توھان جنگل ۾ شينھن کي شڪار ڪندي ڏٺو ھوندو پر ڪڏھن اھڙو شير نہ ڏٺو ھوندو جيڪو ڪيولين ۽ ماڪوڙن جو شڪار ڪندو ھجي. اھو گهگهو Antlion آھي جيڪو جيتن جي خاندان گهگهڙاڪ Myrmeleontidae ۽ گهگهيتر Neuroptera جي ترتيب ۾ اچي ٿو. گهگهو کي ماڪوڙن جو سردار سڏيو وڃي ٿو ڇوجو ھن جي پڪڙ مضبوط ٿئي ٿي ۽ ڏسڻ ۾ ڏيا وارو نظر اچي ٿو. ھن جي منھن وٽ ٻہ حسماڻا Antennas ٿين ٿا جيڪي کيس شڪار پڪڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھي جيت ٽڪنڊي نما شڪل جو ٿئي ٿو، ھن کي ڇھ پير ۽ وڇون وانگر اڳتي نڪتل ھاٿي جي ڏندن واري شڪل. جڏھن ھي وڏو ٿئي ٿو تہ ھن جي جسامت وڌي ٿي ۽ پر نڪري اچن ٿا جيڪي وڏا ٿين ٿا. بالغ ٿيڻ وقت ھي ڀنڀوري وانگر لڳن ٿا پر فرق ھي آھي تہ ڀنڀوري جو حسماڻو Antenna ننڍو ٿئي ٿو پر گهگهو جو حسماڻو وڏو ٿئي ٿو. گهگهو ڏينھن ۾ عام طور تي ڏسڻ نٿو اچي، سج لھڻ سان گڏن مان نڪري اچي ٿو ۽ سج اڀرڻ سان واپس گڏ ۾ اچي ٿو. ھي جيت گرم علائقن ۾ پاتا وڃن ٿا جڏھن تہ سرد علائقن ۾ ھن جا قسم گهٽ ملن ٿا.
ھي جيت گرم خشڪ علائقن ۾ رھن ٿا. ڪجھ نمونا کنڊرن ۔ رستن جي ڪنارن ۔ دريا جي ڪنارن ۽ جنگل وغيرھ ۾ پاتا وڃن ٿا.
گهگهو مٽي يا واري ۾ گڏ بنائي شڪار جو انتظار ڪن ٿا. ھي گهڙي ۾ پاڻ کي واري يا مٽي ۾ لڪائي ڇڏين ٿا. جيئن ئي ڪيل يا ماڪوڙو ان گڏ ۾ ڪري ٿو تہ گهگهو جلد ئي ان کي گڏ اندر ڇڪي ٿو. ھن جي گڏ اھڙي ماھراڻي انداز ۾ ٺھيل ٿئي ٿي جو ڪوبہ جاندار ڪري ان مان نڪري نٿو سگهي.
ڪجھ نمونا پاڻ کي پنن يا تيلن ۾ لڪائين ٿا جيئن انهن جي ڀرسان شڪار گذري ٿو، ان کي پڪڙي ڇڏين ٿا. ھن جي خوراڪ جيت ۔ ڪيڙا ۔ ڪيوليون ۽ ماڪوڙا ٿين ٿا. گهگهو چڪ سان شڪار اندر زھر وجهن ٿا جو شڪار ڳري محلول جي شڪل اختيار ڪري ٿو جنھن کي ھي چوسين ٿا باقي ڦوڳ کي ٻاھر اڇلين ٿا.
ھن جي منھن تي جيڪي حسماڻا Antennas ٿين ٿيا، ان جي مدد سان شڪار جي قدمن جو آواز ٻڌن ٿا ۽ ھن جي رفتار جو اندازو لڳائي حملي لاء چوڪس ٿين ٿا. بالغ گهگهو گلن جي رس يا گلن جي زرداڻ کائين ٿا.
مادي پنھنجي نوعيت جي حساب سان آنا ڏيڻ لاء جڳھ جو تعين ڪري ٿي. مادي گهگهو واري ۔ مٽي ۔ ڪريل پنن يا تيلن ۾ آنا ڏئي ٿي. ھن جا ٻچا مھينن تائين کاڌي بغير رھي سگهن ٿا. جيڪڏھن خوراڪ جي کوٽ نہ ھجي تہ جلد ئي بالغ ٿي وڃن ٿا. ھن جا ٻچا جڏھن وڏا ٿين ٿا تہ اھي پنھنجي جسم سان ماحول مطابق ريشم يا ٻين شين کي لپيٽي ڇڏين ٿا، سوٻٽ Pupa ٿي وڃن ٿا، جلدئي ھڪ مھيني ۾ بالغ ٿي وڃن ٿا ۽ پر نڪري اچن ٿا، پرن نڪرڻ کان پوء ڪجھ ڪلاڪن ۾ اڏرڻ جي قابل ٿي وڃن ٿا ۽ ساٿي جي تلاش ۾ نڪرن ٿا. بلوغت کان پوء ھنن جي عمر لڳ ڀڳ مھينو يا ڏيڍ مھينو ٿئي ٿي. ھنن ڪيڙن ۾ ڪوبہ نقصان ناھي.
سماجي جهلڪيون:
ڊاڳ جي چوٽيدار تري ۾ گهگهو ٿو. جتي گهڻي ڊاڳ ٿيندي آھي، اتي ھي جيت سوراخ بنائي رھي ٿو. ننڍڙن ٻارن جي اڪثر ھن سان ورونھن ھوندي آھي. ٻار ڌاڳو ڦيري ھن سان کيڏندا آھن ۽ ڌاڳو ڦيري ھن جي چوٽيدار تري جي سوراخ ۾ وجهندي، جهونگار ڪندا رھندا آھن.
نڪري اچ گهگهو يار
ٻاھر تنھنجو انتظار
ٻارن جي جهونگار ۽ ڌاڳي ڦيرڻ تي گهگهو تحرڪ ۾ اچي ويندو آھي ۽ ڌاڳي کي پڪڙيندو آھي تہ ٻار جلدي ڌاڳو ٻاھر ڇڪي ڪڍندا آھن ۽ گهگهو ڌاڳي کي چنبڙيل ھوندو آھي. جڏھن گهگهو کي نئين زمين تي رکبو آھي تہ جلدي اتي نئون چوٽيدار سوراخ ٺاھي پنھنجي جڳھ جو انتظام ڪري ڇڏيندو آھي.
ڪي ٻار وري ڪيولي يا ماڪوڙي کي سوراخ ۾ اڇلي گهگهو کي خبردار ڪندا آھن
گهگهو تنھنجي گهر چور
لٺ کڻي تون ڊوڙ
ڪيولي ھٿ پير ھڻندي آھي ۽ ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھي تيستائين گهگهو چوڪس ٿي ويندو آھي.
ھيٺاھون چوٽيدار گهر ھئڻ ڪري ڪيولي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪندي آھي پر ترڪي ھيٺ ڊاڳيلي گهر ۾ ھلي ويندي آھي، جيستائين ڪيولي ٻاھر نڪري، گهگهو پنھنجي پنجن سان ھن کي پڪڙي شڪار ڪري وٺندو آھي.
ننڍپڻ ۾ مان شام جو دوستن سان ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي ڳوٺ غلام خان چانڊيو مان نڪري، ڀرسان ڪڙ تي نڪري ايندو ھيس. ھر ھڪ دوست وٽ ڌاڳا ھوندا ھيا. اسان گهگهن کي ڪڏھن بہ ڪيولي اڇلي نہ ڏني. اسان جيئن ڪڙ تي پھچندا ھياسين، گهگهو جي ھيٺ چوٽيدار گهرن ۾ ڌاڳا وجهي، پنھنجي جهونگار سان گهگهن کي خبردار ڪري کين ڌاڳن کي پڪڙڻ لاء آتو ڪندا ھئاسين ۽ جهونگار ھلندي رھندي ھئي.
نڪري اچ گهگهو يار
ٻاھر تنھنجو انتظار
0 comments:
Post a Comment