Thursday 20 June 2019

ڳڍڙي Muscle cramp 💎زبيدہ جوڻيجو ۔ اصغر ساگر💎

ڳڍڙي جسم جي ڪنھن بہ حصي جي مشڪ Muscle ۾ پوي ٿي ۽ تمام تڪليف ڏيندڙ ھوندي آھي . ھي گھڻو ڪري ٽنگن جي مشڪن Calf muscles ، ھٿن، پيرن جي آڱرين، پيٽ ، پٺيءَ ۽ ڪنڌ جي مشڪن ۾ پئجي سگھي ٿي.
اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ ڳچي ۾ موجود پيراٿا غدود Parathyroid glands ڪئلشم جي گهرڙبدليت تي ضابطو رکن ٿا. پيراٿا غدود ڇا آھن اچو تہ سمجهون.
The parathyroid glands are four tiny glands, located in the neck, that control the body's calcium levels. Each gland is about the size of a grain of rice (weighs approximately 30 milligrams and is 3-4 millimeters in diameter). The parathyroids produce a hormone called parathyroid hormone (PTH).
پيراٿا غدود ڳچي ۾ واقع چار ننڍڙا غدود ٿين ٿا جيڪي جسم جي ڪئلشم جي سطح کي ضابطي ۾ رکن ٿا. ھر ھڪ غدود لڳ ڀڳ چانور جي داڻي جيترو ٿئي ٿو ( وزن ۾ 30 ملي گرام ٿئي ٿو ۽ 3 کان 4 ملي ميٽر قطر ۾ ٿئي ٿو ). پيراٿا ھڪ ھارمون پيدا ڪن ٿا جنھن کي پيراٿو ھارمون سڏجي ٿو.
جڏھن ھي غدود وڌي وڃن ٿا تہ ھڏين مان ڪئلشم وڌيڪ مقدار ۾ خارج ٿي رت ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. رت ۾ وڌيڪ ڪئلشم اچڻ ڪري عضون ۾ ٿڌاڻ غالب ٿي وڃي ٿي ۽ نتيجي طور آڪڙ ۽ ڇڪ پيدا ٿئي ٿي جيڪا ڳڍڙي جو سبب بنجي ٿي.
پر غور لائق ڳالھ آھي تہ ھن غدود مان ڪئلشم خارج ڪرڻ لاء ھارمون خارج ڇو ٿا ٿين ۽ انهن کي خارج ڪير ڪرائي ٿو؟
ياد رھي تہ پيراٿن غدودن مان ھارمون جو خارج ٿيڻ جسم جي تابع آھي ۽ جڏھن رت ۾ ڪئلشم جي مقدار گهٽ ٿي وڃي ٿي تہ جلد جسم پيراٿن غدودن کي تحريڪ ڏيئي ھڏين مان ڪئلشم کي خارج ڪرائي ٿو.
ڪئلشم جي وڏي مقدار جيڪا جسم مان جذب ٿيڻ بجاء ڦوڳ مان خارج ٿئي ٿي روزانو 4 سو کان 8 سو ملي گرام خارج ٿئي ٿي پيشاب جي ذريعي بہ ڪئلشم خارج ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ روزانو 2 کان 4 سو گرام ڪئلشم پيشاب ذريعي خارج ٿئي ٿي. اسان کي اھا ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي تہ پگهر ذريعي بہ ڪئلشم خارج ٿئي ٿي.
ڳڍڙيون پوڻ ھڪ معمولي علامت آھي پر اڳتي ھلي خطرناڪ مرض جنم وٺن ٿا. ڪئلشم جي کوٽ عضون تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ دل جي عضون کي متاثر ڪري ٿي. ڪئلشم جي کوٽ دل جي فعل کي متاثر ڪري دل جي دوري جو سبب بنجي ٿي.

ڳڍڙي جون نشانيون :-
بي چيني
ننڊ نہ اچڻ
ساھ منجهڻ
اعصابي دٻاء
ويسر
وقتي طور تي ٿڌ محسوس ٿيڻ
ھر وقت غنودگي رھڻ
عورتن ۾ ليڪوريا
مردن ۾ جريان
وڌيڪ ڪمزوري محسوس ٿيڻ
سيني ۾ جلن
دماغي دورا

ڳڍڙي جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيماريون :-
ھڏين جو ڪمزور ٿيڻ
رت جو دٻاء
ڇاتي ۽ انڊي جو ڪينسر ٿيڻ
عضون جي ڪمزوري
سوڪھڙو    Rickets

ڳڍڙي جا سبب :-
ٽنگن جي رڳن ۾ رت جو دورو صحيح ڪم نہ ڪري ( خاص ڪري شگر ۽ بلڊ پريشر جي مريضن ۾ )  .
تمام گھڻي محنت واري ورزش ڪرڻ سان به ٽنگن جون مشڪون ڇڪجڻ لگنديون آھن .
ٽنگن کي ڊگھيري سيٽ تاڻ Streching جي عادت نہ ھجڻ جي ڪري بہ مشڪون Muscles سولائي سان ڳڍڙي ۾ وٺجي وينديون آھن. 
گرم موسم ۾ گھڻو ڪم ڪرڻ.
مشڪن جو ٿڪجي پوڻ Muscle fatigue.
جسم ۾ خشڪي (پاڻي جي کوٽ) Dehydration. 
مئگنيشئم يا پوٽاشيم جي کوٽ.
 ڪنڌ يا پٺيءَ جي ڪرنگھي جي ھڏي يا نسن Nerves تي ڪو دٻاء.

بڪين جون بيماريون.
چانھن ۽ ڪيفين واريون شيون گهڻو استعمال ڪرڻ.
خانداني منصوبابندي جون ٽڪيون استعمال ڪرڻ.
پيشاب آور شين جو استعمال ڪرڻ.
کنڊ گهڻي استعمال ڪرڻ.
وٽامنن جو وڌيڪ واھپو.

اپاء :-
ڳڍڙين کان بچڻ جو جو طريقو اھو آھي تہ اھڙو کاڌو کائجي جنھن ۾ وٽامن ۽ مئگنيشم گھڻو ھجن.
گھڻو پاڻي پيئجي.
لوڻ گهٽ استعمال ڪجي.
روزانو ورزش کان اڳي يا عام طور تي بہ سيٽ تاڻ Streching ڪندو رھجي ان سان مشڪن ۾ ڳنڍڙيون گھٽجي وينديون.
ڳڍڙي واري کي سرد خشڪ ۽ خشڪ سرد شين جو استعمال ڪرڻ کپي.
وٽامن سي واريون شيون استعمال ڪرڻ گهرجن.
پوٽيشم يا مئگنيشم واريون شيون استعمال ڪرڻ کپن. ياد رھي مئگنيشم يا پوٽاشم وارن  ميون خاص طور ڪيلن ۾ ،  خشڪ ميون  ۽ ساين ڀاڄين گوبي مٽر وغيره ۾ گھڻو ٿئي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment