جيوڙو Bacteria
وائرو Virus
ڦنگي Fungi
الجي Algae
اڳازو Protozoa
جراثيم جتي نقصان ڏين ٿا ۽ بيماريون ڏين ٿا اتي فائدا بہ مرتب ڪن ٿا. جراثيم انهن جاندارن کي سڏيو وڃي ٿو جن کي اسان اک سان ڏسي نٿا سگهون پر خوردبين سان ڏسي سگهون ٿا.
جيوڙو Bacteria جيڪو ھڪ زندھ گهرڙو آھي جيڪو انساني جسم لاء فائدا توڙي نقصان رکي ٿو. ھي فائديمند توڙي نقصاندھ ٻئي ڪيميائي مادا بنائڻ جي مھارت رکي ٿو ۽ پنھنجي آبادي وڌائڻ لاء پنھنجي ئي جسم مان ٻيا گهرڙا تخليق ڪري ٿو. جيوڙا جسم کي فائدو پھچائين ٿا پر وائرو Virus ڪنھن زندھ گهرڙي کان دور رھڻ تي ستل رھي ٿو جيستائين ان کي زندھ گهرڙو ملي نٿو. ھي زندھ گهرڙي جي نازڪ گهرڙڀت Cell membrane کي کائڻ شروع ڪري ٿو ۽ زندھ گهرڙن کي ھر صورت ۾ نقصان پھچائي ٿو.
وائرو اھو جراثيم آھي جيڪو جسم جي گهرڙي ۾ داخل ٿي پنھنجون نقلون تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھي ھڪ خاص ماسي Protein جي کوکڙي Capsid ۾ لپٽيل ٿئي ٿو. ھي مختلف شين ھوا ۔ پاڻي ۽ ٻين شين ۾ ستل رھي ٿو پر ھن کي ھميشہ زندھ گهرڙي جي تلاش رھي ٿي. جيئن ئي ھن کي موقعو ملي ٿو تہ ھي زندھ گهرڙي تائين پھچي جسم لاء لڳل ان ڪارخاني کي پنھنجي لاء پنھنجون نقلون بنائڻ لاء تمام تيزي سان استعمال ڪري ٿو. ھن وائري کان متاثر گهرڙو ھڪ وائري سان برق رفتاري سان ڪيئي ھزار ڪاپيون ٺاھڻ لاء استعمال ٿئي ٿو.
وائرو حياتياتي ايجنٽ Biological agent آھي جيڪو جيئندڙ ميزبانن جي جيو گهرڙن ۾ افزائش ڪري ٿو. جڏھن وائري جي ڇوت Infection لڳي ٿي، ميزبان گهرڙي تي اصل وائري جي لاتعداد نقلن پيدا ڪرڻ جو دٻاء پوي ٿو.
وائرو اڻ گهرڙي جاندار Non cellular organism آھي، ھي خاص ڪري ميزبان گهرڙي تي ڀاڙي ٿو جنھن ۾ پنھنجو ماليڪيول ڇڏي اتي جينياتي مواد Genetic material تي قابو پائي پنھنجون نقل ڪاپيون ٺاھڻ شروع ڪري ٿو. لفظ وائرس لاطيني ٻولي جي لفظ وائرون Viron مان ورتل آهي جنھن جي معني آهي زهر. وائرا گهرڙن جا نہ ٺھيل ھوندا آھن، اھي پاڻ کي زندھ حالت ۾ نہ رکي سگهندا آھن، اھي وڌن نٿا ۽ نڪي اھي پنھنجي توانائي پيدا ڪري سگهندا آھن پر اھي يقيني طور تي گهرڙي ۾ پنھنجا نقل ٺاھيندا آھن ۽ ماحول سان مطابقت پيدا ڪندا آھن. وائرا حقيقي زندھ جاندارن بجاء اينڊرائڊ وانگر ھوندا آھن.
وائرن کي جاندار نٿو ليکيو وڃي ڇوجو انهن ۾ ڪيترين ئي ملڪيتن جي کوٽ ھوندي آھي جن کي سائنسدان زندھ جاندارن سان ملحق ڪن ٿا. ابتدائي طور تي انهن ۾ ميزبان گهرڙي جي مدد کان سواء وري اپت ڪرڻ جي قابليت نہ ھوندي آھي ۽ اھي نقل سازي لاءِ نمونياتي گهرڙِڪ ورھاستي پھچ Typical cell- division approach to replication استعمال نٿا ڪن.
پراڻي دور ۾ حڪيم خوردبين اڻ گهرڙي جاندارن کان اڻ واقف ھيا، ان ڪري انهن وائري کي زھر ۾ شمار ڪيو ۽ زھر جي بنياد تي ان جو علاج شروع ڪيو خاص ڪري بواسير Haemorrhoids ۔ سوزاڪ Gonorrhea ۽ آتشڪ Syphilis کي باسوري زھرن ۾ شمار ڪيو ويندو ھيو. ان وقت انهن حڪيمن بھترين ڄاڻ سان انهن بيمارين جو ڪامياب علاج ڪيو ۽ پرھيز جو تصور ڏنو. پرھيز ۾ مريض کي ساھ وارين شين جيئن گوشت ۔ مڇي ۔ بيدي کائڻ کان منع ڪيو ويندو ھيو ۽ گڏوگڏ ماسي Protein وارين شين کان رک ڪرائي ويندي ھئي. اڳتي ھلي پيچيدگين سان نوان وائرا وجود ۾ آيا جن کي سائنس جي مدد سان سڃاتو ويو ۽ سڀن پيدا ٿيندڙ اڻ گهرڙي جاندارن کي وائري جو نالو ڏنو.
وائرا پھرين زھرن وانگر ڏسجن ٿا، پوء زندگي جي نمونن وانگر ڏسجن ٿا، پوء حياتياتي ڪيميائي مادن وانگر نظر اچن ٿا، اڄ جا وائرا جاندارن ۽ غيرجاندارن جي وچ ۾ سائي ايراضي ۾ وجود طور خيال ڪيا وڃن ٿا. اھي پنھنجو پاڻ پنھنجا نقل ٺاھين ٿا پر اھي ائين سچن جانداري گهرڙن ۾ جوڙن ٿا ۽ پنھنجن ميزبانن جي رويي کي بلڪل متاثر ڪن ٿا.
وائرا ۽ جيوڙا مختلف طريقن سان جسم ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. انهن کي کائي سگهجي ٿو ڇوجو اھي کاڌي جي يقيني نموني ۾ موجود آھن يا جانور يا ٻوٽي ۾ رھن ٿا جن کي توھان کائو ٿا. توھان انهن کي ترندي يا پيئندي پاڻي مان حاصل ڪري سگهو ٿا. توھان انهن کي ھوا مان ساھ ۾ کڻي سگهو ٿا ۽ اھي توھان جي ڦڦڙن ۾ داخل ٿين ٿا.
وائرو بيماريون پکيڙيندڙ وبائي جراثيمن ڇوتي خردوبن Infectious microbes مان سڀ کان ننڍو جراثيم ٿئي ٿو يعني ھي جيوڙي Bacteria ۽ ڦنگي Fungi کان ننڍو ٿئي ٿو ۽ تمام وڏي طاقتور خوردبين سان ڏسي سگهجي ٿو.
وائرو بيماريون پکيڙيندڙ سادي نموني ماسي Protein جي پرت ۾ لپٽيل بيحد ننڍي جينياتي مواد ڄڻ ڪڙي DNA يا مک ڄڻ ڪڙي RNA جي ھڪ ننڍڙي ٽڪڙي تي مشتمل ٿئي ٿو. وائرو زندھ گهرڙي کان سوا زندھ رھي نٿو سگهي يعني ھي صرف گهرڙي ۾ سرگرم ۽ نقل ڪاپيون تيار ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو.
ھڪ بار جڏھن ھڪ وائرو ڪنھن زندھ گهرڙي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ان گهرڙي جي اندر سرگرمين ۽ فعلن کي سنڀاري ٿو تہ گهرڙو جيڪو پنھنجي زندگي برقرار رکڻ لاء معمول جا ڪم ڪري ٿو، اھو انهن کي سرانجام ڏيڻ جي قابل نٿو رھي.
وائرو ميزبان زندھ گهرڙي کي پنھنجي لاء تيارساز پلانٽ جي صورت ۾ ڍالي ٿو جنھن ۾ وائري جا ڪل پرزا بنجن ٿا. ھي سڀ تيار ٿيل وائرڪ پرزا ملي ھڪ نئون وائرو تشڪيل ڏين ٿا ۽ ٻين زندھ گهرڙن کي متاثر ڪن ٿا. خاص مدت تائين وائرا جسم ۾ اھو عمل دھرائين ٿا ۽ آخر ۾ زندھ ميزبان گهرڙن کي ماري خود بہ مري وڃن ٿا.
مختلف قسمن جا وائرا پنھنجي ميزبان زندھ گهرڙن جي مختلف حصن کي پنھنجي نقل ڪاپي بنائڻ لاء استعمال ڪن ٿا. جيوخورا Bacteriophagous ۽ مک ڄڻ ڪڙيا وائرا RNA Viruses ميزبان زندھ گهرڙي جي جيوڳر Cytoplasm ذريعي پنھنجو نقل ٺاھين ٿا جڏھن تہ ڪيترن قسمن جا وائرا زندھ گهرڙي جي ناڀ Nucleus ۾ پنھنجا نقل تيار ڪن ٿا. وائري جا ٽي نمونا ٿين ٿا.
(1) پيغامي مک ڄڻڪڙي
Messanger RNA (mRNA)
(2) رفتي مک ڄڻڪڙي
Transport RNA (tRNA)
(3) رٻي مک ڄڻڪڙي
Ribosomal RNA (rRna)
مک ڄڻڪڙي RNA جا نمونا بنيادي طور تي جيوڪيميائي ردعمل Biochemical reactions کڻن ٿا ساڳي نموني خامرن Enzymes ڏي.
(1) پيغامي مک ڄڻڪڙي
Messanger RNA (mRNA):
پيغامي مک ڄڻڪڙي mRNA پيغام پھچائيندي آھي ۽ DNA ۾ نقل ڪاپيون ٺاھيندي آھي.
(2) رفتي مک ڄڻڪڙي
Transport RNA (tRNA):
رفتي مک ڄڻڪڙي tRNA، ڄڻڪڙي DNA يا ناڀ Nucleus ۾ پاڻيٺ کڻي پھچائيندي آھي.
ھي آمدرفت Translation دوران رٻي Ribosome ڏي ٺيڪ امينو تيزاب Amino acid پھچائي ٿي.
(3) رٻي مک ڄڻڪڙي
Ribosomal RNA (rRna):
ھي ماسي Protein جا خول ٺاھيندي آھي. ھي پروٽينن سان گڏ، رٻي Ribosome کي مرتب ڪري ٿو، رٻو جن کي اسان گهڱا (گهرڙي جا عضوا) Organelles سڏيو ٿا جيڪي پروٽين جي ترڪيب Protein synthesis جي جڳھ آھن.
وائري جي دريافت:
پھرين انگريزي لفظ وائرس جي معنا زھر طور استعمال ٿيندي ھئي پر اڳين صدين ۾ وائرس لفظ هڪ ٻئي معني ماڻي ورتي، هڪ آلودگي وارو مواد جيڪو بيماري پکيڙي سگھي ٿو. اهو پاڻياٺ بہ ٿي سگھي ٿو، جيئن ڪنھن خراب زخم وارو مواد، هي هوا ۾ ڦرندڙ ڳجهو مواد بہ ٿي سگھي ٿو ۽ اهو ڪنھن ورق تي بہ اثر وجهي سگهي ٿو.
نيدرلينڊز ۾ 1879ع ۾ تمباڪو جي کيتيءَ ۾ هڪ بيماري پکڙجي رهي هئي جنھن سان ٻوٽن جي واڌ ويجھ بيھجي وئي. ان تي تحقيق ڪرڻ وارا نوجوان زرعي ڪيمسٽ ايڊولف ۽ مائير هيا. انھن پتو لڳايو تہ بيمار ٻوٽن مان رس گڏ ڪري صحتمند ٻوٽن ۾ وڌي وڃي تہ ھي ٻوٽا بہ بيمار ٿي ويندا آهن جنھن جو مطلب هي نڪتو تہ ان جو انھن ٻوٽن جي اندر پيدا ٿيندڙ ڪا خوردبين روڳو Micro pathogen هيو، پر ڪھڙو؟ مائير انکي دريافت نہ ڪري سگھيو.
هڪ ٻئي ڊچ سائنسدان مارٽينس بائيرنڪ جنھن ڪجھ سالن کان پوءِ ان تحقيق کي اتان کان اڳتي وڌايو، اهو ڇا هو؟ ڪجھ اهڙو خوردبين جراثيم Microorganism جيڪو جيوڙي Bacteria کان گهڻو ننڍو هو. ھن بيمار ٻوٽن کي پيٺو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ پاڻياٺ کي هڪ عمدي ڇاڻي مان گذاريو جنھن سان ٻوٽن جا خليا ۽ بيڪٽيريا بہ ڇاڻجي پئي سگهيا، ھن انهي صاف سنهڙي پٽڙي مادي کي صحتمند ٻوٽن ۾ داخل ڪيو، ٻوٽا بيماري ٿي ويا.
بائيرنڪ هاڻ نون بيمار ٻوٽن مان انھي طرح رس ڇاڻيو، ھن رس بہ نون ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيو جيڪو ڪجھ هو، ان رس ۾ هو.
ان سنهڙي پٽڙي رس ۾ جيڪو ڪجھ بہ هو اهو ڪنھن بہ اهڙي شيء کان مختلف هو، جنھن کي ان وقت جا حياتياتي ماھر Biologist ڄاڻيندا هئا. ھن ان رس ۾ الڪوحل جو اضافو ڪيو، پر ان جي ڇوت Infection جي صلاحيت ۾ فرق نہ پيو، ان کي گرم ڪيو، ڪجھ فرق نہ پيو، ان سان هڪ ڇاڻ پني Filter paper کي آلو ڪيو، ان کي سڪائي ڪري ٽن مھينن لاءِ رکيو ۽ پوءِ پاڻي ۾ وڌو، هن ڳاري بہ نون ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيو.
هائيرنڪ ان ڳجھي ايجنٽ تي ”وائرس" جو لفظ استعمال ڪيو، هي لفظ سڀ کان پھريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو، جيڪو جديد معني ۾ هو. بائيرنڪ ٻڌايو تہ وائرس ڇا ” نہ “ آهي، هي جانور ناهي، ٻوٽو ناهي، ڦنگيڙو Fungus ناهي، جيوڙو ناهي. اڳتي ھلي اڻويھ صدي جي سائنس جي حد اچي چڪي هئي جنھن مان گهڻو ڪجھ معلوم ٿيو.
وائري کي صحيح سمجھڻ جي لاءِ نوان اوزار استعمال ٿيڻ لڳا. برقي خوردبين Electro microscope سان سائسندانن کي ڏسڻ جو موقعو مليو جنھن ۾ گھڻا ئي ننڍا ذرڙا نظر آيا جن جي اڳيان جيوڙا Bacterias گهڻا وڏا آهن.
انهن جي ننڍي ماپ معلوم ڪرڻ ۔ انهن جي اندر ڏسڻ ۽ انھن جي علاج لاء سائنسدانن طريقا ڳولهي لڌا آهن. هڪ انساني گهررڙو جيڪو ڪيترا ملين ماليڪيولن سان لاڳاپيل آهي، جيڪي ماحول کي محسوس ڪندا آهن، خوراڪ وٺندا آهن، وڌندا آهن ۽ فيصلو ڪندا آهن تہ ڪڏهن ٻن مان الڳ ٿيڻو آهي يا ساٿي گهرڙن جي ڀلائي خاطر خودڪشي ڪري وٺڻي آهي. وائري ماھر Virologist ڳولھا ڪري چڪا آهن تہ وائرا ان جي مقابلي ۾ گھڻا سادا آهن، اھي ماسي Protein جي تھ ۾ موجود ٻيڻن ٽيڻن جينن تي لاڳاپيل آهن. انھن دريافت ڪيو تہ هي ان سادگي ۽ محدود جينياتي مواد باوجود وائرس زندگي جي ٻين قسمن کي هائي جيڪ ڪري سگهن ٿا. اهيئي وائرا پنهنجي جين Gene ۽ ماسي Protein سان گهرڙي ۾ نفوذ ڪن ٿا ۽ ان تي ضابطو پائي ان کان پنھنجون ڪاپيون ٺھرائيندا آھن. هڪ وائرو هڪ گهرڙي جي اندر داخل ٿي ڪري هزارين نقل ڪاپيون ٺهرائي سگهي ٿو.
وائري ماھر 1950ع جي ڏهاڪي تائين هن بنيادي سچائي جو پتو ڪري چڪا هئا پر وريات Virology ۾ اڳتي وڃڻ لاءِ گھڻو ڪجھ هو. وائري ماھر اهو نہ ڄاڻيندا هئا تہ پاپيلو وائرس Papillomavirus ڪيئن سيھڙ جا سنڱ ڪيرائيندو آھي ۽ لکين عورتون کي هر سال ٻچيناڙ Cervix ڪينسر ۾ جڪڙائي ڇڏيندو آهي. انھن کي اهو پتو نہ هو تہ ھي پنھنجي ساٿي جي دفاعي نظام سان ڪيئن بچندا آهن، ڪنھن بہ ٻي شيء کان وڌيڪ تيز رفتاري سان ارتقاء ڇو ڪندا آهن. ان وقت اڃان انھن کي اهو پتو نہ هو تہ هڪ وائرو ان وقت چمپيزي کان انسانن ۾ ٽپو ڏئي چڪو هو ۽ ڦھلجي رهيو آهي ۽ ٽن ڏهاڪن کان پوءِ انسانيت جي وڏن قاتلن ۾ ليکيو ويندو. انھن جي وهم ۽ دماغ ۾ بہ نہ هو تہ زمين تي وائري جا قسم ۽ تعداد گهڻي ڀاڱي وڌيڪ آهن ۽ زندگي جا جينياتي قسم سڀ کان وڌيڪ وائري ۾ آهن. هي بہ پتو نہ ھو تہ ھي سياري ۾ گرموسڪن Thermostat جو ڪم ڪندا آهن، زمين ۾ بڻجڻ واري آڪسيجن جي وڏي حصي جا ذميوار آهن، اسانجو ساھ کڻڻ انھن جي ذمي آهي. اهو بہ بلڪل پتو نہ هو تہ انساني ڄڻوٽي Genome جو هڪ قابل ذڪر حصو جيڪو هزارين وائرس تي لاڳاپيل آهي، جيڪي اسان جي پري وارن ابن ڏاڏن جي مختلف وقتن ۾ ڇوت ڏيندا رهيا آهن. هي تہ شايد چار ارب سال اڳ وائري زندگي جي شروعات ڪري چڪا ھئا، ان ڪري وائري کي اڳار گهرڙو Prokaryotic cell سڏيو وڃي ٿو.
هاڻي سائنسدان انھن شين مان ڪجھ ڪجھ واقف آهن، هي انساني جسم جي اندر يا زمين جي ڏکين مقامن تي وائري جي موجودگي جي سڃاڻپ ڪري سگهن ٿا، کين وائري جي سمجھ اڃان گھڻي گھري ناهي پر اھي سمجھڻ جي شروعات ڪري چڪا آهن.
وائري جو جسم:
وائري جو جسم ٻن حصن تي مشتمل ٿئي ٿو ھڪ پروٽين ۽ ٻيو جينياتي مادو. جينياتي مادو يا ڄڻ ڪڙي DNA يا مک ڄڻ ڪڙي RNA جو ٺھيل آھي ۽ ھر وائري ۾ پنھنجو جينياتي ڪوڊ ٿئي ٿو. وقت سان گڏ وائري جي جينياتي ڪوڊ ۾ تبديلي اچي ٿي. ان تبديلي کي تغير Mutation چئبو آھي جنھن جي نتيجي ۾ وائرو يا زيادھ خطرناڪ ٿي وڃي ٿو يا بي ضرر ٿي وڃي ٿو.
مثال طور ”الف“ ھڪ وائرو آھي جو انسانن کي متاثر ڪري ٿو ۽ ”بي“ ٻيو وائرو آھي جيڪو پکين کي متاثر ڪري ٿو. ھي ٻئي گڏ ڪنھن جانور جي گهرڙي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا جتي ھڪ ٻئي سان گڏ جينياتي ڪوڊ جا ڪجھ حصا مٽ سٽ ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ نئون وائرو ٺھي ويو. الف ۽ بي وائري وٽ الڳ جينياتي ڪوڊ آھي پر ھاڻي الڳ نئين قسم جو وائرو ٺھي چڪو آھي. مختلف جينياتي ڪوڊن جي مٽا سٽا کان سوا بي ترتيب تغير Random mutation پڻ نون قسمن جي وائرن ٺاھڻ جو سبب بنجي ٿو. ھي وائري جي ارتقا آھي جيڪا سدا کان جاري رھندي اچي پئي.
وائرا ھميشہ ارتقا پذير ٿين ٿا ۽ خاص طور تي مک ڄڻ ڪڙيا وائرا RNA viruses تيزي سان ارتقا ڪن ٿا جيئن ڪرونا وائرو پينگولين ۽ چمڙي ۾ ارتقا پذير ٿيندو انساني گهرڙي ۾ شامل ٿي جينياتي ڪوڊ جي مٽا سٽا ڪري نئون وائرو بنجي ويو. اھڙي طرح جينياتي زنجير وائرن ۾ پاتي وڃي ٿي جنھن مان ثابت ٿئي ٿو تہ وائرا ھڪ ٻئي جا قريبي رشتيدار آھن يعني ھڪ خاندان جا آھن. اھڙي طرح ڪرونا وائري جو پيدا ٿيڻ فطري ارتقا جو نتيجو آھي ۽ ڪوبہ ثبوت ناھي مليو تہ ليب ۾ تيار ٿيو آھي.
وائري دور حيات:
وائري کي پنھنجي دور حيات کي پوري ڪرڻ لاء گهرڙي جي ضرورت پوي ٿي. ھي ڄموڙي Becterium جو اڳار گهرڙو Prokaryotic cell ٿي سگهي ٿو يا جاندارن جو يڪار گهرڙو Eukaryotic cel ٿي سگهي ٿو.
1۔ نشانر گهرڙي Target cell جي سڃاڻپ:
ھر وائرو ھر گهرڙي تي حملو نٿو ڪري. ھڪ وائرو ڪجھ قسم جي گهرڙن کي پنھنجو نشانو بنائي ٿو. انهن گهرڙن جي سڃاڻپ لاء انهن جي بيروني جهلين تي ڪجھ موصولا Receptor ٿيڻ کپن. ھي موصولا گهڻو ڪري پروٽين ۔ مٺچرٻي Glyco-lipid يا مٺماسي Glyco-ptotein تي مشتمل ٿين ٿا.
2۔ وائرس جي ميل Attachment:
وائرو پنھنجي ميزبان گهرڙي جي موصولي Receptor سان لڳي وڃي ٿو. موصولي تي چپڪڻ لاء وائري جي کوکڙي Capsid تي مخصوص ماليڪيول ٿين ٿا.
3۔ وائري نفوذيت Penetration:
چپڪڻ کان پوء ڪجھ دير بعد وائرا گهرڙي جي اندر داخل ٿي وڃن ٿا. ڪجھ صورتن ۾ کوکڙا Capsid ٻاھر ئي ڇڏين ٿا ۽ صرف ڄڻوٽي Genome اندر داخل ٿين ٿا.
4۔ خول اتارڻ Uncoating:
وائرو پنھنجي کوکڙي Capsid جو خول لاھي ٿو تہ جيئن گهرڙي جي ناڀ Nucleus يا موروثي Chromosome تائين رسائي ملي وڃي.
5۔ تشڪيل سازي Transcription:
ڄڻ ڪڙيا وائرا DNA viruses گهرڙي جا خامرا استعمال ڪري پيغامي مک ڄڻ ڪڙي mRNA کي تشڪيل ڪن ٿا، ان عمل کي تشڪيل سازي سڏجي ٿو.
6۔ پروٽين جي تياري:
پيغامي مک ڄڻ ڪڙيا mRNA گهرڙي جي مڪمل مشينري کي استعمال ڪري وائري لاء درڪار پروٽين حاصل ڪرڻ شروع ڪن ٿا.
7۔ نقلسازي Replication:
پروٽين سان گڏ وائرا گهرڙي ۾ ڄڻوٺي Genome جون نقلون ڌڙا ڌڙ تيار ٿي وڃن ٿيون. ھن مرحلي ۾ گهرڙو وائري جي مڪمل غلامي اختيار ڪري ٿو.
8۔ جوڙڪاري Assembly:
وائرا تمام مطلوبا ماليڪيولن جو نقلون تيار ڪرڻ بعد انهن جي جوڙجڪ ڪرڻ شروع ڪن ٿا. ھي عمل ڪنھن ڪارخاني ۾ ڪل پرزن کي جوڙي مشين جوڙڻ برابر آھي.
9۔ ٽوڙ ڦوڙ ۽ فرار:
ھڪ گهرڙي ۾ اندازن ھڪ لک وائرا تيار ٿي وڃن ٿا. ھاڻي ھي گهرڙا نون تشڪيل شدھ وائرن جي ڪم جا نٿا رھن تنھن ڪري ھي گهرڙجهلي Cell membrane ۽ ٻين روڪبندين کي ٽوڙي گهرڙي کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري اتان فرار ٿي وڃن ٿا. ھاڻي انهن لکن وائرن کي نون نشانن جي ضرورت پوي ٿي جتي ھو پنھنجي واردت جو نئون ڄار وڇائن.
وائري جا قسم:
وائرا پنھنجي معلومات رکڻ يا جام ڪرڻ وارو ڪوڊ پنھنجي جينياتي مادي مک ڄڻڪڙيي وائري RNA virus يا ڄڻڪڙيي وائري DNA virus ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ھي ٻنهي قسمن جا وائرا ھڪ مضبوط ماسي Protein جي کوکڙي Capsid ۾ بند ٿين ٿا. ڄڻڪڙيا وائرا DNA viruses مرڪز ۾ داخل ٿي ۽ قبضو ڪري ھن گهرڙي کي پنھنجي نقل ٺاھڻ لاء استعمال ڪن ٿا جڏھن تہ مک ڄڻڪڙيا وائرا DNA viruses خود گهرڙي جي ناڀ Nucleus ۾ پنھنجو پروگرامنگ ڪوڊ نقل ڪن ٿا ۽ گهرڙي جي ناڀ جي چوڌاري موجود جيوڳر Cytoplasm جي مشينري کي پنھنجي نقل بنائڻ لاء تيار ڪن ٿا.
وائرو انساني جسم ۾ تمام داخلي رستن کان اندر گهڙي اچي ٿو. ھي ساھ کڻڻ دوران آبي بخارن ذريعي ، کائڻ پيئڻ جي شين ۾ داخل ٿي، ھڪ ماء کان ٻار کي، پيشاب ۽ ڪاڪوس ذريعي، جنسي ميل جول سان ۽ رت جي منتقلي ذريعي ٿي سگهي ٿو. انساني جسم جو نظام گهڻن وائرن سان وڙھي انهن کي ختم ڪري سگهي ٿو. رت جا اڇا گهرڙا ليڦن Lymphocytes ذريعي اجسا Antibodies پيدا ڪري وائري حملن کي ناڪام ڪري وائرن کي دٻائي وائري بيمارين کي پيدا ٿيڻ نٿا ڏين. جيڪڏھن اھي وائرا جسماني نظام کي ڌوڪو ڏيئي گهرڙي اندر داخل ٿي وڃن ٿا تہ اھي سخت قسم جو ڇوت پيدا ڪن ٿا.
وائرڪ مرض:
چيچڪ Small pox ۔ لاکڙو Small pox ۽ جنسی بیماري تناسلي سوزش Herpes genitalia جھڙا مرض ڄڻ ڪڙين وائرن DNA viruses کان متاثر ٿين ٿا جڏھن تہ ڪاري ڪامڻ HCV ۔ ايڊس AIDs ۔ ايبولو Ebola ۔ سارس Sars ۔ ليس Common cold ۔ زڪام Influenza ۔ پوليو Polio ۽ خسري Measles جھڙيون بيماريون مک ڄڻ ڪڙين وائرن RNA viruses کان پيدا ٿين ٿيون.
وائري جي پيمائش:
اسڪيل تي ننڍا ننڍا پيمائشي نشان ملي ميٽر کي ظاھر ڪن ٿا. ملي ميٽر جي ھزارين حصي کي مائڪروميٽر چئبو آھي. مائڪروميٽر جي ھزارين حصي کي نينو ميٽر سڏبو آھي. اسان کي سمجهڻ کپي تہ وائري جي پيمائش ھميشہ نينوميٽر ۾ ٿيندي آھي.
وائرو ننڍي ۾ ننڍو روڳو Pathogen آھي جنھن جي جسامت 30 نينوميٽر آھي جڏھن تہ سڀ کان وڏي وائري جي جسامت 3 سو نينوميٽرن تائين دريافت ٿي آھي. مطلب وائرو روشني جي موجن جي لھري ڊيگھ wave length کان بہ ننڍو آھي.
وائري جي ساخت:
وائري جي ساخت تمام سادي ٿئي ٿي. ھن ۾ ماسي Protein جو بڻيل ھڪ کوکڙو Capsid ٿئي ٿو. ھن کوکڙي ۾ ڄڻ ڪڙي DNA يا مک ڄڻ ڪڙي RNA جو ڄڻوٺو Genome ٿئي ٿو.
ھڪ وائري ۾ ھڪ ئي قسم جو ناڀ تيزاب ٿئي ٿو. ڪنھن بہ وائري ۾ ڄڻ ڪڙي DNA يا مک ڄڻ ڪڙي RNA نٿي پاتي وڃي.
کوکڙي ۾ ھڪ قسم کان وٺي ڪجھ قسمن جا پروٽين پاتا وڃن ٿا.
پورو خول اڳتي ھلي تمام ھڪجھڙين اڪاين سان ملي ٺھي ٿو. ھر يونٽ ڪيپسوميٽر سڏجي ٿو.
وائري جي کوکڙي اندر خامرا Enzymes پاتا وڃن ٿا. ڇوت پيدا ڪرڻ ۾ خامرن جو وڏو مقدار ٿئي ٿو.
ڪڏھن ڪڏھن وائرو پنھنجي ميزبان گهرڙي تي حملو ڪري ٿو تہ ان جي جهلي Membrane کي کڻي ٿو، ھي جهلي وائري جي کوکڙي کي تھ وانگر چوطرف گهيري ٿي ۽ لفافو Envelope سڏرائي ٿي.
وائري جا حصا:
زمين تي موجود تقريبن تمام ايڪو سسٽم وائرا رکن ٿا. جڏھن وائرس گهرڙي ۾ داخل ٿئي ٿو تہ ھن وقت ھن جو مقدار ڪنھن جيوڙي Bacteria کان 100 ڀيرا ننڍو ٿئي ٿو ۽ ھن جو جسم ٽن حصن تي مشتمل ٿئي ٿو.
اول
1 جینیاتی مواد Genetic material
2 مک ڄڻ ڪڙي RNA
3 ڄڻ ڪڙي DNA
ٻيو
ماسي Protein سان ٺھيل ٽوپلي يا خول سان اندريين جينياتي مواد جي حفاظت ڪري ٿو.
ٽيو
گهرڙي کان ٻاھر رھڻ جي صورت ۾ ماسي خول جي چوڌاري چرٻن سان ھڪ جهلي جو ڍڪ ٺاھي ٿو.
وائري جي اندر رٻا Ribosomes نٿا ٿين ٿين ان ڪري اھي پنھنجو ماسو Protein ٺاھي نٿا سگهن، ان ڪري وائرو ڪنھن جاندار گهرڙي جي اندر پنھنجو گهر ٺاھي ٿو، ان حساب سان وائري کي ٻار سڏيو وڃي ٿو. ڪنھن بہ جاندار گهرڙي ۾ داخل ٿي وائرو پنھنجو جينياتي مواد ان ۾ منتقل ڪري ٿو ۽ ميزبان گهرڙي جو ڪنٽرول سنڀاري ميزبان گهرڙي سان ماسو Protein تيار ڪرڻ لڳي ٿو جنھن ۾ ھو جينياتي مواد جون ڪاپيون تيار ڪري ڪري وجهي ٿو ۽ پاڻ جھڙا بيشمار وائرا تيار ڪرڻ لڳي ٿو، ھن بنياد تي وائري کي مفتخورو Paracite مڃيو وڃي ٿو.
وائري جون شڪليون:
وائرا مختلف شڪليون ۽ مقدار رکن ٿا. خاص وائرس ھي آھن.
1. پيچدار ۔ اسپرنگ نما Helical:
ھي اسپرنگ نما ٿين ٿا ۽ تماڪ جي ٻوٽن تي پاتو وڃن ٿا.
2. ويھ سطحو Icosahedral
ھي بيضوي شڪل ٿين ٿا ۽ انهن جي اڪثريت جانورن ۾ پاتي وڃي ٿي.
وائري جا نمونا:
وائرو پنجن نمونن ۾ پاتو وڃي ٿو.
1۔ گهڻ سطحو ۔ گهڻ تھو Polyhedral
2۔ گولورو ۔ گول نما Spherical
3۔ ڌاڳورو ۔ ڌاڳي نما Filamentous
4۔ پیچیدھ وائرو Complex virus
5۔ پيچدار وائرو ۔ خمدار وائرو Helical virus
وائرو ھڪ منفرد جراثيم:
وائرو مفتخورو آھي مطلب ڀاڙيتو زندگي گذاري ٿو. ھن کي رھڻ لاء ميزبان درڪار ٿئي ٿو.
ھن جي ميزبانن ۾ ھرقسم جا جاندار ٿين ٿا. ھي جيوڙن ۽ جراثيمن تي بہ حملو ڪري سگهن ٿا.
ھي گهرڙي جي اندر وڃي جيئي ٿو يعني ھي منجھگهرڙ مفتخورو Intracellular paracite آھي.
وائرا اھڙن ڇاڻي پنن مان گذري سگهن ٿاجتان جيوڙو نٿو گذري.
ھي پنھنجو پاڻ کي خود تقسيم نٿو ڪري، ان ڪري ھن کي ميزبان درڪار ٿئي ٿو.
وائرو کائي نٿو نڪي ساھ کڻي ٿو ۽ نہ ئي ھن ۾ ڪنھن قسم جي توانيت Metabolism ٿئي ٿي.
ھن ۾ ڪنھن قسم جا گهرڙا يا گهڱا Organelles پاتا نہ وڃن ٿا.
ھن ۾ جيومادو Protoplasm نٿو پاتو وڃي.
وائري کي جاندار ۽ بي جان شي طور تصور ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري ھن کي جاندارن جي بادشاھي ۾ نہ ٿو رکيو وڃي ٿو.
وائري جو ماخذ:
وائرو مرڻ کان پوء پنھنجو فاسل يا ڍانچو نٿو ڇڏي، ان ڪري زماني قديم ۾ ان جي موجود گي مشڪل آھي. ڪجھ سالماتي طريقا اختيار ڪري ان جي ڄڻڪڙي DNA يا مک ڄڻڪڙي RNA جي مواد کي ٽريس ڪيو وڃي ٿو تہ ڪنھن مقام تي ڪنھن دور ۾ ان جي موجودگي جي خبر ورتي وڃي ٿي. وائري جي ابتدا يا شروعات متعلق سائسدانن پنھنجا ٽي نظريا پيش ڪيا آھن
1. Regressive or Reduction Hypothesis
تخفيفي مفروضو:
ھن نظريي مطابق وائري جي ابتدا آزادانا طور تي جاندارن جي حيثيت سان گذريل وقت سان گڏ گهرڙن جي جينياتي مواد ۾ تغير واقع ٿيڻ سان وائرس پنھنجي ڄم لاء جاندار گهرڙن جو محتاج ٿيندو ويو.
2. Escape hypothesis or
Progressive hypothesis
اوسري مفروضو:
ھن نظريي مطابق وڏن گهرڙن کان ٽٽي جينياتي مواد ارتقا پائي وائري جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ ان ۾ آھستي آھستي آزاد زندگي جي صلاحيت ۽ بين گهرڙي حرڪت پيدا ٿي وئي.
3. Virus first hypothesis
وائرو پھرين مفروضو:
ھن نظريي مطابق اڄ کان ارب سال پھرين جڏھن ڪائنات ۾ زندگي وجود ۾ آئي تڏھن پروٽين ۽ ناڀ تيزاب Nucleic acid جي سالمن ملڻ سان وائرا وجود ۾ آيا.
*وائري کی ترسیل*
ھڪ وائرو صرف نسل ڪشي لاء پيدا ٿئي ٿو. ھي ڪنھن گهرڙي ۾ وڃي پنھنجي افزائش ڪري ٿو تہ ٻين گهرڙن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. ڪنھن بہ وائري جي خطرناڪ اثر جو اندازو ان جي پيدائشي صلاحيت تي ٿئي ٿو. وائرو ھڪ انسان کان ٻئي انسان ۽ حمل دوران ٻئي ٻار ۾ منتقل ٿئي ٿو. وائرو ھن ريت پکڙجي ٿو.
ڇھڻ
گگ
کنگھ
زڪام
جنسي تعلق
آلودھ رت، پاڻي جا ڪيڙا، جانورن، مکين ۽ مڇرن ذريعي وائرو ھڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين پھچي ٿو.
ڪجھ وائرا ڪنھن غير جاندار جسم تي زندھ رھي سگهن ٿا. جيڪڏھن ڪو وائرو ورتل ماڻهو ڪنھن جڳھ کي ڇھي تہ اتي وائرا پيدا ٿي سگهن ٿا، ان غيرجاندار طريقي کي جڙت Formit سڏجي ٿو.
ھر وائرو پنھنجي جاندار گهرڙي ۾ وڃي افزائش ڪري ٿو ان کان پوء ميزبان جاندار تي ان جا اثر ظاھر ٿين ٿا. ھڪ مخصوص وقت جنھن کي پالخاني وقت Incubation period سڏجي ٿو، جنھن کان پوء جسم تي علامتون ظاھر ٿين ٿيون.
وائري کي غير فعال ڪندڙ شيون:
چار شيون ھر قسم جي وائرس کي غير فعال ڪن ٿيون.
1۔ تیزاب Acid
2۔ ڊٽرجنٽ یا صابن
3۔ خشڪ ماحول
4۔ حرارت
*وائرس جي شڪل ساخت میں تغیر*
جڏھن ھڪ وائرو نسل ڪشي ڪري ٿو تہ پنھنجي ميزبان گهرڙي جي ڪجھ ڄڻ ڪڙي DNA وٺي ٿو. جيڪڏھن وائرو ميزبان گهرڙي جي ڄڻ ڪڙي DNA ۾ داخل ٿي وڃي تہ ان جي موروثي ۾ تبديليون پيدا ڪري ڇڏي ٿو. اھڙي موروثي تبديلي جا انسان تي ديرپا اثر پون ٿا. انسانن ۾ ان جو مثالون چمھير Hemophilia ۽ مشڪي نقص Muscular dystrophy آھن. ميزبان گهرڙي سان وائري جي ان ميلاپ سان وائري جي اندر تبديليون اچي سگهن ٿيون. ڪجھ وائرا ڪجھ اھڙن قسمن جي جاندارن کي متاثر ڪن ٿا مثال پکي. ھڪ وائرو جيڪو عام طور تي پکين کي متاثر ڪري ٿو جيڪڏھن اھو اتفاقن انسان ۾ داخل ٿي وڃي ۽ انساني ڄڻ ڪڙي Human DNA جا اثر قبول ڪري تہ ھي ھڪ نئين وائري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو جو مستقبل ۾ ڪيترن انسانن کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
وائري بيماريون:
وائرو انسان ۾ گهڻا مرض پيدا ڪري ٿو.
Chickenpox چيچڪ
لاکڙو Small pox
Flu (Influenza) زڪام
لڦيڙ ۔ ڳڦيڙ Herpes
Bird flu پکي مھاڙو
ڪامڻ Hepatitis
Human immunodeficiency virus (HIV/AIDS)
انساني خودپڻ کوٽو وائرو
Human papillomavirus (HPV) چمبڙ وائرو
Infectious mononucleosis غدودي ڇوت
Mumps ڳلڳيڙ ۔ ڪن پيڙ ۔ ڳلي جي سوڄ
خسرو Measles
Rubella ڪوڙو خسرو
Shingles
دڙداڻ ۔ ڳاڙھي ڦيسڙ ۔ منھن تي ڳاڙھن داڻن جي پٽي
Ebola ايبولا
ڦيساڙا ۔ خسري جا ڳاڙھا داڻا Roesola
Fifth disease پنجين بيماري
Chikungunya virus infection لاسڙ وائري ڇوت
The common cold and different Types of flu
ليس جا نمونا
ڇھنڊا Cold sores
Polio پوليو
ريٻا وائرس Rabies
Hanta fever ھنٺو بخار
Middle East respiratory syndrome ميرس
Dengi ڊينگي
زڪو وائرس Zika virus
*انسان دوست وائرا*
جيئن تہ انسان دوست جيوڙا آنڊن ۾ پاتا وڃن ٿا ۽ غذا جي ھاضمي لاء مددگار ٿين ٿا تيئن انسانن ۾ انسان دوست وائرا پاتا وڃن ٿا جيڪي خطرناڪ جيوڙن کان بچائن ٿا.
*وائري کان تحفظ*
جڏھن انسان جو مدافعتي نظام وائري کي محسوس ڪري ٿو تہ دفاعي ردعمل شروع ڪري گهرڙن جو تحفظ ڪري ٿو، ھڪ عمل سان آر اين اي ۾ مداخلت ڪري وائري جي جينياتي مادي کي ٽوڙي انهن کي مفلوج ڪري ٿو ۽ مدافعتي نظام ۾ مخصوص اجسا پيدا ڪري ٿو جيڪي وائرن سان جڙي انهن ۾ تعفن پيدا ڪن ٿا ۽ جسم ۾ گهرڙا موڪلي انهن کي تباھ ڪن ٿا. گهڻن وائرن جي ڇوت حفاظتي نظام کي مدافعتي نظام ذريعي بيدار ڪري ٿي پر ايڇ آء وي ۽ نيوروٽروپڪ وائرا مدافعتي نظام جي دفاع کي ٽوڙڻ جي سگھ رکن ٿا. نيوروٽوپڪ وائرا اعصابي گهرڙن کي متاثر ڪن ٿا ۽ پوليو Polio ۔ ڳلڳيڙ (ڳلي جي سوڄ) Mumps ۽ خسري Measles جھڙيون بيماريون پيدا ڪن ٿا. ھي وائرس مرڪزي اعصابي نظام جي ڍانچي کي متاثر ڪن ٿا.
علاج ۽ دوائون:
وائرن جي وائري ڇوت جي ڇوت کان بچاء لاء سئي Vaccine تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪجھ وائري روڪ دوائن سان علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪجھ صورتن ۾ علامتن سان علاج ڪيو وڃي ٿو.
وائري روڪ نشاڻ:
ڪثير تعداد ۾ اينٽي وائرل ايلوپيٿڪ دوائون ايڊز جي مقابلي لاء تيار ڪيون ويون پر اھي وائري کي تباھ ڪري نہ سگهيون پر وائري تي اثرانداز ٿي ان جي بگاڙ ۽ پکيڙ کي سست ڪري ڇڏين ٿيون. ڳڦيڙ Herpes ۔ ڪامڻ بي Hepatitis B ۔ ڪامڻ سي Hepatitis C ۔ نزلي Influenza ۔ دڙداڻ Shingles ۽ چيچڪ Chicken pox جھڙا مرضن لاء وائرس روڪ دوائون موجود آھن.
*سئي*
وائري جي خلاف سئي Vaccine ھڪ سستو ۽ موثر علاج آھي. ڪجھ سيون وائري کي ڪاميابي سان ختم ڪن ٿيون مثال چيچڪ Chicken pox وغيرھ. سئي Vaccine جي جزن ۾ وائرس کي ڪمزور ڪرن وارا جز موجود ٿين ٿا جيڪي جسم ۾ اجسا Antibodies پيدا ڪري تحريڪ پيدا ڪن ٿا ۽ جسم ۾ وائرس جي ڇوتدار مواد يا مئل وائرن مان سئي تيار ڪري علاج ڪيو وڃي ٿو.
وريات:
وائري جي مطالعي کي وريات Virology چيو وڃي ٿو. وائرس جو لفظ دراصل لاطيني يا ان کان اڳ يوناني زبان مان آيو آھي جنھن جو مفھوم زھر آھي. وائرا زيرخوردبين جينياتي مواد Submicroscopic genetic material تي مشتمل اھي طفيلي جز ٿين ٿا جن جي مٿان ماسي Protein جو تھ ٿئي ٿو.
وريات مطابق وائرا پنھنجي نسلي افزائش Reproduction لاء ميزبان گهرڙي کي ڪيئن متاثر ڪن ٿا. اھو ميزبان جاندارن Host Organism جي فعلن ۽ قوت مدافعت جي فعل Immunity جو گڏيل نتيجو آھي ۽ معلوم ڪيو وڃي ٿو تہ وائرا ڪھڙيون ڪھڙيون بيماريون پکيڙن ٿا ۽ اھي ڪھڙا طريقا آھن جن سان وائرس جي ڪري پکڙجندڙ بيمارين جو علاج ڪيو وڃي ٿو.
وائري کی ساخت اور جماعت بندی:
وائري درجابندي زھريات جي وڏي شاخ آھي. وائري درجابندي ميزبان گهرڙي مطابق ڪئي ويندي آھي جيئن حيواني وائرا Animal viruses، نباتاتي وائرا Plant viruses، ڦنگي وائرا Fungal viruses، جيوخور وائرا Bacteriophage virus آھن جيڪي جراثيم کي متاثر ڪن ٿا ۽ سڀ کان پيچيدھ آھن.
وائري درجابندي ھندساتي نمونن سان بہ ڪئي وڃي ٿي جيئن کوکڙي وائرا Capsid viruses، ويھ سطحي وائرا Icosahedron viruses ۽ پيچدار وائرا Helix viruse.
ان کان علاوا وائرن جي نمونن جي لحاظ کان بہ ان جي جماعت بندي ڪئي وڃي ٿي جن ۾ وائرن جي چوڌاري چرٻ لفافي Lipid envelope جي موجودگي ۽ غيرموجودگي جو لحاظ رکيو وڃي ٿو. وائرن جي جسامت 30 نينو ميٽر کان 450 نينوميٽر تائين ٿئي ٿي جنھن جو مطلب آھي تہ نظري خوردبين (Optical microscope سان نٿي ڪري سگهجي. وائرسن جا نمونا ڏسڻ لاء برقي خوردبيني Electron microscopy، نيوڪلائي مقناطيسي گمگي طيف بيني NMR spectroscopy ۽ لاشعاعي قلم نگاري X-ray crystallography استعمال ڪئي وڃي ٿي.
وائر وائري درجابندي لاء انهن جي جينياتي مواد Genetic material، انهن جي ناڀي تيزاب Nucleic acid کي استعمال ڪن ٿا يا وائري نقل پذيري جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي جنھن طريقي سان ھو پنھنجا نقل نمونا تيار ڪرڻ لاء ميزبان گهرڙن Host cells کي متاثر ڪن ٿا. جينياتي بنياد تي وائري کي ڄڻڪڙيي وائري DNA ۽ مک ڄڻڪڙيي وائري RNA virus جي بنياد تي تقسيم ڪيو وڃي ٿو.
ڄڻڪڙيا وائرا RNA viruses اھي وائرا آھن جيڪي ڄڻڪڙيو جينياتي مواد DNA genetic material رکڻ ٿا. ڄڻڪڙين وائرن DNA viruses جي ڪري چيچڪ smallpox، خسرو chickenpox ۽ ڳڦيڙ herpes جھڙيون بيماريون ٿين ٿيون.
مک ڄڻڪڙيا وائرس RNA viruses اھي وائرا آھن جيڪي مکڪڙيو جينياتي مواد RNA genetic material رکن ٿا. مک ڄڻڪڙين وائرن جي ڪري انساني بيماريون جيئن ايبولا وائرڪ بيماري Ebola virus disease ۔ سارس SARS ۔ ريٻا Rabies ۔ ليس Common cold ۔ نمونيا Influenza، ڪاري ڪامڻ Hepatitis C ۔ ڪامڻ اي Hepatitis E، مغري نير بخار West Nile fever، پوليو Polio، خسرو Measles ۽ ڪرونا COVID-19 جھڙا روڳ جنم وٺن ٿا.
سنڌي انگريزي سائنسي اصطلاحي جوڙ: اصغر ساگر👇
Microorganism جراثيم
خوردوبو ۔ لزوبو Microbe
Bacteria جيوڙو
وائرو ۔ ورو ۔ وائرس Virus
Fungi ڦنگي
الجي Algae
Protozoa اڳازو
گهرڙجهلي ۔ گهرڙي جي جهلي
Cell membrane
ماسو ۔ پروٽين Protein
Capsid کوکڙو
ڄڻ ڪڙي ۔ اڍ ڪڙي DNA
RNA مک ڄڻڪڙي ۔ مک اڍڪڙي
جيوخورو Bacteriophagous
DNA viruses ڄڻڪڙيا وائرا ۔ اڍڪڙيا وائرا
RNA viruses
مک ڄڻڪڙيا وائرا ۔ مک اڍڪڙيا وائرا
Cytoplasm جيوڳر ۔ جيوجيل ۔ جيوپاڻيٺ
حياتياتي ايجنٽ Biological agent
Genetic material جينياتي مواد
Non cellular organism اڻ گهرڙي جاندار
نمونياتي گهرڙِڪ ورھاستي پھچ
Typical cell- division approach to replication
نمونياتي گهرڙِڪ ورھاستي پھچ
بواسير Haemorrhoids
Gonorrhea سوزاڪ
آتشڪ Syphilis
Messanger RNA (mRNA)
پيغامي مک ڄڻڪڙي ۔ سنديشي ڄڻڪڙي
Transport RNA (tRNA)
رفتي ڄڻڪڙي ۔ رفتي اڍڪڙي
Ribosomal RNA (rRna)
رٻي مک ڄڻڪڙي ۔ رٻوسي ڄڻڪڙي
Biochemical reactions
جيوڪيميائي ردعمل
Enzymes خامرو
خامرا Enzymes
Nucleus ناڀ ۔ مرڪز
آمدرفت Translation
Amino acid امينو تيزاب ۔ مينو تيزاب
رٻو ۔ رٻوسو Ribosome
Organelle گهڱو ۔ گهرڙي جو عضوو
گهڱا ۔ گهرڙي جا عضوا Organelles
Protein synthesis
ماسي جي ترڪيب ۔ پروٽين جي ترتيب
Micro pathogen خوردبين روڳو
خوردبين روڳا Micro pathogen
Biologist حياتياتي ماھر
ڇوت Infection
Fungus ڦنگيڙو
ڇاڻدار پنو Electro microscope
Electro microscope برقي خوردبين
وائري ماھر ۔ وائرسي ماھر Virologist
Virology وريات ۔ وائريات
جين ۔ ڄڻ ۔ اڍ Gene
Papillomavirus پپيلو وائرو
اڳار گهرڙو Prokaryotic cell
Eukaryotic cell يڪار گهرڙو
اڳارو ۔ اڳار گهرڙو Prokaryote
Eukaryote يڪارو ۔ يڪار گهرڙو
ٻچيناڙ ۔ ٻچيداني جو منھن Cervix
Thermostat
گرموسڪن ۔ گرمي ۾ سڪون ڏيندڙ
Mutation تغير ۔ تبديلي
Random mutation
بي ترتيب تغير ۔ بي ترتيب تبديلي
Becterium ڄموڙو ۔ ڄوڙو
نشانر گهرڙي Target cell
Receptor موصولو ۔ موصلو
موصولا ۔ موصلا Receptor
Glyco-lipid مٺچرٻو
مٺچرٻا Glyco-lipid
Glyco-ptotein مٺماسو
مٺماسا Glyco-ptotein
Attachment ميل ۔ ميلاپ
کوکڙو ۔ کوکو Capsid
Penetration وائري نفوذيت
ڄڻوٺو ۔ ڄڻوٽو Genome
Uncoating خول اتارڻ
تشڪيلسازي ۔ روپسازي Transcription
Chromosome موروثو ۔ وراثو
ليڦي گهرڙا ۔ لمفي گهرڙا Lymphocytes
Herpes genitalia
تناسلي سوزش ۔ آلتي سوزش
HCV ڪاري ڪامڻ
لاکڙو Small pox
AIDs ايڊس
ايبولو Ebola
Sars سيرس
عام ليس Common cold
Influenza زڪام
پوليو Polio
Measles خسرو
لفافو Envelope
Parasite مفتخورو
گهڻ سطحو ۔ گهڻ تھو Polyhedral
Spherical گولرو ۔ گول نما
ڌاڳرو ۔ ڌاڳي نما Filamentous
Complex virus پیچیدھ وائرو
پيچدار وائرو ۔ خمدار وائرو Helical virus
Intracellular paracite
منجهگهرڙ مفتخورو
Metabolism توانيت ۔ توانڪاري
جيومادو Protoplasm
Regressive Hypothesis
ھٽندڙ مفروضو ۔ لھندڙ نظريو
Reduction Hypothesis
تخفيفي مفروضو
Escape hypothesis چاڙھ نظريو
Progressive hypothesis
اوسري مفروضو
Virus first hypothesis
وائرو پھرين مفروضو
Nucleic acid ناڀ تيزاب
Incubation period
پالخاني وقت ۔ پالخاني مدو
Hemophilia چمھير ۔ چم مان رت وھڻ
مشڪي نقص Muscular dystrophy
Human DNA
انساني ڄڻڪڙي ۔ انساني اڍڪڙي
Human RNA
انساني مک ڄڻڪڙي ۔ انساني مک اڍڪڙي
Flu (Influenza) زڪام
لڦيڙ ۔ ڳڦيڙ Herpes
Bird flu پکي مھاڙو
ڪامڻ Hepatitis
Human immunodeficiency virus (HIV/AIDS)
انساني خودپڻ کوٽو وائرو
Human papillomavirus (HPV)
چمبڙ وائرو ۔ چمر وائرو
Infectious mononucleosis
غدودي ڇوت
ڳلڳيڙ ۔ ڪن پيڙ ۔ ڳلي جي سوڄ Mumps
Measles خسرو
ڪوڙو خسرو Rubella
Shingles
دڙداڻ ۔ ڳاڙھي ڦيسڙ ۔ منھن تي ڳاڙھن داڻن جي پٽي
Chickenpox چيچڪ
زڪام Flu (Influenza
Herpes لڦيڙ ۔ ڳڦيڙ
پکي مھاڙو Bird flu
Human immunodeficiency virus (HIV/AIDS)
انساني خودپڻ کوٽو وائرو
Roesola ڦيساڙا ۔ خسري جا ڳاڙھا داڻا
پنجين بيماري Fifth disease
Chikungunya virus infection.
لاسڙ وائري ڇوت
The common cold and different Types of flu ليس جا عام نمونا
لڦاڙا ۔ ڳڦاڙا ۔ ڇھنڊا Cold sores
Rabies ريٻا وائرس
ھنٺو بخار Hanta fever
Middle East respiratory syndrome
ميرس
Zika virus زڪو وائرو
جانور وائرا Animal viruses
Plant viruses نباتاتي وائرا
ڦنگي وائرا Fungal viruses
Bacteriophage virus جيوخور وائرا
کوکڙي وائرا Capsid viruses
Icosahedron virusesويھ سطحي وائرا
پيچدار وائرا Helix viruse
Lipid envelope چرٻ لفافو
نظري خوردبين Optical microscope
Electron microscopy برقي خوردبين
NMR spectroscopy
ناڀي مقناطيسي گمگي طيف بيني
X-ray crystallography
لاشعاعي قلم نگاري
By Asghar Sagar