Saturday 29 June 2019

ڏيما - چھري جا ڪيڙا Demodex folliculorum 💎اصغر ساگر💎

ڇا توھان ڄاڻو ٿا تہ انساني چھري جي پورن ۾ اٺ پيرا ڪيڙا رھن ٿا. ھي ڪيڙا چھري مان نڪرندڙ سڻڀ تي گذارو ڪن ٿا ۽ پنھنجي نسل کي وڌائن ٿا. ھنن ڪيڙن کان نجات حاصل ڪرڻ لاء ڪجھ بہ ڪري نٿو سگهجي.
ھنن ڪيڙن کي ڏيما Demodex folliculorum چئجي ٿو. ھنن جي شڪل ڪوريئڙي سان ملي ٿي. ھي ڪيڙا انساني چمڙي خاص طور تي چھري جي تھ ۾ رھن ٿا. ھنن ڪيڙن جي پيمائش 0.3 ملي ميٽر ٿئي ٿي. ھي ڪيڙا وارن جي اڳيل تھن ۾ رھن ٿا. ھي چھري جي سڻڀن غدودن تي زندھ رھن ٿا جيڪي چمڙي کي خشڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاء خارج ڪن ٿا يعني اھڙن ڪيڙن جي وڌيڪ تعداد چھري جي سڻڀن حصن اک ۔ منھن ۽ نڪ لڳ پاتي وڃي ٿي.
اسان سڀن جي چھري تي اھڙا ڪيڙا ٿين ٿا جن کي رڳڙڻ سان ختم ڪري نٿو سگهجي پر اسان جو مدافعتي نظام انهن کي وڌڻ نٿو ڏئي. 
جڏھن ڏيمن جي تعداد وڌي ٿي تہ اھڙي حالت کي Demodicosis چئجي ٿو. ڏيمن جي شڪار ماڻهن جي حالت الڳ ٿئي ٿي ان حالت کي اسان ڏيميٺ  Demodex frost چوندا آھيون. 
وڏي حيرت جي ڳالھ تہ ٻارن جو چھرو ڏيمن کان پاڪ ٿئي ٿو پر ماڻھن جي انهن جي چھري تي ڇھڻ سان ڏيمن جي ڪجھ تعداد موجود ٿي وڃي ٿي. 10 سالن جي ٻارن جي چھري تي ڏيما گهٽ ٿين ٿا پر 10 سالن کان مٿي ٻارن جي چھري تي ڏيما اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا. 
جڏھن توھان سمهو ٿا تہ ڏيما ٻاھر نڪري پنھنجي نسل جي افزائش ڪن ٿا. ھي چمڙي جي تھ ۾ آنا لاھن ٿا.

اپاء :-
منھن کي ڪلينر سان 2 دفعا ڌوئجي.
چھري تي سڻڀ واري ڪابہ شي نہ ھڻجي ڇوجو ائين ڪرڻ سان ڏيمن کي سڻڀ مان کاڌو ملندو ۽ وڌندا.
منھن تي ڪيلي جي اندرين کل جو ڳر وارو حصو ھڻجي چمڙي تان مئل گهرڙا لھي ويندا ۽ ڏيمن جي افزائش رڪجندي. ڪيلي جي کل چمڙي کي بھترين نموني چمڪائي ٿي جو ماڻھو خوبصورت نظر اچڻ لڳي ٿو.
انگوري سرڪي ۾ پاڻي ملائي منھن کي لائجي نتيجو نڪرندوڇوجو ڪيڙا سرڪي کان ڀڄن ٿا.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment