جسم ۾ مضبوط ۔ ھلندي ڏيا ڏيکاريندڙ ۔ آواز ۾ خطرناڪ ۔ شڪار ۾ ڦڙتيلو ۔ مطلب ڏسڻ ۾ ھي جانور عجيب غريب لڳي ٿو. چراخ جو شمار خطرناڪ گوشت خور جانورن ۾ ٿئي ٿو. ھن جو چار نسل دريافت ٿيا آھن، ٽي نسل آفريڪا ۾ ۽ چوٿون نسل وچ ايشيا جي ملڪن ازبڪستان ۔ ڪرغستان ۔ ايران ۔ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پاتي وڃي ٿو، ھي پاڪستان ۾ گهڻو ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي خشڪ علائقن ۾ ملي ٿو.
چراخ جو سڀ کان وڏو قسم چٽڪمرو چراخ Spotted Hyena آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آفريڪا ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي قسم آفريڪا کان سوا تقريبن ھر ملڪ ۾ موجود آھي. ھي اھي چراخ آھن جيڪي شينھن سان وڙھندي کين ماريندي دير ڪونہ ٿا ڪن، ھي چٽڪمرا چراخ Spotted Hyenas ئي ھوندا آھن.
چراخ يا لگهڙ، چراخاڪ خاندان Hyaenidae جا ٻلي منھا گوشتخور ڀونڀا Feliform carnivoran mammals آھن. چار جنسن سان ھي گوشتخور پنجون ننڍو حياتياتي خاندان آھي ۽ ڀونڀن جي درجي ۾ ننڍي ۾ ننڍو خاندان آھي. پنھنجي الڳ ٿلڳ نموني باوجود، چراخ آفريڪا جي ماحولياتي سرشتي ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. جنگلي ڪتن وانگر، چراخ ڄار کي ٽوڙي ان مان نڪري وڃي ٿو. گروھن ۾ ھن کي شينھن ماريندڙ ڄاتو وڃي ٿو جيڪا ھن جي وڏي ڪاميابي ليکي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ چراخ ڪتي سان مماثلت رکي ٿو پر حقيقت ۾ ھي لڇ ۾ ٻلين سان ويجهو لاڳاپو رکي ٿو. اھي آفريڪا کان علاوا انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پاتا وڃن ٿا.
چراخ جو وزن تقريبن 40 کان 60 ڪلوگرام ٿئي ٿو جڏھن تہ ماديون اڃان وزني ٿين ٿيون. انهن جي چيلھ موڪري ٿئي ٿي پويون ٽنگون ننڍيون ۽ اڳيون وڏيون ٿين ٿيون. چيلھ موڪري ۔ اڳيون وڏيون ٽنگون ھنن کي شڪار مارڻ ۽ کڻي ھلڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ھن جي چيلھ جا مضبوط پٺاڙا ھن جي کوپڙي ۾ موجود مھارن کي سھارو ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھن جا مھارون تمام طاقتور ٿين ٿيون انهن جي طاقت جو ھيئن اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ انسان جي مھارن جي طاقت 126 Psi ٿئي ٿي جڏھن تہ لگهڙ جي مھارن جي طاقت 1100 Psi ٿئي ٿي جيڪا سواء چيتن ۔ شيرن ۔ جهنگلي ٻلين جي ٻين جانورن کان وڌيڪ ٿئي ٿي. ھن جي ڏندن جي جوڙجڪ ھڏين کي ٽوڙي کائڻ واري ٿئي ٿي. ھن جي جسم تي ڪاري رنگ جا ٽڪا اسان جي آڱرين جي ڇاپ کان مختلف ٿين ٿا. صرف چٽڪمرا چراخ Spotted Hyena نسل ۾ مادي ۽ نر جو توليدي حصو اھا شي آھي جو باقي جانورن ۾ اھڙي خاصيت نٿي ملي.
خاندانی ۽ سماجی نظام :
چراخن ۾ سڀ کان وڌيڪ حڪمراني ڪندڙ چراخ ناھي پر مادي چراخ آھي جيڪا ملڪا ٿئي ٿي ۽ ٽولي کي ھلائي ٿي جنھن ۾ 20 کان 80 چراخ ۽ مادي چراخ ٿين ٿا. چراخن ۾ تمام نر ۽ ماديون سماجي رتبن ۾ تقسيم ٿين ٿيون جيئن A ۔ B ۽ C. اي قسم ۾ مادي ۽ ان جا ڦر اعلا قسم ۾ اچن ٿا ۽ ھي شڪار ۾ اعلا نموني حصو وٺن ٿا. ان کان پوء B ۽ C جا چراخ ۽ مادي چراخ اچن ٿيون جن جو رتبو A وارن کان گهٽ ٿئي ٿو پر مزي جا ڳالھ تہ نر چراخ ABC درجن ۾ ھيٺاھين درجي ۾ اچن ٿا ۽ انهن کي آخر ۾ شڪار ملي ٿو. اڪثر ڪري مادي چراخ نر جوان ڦرن کي پنھنجي گروھ مان ڪڍي ڇڏينديون آھن جيڪو لما سما ھڻي ٻين گروھن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ڪنھن مادي چراخ کي گروھ ۾ شامل ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جو فيصلو A درجي واري مادي چراخ تي ھوندو آھي. مادي چراخ باختيار ھوندي آھي جيڪڏھن اھا چاھي تہ ھيٺئين درجن وارن مادي چراخن ۽ نر چراخن تي سختي ڪري يا چٻاڙي کائي ڪير بہ مادي چراخ کي روڪي نٿو سگهي.
نسل جي افزائش۽ رھائش:
ھي آفريڪا جي جنگلن جي ميداني ۔ نيم ميداني علائقن ۔ نيم پھاڙي علائقن تائين پکڙيل ٿين ٿا. زمين اندر کڏو کوٽي رھن ٿا. ڳرکو اڪثر ڪري مادي چراخ بنائين ٿيون تہ جيئن ڦر ڏيئي سگهن باقي چراخ آوارا گهمن ڦرن ٿا. مادي ھڪ کان 2 ڦر ڏئي ٿي. ھي واحد جانور آھي جنھن جي کير ۾ ماسو ۽ چرٻي وڌيڪ ٿئي ٿي. ان جو سبب ھي آھي تہ مادي چراخ کي شڪار ڪرڻ لاء ڪجھ ڏينھن پنھنجي ڦرن کان پري وڃڻو پوي ٿو ۽ ھن جو ڏنل کير ڏھن ڏينھن تائين ڦرن جو پوراء ڪري ٿو ۽ انهن جو پيٽ ڀريل رکي ٿو. ھن ڦرن ۾ درندگي چوٽان چوٽ ٿئي ٿي. ھي ڦر مھيني اندر چڪ ھڻي چٻاڙڻ جھڙا ٿي وڃن ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاڻ ۾ وڙھندي طاقتور ڦر ڪمزور ڦر کي ماري وجهي ٿو.
چراخ بطور شڪاري:
چراخ بھترين شڪاري ۽ بي درد شڪاري آھي جيڪو شڪار کي زندھ چٻاڙي کائي ٿو. حقيقت ۾ ھي ڪافي ڏينھن بکيا رھن ٿا ۽ جڏھن شڪار ملي ٿو تہ ان تي ٽٽي پون ٿا. ھنن جو پسنديدھ شڪار جهنگلي مينھن Wildeebeast آھي. ھنن جي ھڪ عادت آھي تہ ھي شڪار ھميشہ ننڍو جانور يا پوڙھو جانور ڪن ٿا. ھي ان جانور تي گروھ جي صورت ۾ ڪڙڪن ٿا جڏھن شڪار ڪري ٿو تہ ھي ان کي زندھ چٻاڙين ٿا. نڪي شيرن وانگي جيڪي شڪار کي پڪڙي ان جو ساھ بند ڪن ٿا. شير چراخن کان ان ڪري ڊڄندا آھن جو اھي شيرن جي ڦرن کي کڻن ٿا ۽ کائن ٿا. ان ڪري جڏھن شيرن کي موقعو ملي ٿو تہ اھي چراخن جي ڦرن جو شڪار ڪن ٿا. شيرن کان علاوا جنگلي ڪتا Wild dogs انهن جا وڏا دشمن ٿين ٿا، چراخ ھنن کان ڊڄن ٿا ۽ ھنن کان ٽري ٽارو ڪن ٿا. چراخن جي ڪا چونڊ نٿي ٿئي جيڪو شڪار ۾ ھٿ اچي ٿو اھو کائن ٿا. دراصل ھي جانور شيرن ۔ چيتن ۽ جنگلي ڪتن جو شڪار کڻي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ھنن جي کائڻ جي رفتار ايتري تہ تيز آھي جو جيڪڏھن زيبرا ھنن جي آڏو اڇلايو وڃي تہ ھي زيبرا کي ٽيھن منٽن ۾ کائي سگهن ٿا.
آفريڪا جي ايڪو سسٽم جو ھنن کي ھي فائدو آھي جو ھي مردارخور بہ آھن تہ ھڏي خور بہ. ھي ڳجھ جھڙي خاصيت رکن ٿا ڇوجو مئل جانور بہ ھنن لاء غذائيت جو ڪم ڪن ٿا. ھن جي معدي جي تيزابيت تمام تيز ٿئي ٿي جو شڪار ڪيل جانور جون گوشت ۔ کل ايتري قدر جو ھڏيون بہ ھضم ڪري وڃن ٿا.
چراخ جي آواز:
ھوڪار واري آواز صرف چٽڪمرا چراخ Spotted Hyenas ئي لڳائي سگهن ٿا. جڏھن شڪار نٿو ملي يا اڻپورو شڪار ملي ٿو يا پريشاني ھجي ٿي تہ ھي ھوڪاريندڙ آواز ڪڍن ٿا. ھي آواز ننڍا چراخ لڳائين ٿا. شير ۽ جنگلي ڪتا صرف ھنن جو شڪار ڪري سگهن ٿا ۽ ھنن جي سراسري عمر 12 سال ٿئي ٿي.
انسانن لاء نقصانڪار:
چراخ انساني ميت کي کائي سگهن ٿا ڇوجو اھي چالاڪ ٿين ٿا ۽ وڏين ٻلين کان گهٽ خطرناڪ ٿين ٿا ڇوجو اھي پنھنجي حد رکن ٿا. چراخ حملو ڪندڙ جانور آھي ان ڪري ماڻهو کي ماري سگهي ٿو جڏھن کاڌي جي قلت پائي ٿو. جڏھن چراخ سامهون اچي تہ چرپر نہ ڪجي ۽ اڃان بہ لگهڙ ڏي ھلجي جيسين ٽري نٿو. جڏھن لگهڙ توتي حملو ڪري ٿو تہ ھي پويان کان وڙھي ٿو ۔ چڪ ھڻي ٿو يا ڌڪ ھڻي ٿو.
لگهڙ کي پالتو طور ڌاري نٿو سگهجي ڇوجو ڀلي ھي ڪيڏو پالتو ٿي وڃي پر کاڌي جي کوٽ ۾ انسان کي کائي سگهي ٿو.
0 comments:
Post a Comment