻي مشڪي سوڄ DOMS جي ڪري مشڪن ۾ سيرون پون ٿيون جن جو سبب سخت ورزش ھوندي آھي.

دل جون مشڪون ڇو نٿيون ٿڪجن ان جو سبب ھي آھي تہ دل جي مشڪن ۾ ماڳوٽا Mitochondria وڌيڪ ٿين ٿا، دل جي مشڪن ۾ ڪرنگهي مشڪن جي ڀيٽ ۾ 35 سيڪڙو وڌيڪ ماڳوٽا ٿين ٿا جنھن جي ڪري وڌيڪ توانائي ٺھي ٿي ۽ وڌيڪ اڻ واسي ساھداري Anaerobic respiration نٿي ٿئي. دل کي رت جي سٺي پھچ ملي ٿي جنھن جي ڪري وڌيڪ آڪسيجن ملي ٿي ۽ وڌيڪ واسي ساھداري Aerobic respiration ٿئي ٿي. دل جي ڪجھ مشڪن ۾ جيئن ڪجھ غير واسي ساھداري Anaerobic respiration ٿئي ٿي ۽ پڄيرو تيزاب  Lactic acid ٺھي ٿو جنھن کي وري پائرو تيزاب pyruvate ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو، ھي ئي ڪيميائي مادو آھي جنھن مان پڄيرو تيزاب Lactic acid ٺھيو. ھن ڪم لاء مشڪن وٽ ھمخامرا Isoenzymes ٿين ٿا.

دل جي مشڪن ۾ عام طور تي تاخيري تاڻي مشڪي سوڄ DOMS (Delayed-onset muscle soreness) جي ڪري سيرون نہ ٿيون پون ڇوجو انهن تي ڪرنگهي مشڪن وانگر وزني ڇڪ نٿي پوي. سخت ورزش جي ڪري ڍانچي مشڪي تاندورن ۾ ننڍا ننڍا ڏار پون ٿا پوء اتي ڇوت جي ڪري درد ٿئي ٿو جيڪو 24 کان 72 ڪلاڪ رھي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment