Wednesday 19 June 2019

ڇوھو ھلڻ To walk fast 💎 اصغر ساگر💎

ڪي ڪي ماڻهو ڇوھا ھلندا آھن. خبر ئي نہ پوندي آھي رستي تي ڪيترن ماڻهن وٽان گذري اڳتي نڪري وڃن ٿا. انهن ۾ چستي ڦڙتي محرڪ سرگرمي طور موجود رھي ٿي. ڇوھو ھلڻ اعصابي تحرڪ پڻو ڏيکاري ٿو. ڇوھي ھلڻ وارا پوڙھائپ ۾ بہ جسماني طرح فٽ فاٽ رھن ٿا. تيز ھلڻ سان 15 سال تائين عمر وڌي ٿي. ڪجھ ماڻهن جي عادت ھوندي آھي جو اھي تيز وکن سان ھلن ٿا. سفر ھجي يا چاھي ڪاڏي وڃڻ ھجي پر اھي تيز نموني ھلن ٿا. برطانيا جي ليسٽر يونيورسٽي مطابق جيڪي ماڻهو تيز ھلڻ جا عادي ٿين ٿا انهن جي عمر وڌيڪ ٿئي ٿي. اھڙو تجربو 44 لک 19 ھزار 9 سو اوڻيھ ماڻهن تي ڪيو ويو. تحقيق مان پتو پيو تہ تيز وک ھلڻ وارا ماڻھو ٻين کان 15 سال وڌيڪ عمر ماڻن ٿا.
سائنسدانن مطابق اسان جي تحقيق ۾ شامل تقريبن 52 سال عمر وارا ھيا. انهن تيز وک ھلندڙ عورتن جي عمر 86.7 کان 87.8 جي درميان ھئي. ان جي ابتڙ سست رفتار سان ھلندڙ مردن جي سراسري عمر 85.2 کان 86.8 ھئي ۽ سست رفتار سان ھلندڙ مردن جي سراسري عمر 64.8 ۽ عورتن جي 72.4 ھئي. تحقيقاتي ٽيم جي رپورٽ مطابق تيز وک ھلڻ سان دل جي صحت بھترين رھي ٿي ۽ دل جون بيماريون گهٽ رھن ٿيون ۔ ٿلهي ٿيڻ جا امڪان گهٽ رھن ٿا ۔ انهن سببن جي نتيجي جي ڪري تيز وک رفتار ھلندڙ ماڻھن جي عمر وڌيڪ ٿئي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment