رتول پٿ Haemoglobin رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۽ ڪاربان مونو ڪسائيڊ جو ٺھيل آھي. ھڪ رت جي ڦڙي ۾ 3 لک ڳاڙھا ذرڙا جڏھن تہ ھڪ ملي لٽر رت ۾ رتول پٿ جا 25 لک ڳاڙھا ذرڙا ٿين ٿا. ھر ڳاڙھي ذري ۾ 2 ڪروڙ پنجاھ لک رتول پٿ جا ماليڪيول موجود ٿين ٿا ۽ اھي ئي رتول پٿ جا ماليڪيول آڪسيجن جي ماليڪيولن سان جڙڻ ۽ ڪيميائي بند تشڪيل ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
رت جي ڳاڙھن ذرڙن جا رتول پٿي ماليڪيول ڦڦڙن جي ھوا سان بنديت Bonding قائم ڪري، جسم ۾ زندگي برقرار رکڻ خاطر شريانين ۾ روان دوان رھن ٿا. ساھ جي عمل ذريعي آڪسيجن ڦڦولين Alveoli ۾ ايندڙ رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ جذب ٿي وڃي ٿي ڇوجو گراھم جي قانون مطابق گئس وڌيڪ لاڙي ۔ گهاٽائي يا وڌيڪ دٻاء واري جڳھ کان گهٽ دٻاء واري جڳھ ڏي وڃي ٿي. ھوا جي گهڻي دٻاء جي ڪري ڦڦڙ ڦونڊيل رھن ٿا ۽ ڦڦڙن جي گهرڙن ۾ جسم مان واپس ايندڙ رت ۾ ھوا جو گهٽ دٻاء ھئڻ ڪري ھوا رت ۾ جذب ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح آڪسيجن رت جي ڳاڙھن ذرڙن ذريعي جسم جي تمام گهرڙن ۾ پھچي ٿي. رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ رتول پٿ جي غيرموجودگي جي ڪري رت کي رتاب Plasma ذريعي آڪسيجن کي ضروري مقدار ۾ جسم جي گهرڙن تائين پھچائڻ لاء وڌيڪ ويھ ڀيرا تيز رفتاري سان رت جي دوري ۾ ڊوڙڻو پوي ٿو.
رت جي ڳاڙھن گهرڙن ۾ موجود اھم پروٽين رتول پٿ Haemoglobin دراصل آڪسيجن کان کان 3 سو ڀيرا وڌيڪ ڪاربان مونو آڪسائيڊ CO وڌيڪ لاڙو رکي ٿو مطلب جيڪڏھن توھان ڪنھن اھڙي فضا ۾ ساھ کڻو ٿا تہ رتول پٿ آڪسيجن کي جذب ڪرڻ کان پھرين ان ڪاربان مونو آڪسائيڊ سان ميلاپ کي ترجيح ڏيندو جنھن ڪري رتول پٿ ڪاربوخيرتول پٿ بنجي وڃي ٿو تہ ڪاربان مونو آڪسائيڊ کي جسم ۾ جذب ٿيڻ نٿو ڏئي. دراصل ھي بنجڻ وارو ڪاربوخيرتول پٿ Carboxyhemoglobin آڪسيجن جي فراھمي جي ايجنٽ طور ڪم نٿو ڪري. اھڙا آلودھ ٿيڻ وارا رت جا ذرڙا تري جي ذريعي رت جي سرشتي مان ٻاھر ڪڍيا وڃن ٿا ۽ رت جي وھڪ متاثر ٿيڻ لڳي ٿي. جيئن ڪاربان مونو آڪسائيڊ ساھ جي سرشتي مان رت ۾ شامل ٿئي ٿي تہ آڪسيجن جي شديد کوٽ موت جو سبب بنجي ٿي.
رتول پٿ جي ماليڪيولي نموني ۾ فولاد جا اڻا Atoms شامل ٿين ٿا. عام طور تي ڏٺو وڃي ٿو تہ فولاد جا مرڪب رنگين ٿين ٿا ڇوجو فولاد Iron ۽ آڪسيجن جو ميلاپ فوليڪسو Ironoxide کي تشڪيل ڏئي ٿو، اھڙي طرح رنگت تي ڌيان ڏيڻ سان ڳاڙھو نظر اچي ٿو. ائين جڏھن رتول پٿ آڪسيجن جي پراڻي Molecule سان ملي ٿي تہ ڳاڙھن ذرڙن جي رتول پٿ ۾ موجود فولاد رت کي اجلي اجلي ڳاڙھاڻ ڏئي ٿو.
رت جو رنگ تڏھن بہ بدلجي ٿو جڏھن ڪاربان مونو آڪسائيڊ جو ماليڪيول رتول پٿ سان جڙي ٿو. رتول پٿ جي فولاد جو ڪاربان مونو آڪسائيڊ سان ملڻ رت ۾ اجلي گلابي رنگت جو سبب بنجي ٿو. رت ۾ ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي گهڻائي جي ڪري موت جي شڪار ٿيندڙ جا اھي حصا جتي رت جي رواني چمڙي ڀرسان ٿئي ٿي جيئن چپ ۔ ننھن ۽ ٻيا عضوا گلابي ٿي وڃن ٿا. ڪاربان مونو آڪسائيڊ واري آلودھ فضا ۾ ساھ کڻڻ سان شروع ۾ مٿي سور ۔ پوء مٿو چڪرائڻ ۽ پوء موت جي منھن ۾ ڌڪيندڙ بيھوشي طاري ٿي وڃي ٿي.
نوٽ ڪرڻ کپي تہ جيڪو روز 30 سگريٽ پئي ٿو ان جي رتول پٿ ۾ ڪاربوخي رتول پٿ جي سطح مستقل طور تي 10 سيڪڙو ٿي وڃي ٿي جيڪا صحت کي تباھ ڪرڻ لاء ڪافي آھي.
رتول پٿ جي کوٽ جا اثر:
جيڪڏھن منھن تي پيلاڻ ھجي ۔ اکيون پيليون ھجن ۔ پيشاب پيلو ھجي ۔ جسم ۾ ٿڪ ھجي ۔ ڀاڄي ۾ گھ نہ وڻي ۔ رات جو ننڊ گهٽ اچي، ان جو مطلب جيري تي گرمي آھي ۽ رت جي کوٽ آھي، ان حالت ۾ رت وڌائيندڙ شيون کائجن گڏ گڏ وٽامن سي واريون استعمال ڪجن جيئن رت پيدا ٿئي ۽ جسم ۾ تراھٽ ۾ اچي.
جسم ۾ رت جي کوٽ Anemia دراصل جسم ۾ رت جي ڳاڙھن گهرڙن Red cells جي کوٽ کي سڏيو وڃي ٿو جيڪي آڪسيجن جي فراھمي جو ڪم ڪن ٿا.
رتول پٿ فولاد سان ڀرپور پروٽين آھي جيڪا رت جي ڳاڙھن گهرڙن ۾ موجود ٿئي ٿي. ھي پروٽين پوري جسم ۾ آڪسيجن پھچائي ٿي. رتول پٿ جو ڪم ڦڦڙن مان آڪسيجن کڻي جسم جي اوڄن کي پھچائڻ آھي جيئن گهرڙا پنھنجو ڪم صحيح ڪري سگهن. ان کان علاوا رتول پٿ گهرڙن کان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ وٺي ڦڦڙن ۾ پھچائڻ آھي.
ھن مرض ۾ رت جي صحتمند ڳاڙھن گهرڙن جي کوٽ ٿي وڃي ٿي جيڪي جسم جي مختلف حصن ۾ رت پھچائين ٿا. رتول پٿ Haemoglobin اھو جز آھي جيڪو رت کي ڳاڙھو ڪري ٿو. جسم ۾ رت جي کوٽ کان بچڻ لاء ضروري آھي تہ رتول پٿ جي سطح کي مناسب حد تائين برقرار رکيو وڃي جيئن ان جي کوٽ شديد ٿڪ ۽ ڪمزوري جو شڪار نہ ڪري.
رتول پٿ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء فولاد ڀرين غذائن جو استعمال ضروري آھي جيئن رتول پٿ سان گڏ ڳاڙھن گهرڙن جي اوسر نيسر جاري رھي.
رت جي کوٽ اھو مسئلو آھي جيڪو ڏھن مان ھڪ ماڻهو سان رونما رھي ٿو. عالمي اداري جي تحقيق مطابق دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي کي رت جي کوٽ رھي ٿي خاص ڪري حاملا عورتن ۾ کوٽ جو خطرو شديد نموني رھي ٿو.
صحتمند زندگي ۾ رتول پٿ جي وڏي اھميت آھي ان لاء ان جو مناسب مقدار ھجڻ ضروري آھي. مردن ۾ رتول پٿ جي حد 14 کان 18 ۽ عورتن ۾ 12 کان 14 ھجڻ گهرجي.
بالغ ماڻهن جي حوالي سان روزانو فولاد جي مقدار تجويز ڪئي وئي آھي جيئن مردن لاء 8 ملي گرام جڏھن تہ عورتن لاء 18 ملي گرام ۽ 50 سالا عورتن لاء 8 ملي گرام فولاد جي ضرورت رھي ٿي.
رت جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو جيڪڏھن ميوا ۔ ڀاڄيون ۽ مشروب صحيح نموني استعمال ڪيا وڃن.
رتول پٿ جي کوٽ جون نشانيون:
جسم ۾ رتول پٿ جي جي کوٽ ٿيڻ سان آھستي آھستي علامتون ظاھر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون جنھن ۾ دل جي ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ ۔ چمڙي جو پيلو ٿيڻ ۔ شديد ٿڪ محسوس ٿيڻ ۔ سستي ڪاھلي جو ڇپ ھڻڻ ۔ مشڪن جو ڪمزور ٿيڻ ۔ مٿي ۾ وري وري سور پوڻ
رتول پٿ جي کوٽ جا سبب:
جن ماڻهن ۾ رتول پٿ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي اھي رت جي کوٽ جا شڪار ٿي وڃن ٿا، عام طور تي رت جي کوٽ ھي سبب رونما ٿين ٿا جن ۾ فولاد جي کوٽ ۔ وٽامن بي 12 جي کوٽ ۔ پنيٺي جي کوٽ ۔ ڌڪ لڳڻ تي زخم مان وڌيڪ رت وھڻ ۔ ڪينسر ۔ بڪين جي خرابي ۔ جيري ۾ خرابي ۔ حرڪيرن جي کوٽ ۔ ٿيلسيميا جيڪا رت ۾ رتول پٿ پيدا ڪرڻ کان روڪي ٿي ۽ اھڙيون بيماريون جيڪي رت جي ذرڙن ۽ رتول پٿ کي پيدا ٿيڻ نہ ٿيون ڏين.
رتول پٿ جي کوٽ تماڪ نوشي ۔ ڦڦڙن ۾ خرابي ۔ چمڙي جي سڙڻ ۽ گهڻي ورزش ڪرڻ سان ٿئي ٿي. جڏھن رتول پٿ جي کوٽ جو عارضو پيدا ٿئي تہ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي جيڪي رت جي ٽيسٽ بعد توھان کي مناسب سپور جي تجويز ڪري.
رتول پٿ وڌائڻ جا طريقا:
جن ماڻهن ۾ رت جي کوٽ رھي ٿي اھي فولاد استعمال ڪري کوٽ پوري ڪري سگهن ٿا. فولاد جسم ۾ رتول پٿ جي اپت وڌائڻ سان گڏ رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ پڻ اضافو ڪري ٿو. گوشت ۔ مڇي ۔ بيدا ۔ خشڪ ميوا خاص طور تي کجور ۽ انجير ۔ بروڪلي ۔ سبز پنن وارا کاڌا جيئن ساڳ ۽ پالڪ ۔ سائي لوبيا ۔ السي ۽ منڱن جو مکڻ وغيرھ آئرن سان ڀرپور ٿين ٿا.
وٽامن سي جو استعمال:
وٽامن سي جي استعمال ڪرڻ سان رتول پٿ جي کوٽ پوري ٿي وڃي ٿي. وٽامن سي جي کوٽ جي ڪري فولاد پوري جسم ۾ جذب نٿو ٿئي. وٽامن سي ۾ پپيتو ۔ ڪينو ۔ ليمو ۔ اسٽرابيري ۔ شملا مرچ ۔ گريپ فروٽ ۔ چقو ۔ صوف ۔ ڏاڙھون ۔ ٽماٽو ۽ پالڪ ٿين ٿا جن سان وٽامن سي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.
رت جي کوٽ ۾ وٽامن سي وارين شين جو استعمال جاري رکجي، يقينن جسم رطوبت ڀريو ٿي ويندو ۔ زھرا Toxins خارج ٿي ويندا ۔ جيري جي گرمي ھٽي ويندي ۔ صفرا دور ٿي ويندي ۽ سائي جي اچڻ جا امڪان جھڙوڪر ختم ٿي ويندا. نارنگي ۔ مالٽا ۔ انگور ۔ بصر ۔ ڏاڙھون ۔ کيرو ۔ ونگو ۔ الوبخارا ۔ ڇانھي ۔ صوف ۽ گدامڙي وغيرھ وٽامن سي ۾ اچي وڃن ٿيون جيڪي رتول پٿ سان گڏ رت کي وڌائن ٿيون.
پنيرو تيزاب Folic Acid:
پنيرو تيزاب ھڪ بي ڪمپليڪس وٽامن آھي جيڪو رت جي ڳاڙھن کي ٺاھي ٿو اھوئي سبب آھي جي پنيري تيزاب جي کوٽ جي ڪري رتول پٿ جي کوٽ لاحق ٿئي ٿي. ساون پنن واريون سبزيون ۔ جيرو ۔ چانور ۔ خشڪ ميوا ۔ ٻج ۔ ڪڻڪ ۔ ڏارو ۔ منڱ ۽ ڪيلا وغيرھ پنيري تيزاب جا ذريعا آھن.
پنيٺي Folate وارا کاڌا کائڻ:
فولاد سان گڏ پنيٺو Folate رت جي ڳاڙھن جزن پيدا ڪرڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿو جيڪو رتول پٿ جي ٺھڻ لاء ضروري آھي.
پنيٺو وٽامن بي جو ھڪ قسم آھي جيڪو جسم ۾ رت جو مقدار وڌائڻ لاء اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏھن اسان پنيٺي سان ڀرپور کاڌا نٿا کائون تہ جسم ۾ رت جي کوٽ جو مسئلو ڪر کڻي ٿو. پنيٺي جي کوٽ رت جي ڳاڙھن ذرڙن کي بالغ ٿيڻ نٿي ڏئي. ڳئون جو گوشت ۔ چانور ۔ پالڪ ۔ منڱ ۔ سرخ لوبيا وغيرھ اھڙا کاڌا آھن جيڪي پنيٺي سان ڀرپور ٿين ٿا. انهن کاڌن کان علاوا رتول پٿ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء پنيٺي جو سپور استعمال ڪري سگهون ٿا.
فولاد جذب ڪرڻ وارا کاڌا:
فولاد جي کوٽ رتول پٿ جي وڏي کوٽ آھي. جيرو ۔ گوشت ۔ پالڪ ۔ بادام ۔ کجور ۔ جون ۾ فولاد جي وافر مقدار موجود ٿئي ٿي. فولاد مناسب مقدار ۾ وٺڻ کپي ڇوجو وڌيڪ مقدار ۾ وٺڻ سان نقصان ٿي سگهي ٿو.
رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء جتي فولاد وارا کاڌا کائڻ ضروري آھن اتي اھڙا کاڌا بہ کائڻ گهرجن جيڪي جسم ۾ فولاد کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڌائن.
وٽامن سي سان ڀرپور کاڌا جيئن ڪينو ۔ مالٽا ۔ موسمي ۔ زيتون ۔ ساون پنن واريون سبزيون وغيرھ اسان جي جسم ۾ فولاد کي جذب ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت وڌائن ٿيون.
توھان وٽامن اي مڇي ۔ ڪدو ۔ سفيد گجر ۽ ڪيلا کائي سگهجن ٿا. اھڙيون سبزيون ۽ ميوا جن جو رنگ ڳاڙھو ۔ پيلو ۽ مالٽائي ھجي انهن مان بيٽا گجرو حاصل ڪري سگهجي ٿو جيئن گجر ۔ حلوو ۔ ڪدو ۔ سفيد گجر ۔ ڪدو ۔ انب وغيرھ.
رتول پٿ کي وڌائيندڙ شيون:
کجور:
کجور کائڻ سان فولاد Iron جي سطح وڌي ٿي جنھن سان رت جا ڳاڙھا جزا وڌيڪ اوسر وٺن ٿا ۽ جسم ۾ رتول پٿ جي کوٽ پوري ٿي وڃي ٿي پر کجور جي حوالي سان شڳر جي مريضن کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي.
ڏاڙھون:
رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ڏاڙھون بھترين ميوو آھي جنھن ۾ فولاد ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن بي ۔ وٽامن سي ۽ وٽامن اي موجود ٿين ٿا. ھن ۾ موجود سانڌ تيزاب Ascorbic acid جسم ۾ فولاد وڌائي رت جي کوٽ کي پورو ڪري ٿو. روزانو ڏاڙھون کائڻ يا ڏاڙھون جي شربت پيئڻ سان رت جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.
ڪيلا:
ڪيلا فولاد سان ڀرپور ٿين ٿا جيڪي رت ۾ رتول پٿ جي ٺھڻ جي عمل کي تحرڪ ڏين ٿا. ڪيلن ۾ پوٽيشم ھئڻ ڪري فولاد جسم جو جلدي حصو ٿي وڃي ٿو.
صوف:
صوف فولاد سان ڀرپور ٿئي ٿو جيڪو رتول پٿ جي ٺھڻ جي عمل کي تيز ڪري ٿو. روزانو ھڪ صوف کائڻ سان رت جي کوٽ ڪافي حد تائين پوري ٿي وڃي ٿي پر صوف کي ھڪ وقت نہ کائجي، 4 ٽڪڙا ڪري وقفي وقفي کائجي.
خشڪ الوبخارا:
خشڪ الوبخارا رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ھاڪاري اثر مرتب ڪن ٿا. ھي وٽامن سي ۽ فولاد سان ڀرپور ٿين ٿا جيڪي رتول پٿ کي وڌائن ٿا، گڏ گڏ معدنيٺي Magnesium کي پيدا ڪن ٿا. معدنيٺو جسم ۾ آڪسيجن جي رسد کي پھچائڻ ۾ مدف ڪري ٿو.
مالٽا:
جسم ۾ فولاد وٽامن سي جي مدد کان سوا مڪمل طور تي حل ۽ جذب نٿو ٿئي ان ڪري مالٽي جو استمال وٽامن سي ۽ رت جي کوٽ کي ھڪ وقت پورو ڪري ٿو.
رت انساني جسم ۾ آمدرفت ۔ بچاء ۽ باقائدگي جھڙا 3 اھم ڪم ادا ڪري ٿو. انساني جسم ۾ رت جي کوٽ انساني جان لاء خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن جسم ۾ رت جي مقدار کي وڌايو وڃي تہ رت جي کوٽ پوري ٿي سگهي ٿي. رتول پٿ اھڙي پروٽين آھي جيڪا رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ پاتو وڃي ٿو ۽ رت جي سرخ ذرڙن جي ذميداري ٿئي ٿي تہ اھي جسم جي تمام عضون تائين آڪسيجن کي پھچائين ۽ جسم مان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ وصول ڪري خارج ڪن.
رتول پٿ کي نقصان پھچائيندڙ شيون:
ڪي اھڙيون شيون ٿين ٿيون جيڪي جسم کي فولاد جذب ڪرڻ کان روڪين ٿيون. فولاد کي جذب ٿيڻ کان روڪڻ واريون شيون ھي آھن.
ڪافي
چانھن
نرم مشروب
ڪئلشم سان ڀرپور کاڌا جيئن ڊيري پراڊڪٽ جو شيون