Wednesday, 29 January 2020

سُفيڻ Pectin 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ٻوٽن جي حَياتيات ۾ سُفيڻ گهڻ مِٺاستي جو پيچيدھ سيٽ رکي ٿو جيڪو گهڻو ڪري ابتدائي گَهرڙڀتين ۾ موجود ٿئي ٿو ۽ خاص ڪري زميني ٻوٽن جي بي ڪاٺ حصن ۾ گنج ٿئي ٿو. سُفيڻ وچئين پرت جو اھم جزو آھي جتي اھو گهرڙن کي ٻڌڻ ۾ مدد ڪري ٿو پر اھو ابتدائي گهرڙڀتين ۾ پڻ موجود ٿئي ٿو. سُفيڻ گوڄار ۾ پيدا ٿيندڙ ڦڦولي رستي جيوٺاڻ ذريعي گهرڙي جي ڀت ۾ جمع ٿئي ٿو.
In plant biology, pectin consists of a complex set of polysaccharides that are present in most primary cell walls and are particularly abundant in the non-woody parts of terrestrial plants. Pectin is a major component of the middle lamella, where it helps to bind cells together, but is also found in primary cell walls. Pectin is deposited by exocytosis into the cell wall via vesicles produced in the golgi.
نوٽ :- پيڪٽن جا 2 نالا آھن: ھڪ سفيڻ ٻيو سفيدو. سفيڻ جزو آھي جيڪو ٻوٽن ۾ پاتو وڃي ٿو جڏھن تہ سفيدو ست آھي جيڪو ٻوٽن مان ڪڍيو ويندو آھي.

Pectin      سُفيڻ ۔ سفيد مادو

سُفيدو                Pectin

پيچيدھ سيٽ  Complex set

saccharide        مٺاستو

مٺاستا       Saccharides

Poly                گهڻ ۔ گهڻا ۔ ججها

Polysaccharides گَهڻ مٺاستا

گَهرڙ ڀتيون ۔ گهڙي جون ڀتيون   Cell walls

Particularly   خاص طور تي

گنج ۔ گهڻو  Abundant

Non-woody parts  بي ڪاٺ حصا

زميني     Terrestrial

Component   جزو ۔ جز

پرت  Lamella
Primary cell walls
ابتدائي گهرڙڀتيون ۔ ابتدائي گهرڙي جون ڀتيون

Cytoplasm
جِيوٺ ۔ جِيوپاڻيٺ ۔ جِيوڳار ۔ جيوڳر ۔ جيوڳ ۔ جيوجيل ۔ جيومواد

Exocytosis
جِيوٺاڻ ۔ جِيوٺ Cytoplasm جو مرحلو

ڦڦولا ۔ ڦڦڙا Vesicles

Golgi
 گوڄار ۔ ھڪ ڄار جيڪو جسماني گهرڙي جي مرڪز ويجهو نظر اچي ٿو.

حرڪيرو ۔ رسوبو Harmone 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
حَرڪيرو ھڪ ڪيميائي مادو آھي جيڪو اڪثر طور مَنجهاري غدود ۾ خاص گهرڙن جو ٺھيل آھي ۽ اھو جسم جي ٻئي حصي ڏي پيغام ڏيڻ لاء رت جي دوري ۾ نڪري ٿو. انهي کي اڪثر ڪري ڪيميائي پَرچارڪ طور سڃاتو وڃي ٿو.
A hormone is a chemical that is made by specialist cells, usually within an endocrine gland, and it is released into the bloodstream to send a message to another part of the body. It is often referred to as a 'chemical messenger'.

Hormone حَرڪيرو ۔ رَسُوبو ۔ رَسُوپو

ڪيميائي مادو Chemical

Specialist cells  خاص گهرڙا

Endocrine gland
مَنجهارو غدود ۔ مَنجهانتو غدود ۔ اَندريون وار جھڙو غدود ۔ اندريون تنتي غدود

To be released  نڪرڻ ۔ خارج ٿيڻ

Bloodstream       رت جي وھڪ ۔ رت جو دورو

Chemical messenger ڪيميائي پَرچارڪ

To be referred to as sth
ڪنھن شي طور سڃاتو وڃڻ ۔ ڪنھن شي طور ڄاتو وڃڻ

پنوٺو ۔ پنيٺو Folate 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پنوٺو جيڪو وٽامن بي9 ۔ پنيرو تيزاب ۽ پنوٺيڻ طور ڄاتو وڃي ٿو اھو وٽامن B مان ھڪ آھي. پنيرو تيزاب جڙي ٿو جيڪو جسم ذريعي پنوٺي ۾ تبديل ٿئي ٿو، اھو غذائي سپور ۽ کاڌي مضبوطيت طور استعمال ٿئي ٿو ڇوجو اھو مرحليڪاري ۽ ڪٺائي دوران اھو وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو.
Folate, also known as vitamin B₉ , Folic acid and folacin, is one of the B vitamins. Manufactured folic acid, which is converted into folate by the body, is used as a dietary supplement and in food fortification as it is more stable during processing and storage.

Folate۔ Folic Acid ۔ Folacin ۔ Vitamin B9
پنوٺو ۔ پنيٺو ۔ پنيرو تيزاب ۔ پنارو تيزاب ۔ پنوٺيڻ ۔ پنوٺاڻ ۔ وٽامن B9

Folate پنوٺو ۔ پنيٺو

پنيرو تيزاب ۔ پنارو تيزاب  Folic acid

Folacin  پنوٺيڻ ۔ پنوٺاڻ

غذائي سپور Dietary supplement

Fortification  مضبوطيت ۔ استحڪاميت

مضبوط ۔ مستحڪم  Stable

Processing  مرحليڪاري

ڪٺائي   Storage

By Asghar Sagar

Saturday, 25 January 2020

ڪرونا وائرس Coronavirus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

اڄڪلھ چين جي شھ ووھان Wuhan جنھن جي آبادي نيويارڪ ۽ لنڊن کان وڌيڪ آھي اتي 11 ملين ماڻهو وسن ٿا، اھي ھڪ خطرناڪ وائرس ڪرونو وائرس يا تاجو وائرس Coronavirus جي گهيري ۾ اچي ويا آھن. پوري شھر جو نظام مفلوج آھي بسون ۔ ٽرڪون ۽ ايئرپورٽ سڀ بند آھن. سڄي شھر جا ماڻهو گهرن ۾ واڙيل آھن. گڏوگڏ ھن جي ڀر وارا ٻہ شھر ڪرونو وائرس جي لپيٽ ۾ اچي چڪا آھن. وڏي خطري جي ڳالھ اھا تہ ھن وائرس جون نشانيون مليل جليل آھن، ان ڪري ھن وائرس کي معلوم ڪرڻ وڏي للڪار آھي.
ھن وقت دنيا جون نظرون چين تي آھن ڇوجو ھي وائرس پکڙجي ٿو تہ دنيا کي ھڪ ٻئي اسپيني نمونيا Spanish flu جو مقابلو ڪرڻو پوندو جنھن 1918ع ۾ 500 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو ھو ۽ 50 ملين ماڻهو پنھنجون جانيون وڃائي ويٺا ھئا جنھن ۾ ھڪ ملين ماڻهو ماڻهو آمريڪا جا متاثر ٿيا ھئا.
چين جي ڪرونو وائرس جو سبب چمڙو ۔ ڪئو ۔ نانگ يا سوئر ٿي سگهي ٿو ڇوجو چين جا ماڻهو دنيا جو ھر جانور کائن ٿا. ھتي نانگ ۔ ڪتو ۔ ٻلو ۔ گڏھ ۔ چمڙو ۽ ڪوئو وغيرھ سندن غذا جو حصو آھن. ظاھري ڳالھ آھي تہ ايتري وڏي عوام کي گذاري لاء ھر مخلوق کي کائڻو پوي ٿو.
ڪرونا وائرس ھڪ خورد وائرس آھي جنھن کي خوردبين سان ڏسي سگهجي ٿو. ھي اڌ گول وائرس اڀار سان ائين لڳي ٿو ڄڻ تاج ھجي انهي ڪري ھن وائرس کي ڪرونا وائرس جو نالو ڏنو ويو آھي ڇوجو لاطيني زبان ۾ تاج کي ڪرونا چئجي ٿو. ھي وائرس خنزير ۔ ڪئي ۽ ڪڪڙ ۾ پاتو وڃي ٿو. چين ۾ ھنن جانورن جي رسوب کي پيتو وڃي ٿو جتان ھي وائرس پکڙيو ۽ رڪڻ جو نالو نٿو وٺي. ھي وائرس ماڻهو کان ماڻهو تائين پکڙجي ٿو جنھن ڪري ھي وائرس شڪل تبديل ڪري انسانن جي صحت کي متاثر ڪري ٿو ۽ ڪندو رھي ٿو. ھن تبديل ٿيندڙ وائرس جا 13 قسم آھن جيڪي انسان ۾ منتقل ٿي کيس ماري سگهن ٿا. ھن سال چين جو شھر ووھان ھن وائرس کان پوري طرح متاثر ٿيو آھي جيڪو نئون وائرس آھي.
ڪرونا وائرس جا ڪل 13 قسم آھن پر انهن ۾ 7 وائرس انسانن کي متاثر ڪن ٿا. ھي وائرس مڇي ۔ ٻلي ۔ ڪتي ۔ چمڙي ۔ ڪوئي ۔ ڳئون ۔ اٺ ۔ ٻڪري ۔ سوئر ۽ نانگ ۾ پاتو وڃي ٿو يا جيڪڏھن ڪنھن جانور ۾ موجود آھي تہ ان جو پتو نٿو پوي. ھي جراثيم جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو پر ھي پھريون دفعو آھي جو انسانن کان انسانن ۾ منتقل ٿيو آھي. ھي وائرس تغير رکي ٿو. ھڪ دفعو انساني گهرڙن ۾ داخل ٿيڻ سان جلدي اتي پنھنجي تبديلي ڪري ٿو جنھن جي ڪري اڃان وڌيڪ مھلڪ ۽ خطرناڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ٻين انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو. 
چين جي صحت جي شعبي ظاھر ٿيندڙ وائرس جو ڄڻوٺو Genome تيار ڪري دنيا جي سامهون رکيو آھي پر ھن مھل تائين ڪابہ ويڪسين يا دوا تيار ناھي ٿي سگهي. ھي وائرس 2019 ۾ رونما ٿيو آھي. ھن وائرس جي ڪري شھر ووھان جا 75 سيڪڙو ماڻهو متاثر ٿيا آھن. 885 ماڻهو مئا آھن ۽ ھزارين ماڻهو متاثر ٿيا آھن.
ووهان چين جي وڏي شهر شنگهائيء جي ڀرسان هڪ تجارتي مرڪز ۽ گوشت جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي جتان ھي وائرس پکڙيو آھي. سڀ کان پهرين جيڪي ماڻهو ان شڪايت سان گڏ اسپتال پهتا هئا، انهن جو تعلق مقامي هول سيل مڇي مارڪيٽ سان هو جتي مرغيون، گڏھ، لومڙيون، اٺ، ڪوئا، ٻليون، چمڙا ۔ بگهڙ ۔ سوئر ۽ ٻيا جانور موجود هوندا آهن. سائنسدانن جي تحقيق ۾ معلوم ٿيو آھي تہ تاجي وائرس جي ھي نئين قسم نانگ مان پکڙي آھي جنھن کي بازار ۾ زندھ چمڙن ۔ ڪوئن سان گڏ رکيو ويو. چين ۾ ڪئي ۔ نانگ ۔ سوئر ۽ چمڙي جو رسوب شوق سان پيتو وڃي ٿو. 
سائنسدانن مطابق ھي وائرس انهن جانورن کان پکڙجي ميون ۽ سبزين ۾ آيو ھوندو جيئن انهي کان  اڳ سارس وائرس پکڙجي ھاڃا ڪيا ھئا. نوٽ ڪجي تہ ھنن وائرسن ۾ ٽي خطرناڪ ٽي وائرس ٿين ٿا جيڪي تمام موتمار ٿين ٿا.

(1) مرس    Middle east respiratory syndrome 
ھي مرس وائرس اوپر وچ جي علائقن ۾ پکڙيو. ميرس وائرس 2012ع ۾ اٺ مان پکڙيو جنھن جي ڪري 858 ماڻهو مئا ۽ 2404 ماڻهو متاثر ٿيا.

(2) سارس  Sever acute respiratory syndrome
ھن کان اڳ سارس وائرس  جي ڪري 774 ماڻهو مئا ۽ 8 ھزار متاثر ٿيا. مرس وائرس ھن کان وڌيڪ موتمار ثابت ٿيو.

(3) نڪو وائرس  nCoV 2019
نڪو وائرس (نوول ڪرونا وائرس) nCoV 2019 نڪو وائرس چين ۾ وبا جيئن پکڙيو آھي. نڪو وائرس ساھ جي نالي تي حملو ڪري ساھ جي ھيٺئين نظام کي متاثر ڪري ٿو جنھن سان موتمار نمونيا Flue ٿي سگهي ٿي.
ھي وائرس جڏھن حملو ڪري ٿو تہ ماڻهن ۾ بدھضمي ۔ سردي لڳڻ ۔ بخار ۽ کنگھ جي شڪايت ٿي وڃي ٿي ۽ اھي شڪايتون چين جي شھر ووھان ۾ عام جام نظر اچن ٿيون.
نزلي زڪام بخار کان شروع ٿيندڙ اها بيماري نمونيا تي پهچي ٿي گڙدا ختم ٿي وڃن ٿا بر وقت علاج نہ ٿيڻ جي ڪري موت ٿئي ٿو. ان وائرس جو علاج ڪونهي.
جيڪڏھن ھي وائرس جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي تہ ان جو علاج سولو آھي پر جڏھن انسانن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو تہ جينياتي ڪوڊ تبديل ڪري خطرناڪ ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن خبر پئجي وڃي تہ ڪرونو وائرس ڪھڙي جانور مان پکڙيو آھي تہ علاج سولو ٿي وڃي ٿو. بر وقت نمونيا ۽ ڪڊني فيليوئر جو علاج ٿئي تہ مريض جي زندگي بچائي سگهجي ٿي. انهن ماڻهن جي حرڪت کي ان شھر تائين محدود ڪيو ويو آھي کين ٻاھر ٻين شھرن يا ملڪن ڏي سفر کان روڪيو ويو آھي ڇوجو ھي وائرس پکڙجي سگهي ٿو.

چينين جا ڪرونزدھ کاڌا:-
چينين جا 2 پسنديدھ کاڌا آھن.
چمڙو
ڪوبرا نانگ
ڪئو
ٽنهي شين جا کاڌا چيني شوق سان کائن ٿا. سردي ۾ چمڙي جو رسوبو چينين جو من پسند رسوبو آھي.
2020 سال کي چينين جو پسنديدھ سال سڏيو وڃي ٿو ڇوجو ھن سال چينين وڌ ۾ وڌ ڪئا کاڌا جنھن جي ڪري ڪرونا جي وڌڻ جا سو فيصد امڪان وڌي ويا. چيني ڪوئن جي ڀاڄي کائن ٿا پر زندھ ڪئا کائڻ بہ ھنن جي شوق ۾ شمار ۾ آھي. ڪوبرا نانگ ۔ چمڙو ۽ ڪئو ٽئي ڪرونا وائرس پيدا ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا.

ڪرونا وائرس نمونيا جو قسم:-
ڪرونا وائرس ھڪ قسم جي وبائن جو گروپ آھي جيڪو کير ڏيندڙ جانورن ۽ پکين جي ڪري بيماري جو سبب بنجي ٿو. ابتدائي طور تي ھي وائرس 1960 ۾  دريافت ٿيو. ھن جي ڄيڻو ٺي ماپ Genomic size ڇويھ ڪلو کان ٻٽيھ ڪلو بنياد آھي.  جيڪو آر اين اي وائرسن ۾ سڀ کان وڏو آھي. ھي ڳئون ۽ خنزير ۾ ڊائريا ۽ ڪڪڙين ۾ ساھ جي بيماري جو سبب بنجي ٿو. ھن وبا جا ست قسم انسانن جي ساھ ۾ بيماري جو سبب بنجن ٿا. ھن وائرس جي اڃان تائين ڪابہ دوا يا ويڪسين ايجاد ناھي ٿي.
جيئن تہ ھي وائرس نمونيا سان واسطو رکي ٿو ان ڪري ڪابہ جيوروڪ Antibiotic فائدو نہ ٿي ڏئي. جيتري پاڻيٺ جسم ۾ موجود ھوندي اوترو ھن وائرس کان بچاء ممڪن آھي ان ڪري اسپتالن ۾ ھن وائرس جو مريض داخل ٿيندو آھي ان جي جسم جي پاڻيٺ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ورندي آھي. ھن وائرس مان اھو مريض چاڪ ٿيندو جنھن ۾ مدافعت وڌيڪ ھوندي. اڪثر اھي ماڻهو ھن وائرس ۾ مئا آھن جن جي عمر 50 سالن کان مٿي ھئي.

ڪرونا وائرس جو پکڙجڻ:-
ڪرونا وائرس وات ۽ نڪ زريعي ڦڦڙن ۾ پھچي ساھ جي سرشتي ۾ ھڪڙو ميزبان گهرڙو Host cell ڦاڙي ڪري ٿو. اھو ميزبان گهرڙو ٻين جزن کي نقصان پھچائي ڦڦڙن ۾ سوڄ پيدا ڪري ٿو جنھن سبب ڦڦڙن جي رت جي وھڪ Blood stream ۾ آڪسيجن شمار ڪرڻ وارو نظام متاثر ٿيڻ سبب موت واقع ٿيو پوي.
ھن وائرس جي انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ سان خسري وانگر ڳاڙھا داڻا جسم تي نڪرن ٿا يا متاثر ماڻهو نمونيا ۔ بخار ۔ کنگھ ۔ ڪلهي جي سور ۽ مٿي جي سور ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. ھن وائرس سبب دنيا جي ڪافي ملڪن چائنہ جي ماڻھن جي داخلا تي پابندي مڙھي ڇڏي آھي.

علامتون:-
تاجو وائرس نزلي جي علامت کان شروع ٿئي ٿو ۽ مريض جي موت جو سبب بنجي ٿو. نزلي ٿيڻ شرط بخار ٿي وڃي ٿو ۔ ڦڦڙن کي متاثر ڪري ٿو ۔ ڳلي ۽ مٿي ۾ سور پوي ٿو ۔ ساھ جي نالي جو مسئلو شديد ٿي وڃي ٿو. ڪروني وائرس جي جينياتي رمز مان معلوم ٿيو آھي تہ ھي سارس سان ملي ٿو.
جيڪڏھن ھي وائرس جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي تہ ان جو علاج سولو آھي پر جڏھن انسانن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو تہ جينياتي ڪوڊ تبديل ڪري خطرناڪ ٿي وڃي ٿو.

سبب:-
ھي وائرس چئن سببن جي ڪري پکڙجي ٿو.
(1) وائرس جي نئين قسم ھجي.
(2) ھي وائرس حيوان کان انسان ۾ نفوذ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
(3) ھي وائرس انسان ۾ مرض پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
(4) ھي وائرس انسان کان انسان تائين پکڙجي ٿو.
ھي وائرس جلدي دنيا ۾ پکڙجي رھيو آھي ۽ نمونيا جي وبا طور ھڪ مھيني ۾ ڪافي ملڪن ۾ پنجا کوڙي چڪو آھي.
ھي وائرس ووھان شھر کان ٿي جاپان ۔ ٿائيلينڊ ۔ سنگاپور ۽ آمريڪا ۾ اچي چڪو آھي. پوري دنيا ۾ ۽ پاڪستان ۾ بہ چين جي ماڻهن جي اسڪيننگ ڪئي پئي وڃي.

وائرس جو حل:-
ھن وائرس جو ڪوبہ علاج ناھي ان ڪري جتي ڪرونا وائرس جتي پکڙجي ٿو ماھر ان علائقي کي سيل ڪن ٿا ڇوجو ھي ساھ وسيلي آساني سان ٻئي شخص ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. ائين ساھ جي زنجيري وسيلي گهڻا ماڻهو ان جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

احتياط:-
وري وري صابڻ سان ھٿ ڌوئجن
سردي ۽ زڪام جي مريض کان پري رھجي 
کنگهڻ ۽ نڇن ڏيڻ وقت منھن کي ڪپڙي کان ڍڪجي.
کاڌي کائڻ کان پھرين ۽ پوء ھٿن کي ڍڪجي.
کاڌي کي چڱي ريت پڪائجي ۽ ڪچو رھڻ نہ  ڏجي.
مريض جي اک ۔ چھري ۽ وات کي ڇھڻ کان روڪجي.

اپاء:
ڳلي کي خشڪ ٿيڻ نہ ڏجي.
گرم پاڻي پيئجي.
ھجوم کان پاسو ڪجي.
منھن تي ماسڪ اوڙھي رکجي.
ھٿ وري وري ڌوئجن.
گوشت نہ کائجي.
ماڻهن کان ھڪ ميٽر پري رھجي.
ٿورو ٿورو پاڻي پيئندو رھجي.
By Asghar sagar

Sunday, 19 January 2020

ڄَڻ - اَڍ Gene 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
حياتيات ۾، ڄَڻ Gene ڊي اين اي DNA يا آر اين اي RNA جو سلسلو آھي جيڪو ڄڻ اپت Gene product يا آر اين اي يا پروٽين جي ترڪيب کي ڪوڊ ۾ لکي ٿو. جين سازي Gene expression دوران ڊي اين اي پھرين آر اين اي ۾ نقل ٿئي ٿو. آر اين اي سڌو ڪارجي ٿي سگهي ٿو يا پروٽين لاء درمياني سانچو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪم کي ادا ڪري ٿو.
In biology, a gene is a sequence of nucleotides in DNA or RNA that encodes the synthesis of a gene product, either RNA or protein. During gene expression, the DNA is first copied into RNA. The RNA can be directly functional or be the intermediate template for a protein that performs a function.

ڄَڻ ۔ اَڍ ۔ جِين   Gene

DNA ڊي اين اي ۔ کِھ

آر اين اي ۔ مُکھ   RNA

Sequence  سلسلو

رمز رکڻ  To encode

Template سانچو

Functional   ڪارجي

Saturday, 18 January 2020

ڪشش ثقل Gravity 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
گريوٽي Gravity جنھن کي ثقالت، قوتِ ثقل يا ڪششِ ثقل جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو. پراڻي زماني ۾ ڪشش ثقل بابت ڪوبہ مستند نظريو ڪونہ ھو. مذھبي مطابق گرھ پنھنجي جڳھ تي بيٺل آھن. جيئن ڌرتي بابت عقيدو آھي تہ ڏاند ان کي پنھنجي سنڱن تي کنيو بيٺو آھي. ڌرتي کي ٿالهي وانگر ڄاڻيو ويو جيڪا خلا ۾ بيٺي آھي. خود ارسطو جو نظريو ھو تہ زمين تي ڪاشي ڪري ان ڪري جو زمين ان جي ماء آھي. پھاڙ تان پٿر ھيٺ گڙڪي ٿو، ان ڪري جو اھو پٿر زمين جو اولاد آھي. گيليلو ارسطو جي نظريي سان متفق نہ ھيو. ھن جي نظر ۾ اڃان ڪا ٻي شي آھي جنھن جي ڪري ڪاشي زمين تي ڪري ٿي ۽ پٿر پھاڙ تان ھيٺ گڙڪن ٿا. ھن ھڪ ٽاور تان بندوق جي گولي ۽ توب جو گولو ڪيرايا جيڪي ساڳي رفتار سان اچي ھيٺ ڪريا. گيليلو جيڪي شيون ڪيرايون اھي وڏيون ۽ ننڍيون ھيون پر ڪرندي سندن رفتار ساڳي رھي جنھن سان ھن ثابت ڪيو تہ جسم جي ننڍي يا وڏي هجڻ سان سندس ڪرڻ جي رفتار تي ڪوئي اثر نہ ٿو پوي ۽ ھن ڪشش ثقل جي نظريي جو بنياد رکيو.
نيوٽن گيليلو جي نظريي کي فروغ ڏيندي ڪشش ثقل جي نظريي سان انقلاب آڻي ڇڏيو. ھن مطابق
”جسم ڪشش ثقل رکن ٿا. جيترو وڏو جسم اوتري وڌيڪ ڪشش ثقل رکي ٿو ۽ جيترو ننڍو جسم اوتري گهٽ ڪشش ثقل رکي ٿو. ڪائنات ۾ ھر ھڪ جزو ڪشش ڪري ھر ٻئي پارٽيڪل کي ھڪ طاقت سان جيڪو سڌي نسبت رکي ٿو پنهنجي مايي جي پيداوار ڏانهن ۽ پنهنجي مرڪزن جي مايي جي وچ ۾ ابتي نسبت رکن ٿا.“
 نيوٽن اڃان اڳتي وکون وڌيو. ھن روشني ۽ ان جي ذرڙن تي سوچيو. نظريو مستحڪم ٿيندو ويو. روشني بابت ھن جو خيال جڙي ويو.
”روشني سڌي لڪير تي سفر ڪري ٿي پر اصل ۾ روشني بہ ڪنھن وڏي مادي جي ڪشش ثقل جي ڪري وري ٿي.“
روشني بہ ننڍڙن ذرڙن جي ٺھيل آهي. روشني تي بہ ڪشش جو اثر ائين ئي ٿيندو جيئن هڪ راڪيٽ ۽ گرهن تي ٿئي ٿو. روشني کي ورندي اسان ان ڪري نٿا ڏسي سگهون ڇو تہ اسان جي ڌرتي جي ڪشش ڪمزور آهي.“
آئنسٽائن جي نظريي کان اڳ زمان ۽ مڪان کي الڳ تصور ڪيو ويندو ھيو. آئنسٽائن ان نظريي جي نفي ڪري رد ڪيو. ھن جي نظريي مطابق
”مادو ۽ توانائي ساڳي هڪ ئي شي جو نالو آهي. اهي ٻئي هڪٻئي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا.
زمان ۽ مڪان هڪ ڪپڙي وانگر آهي.جنهن ۾ موجود مادي ۽ توانائي جي ڪري جهول پيدا ٿئي ٿو.ڪائنات ۾ ڪشش ثقل جو لھرون هڪ ارب نوري سال پري ٻن بليڪ هولن سيارن جي ٽڪرائڻ سسب پيدا ٿيون.“
سائنس جي دنيا ۾ اهو نظريو خصوصي نسبيت جي نالي سان مشھور ٿيو.
 1917 ۾ ڪشش ثقل وارين لهرن جي اڳڪٿي ڪندي آئنسٽائن ثقلي لھرن بابت نظريو ڏنو، انهي نظرئي جي روشني ۾ هن ئي سال آمريڪا جي ٻن يونيورسٽين جي پروفيسرن تجربو ڪري ڪشش ثقل جي لھرن کي ڳولي لڌو آهي.
ڪوبہ مشين جيڪا اسان استعمال ڪريون ٿا اھا ڪشش ثقل جي ڪري ڪم ڪري ٿي ۽ ھڪ جڳھ تي رھي ٿي. جيڪڏھن مشين ڪشش ثقل کي استعمال نہ ڪري تہ ھيڏي ھوڏي ڦرندي ۽ ان کي گهمائڻ مشڪل ٿي ويندو.
ھوا تي بہ ڪشش ثقل جو اثر رھي ٿو. اسان جي زمين جي ڪشش ثقل ئي ھوا کي زمين سان جوڙيون رکي ويٺي آھي. اسان جي مٿان 280 مڻ  ھوا جو دٻاء آھي جنھن جي ڪري اسان جو اندروني ۽ بيروني دٻاء قائم رھي ٿو. ھوا ھر جاء کي گھيري رکندي آھي. زمين جي گولي تي گھاٽو سمنڊ ھوا سان گهريل ٿئي ٿو جيڪو ھوا جي ڪشش ثقل جي ڪري زمين کان الڳ نٿو ٿئي. 
تنھن ڪري ھوا ۾ وزن ٿيندو آھي جئين ھوا اسان جي چوڌاري آھي تنھن ڪري ھي جنھن شيء ۾ بہ ھجي انھي جو وزن وڌائيندي آھي
سڄي ڪائنات ڪشش ثقل جي ڪري بيٺل آھي. سج چنڊ گرھ پنھنجي مدار ۾ يڪسان رفتار سان گهمي رھيا آھن. ڌرتي ۽ چنڊ پنھنجي پوزيشن تبديل ڪن ٿا تہ چانڊوڪي راتين ۾ چنڊ موج مستي ڪري ٿو ۔ ويرون چڙھن ٿيون ۔ ويرون لھن ٿيون اھو ڪشش ثقل جي ڪري آھي. ڌرتي سج کي ڦري ٿي نتيجي طور ڏينھن ۽ رات وجود ۾ اچن ٿا ۔ مندون ٺھن ٿيون ۔ مندون ڦرن ٿيون ۔ ڪڏھن سيارو ۔ ڪڏھن بھار ڪڏھن اونهارو ۔ ڪڏھن سرء اچن ٿا. اھو سڀ ڪشش ثقل جي ڪري آھي.
سان ڄاڻون ٿا تہ ڪشش اسان جي زمين جي بنياد کي صحيح مقام تي قائم ڪيو ان کي سج کان پري رکيو بيٺي آھي. ڪشش بغير ڪنھن ذريعي جي خلا ۾ وڏي تيزي سان سفر ڪري ٿي.
ھن ڪائنات جي ھر جسم Object جو مايو يا مقدار ڪائنات ۾ موجود ٻئي جسم پنھنجي طرف ڇڪڻ لاء ھڪ قوت کي خارج ڪري ٿو جنھن کي اسان ڪشش ثقل Gravity سڏيون ٿا.  ڪشش ثقل جو وڌيڪ يا گهٽ ھجڻ جسم جي مايي يا مقدار ۽ ٻئي جسم جي درميان فاصلي تي منحصر ٿئي ٿو يعني جسم جيترو وڏو ھوندو ان ۾ اوتري ڪشش ثقل وڌيڪ ھوندي. جسم کان فاصلو وڌڻ يا دور ھجڻ سان گڏ گڏ ڪشش ثقل بہ ڪمزور ٿي وڃي ٿي. وڏن جسمن ۾ ڪشش ثقل جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو پر ننڍن جسمن ۾ ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿئي ٿو.
نيوٽن مطابق ڪائنات ۾ موجود جسم ڪشش ثقل ذريعي ھڪ ٻئي جسم کي پنھنجي طرف ڇڪن ٿا. جنھن جسم جو مايو يا مقدار وڌيڪ ھوندو اھو گهٽ مفاصلي تي ھوندو ۽ ان ۾ ڪشش ثقل وڌيڪ ھوندي.
نيوٽن چوي ٿو تہ ٻہ مايا يا ٻہ مقدار ھڪ ٻئي کي پنھنجي اندرين قوت ڪشش ثقل جي ٻل تي ھڪ ٻئي کي پنھنجي طرف ڇڪن ٿا. نيوٽن خلا کي شامل نہ ڪيو ھو جنھن جي ڪري ڪائنات ۾ جسم ھڪ ٻئي کي توازن ۽ فاصلي تي رکيون ويٺا آھن. جڏھن آئنسٽائن ان کي شامل ڪندي چيو تہ ٻہ مايا ھڪ ٻئي کي بغير ڪنھن واسطي جي نٿا ڇڪن پر وڏو مايو زمان ۽ مڪان Space and time جي پکڙيل چادر ۾ اھڙو خم پيدا ڪري ٿو جنھن ڪري آسپاس خلا ۾ ترندڙ ٻيا ننڍا مايا وڏي مايي جي چوڌاري ڀڄڻ لڳن ٿا يعني نيوٽن ڪشش ثقل کي مايي يا مقدار جي اندرين نڪرندڙ ڪا قوت سمجهي ٿو جڏھن تہ آئنسٽائين ڪشش ثقل کي زمان ۽ مڪان جي چادر تي ڪنھن مايي يا مقدار جي پيدا ٿيندڙ خم سمجهي ٿو. بھرحال نيوٽن ڪشش ثقل کي قوت چوي ٿو ۽ آئنسٽائين ڪشش ثقل کي انهي قوت جي وڏي پيماني تي حالت يا Situation چوي ٿو.
مقداري ميڪانيات جيڪا شين کي خوربين ڏيک Microscopic view ڏئي ٿي ان مطابق ڪنھن بہ جسم جا نظر نہ ايندڙ ذرا ثقلا Graviton ٿين ٿا جيڪي ڪشش ثقل جو سبب بنجن ٿا ھي ثصلا لھرن جي صورت ۾ سفر ڪن ٿا. جيڪڏھن ثقلن جو وجود آھي تہ انهن جو نڪو مايو نڪو مقدار ھوندو ۽ انهن جي حرڪت جو انداز Spin يا Rotate ھوندو.
ڪشش ثقل جسم جي تناسب سان ان ڪري ٿئي ٿو جو ھر اھا شي جيڪا مايو رکي ٿي اھا ننڍن ننڍن ذرن ثقلن Gravitons تي مشتمل ٿئي ٿي انهن کي خارج ڪري ٿي جيڪي ڪشش ثقل جو سبب بنجن ٿا. جيڪڏھن ڪنھن جسم جو مايو وڌيڪ ھوندو تہ اھو وڌيڪ ثقلن کي خارج ڪندو جنھن سان ڪشش ثقل وڌيڪ خارج ٿيندو.
وڌيڪ ثقلا ان جسم جي چوگرد ڪڪر وانگي گهيريل ٿين ٿا. جڏھن ان شي جو فاصلو وڌي ٿو تہ ثقلن جي گهاٽائي Density گهٽ ٿي وڃي ٿي ان ڪري ڪشش ثقل گهٽ ٿي وڃي ٿو.
نظام شمسي ۾ سج وڏو جسم آھي جيڪو وڌيڪ ثقلا پيدا ڪري ٿو نتيجي طور وڌيڪ ڪشش ثقل پيدا ٿئي ٿي جيڪا نظام شمسي کي ٻڌيون ويٺي آھي. فاصلو وڌڻ سان ڪشش ثقل ڪمزور ٿئي ٿي سج جو ويجهي سياري عطارد تي وڌيڪ اثر ٿئي ٿو. سج جي وڌرڪ ڏور سيارن تي ڪشش ثقل تي وڌيڪ اثر نٿي ڪري. جڏھن شين کي اوچائي کان زمين طرف ڪيرايو وڃي تہ ڪشش ثقل جي رفتار جي ڪرى ان جي رفتار تيز ٿي وڃي ٿي.
ڪارو مادو ۽ ڪشش ثقل
سائنس شڪ شبھن جي بنياد تي قائم آھي. نيوٽن جتي ڪشش ثقل جو نظريو ڏنو بلڪل صحي ھيو پر ان ۾ جهول ھيا. ھن سڄي ڪائنات جا گرھ ۔ اپ گرھ ۽ سج جيڪي پنھنجي محوري رفتار ۾ ڦري رھيا آھن ڪشش ثقل انهن کي ھڪ ھنڌ توازن ڏيڻ لاء ناڪافي آھي. ڪشش ثقل ۾ ايتري گهاٽائي ناھي جيڪا گرھن جي وچ ۾ فاصلاتي توازن رکي. اتي نيوٽن جو نظريو مار کائي ويو. ھن مطابق ڪھڪشائون ۔ گرھ ۔ سج ۔ چنڊ ۽ تارا ڪشش ثقل جي ڪري بيٺل آھن جيڪو نظريو غلط آھي. ڪشش ثقل ھڪ تحريڪ آھي جيڪا گرھن ۽ چنڊن کي ڦيرائي ٿي پر ڪارو مادو ئي ھن ڪائنات جي ڪھڪشائن کي توازن ۾ رکيو بيٺو آھي. ڪائنات جي چادر ۾ جڏھن گرھن جو وزن پوي ٿو تہ جهول پيدا ٿئي ٿو. اھو گهيريل ڪاري مادي جي ڪري ٿئي ٿو جيڪو گرھن توڙي ڪھڪشائن کي گهيري توازن ۾ جهليو بيٺو آھي. جڏھن گرھ ڪائنات جي چادر ۾ جهول پيدا ڪن ٿا تہ تحريڪ پيدا ٿئي ٿي ۽ گرھ ڦرڻ شروع ٿي وڃن ٿا، اھا تحريڪ جيڪا گرھن کي مداري رفتار ۾ ڦيرائي ٿي اھا ڪشش ثقل آھي.
اسان کي پھرين ڪشش ثقل کي سمجهون ٿا جيئن اسان کي ڪاري مادي جي وڌيڪ اھميت جي خبر پوي تہ ڪيئن ڪارو مادو پاڻ ۾ وڏي ڪشش ثقل رکي ٿي انهي سان گڏ وڏي ڌڪ رکي ٿو ۽ بي انتھا تيزي رکي ٿو جيڪي عمل ڪشش ثقل ۾ موجود ناھن.
ھي ڪائناتون ھڪ ٻئي کان ڀڄنديون پري ٿينديون رھن ٿيون ڇا اتي توانائي سان پوراء ٿئي ٿو يا ڪشش ثقل سان. ايڏي وڏي ڪائنات جي پکڙجڻ لاء ڪشش ثقل تمام گهٽ آھي ان جو گهڻو مقدار کپي. اسان جي ڪائنات جو سمورو مادو بہ ملي ان جو پوراء نٿو ڪري سگهي. تہ پوء اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا مادي کي ھڪ ٻئي پرتي ڌڪي رھي آھي.
ڪشش ثقل ڪنهن بہ صورت ۾ ڪائنات جو بنيادي فورس نہ آهي پر هڪ هنگامي حقيقت آهي جيئن گرميءَ جو درجو هڪ هنگامي نتيجو آهي جيڪو خوردبيني ذرڙن جي چرپر مان اڀري ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪائنات ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي انهيءَ ۾ ڪشش ثقل هڪ سائيڊ افيڪٽ آهي نہ ڪي سبب. ڪاري مادي جو نظريو خلا Space، وقت Time ۽ ڪشش ثقل Gravity واري نطريي کي يڪسر تبديل ڪري رھيو آھي.
ڪاري مادي جي نظريي اڀرڻ سان اسان مشاهدي هيٺ ايندڙ ڪائنات کي ڏسون ٿا تہ ڪارو مادو ڪائنات جي اندر ڪھڪشائن ۾ موجود ڪشش ثقل Gravity، مادي Matter ۽ گيس Gas جي مجموعي قوت کان وڌيڪ آهي.
ڪاري مادي جو نظريو انقلابي نظريو آھي جيڪو خلا Space ۔ وقت Time ۽ ڪشش ثقل Gravity تي ٻيھر سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ جھڙوڪر آئنسٽائين جي ڪشش ثقل واري نظريي کي رد ڪري ٿو.
ڪنھن بہ مادي يا شي کي ڏسڻ لاء ضروري آھي تہ اھو مادو روشني کي پاڻ ۾ جذب ڪري ٿو يا خارج ڪري ٿو. جيڪڏھن اھو مادو روشني خارج ڪري تہ اھا شي اسان کي رنگين نظر ايندي، اھو مادو جيڪڏھن روشني کي جذب ڪندو تہ اھا شي ڪاري نظر ايندي. پر اھي علامتون ڪاري مادي ۾ موجود ناھن باقي ڪارو مادو ڪشش ثقل جي تمام وڏي مقدار فراھم ڪري ٿو. ھي مادو لڪل آھي. ڪشش ثقل فراھم ڪرڻ جي بنياد تي ڪارو مادو مختلف ڪھڪشائن جي ترتيب رکيون ويٺو آھي. ڪاري مادي جي ڪري تارا ۽ سيارا ڪھڪشان نٿا ڇڏين. ڪائنات وسيع آھي ڏينھون ڏينھن پکڙجي رھي آھي. اسان جا ستارا ۽ سيارا ڪھڪشان کي ڪاري مادي جي ڪري نٿا ڇڏن جيڪو کين سڪ پڪڙيون بيٺو آھي.
By Asghar Sagar

سنڌو ندي Indus river 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
سنڌو ندي دنيا جي وڏين ندين مان هڪ ندي آهي. چين مان نڪرندڙ سنڌو ندي جي ڀارت م ڪل ڊيگھ هڪ هزار ڪلوميٽر آهي. اتھاس جي ڪتابن م اسان جنھن سنڌو ندي جي باري م پڙهيو آهي، ان سنڌو ندي کي انڊس بہ چئبو آهي. ڄمون ڪشمير کان ويندي آخر تائين سنڌو ندي جي ڪنارن تي اڄ بہ ٽيھ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي رهي ٿي.
سنڌو ندي جي ڪل ڊيگھ 3500 ڪلوميٽرن تي مشتمل آھي.
سنسڪريت يعني رگويد ۾ سنڌ جي ڪيترن نالن منجهان سنڌو مھا ديس ، سنڌو  سپت ديس ، سنڌوديس ، اند ، اندو وري بعد ۾ انڊيا، مطلب سنڌو نديء تان سنڌ نالو پيو ۽ سنڌ تان اڳتي ھلي هند نالو پيو ۽ ھند ھاڻي ھندستان سڏجي ٿو پيو. سنڌ جي جاگيرافي ڊيگھ تڏهن ٺٺو کان هماليا جبل تائين هئي. جتان جتان سنڌو درياھ جو گذر ٿيندو هئو، انهي جي ٻنهي ڪنارن کان آباد ماڻهن کي رگويد يعني تاريخي سنسڪريتي ۾ سنڌو ندي جا رهواسي يعني سنڌي سڏيو وڃي ٿو.
سنڌو درياءَ جي قدامت حضرت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياءَ کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“ ۔ ”سپت سنڌو“ ۔ ”مھراڻ“ ۽ ”انڊس“ وغيره سنڌو درياءَ جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراھ ۾ ڀڄڻ چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو تہ سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياءَ جي ڪري پيا. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.
سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جو مطلب آهي سمنڊ يا وڏو درياءُ. آڳاٽي دور ۾ ڪابل ندي، گومتي وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي رهي آهي جنھنڪري آڳاٽن لوڪن نالو اهو نالو رکيو.
لفظ ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد سنسڪرت لفظ ”سيند“ آهي جنھن جو مطلب آهي وهڻ. جڏهن تہ ٻي راءِ موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو آهي ”سڌ“ جنھن جو مطلب آهي رکي وٺڻ يا بچاءُ ڪرڻ. انهن ٻنهي مان پھريون مفھوم عالمن جي نظر ۾ وڌيڪ درست لڳي ٿو.
ايرانين ۽ آرين جو اچار لفظ سنڌو لاءِ ڦري ٿيو ”هندو“ مطلب تہ ”س“ کي ڦيرائي ”ھ“ ڪيو ويو ڇوجو ايرانين ۽ آرين وٽ ”س“ اکر ڪونہ ھيو، اھي ”س“ اکر جي جاء ”ھ“ اکر استعمال ڪندا ھئا. قديم ايراني سنڌو ماٿري (سنڌ ۽ پنجاب) کان گهڻو پري ڪونہ ويا. هنن اڪثر علائقن ۾ آرين کي رهندي ڏٺو تنھن ڪري چيو ويو ”هندو ـ آسٿان“ جيڪو اڳتي هلي ٿيو ”هندستان“. اهڙي طرح قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان بابت ڄاڻ پئي. سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا، تن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُچار ڦيرائي سڏيو ”انڊو“ ۽ سنڌوندي کي سڏيائون ”انڊوس“. اهڙِي طرح سڄي ملڪ کي سڏيائون انڊيڪا. اڳتي هلي لئٽن ٻوليءَ ۾ اهي اُچار ڦري ٿيا ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“.
سنڌو (هندو) لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌونديءَ جي ڪناري رهندڙ“،  هندستان لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌوندي وارو ملڪ“. اڳتي هلي جڏهن مسلمانن حڪومتون قائم ٿيون تہ هندستان جو مطلب ڦري ٿيو ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“. اهڙي طرح لفظن جا اصلوڪا مطلب متروڪ يا گم ٿيندا ويا ۽ نوان مفھوم رائج ٿيندا ويا. آڳاٽن عربن کي ”هند“ جي ڄاڻ قديم ايرانين وٽان پئي.
اهو علائقو جنهن کي يوناني سنڌوءَ مان ”پراچين“، هندو ”سنڌو ديس“، عرب جاگرافيدان مھراڻ ۽ سنڌ جا رهواسي پڻ ”سنڌوديس“ جي نالي سان سڏيندا آيا آهن.

سڌو نديء جا لھجا:-
رگويد جي زماني ۾ سنڌو کي سنڌو ندي چيو ويندو ھيو. ايراني دور 518ع ۾ ايران جي بادشاھ دارا سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ايرانين سنڌ کي ھند چوڻ شروع ڪيو ڇوجو انهن جي زبان ۾ س اکر ڪونہ ھيو ۽ انهن س اکر جي جڳھ تي ھ اکر استعمال ڪرڻ شروع ڪيو اھڙي سنڌو مان ڦري ھندو ٿي ويو ۽ سنڌ مان ڦري ھند ٿي ويو. يوناني دور 326 ق ۾ يونانين سنڌ کي ھند چيو ۽ انهن جي لھجي ۾ سنڌ ڦري انڊ ٿي ويو ۽ سنڌو ڦري انڊوس ٿي وئي ۽ ملڪ جو نالو انڊيڪا پئجي ويو. لاطيني زبان ڳالهائڻ وارن انڊوس کي انڊس ۔ سنڌ کي ھند ۽ پوري خطي کي انڊيڪا مان انڊيا بنائي ڇڏيو. 641ع ۾ چيني سياح يوان سنڌ کي سن تو سنتو لکيو آھي. مطلب تہ سنڌو مختلف لھجن ۾ ھيئن آھي.
سنڌو   سنسڪرت
ھندو   ايراني
انڊوس يوناني
انڊس  لاطيني
سنتو    چيني

سنڌو نديء جا صفاتي نالا:-
سنسڪرت ۾ سنڌ کي بچائڻ وارو يا روزي ڏيڻ وارو چيو ويو آھي. تبت وارن ھن کي شير جي وات مان نڪرندڙ دريا يعني شير دريا سڏيو آھي. قراقرم جي وچ واري حصي ۾ ھن کي دريا سڏيو ويو آھي. قراقرم کان ھيٺ تربيلا تائين ھن کي اباسين سڏيو ويو آھي جنھن جو مطلب آھي سڀن جو پي دريا يا دريائن جو پي.

سنڌو ندي سِڌ تان ورتل:-
سنڌو ندي سِڌ (سِنڌ) تان ورتل آھي.
سنسڪرت جي معنا مطابق سنڌو جي معنا تراشيل آھي مطلب سِڌي آھي. گهڻن محققن جو چوڻ آھي تہ سنڌو سنسڪرت جي لفظ سنڌو تان ورتل آھي پر اھو مغالطو آھي. سِڌوندي (سنڌو ندي) سِڌ (سنڌ) تان ورتل آھي جيڪو ٺيٺ سنڌي لفظ آھي.  سنڌو جو مطلب سڌي نڪري ٿي جيڪو سِڌ تان ورتل آھي جنھن جو مطلب آھي سڌي زمين ۽ سنڌ سڌي زمين رھيو آھي. اڳتي ھلي سِڌ سنڌ ٿي ويو ۽ سِڌوندي سنڌو ندي ٿي ويو. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ پھرين سنڌي ٻولي ۾ نون غني جو تصور ڪونہ ھيو جيڪو بعد ۾ آيو. سِڌ ڦري سنڌ ٿي وئي ۽ سِڌو دريا ڦري سنڌو دريا ٿي ويو.

سنڌو نديء جا لنگھ:-
ھيءَ عظيم الشان ندي ھماليا جبل جي ڪيلاش پربت واريءَ مانسرور ڍنڍ مان نڪري، ڪشمير جي گلگت واري جابلو حصي کي لتاڙي، ٻارھن ھزار فوٽن جي بلنديءَ تان جتي انسان جو لنگھ مشڪل آھي . پھريان بنجيءَ تائين اتراولھ، تنھن کان پوءِ ڏکڻ اولھ جو رخ اختيار ڪري ٿي. تنھن کان پوءِ پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن کي لتاڙيندي، 18سئو ميل وھي، سنڌ جي شاھ بندر وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سندس ساڄي ڪپ وارين شاخن مان ڪي نديون افغانستان جي مٿانھين پٽ مان نڪري، ڪرم واديءَ کي لتاڙي ۽ ھندستان جي سرحد وارن جبلن منجھان ٽپي اچي منجھس پون ٿيون.
انھن مان ڪڀا (ڪابل) ندي اٽڪ وٽ منجھس پوي ٿي. ڪونر ۽ سوات، ڪابل نديءَ جون شاخون آھن. ڪابل نديءَ کانپوءِ ٻيو نمبر ڪرم ندي آھي. ڪرم ندي افغانستان جي مٿانھين پٽ جي ڏکڻ کان نڪري ڪرم واديءَ کي لتاڙي، سنڌونديءَ ۾ پوي ٿي. ٽوچي ندي بہ ڪرم جي شاخ آھي. اڳڀرو ھلي، دري اسماعيل خان وٽ ، ڏکڻ طرف گومل (گومتي) ندي، جا برساتي آھي منجھس پوي ٿي. مانسرور ڍنڍ کان وٺي اٽڪ تائين ، سنڌو ندي جابلو سوڙھن پيچرن کي لتاڙي ٿي، تنھن ڪري جھاز راني ڪرڻ جي قابل ناھي، ليڪن اٽڪ کان پوءِ سندس پيٽ پنجاھ گز ويڪرو آھي، پوءِ جيئن ڏکڻ جو رُخ اختيار ڪري ٿي ، تيئن سندس پيٽ ھڪ ميل ويڪر ۾ آھي. اوڀر کان پنجاب جون پنج نديون : (1) وتستا (جھلم) (2) اسڪني (چناب)، (3)پروشني (راوي) ، (4) ستو دري (ستلج) ۽ (5) وياس (بياس). مٺڻ ڪوٽ وٽ ، منجھس ڇوڙ ڪن ٿيون. اڳ جمنا ۽ ستلج جي وچان دور شادتي ٻہ نديون سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون ھيون، پر ھينئر اھي ميٽجي ويون آھين. اڃا بہ سرسوتيءَ واري ھنڌ تي گھگھر ندي وھي ٿي، جا راجپوتانا جي وارياسي ميدان ۾ گم ٿي وڃي ٿي. اھڙيءَ طرح ھاڪڙو بہ سنڌو نديءَ جي ھڪڙي قديم شاخ ھئا جا ”پنجند“ وٽان سنڌوءَ مان نڪري ، بھاولپور ۽ ٿر کي لتاڙي، پارڪر جي پارينگر بندر ويجھو، ڪڇ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي. پوءِ زلزلن ڪري غائب ٿي ويئي، ليڪن سندس وھڪري جا نشان بھاولپور رياست ۽ ٿر ۾ موجود آھن..

دنيا جي وڏين ندين مان سنڌو ندي سترھون نمبر ڊيگھ ۾ :-
(1) مسيسي 4382 ميل
(2) آميزان 4080 ميل
(3) نيل 3500 ميل
(4) ينگستي ڪئانگ 3500 ميل
(5) ينيسي 3300 ميل
(6) آمور 2640 ميل
(7) نائيجر 2550 ميل
(8) لينا 2500 ميل
(9) اوبي 2500 ميل
(10) ڪانگو 2500 ميل
(11) ھوانگو 2480 ميل
(12) وولگا 2400 ميل
(13) ميڪنزي 2300 ميل
(14) لاپلاتا 2300 ميل
(15) سينٽ لارينس 2150 ميل
(16) مڊيرا 2000 ميل
(17) سنڌو 18 ميل

جيئن قديم مصري نيل نديءَ جي پرستش ڪندا ھئا، تيئن آريا لوڪن جي عقيدي موجب سنڌو بہ متبرڪ ندي ھئي.


سنڌو نديء جون حدون:-
قديم دور ۾ سنڌ جون حدون ”اتر ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانھن عربي سمنڊ، اڀرندي طرف وارياسو رڻ پٽ ۽ الھندي ڏي جبلن جي هڪ قطار هيون. سنڌوندي کي ”مٺو سمنڊ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. سنڌوءَ جو عام وهڪرو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌوندي ”بکر (سکر) ۽ روهڙيءَ جي شهرن وچان پھاڙن کي چيريندي آهستي آهستي ڏکڻ اولھ طرف وهي ٿي. سکر بيراج ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌوءَ مان ڪيترائي واھ ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ آباد ڪن ٿا. سيوهڻ وٽ جبلن جي روڪ سنڌوءَ کي سڌو اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي جنھن ڪري ان جو رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ ـ اوڀر طرف ڦيرائي ٿي. سنڌوندي جو آخري ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو جتي دنيا جي هڪ خوبصورت ڊيلٽا جڙي ٿي.
سنڌو درياءَ جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙھ شروع ٿئي ٿو جيڪو آگسٽ ۾ پنھنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لھڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌوءَ جا قديم بندرگاھ الور، بلري، منصوره، منجابري، نيرون ۽ رابيل وغيره هئا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا مڇين جي نرسري سڏجي ٿي جتي تمر جا ٻيلا آهن جيڪي مڇين جي واڌويجھ لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏين ٿا. اهڙي طرح اهي ٻيلا سامونڊي کاڌ کان بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آهن.
سنڌو ندي، 1800 ميل ڊگهي آهي، اھا هماليہ جبل جي سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي. سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواھ ۽ پنجاب لتاڙيندي، اتان جي چئن ندين جون پاڻي پاڻ منجھ سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو سڀيتا جي مٿي ڄاڻايل تھذيبي دؤر ۾ موجوده سنڌ ۾ سنڌو ندي ٻن حصن ۾ وهندي هئي. ان جي اولھ واري شاخ ليمون جوڻيجي کان اولھ طرف وهندي لوهم جو دڙي، لوهري، آمري جي ڀرسان لنگهندي ۽ حيدرآباد وٽان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ پوندي هئي. هاڪڙو کي سنڌوندي مان پاڻي ٻن هنڌن تان ملندو هو. هڪ ڪشمور واري شاخ ۽ ٻيو سکر واري شاخ مان.
دنيا جو قديم مذھبي ڪتاب رگويد جيڪو 9 ھزار سال پراڻو آھي ۽ جيڪو سنڌو دريا جي ڪنارن تي لکيو ويو اھو وحدانيت تي ٻڌل آھي ۽ ان ۾ ست دريائن سان گڏ سنڌو دريا يا سنڌو ندي جو جو ذڪر ملي ٿو، جنھن کي لکندڙ ٽي سنڌي دراوڙي رشي عورتون وڌوا ۔ گوشا ۽ اپالا ھيون جن رگويد لکيو. رگويد کي دنيا جي سڀني مذھبي ڪتابن مان پراڻو مذھبي آھي. رگويد وحدانيت ۽ ھيڪڙائي تي ٻڌل ڪتاب جيڪو 9 ھزار سال اڳ لکيو ويو ان ۾ توحيد جي نظريي کي آشڪار ڪيو ويو آھي.
رگويد ۾ لکيل آھي
ايڪم ادويتم دوناسي
رب ھڪ آھي ۔ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ناھي ۔ ھن جو ڪوبہ شريڪ ناھي. ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ سنڌي پھرين کان توحيد جا قائل رھيا آھن. رگويد ۾ رب جو شخصي تصور ناھي جڏھن تہ ٻين مذھبي ڪتابن ۾ رب جو شخصي تصور ڏنو ويو آھي جيئن عيسائي ۽ يھودي مخاطب ٿيڻ وقت رب کي پيء ڪري پڪاريندا ھئا.
رگويد کي سنڌو ندي جي ڪنارن تي لکيو ويو. ھڪ انگريز ليکڪ جڏھن رگويد کي پڙھيو تڏھن رگويد کان متاثر ٿي بي اختيار چئي ويٺو
”منھنجي رڳن ۾ رت نٿو وھي پر سنڌو ندي وھي ٿي پئي“
 پارسين جي مقدس ڪتاب زنداوستا ۾ مھراڻ ندي جو ذڪر ملي ٿو جيڪا دراصل سنڌو ندي آھي.
ترجمو
”سنڌ جي محبت ڀرئي دل جي وادي ۾ مھراڻ روان آھي
ڄڻ تہ معشوق جي وصال واري واعدي جي خوشي جو منظر آھي.“
مصر جي نيل ندي شرم وچان نيل ۾ منھن ڍڪي ڇڏيو
۽ مھراڻ کي ڏسي آبحيات بہ خفا ٿي بحر ۾ ٽٻي ھنئي آھي.
رگويد واري دور ۾ سنڌي عورت ديوي جو روپ رکندي ھئي. ان دور سگهڙ سنڌي عورت کي جيجي سڏيو ويندو ھيو ڇوجو ان وقت فيصلا عورتون ڪنديون ھيون. انهن سنڌي عورتن جي ھمہ گيري سوچ جي ڪري موھن جو دڙو ۾ ھٿيار نہ مليو آھي. سنڌي عورتن کي ان وقت امبي جي نالي سان پڪاريو ويندو ھيو. رگويد جي منتر ۾ آھي.
”سندھو تمے، ندی تمے، دیوی تمے،
امبی تمے -- ارتھات سندھو !
تون سنڌو آھين ۔ تون ندي آھين ۔ تون ديوي آھين ۔ تون امبي آھين تون ارٿات آھين.“
رگويد ۾ سنڌي لوڪ جي سماجي حالت کي بھترين نموني ڄاڻايو ويو آھي. جڏھن دنيا وٽ ڪپڙن پائڻ جو فن نہ ھو ان وقت سنڌي چرخا ھلائي ڪپڙا اڻي پائيندا ھئا.
رگويد جي ھڪ منتر ۾ آھي
”اي سنڌو جڏھن دنيا بنجر ھئي ۽ سنسار جا ماڻهو بنا ڪپڙن جي اگهاڙا گهمندا ھئا تڏھن تنھنجي ڪناري تي رھڻ وار چرخي تي سوٽي ڪپڙا اڻندا ھئا.“
رگوريد جي ٻئي منتر ۾ آھي
”اي سنڌو تون سڀ کان پراچين ۔ سڀ کان صاف سٿري ۽ اجلي ندي آھين.
اي سنڌو تون سڀ کان سمرڌ ۽ ڌن جي ڀنڊار سان ڀريل ندي آھي.
اي سنڌو تون جسوي ۽ تيجسوي ندي آھين.“
خيال ڪيو وڃي ٿو تہ سنڌ 25 کان 30 ھزار سال پراڻي ڀومي آھي جنھن ۾ سنڌي رھندا ھئا. رگويد ۾ آھي
”سنڌو ديس اتر ۔ ڏکڻ ۔ اوڀر ۔ اولھ جي سمنڊن تائين پکڙيل آھي.“
اٿر ويد جي پرٿوي سوڪت جي ھڪ منتر 21/1 ۾ لکيل آھي
جنھن ديس جي مھما ڳائي وئي آھي اھا ھي سپت سنڌو آھي جنھن ۾ سنڌو ندي وھي ٿي جنھن سان سمنڊ لڳل آھي. ھي اھا ڀومي آھي جتي پروڙي ماڻهو رھن ٿا.
رِگِويدَ ۾ سِنڌُو نَندِيءَ جو نالو ٽيھَ ڀيرا ۽ گَنگا جو نالو ڇَڙو ٻَہ ڀيرا آيَلُ آھي. رِگِويدَ جي 10 هين ڀاڱي جي 75 هين کَنڊَ جي نَون مَنترَنِ ۾ سِنڌُو نَندِيءَ جِي مَھمان (وڏائي) ڳايَلَ آھي.
شِرِي ڀَرَترام ڀَٽَ (مانَوَ اُتپَتتِي ڪا پرَٿَم راشٽرَ سَپت سِنڌَوَ) "ماڻھو ذاتِ جي جَنَمَ جو پَھرِيونّ ديسُ" نالي سانّ ھِڪ ڪِتاب ۾ لِکِيو آھي. ھِتي اِھو صَفا ڪَري ڇَڏِڻُ ٺِيڪُ رَھَندو تَہ رِگِويدَ جي پَھِرينّ مَنڊَلَ جي يارھين سُوڪت (باب) جي ڇَھين مَنترَ مانّ بَہ اِھا پٺِڀَرائِي ملي ٿِي تَہ يَمُنا نَدِيءَ کانّ سِنڌُو نَندِيءَ تائِينّ وارِين ڀُومِين جو ڀاڱو "سَپتسِنڌَوَ" جي نالي سانّ ھاڪارو هو.
وَئِدِڪ (ويدَنِ واري) جُڳَ ۾ سِنڌُو نالو ندِيءَ جي آڌارَ تي رَکِيَلُ هو، اِنھي ڪَري يَمُنا، سَتلج، وِياس، راوِي، چَناب، جھلَم ۽ سِنڌُو اِنھَن سَتَنِي نَندِنِ وارِي پُورِي ڌَرِتِيءَ کي "سَپت سِنڌَوَ" ديسُ چَيو ويندو هو.
رِگِويدَ جي ڀاڱي 10 هينّ ۽ 75 هين کَنڊَ "نَدِي سُوڪت" ۾ نَو مَنترَ آھِنِ، جِنِ ۾ سِنڌُو نَدِيءَ جِي مَهِما ھيٺِين رِيتِ ڳايَلَ آھي.

پرَسوَتروپو مَھِمامتَم،
ڪارُرَوو واتِ سَدَني وِوَسِوَت ۔
پرَسَپت سَپت ميگھا هِي چَڪرَمُھ،
پرَسرِتوَرِيڻامَتِ سِنڌُ روز سا ۔۔ (10/75/1) . معنا -- 
"هي جَل ديوتا ! مانّ پَنھِنجي يَجمانَ جي گھَرَ ۾ تَوھانّ جِي اِستُتِي - ساراھَ ڪَرِڻَ وارو تَوھانّ جِي وَڏِي مَهِمان ڳايانّ ٿو. نَندِيُونّ سَتَ - سَتَ ٿِي ڪَري، ٽنهينّ ھَنڌَنِ پرَٿوِي، آڪاشَ ۽ پاتالَ ۾ وَهَنِ ٿِيُونّ ۔ اِنھَنِ نَدِينِ مانّ سَڀِنِي کانّ تيز وَھَڻَ وارِي سِنڌُو پَنھِنجي ٻَلَ جي ڪارَڻِ، اِنھَن سَڀِنِي جي وِچَ ۾ ھَلينّ ٿِي ۔"

پرَتيڱَرَدوَرُڻو ياتَوي پَٿَھَ،
سِنڌُو يَدواجام اَڀيَدرَوَاِستَوَم ۔
ڀُومِيا اَڌِپرَوَتا يامِ سانُنا،
يَدديشامَگرَ جَگَتامِرَجِيَسِ ۔۔
(رِگِويد 10/75/2) .
"هي سِنڌُو ! تُون اُپَجِ وارَنِ ھَنڌَنِ ڏي وَڌِي سَگھينّ، اِنھَنّ لاءِ جَل ديوَتا وَرُوڻَ تُنھِنجي ھَلَڻَ لاءِ وَڏو ۽ ويڪِرو ماڳُ ٺاهِيو آھي. تُونّ ڌَرِتِيءَ جي اُوچي - مَٿاھينّ ھَنڌَ تانّ وَهِي ڪَري نِڪِرَندِي آهينّ ۽ اَنَنّ - ڌَنَنّ جو ڀَنڊارُ رَکَندِي آهينّ ۔ تُونّ سَڀِنِي نَدِينِ کانّ اَڳِتي رَھَڻَ وارِي آهين"

دِوِسِوَنو يَيَتي ڀُوموپِيَ،
يَنَنتَم شُشمَمُدِيَنتِ ڀانُنا ۔
اَڀرَدِوَ پرَستَنَيَنتِ ورَشٽَيَھَ،
سِنڌُريَدوتِ ورَشَڀو نَ رورُوَت ۔۔
(رِگِويد 10/75/3) .
"هي سِنڌُو ! تُونّ جَڏَھِنّ بَئلَ وانگُرُ گَجَندِي آهينّ تَہ تُنھِنجِي گَجِگوڙَ ديوَلوڪَ سُرڳَ تائِينّ پھچَندِي آھي. تُونّ پَنھِنجِي سَگھ، لَھَرُن وَسِيلي پَڌِرو ڪَندِي آهين جِيئَنّ مِينھن جي سَمُھَ ۾ ڪَڪَرَ - بادَلَ گَجِگوڙَ ڪَندا آھِنِ، تِيئَنّ ئِي تُنھِنجي وَھَڻَ سانّ گَجِگوڙَ گُونجَندِي رَھَندِي آھي ۔"

رِگِويدَ ۾ سِنڌُوءَ جِي مَھانتا ڳائِيندي رِشِي پريميڌَ ھِڪَ مَنترَ ساڻُ لِکِيو آھي.
اَڀِتوا سِنڌو شِشُمِننَ ماتَرو،
واشرا اَرشَنتِ پَيَميوَ ڌينُوَھ ।
راجيوَ يُدڌَوانَيَسِ توَمِتسِچو،
يَدا ماسَگرَم پرَوَتامِن ڀِڪشَسِ ۔۔
(رِگِويد 10/75/4) .
"هي سِنڌُو ! جِيئَنّ ڏُھائِڻَ جوڳُ رَنڀَندَڙِ گاھِيُونّ (ڳئون)، پَنھِنجي وَڇِڙَنِ جي ويجھو اِيندِيُونّ آھِنِ، تِيئَن ئِي اِھي اَنيڪُ نَدِيُونّ گَجِگوڙَ ڪَندي تو وَٽِ ڊڪَندِيُونّ اَچَنِ ٿِيُونّ. يُڌِ (ويڙھِ) وقت جِيئَن راجا سينائُنِ (لشڪر) کي وَٺِي، اَڳِتي وَڌَندو آھي، تِيئَنّ ئِي تُونّ اِنھنِ نَدينِ کي ساڻُ وَٺِي اَڳِتي وَڌَندِي ويندِي آهين."
*رِگِويدَ ۾ سِنڌُوءَ جِي مَهِمانّ جا گِيتَ (2)*

رِگِويدَ جي ڀاڱي 10 هينّ ۽ 75 هينّ کَنڊَ "نَدِي سُوڪت" ۾ نَوَنّ مَنترَ آھِنِ، جِنِ ۾ سِنڌُو نَدِيءَ جِي مَھما (وڏائي) ھيٺينّ رِيتِ ڳايَلَ آھي.

اِمَ مي گَنگي يَمُني سَرَسوَتِي،
شُتُدرِ اِستَومَم سَچَتا پَرُشَڻيا ۔
اَسِڪَنِيا مَرُدڌي وِتَستَيا،
گَنگَجِينڪيِيي شرَڻُھَيا سُشومَيا ۔۔
(رِگِويد 10/75/5) .
"هي گَنگا، يَمُنا، سَرَسوَتِي، شَتُدرِي، پَرُشڻِي، اَسڪِنِي سانّ گَڏُ رَهَڻَ وارِي مَرُودڌ، وِتَستا، سُشوما ۽ آجِينڪِيا نَندِيُونّ تَوھانّ مُنھِنجِي اِستُتِي ساراھَ ٻُڌو ۽ سوِيڪارُ ڪَيو ۔"

ترَشٽَمَيا پرَٿَمَنّ ياتَوي سَجُوھَ،
سُسَرتَوا رَسَيا شِويتَيا ۔
تِوَم سِنڌو ڪُڀَيا گومتِيم،
مَھِتوام سَرَيَم ياڀِرِييَسي۔۔
(رِگِويد 10/75/6) .
"هي سِنڌُو ! تُونّ تيجُ (تيز) وَھَندَڙَ گومتِي نَدِيءَ جي ويجھو وَڃَڻَ کانّ پَھريونّ تُشٽاما نَندِيءَ سانّ مِلَندِي آهينّ. انھَنّ کانّ پو تُونّ سُسَرت، رَسا، شِويتِي، ڪُرَمَ، ڪُڀا ۽ ميھَتنُ سانّ مِلِي ڪَري اَڳِتي وَڌَندِي آهينّ ۔ تُونّ اِنھنِ نَدِينِ سانّ گَڏُ وَھَندِي آهينّ ۔"

رِجِيتِيينِي رُشَتِي مَھِتوام،
پَرِجَيَنسِ ڀَرَتي رَجانسِ ۔
اَدَبڌا سَنڌُرپامَپَستَما،
شوا نَ چِترا وَپُشِيوَ دَرشَتا ۔۔
(رِگِويد 10/75/7) .
"صافُ - سُڦيتُ رَنگَ وارِي سِڌو وَھَڻَ وارِي ۽ سُجهَنديوارِي سِنڌُوءَ جو تيز وارو ٻَلُ چَئِنِي پاسي وَھَندو آھي. سِنڌُو سَڀِنِي کانّ تيجُ (تيز) آھي، ھِيءَ بِنا ڪَنھن ھاڃي جي، اَڳِتي وَڌَندِي آھي ۽ چِترا جان (جيان) ڏاڍِي سُھڻِي نارِ وانگُرُ ڏِسَڻَجوڳُ آھي."

شوَشوا سِنڌُو سُرَٿا سُواسام،
ھِرَڻيَنِي سُڪرِتا واجِنِيوَتِي ۔
اُرڻاوَتِي يُوَتِھِ سِيلڀاوَ،
تِيُتاڌِ وَستي سُڀاگا مَڌُوَرڌَم ۔۔
(رِگِويد 10/75/8) .
"هي سِنڌُو ! تُونّ سُھڻي گھوڙَنِ وارِي، سُھِڻي رَٿَنِ وارِي، سُھِڻي ويسَنِ وَڳَنِ وارِي ۽ سوني ڳَھَنِ وارِي، اَنَنّ سانّ ڀَرِپُورُ، ڪَپھ ۽ جَلَ (پاڻي) سانّ ڀَرِپُورُ، شِيشَمَ (ٽالهي) جِي ڪاٺنِ سان ڀَنڊارَ ڀَرِپُورُ سُھِڻي ۽ ڀاڳَوانُ ماکِي اُپائِڻَ واري وَڻَنِ جو سَھارو، تُونّ ئِي آهين."

سُکَمَم رَٿَم يُيُجي سِنڌُوراشوَنَم،
تيج واجَم سَنِشَدَسمِناججَؤ ۔
مَهان هاسِيَ مَهِما پَنَسِيَيي،
اَديبَڌَسِيَ سوَيَشَسو وِرَپشَنَھَ ۔۔
(رِگِويد 10 / 75 / 9) .
"هي سَجِيَلَ سَمبِرِيَلَ گھوڙَنِ واري رَٿَ تي ويٺَلَ سِنڌُو ديوِي ! تَوھانّ اَسان کي اَنُ ڏِيو. يُڌِ ۽ يَگِيَ ڪَرِڻَ مَحِلَ اَسانّ تي اُپَڪارَ (ٿورو) ڪَرِڻَ وارِي سِنڌُو! اَسانّ تَوھانّ جِي اِستُتِي ساراھَ ڪَيُونّ ٿا."

حوالو
رگويد جا شعر      سر پريم تنواڻي
By Asghar Sagar

Genome ڄڻوٺو ۔ ڄڻوٽو 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پَراڻي حياتيات ۽ ڄَڻيات ۾ ڄڻوٺو جِيو جو ڄڻياتي مواد آھي. اھو کِھ (ڊي اين اي) تي مشتمل آھي. ڄڻوٺو ٻنهن اڍن ۽ اڻ ڀيد کِھ ۽ ماڳوٽي کِھ ۽ ساداڻي تي مشتمل ٿئي ٿو. ڄڻوٺي جي علم کي ڄڻوٺيات سڏجي ٿو.
In the fields of molecular biology and genetics, a genome is the genetic material of an organism. It consists of DNA. The genome includes both the genes and the noncoding DNA, as well as mitochondrial DNA and chloroplast DNA. The study of the genome is called genomics.

DNA  کِھ - ڊي اين اي

Genome
ڄَڻوٺو ۔ ڄَڻوٽو ۔ اَڍوٺو ۔ اَڍوٽو ۔ جِينوم ۔ اَڍِي مواد ۔ ڄَڻِي مواد ۔ جِيني مَواد

Molecular biology
پَراڻِي حَياتيات ۔ ماليڪيولي حياتيات

Gene  ڄَڻ ۔ اَڍ ۔ جِين

genetics ڄَڻيات ۔ اَڍيات ۔ جِينيات

Genetic material
 ڄَڻياتي مواد ۔ اَڍياتي مواد ۔ جِينياتي مواد

Noncoding  اڻ ڀيدي

mitochondrial DNA
ماڳوٽي کِھ ۔ ماڳوٽي ڊي اين اي

Chloroplast  سارنگو ۔ ساداڻو

Genomics
ڄَڻوٺِيات ۔ اَڍوٺيات ۔ ڄَڻوٽِيات ۔ اَڍوٽِيات - جِينوميات

By Asghar Sagar

Friday, 10 January 2020

معدنيٺو Magnesium 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
معدنيٺو Mg نشانيء سان ھڪ ڪيميائي عنصر ۽ ايٽمي نمبر آھي. اھو چمڪندڙ سرمئي نھرو آھي جيڪو جدولي ٽيبل جي ٻئي ڪالم ۾ 5 عنصرن سان ويجهي جسماني ھڪجھڙائي رکي ٿو.
Magnesium is a chemical element with the symbol Mg and atomic number 12. It is a shiny gray solid which bears a close physical resemblance to the other five elements in the second column of the periodic table.

Magnesium
معدنيٺو ۔ معدنيشو ۔ معدناڪسو ۔ معدني آڪسو ۔ معدني آڪسي جز

chemical element
ڪيميائي عنصر

ايٽمي نمبر   Atomic number

Shiny  چمڪندڙ

سرمئي   Gray

Solid  نھرو

To bear a close physical resemblance to sth
ڪنھن شي سان ويجهي جسماني ھڪجھڙائي رکڻ ۔ ڪنھن شي سان ويجهي جسماني مشابھت رکڻ

Periodic table  جدولي ٽيبل

مِٺماسو Glycoprotein 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مِٺماسا پروٽين آھن جيڪي گهٽ مِٺاستِي ڪڙين (مِٺاڄن) تي مشتمل ٿين ٿا جيڪي ميلاپي طور امينو تيزابي پاسي ڪڙين سان مليل ٿين ٿا. نشاستو جڳھ بدل تبديلي يا پوئين جڳھ بدل تبديلي ۾ پروٽين سان مليل ٿئي ٿو. ھن مرحلي کي مِٺوخيت طور ڄاتو وڃي ٿو. رطوبتي ٻاھريان گهرڙي پروٽين اڪثر ڪري مِٺوخِيَت وارا ٿي وڃن ٿا.
Glycoproteins are proteins which contain oligosaccharide chains (glycans) covalently attached to amino acid side-chains. The carbohydrate is attached to the protein in a cotranslational or post translational modification. This process is known as glycosylation. Secreted extracellular proteins are often glycosylated.

Protein ماسو ۔ لحمو ۔ پروٽين

Glucose   مِٺ ۔ ميٺ ۔ مِٺاڻ ۔ ميٺاڻ

Glycoproteins
مِٺماسا ۔ مِٺلَحما ۔ مٺ (گلوڪوز) سان مليل ماسا يا لحما يا پروٽين
Saccharide  مِٺاستو ۔ ميٺاستو

Oligosaccharide
گهڻ مِٺاستو ۔ گهڻ ميٺاستو

Amino acid side-chains
اميني تيزابي پاسي ڪڙيون

Glycans مِٺاڄا ۔ ميٺاڄا

Oligosaccharide chains
گهڻ مِٺاستِي ڪڙيون ۔ گهڻ ميٺاستِي ڪڙيون

نشاستو   Carbohydrate

Cotranslational modification
جڳھ بدل تبديلي

Post translational modification
پوئين جڳھ بدل تبديلي

Glycosylation
مِٺوخِيَت ۔ ميٺوخِيَت ۔ انگوري کنڊ جو خامري عمل ۔ انگوري نشاستي جو خامري عمل

Glycosylide
مٺاڻ يا مٺ ± خامري عمل = مٺوخو
مِٺوخو ۔ ميٺوخو ۔ انگوري کنڊ وارو ماليڪيول ۔ انگوري نشاستي وارو ماليڪيول

Glycosylated
مِٺوخِيت وارو - ميٺوخِيت وارو - مِٺوخيت ۾ اچڻ - مِٺوخو ٿيڻ

تَندوڄو Fibrinogen 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
تَندوڄو ڪرنگهيدارن جي رت ۾ مٺماسو پيچيدھ آھي. اوڄي زخم يا رڳي زخم دوران اھو خامري طور خامرت مان بافتاري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ ان کان پوء بافتاري رت ڳوڙھي ۾. بافتاري ڳوڙھي ڪارج بنيادي طور تي رت جي رڳن کي رت جي وھڻ کان روڪي ٿو.
Fibrinogen is a glycoprotein complex that circulates in the blood of vertebrates. During tissue and vascular injury it is converted enzymatically by thrombin to fibrin and then to a fibrin-based blood clot. Fibrin clots function primarily occludes blood vessels to stop bleeding.
Fibrinogen is produced by the liver and released into the blood along with several other clotting factors (also called coagulation factors). Normally, when a body tissue or blood vessel wall is injured, a process called hemostasis begins to help stop the bleeding by forming a plug at the injury site.

Fibrinogen
تندوڄو ۔ تنداڄو ۔ تندڪارو ۔ تندسازو ۔ تند جوڙيندڙ اوڄو

Glycoprotein
مِٺماسو ۔ مِٺلَحمو ۔ مٺ (گلوڪوز) سان مليل ماسو يا لحمو يا پروٽين

Glycoprotein complex 
مِٺماسو پيچيدھ ۔ مِٺلَحمو پيچيدھ

Vertebrates  ڪرنگهيدار ۔ ريڙھيدار

اڄي زخم ۔ بافتي زخم Tissue  injury

Vascular injury  رڳي زخم

خامري طور  Enzymatically

Thrombin
خامرت ۔ خميرت ۔ خامري رتيت ۔ خميري رتيت ۔ خامرت جيڪا تندوڄي کي بافتاري ۾ تبديل ڪري ٿي ۔ رت کي ڄمائيندڙ خامري عمل

Fibrin
بافتارو ۔ ريشارو ۔ تندوڇو ۔ تندڄارو ۔ ھڪ ريشيدار لچڪدار حل نہ ٿيندڙ لحمو جيڪو رت جي صورت ۾ ڄمي ٿو ۔ بافتي جو ڄار جيڪو جيڪو رت جي ڄمڻ سان ٺھي ٿو.

Fibrin-based blood clot
بافتاري رت ڳوڙھو ۔ ريشاري رت ڳوڙھو ۔ تندوڇي رت ڳوڙھو ۔ تندڄاري رت ڳوڙھو

Blood vessels
رت جون رڳون

ڦِڦوڄ Emphysema 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڦِڦوڄ  COPD جو نمونو آھي جيڪو ڦڦڙن ۾ ھوا جي ڳوٿرين (ڦِڳوٿَن) Alveoli کي نقصان پھچائڻ ۾ ملوث ٿئي ٿو. نتيجي طور ضرورت مطابق جسم کي آڪسيجن نٿي ملي. ڦڦوڄ ڦڦڙن کي سخت بنائي ساھ کي تنگ ڪري ٿي. توھان کي مھلڪ کنگھ ٿي سگهي ٿي ۽ ورزش دوران ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. گهڻو عام سبب سگريٽ پيئڻ آھي.
Emphysema is a type of COPD involving damage to the air sacs (alveoli) in the lungs. As a result, your body does not get the oxygen it needs. Emphysema makes it hard to catch your breath. You may also have a chronic cough and have trouble breathing during exercise. The most common cause is cigarette smoking.Jul 1, 2019

Emphysema  ڦِڦوڄ ۔ ڦڦڙ جي سوڄ

ھوا جون ڳوٿريونAir sacs

Chronic cough مُھلڪ کنگھ

ڦِڳوٿا ۔ ڦِڦوٿا ۔ ڦِڦڙ جون ھوا جون ڳوٿريون Alveoli

بيٽا گجرو Beta۔carotene 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
بيٽا گجرو ڳاڙھو نارنگي رنگو ھڪ نامياتي مضبوط رنگ آھي جيڪو ٻوٽن ۽ ميون ۾ جهجهو ملي ٿو. اھو گجرن جو ميمبر آھي جيڪي اٺ ھمپري اڪاين کان ڪيميائي طرح ترڪيبي تاربينا آھن ۽ ان ڪري 40 ڪاربان وارا آھن.
جوڙ: C40H56
 ڏاٺ مايو:   536.8726g/mole
ھيڊيٺي حل پذيريت: 0.1g/L
لوڻيٿي حل پذيريت: 4.51g/kg (20 °C)
آبي حل پذيريت: اڻ حل پذير
β-Carotene is an organic, strongly colored red-orange pigment abundant in plants and fruits. It is a member of the carotenes, which are terpenoids, synthesized biochemically from eight isoprene units and thus having 40 carbons. Wikipedia

Formula: C40H56

Molar mass: 536.8726 g/mol

Solubility in hexane: 0.1 g/L

Solubility in dichloromethane: 4.51 g/kg (20 °C)

Solubility in water: Insoluble

Solubility: Soluble in CS2, benzene, CHCl3, ethanol; Insoluble in glycerin

β-Carotene  بيٽا گجرو

نامياتي ۔ ماھي Organic

Red-orange pigment
ڳاڙھو نارنگي رنگو

Pigment  رنگو ۔ رنگيندڙ

جهجهو ۔ ڪثيرو   Abundant

Carotenes  گجرون

تاربينا ۔ تارپينا   Terpenoids

Synthesized  ترڪيبي

Biochemically جيو ڪيميائي طور

Isoprene
ھمپرو ۔ بي رنگ پاڻيٺي ھائڊروڪاربان

Formula  جوڙجڪ ۔ جوڙ ۔ گهاڙ

ڏاٺ مايو ۔ ڏاٺ ماس  Molar mass

Hexane  ھيڊيٺو ۔ ھيڊروڪارباني پاڻيٺ

Solubility in hexane
ھيڊيٺي حل پذيريت ۔ ھيڊروڪارباني پاڻيٺي حل پذيريت

Soluble  حل پذير ۔ ڳرندڙ

اٿينو  Ethanol

Insoluble  اڻ حل پذير ۔ اڻ ڳرندڙ

Dichloromethane
ٻہ لوڻميٿو ۔ ٻہ لوڻيٿو ۔ ڊاء ڪلوروميٿين

Methane ميٿو ۔ ميٿين

معدنو Magnese 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
معدنو MN عنصر سان ھڪ ڪيميائي عنصر ۽ ايٽمي نمبر آھي. اھو قدرت ۾ آزاد عنصر طور نٿو پاتو وڃي. اھو معدنيات ۾ اڪثر ڪري گڏيل طور پاتو وڃي ٿو. معدنو خاص ڪي بي ڪٽ رڪن ۾، صنعتي مرڪبي ڌاتن جي استعمال جي ترتيب بند سروپي وارو پلاڻي ڌاتو آھي
Manganese is a chemical element with the symbol Mn and atomic number 25. It is not found as a free element in nature; it is often found in minerals in combination with iron. Manganese is a transition metal with a multifaceted array of industrial alloy uses, particularly in stainless steels.

Symbol: Mn

Atomic mass: 54.938044 u

Atomic number: 25

Electron configuration: [Ar] 3d54s2

Melting point: 1,246 °C
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
Multifaceted  سروپو ۔ مختلف روپو

ترتيب بند ۔ صف بند ۔ ترتيبوار  Array

Alloy  مرڪب ڌات ۔ مرڪب ڌاتو

بي ڪٽ ۔ بي زنگ ۔ بي داغ Stainless

Symbol  نشاني

ايٽمي مايو     Atomic mass

Atomic number  ايٽمي نمبر

ڪاٽاڻي ترتيب  Electron configuration

Electron  ڪاٽاڻو

رڪ    Steel

Monday, 6 January 2020

ايٿول Ethanole 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ايٿول Ethanol کي ڪحل Alcohol ۔ ايٿو ڪحل Ethyl alcohol ۔ داڻي ڪحل Grain alcohol ۽ ڪحل Alcohol پڻ سڏجي ٿو ۽ ڪحلي مشروبن Alcoholic beverages ۾ اھم جزو جيئن شراب Beer ۔ وائين Wine يا برانڊي Brandy آھي. ايٿول ھڪ سادي ڪحل Simple alcohol جي ڪيميائي گهاڙ C ₂H ₆O سان ھڪ ڪيميائي مرڪب Chemical compound آھي انهي جي گهاڙ Formula کي ھن ريت لکي سگهجي ٿو.
CH ₃−CH ₂−OH or C ₂H ₅OH
۽ انهي جو مخفف EtOH طور نڪري ٿو. ايٿول ھلڪي غير خاصيتي بوء Slight characteristic odor سان غير مستحڪم Volatile ۔ شعلي جوڳو Flammable - بي رنگ پاڻيٺ Colorless liquid آھي. ايٿول Ethanol يا ايٿو ڪحل Ethyl alcohol فقط ڪحل Alcohol جو قسم آھي جيڪو سنجيدگيء سان پاڻ کي نقصان پھچائڻ کان سوا توھان پي سگهو ٿا ۽ پوء ڏسجي تہ انهي سان طبع بدلجي نٿي يا انهي ۾ زھري ڪچايون Toxic impurities شامل ناھن. ڪڏھن ڪڏھن ايٿول کي داڻي ڪحل (اناجي ڪحل) Grain alcoho سڏجي ٿو ڇوجو اھو اھو ڪحل Alcohol جو اھم نمونو آھي جيڪو داڻي ڪشيدڪاري Grain fermentation سان پيدا ٿئي ٿو.
ٻارڻ واري ايٿول Fuel grade ethanol ۾ خطرناڪ ڪچايون Dangerous impurities ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪڏھن بہ واپرائڻ نہ کپي. ايٿول C2H6O ڪحلي مشروبن ۾ ڪحل آھي جنھن کي ڪحل سڏجي ٿو. ميٿول CH3OH  Methanol جنھن کي ڪڏھن ڪڏھن ڪاٺي Wood alcohol سڏجي ٿو سو وڏو زھريلو آھي.
ايٿولي ٻارڻ Ethanol fuel ايٿو ڪحل Ethyl alcohol آھي. ساڳو ڪحل مشروبن ۾ پاتو وڃي ٿو جنھن کي پڻ ٻارڻ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ايٿولي ٻارڻ کي موٽر ٻارڻ Motor fuel طور استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪو گيسرول Gasoline لاء جيوٻارڻ اضافو Biofuel additive آھي.

ايٿول جو ٺھڻ:
ايٿول ٻوٽن جي ڪشيدڪاريء جي قدرتي ضمني اپت Natural byproduct آھي ۽ ايٿليڻ Ethylenea جي آبيدگي Hydration مان تيار ڪري سگهجي ٿي.
نشاستي Starch جي مختلف طريقن سان ايٿول جي ڪشيدڪاري Fermented ڪئي وڃي ٿي جن ۾ مڪئي Corn ۔ ڪڻڪ Whear ۔ جوار Grain sorghum ۔ جو Barely ۔ پٽاٽن Potatoes ۽ کنڊي فصلن  Sugar crops مان  جيئن ڪمند Sugar cane ۽ جوار Sweet sorghumac شامل آھن. ڪمند ۾ ايٿول جو جهجهو وسيلو آھي، گهڻو تڻو ايٿول آمريڪا ۾ مڪئي مان ٺاھيو وڃي ٿو.
ايٿول کي گهڻو ڪري ڪشيدڪار مرحلي Fermentation process ذريعي کنڊ مان نڪتل مٺاڻ Glucose جيئن ڪمند Sugar cane ۔ ڳڙ Molasses ۔ چقندري کنڊ Sugar beet ۔ نشاستي Starch جيئن مڪئي Corn ۔ ڪڻڪ Wheat ۽ اناج Grains يا گهروستي Cellulose جيئن جنگلي اپتن Forest products کي خام مالن Raw materials طور استعمال ڪندي جيومايي Biomass مان پيدا ڪيو وڃي ٿو. ترڪيبي ايٿول Synthetic ethanol ناقابل تجديد وسيلن Non-renewable sources جيئن ڪوئلي Coal ۽ گيس Gas مان پڻ پيدا ڪري سگهجن ٿا.

ايٿول جا فائدا:

گهرو سينگاري شين جو جز:
ايٿول سينگاري شين Cosmetics ۽ سونھن جي اپتن Beauty products جو ھڪ جزو Ingredient آھي. اھا خشڪ دوا Astringent طور ڪم ڪري چمڙي کي صاف ڪري ٿي، لوشنن ۾ محافظ Preservative طور ڪم ڪري ٿي ۽ پڪ ڏياري ٿي تہ لوشن جا جزا ڌار نٿا ٿين ۽ وار جي اسپري Hairsprays ۾ وارن کي ڄمرائي ٿي. ڇوجو ڇوجو ايٿول خورد جيوتن Microorganisms جيئن جيوڙا Bacteria ۔ ڦنگي Fungi ۽ وائرن Virsuses کي مارڻ ۾ پر اثر رھي ٿو. اھو مختلف صافن Hand sanitizers ۾ عام جز آھي. يو ايس سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول ۽ پروينشن اھڙي وقت ھن جي صافي جي استعمال جي تجويز ڏئي ٿو جڏھن صابڻ ۽ پاڻي موجود نہ ھجن.

خوردبين جيوتن کي ماريندڙ:
ايٿول پاڻي ۽ ڪيترن نامياتي مرڪبن Organic compounds سان ملي وڃي ٿو ۽ چٽن Paints ۔ سونھري روغنن Lacquers ۽ وارنش جي Varnish استعمال ۽ ذاتي سنڀال Personal care ۽ گهرو صاف ڪندڙ اپتن Household cleaning products لاء ھڪ اثرائتو ڳار Solvent ٺاھي ٿو. ان کان سوا ايٿول Ethanol خوردجيوتن Microorganisms کان بچائڻ لاء محافظ طور ڪم ڪري ٿو جيڪي واپرايندڙن کي لڳن ٿيون.

گيسرول پيٽرول طور استعمال ٿيندڙ:
آمريڪا جو 97 سيڪڙي کان مٿي، گيسرول Gasoline ۾ ايٿول Ethanol نموني ملاوٽ طور موجود آھي جنھن کي E10 سڏيو وڃي ٿو جيڪو ٻارڻ Fuel کي آڪسائڻ ۽ ھوا مان آلودگي Air pollution گهٽ ڪرڻ لاء 10 سيڪڙو ايٿول ۽ 90 سيڪڙو گيسرول جو ٺھيل آھي. ايٿول ۾ ڪٺ Octane جو تعداد گيسرول کان مٿي آھي ۽ واڌوتري ملاوٽي خوبيون Premium blending properties مھيا ڪري ٿو. گهٽ ۾ گهٽ ڪٺ Octane جو تعداد انجڻ جي کڙڪي Engine knocking کان بچائي ٿو ۽ سواريت Drivability برقرار رکي ٿو.

کاڌي جي اپتن ۾ استعمال ٿيندڙ:
ايٿول وڏو شعلي جوڳو Highly flammable آھي ۽ ڪڏھن بہ کليل شعلن Open flames اڳيان استعمال نہ ڪرڻ کپي. ايٿول جي ساھڪاري Ethanol inhalation سان کنگھ Coughing ۽ مٿي جو سور Headaches ٿي سگهي ٿو. FDA ايٿول جي محفوظ مواد Safe substance طور ضمانت ڏئي ٿو تہ انهي جو استعمال کاڌي جي اپتن Food products ۾ محفوظ آھي ڇوجو ايٿول ڪحل جي نج جوڙ آھي. آمريڪا ۾ انهي جو استعمال کاڌي ۽ واپرئڻ ۾ ڪيو وڃي ٿو.

صافي اپتن ۾ استعمال ٿيندڙ:
صافي اپتن  Hand sanitizers products
 يا ذاتي سنڀال Personal care جي نج ڪوحلي کي پيئڻ کان بچائڻ لاء ڌپيرو مواد Denaturant ملايو وڃي ٿو. ڌپيري مواد Denaturant جي ملائڻ سان انسان ايٿول کي پي نٿو سگهي ۽ ايٿول جي خوبي ۾ ڪا تبديلي نٿي اچي.

Friday, 3 January 2020

اک Eye 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اک اھڙو عضوو آھي جيڪو روشني جو ادراڪ (احساس) رکي ٿي ۽ بصارت (بينائي) جو ڪم ڪري ٿي. انساني اک عڪسڀري Camera سان ملي جلي ٿي.

 اک جي بناوٽ:
اک جي بناوٽ کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.
(1) اندرين بناوٽ
(2) ظاھري بناوٽ

(1) اندرين بناوٽ
انساني اک جي گول بناوٽ جيڪا سامهون اڀريل ٿئي ٿي جيڪا کوپڙي جي سامهون نرڙ ھيٺان گول ھڏي ۾ رکيل آھي. ھن پيالي جھڙي حلقي ۾ رڳون ۽ ٻيون دماغ کان ايندڙ رڳون موجود ٿين ٿيون. ھڪ اک جو قطر 2.4 سينٽي ميٽر يعني ھڪ انچ کان گهٽ ٿئي ٿو. اک جي سامهون پپوٽا ٿين ٿا جن جي حرڪت تي روشني جي آمد جو مدار ٿئي ٿو. ھن روشني جي اچڻ سان تمام شين جون شڪليون اک ۾ جنم وٺن ٿيون.

(2) اندروني بناوٽ:
اک جي اندروني بناوٽ ٽن تھن تي مشتمل ٿئي ٿي 
(1) اکاڇو Sclera
(2) اکوپو Choroid
(3) نرعڪسي Retina

(1) اکاڇو  Sclera
اَکاڇو Sclera اک جو مٿيون تھ ۽ اڇو حصو آھي جيڪو پوتلي Cornea جي آسپاس آھي. درحقيقت، اَکاڇو اک جي بال جي تھ ايراضي جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ جوڙجڪ ڪري ٿو جيڪو پوتلي Cornea کان نُوري تنت Optic nerve جي سموري رستي تائين پکڙيل آھي جيڪو اک جي پٺ جو وجود رکي ٿو. صرف اکاڇي جي اڳئين حصي جو ننڍو حصو نظر اچي ٿو. ھي ٻاھريون تھ ٿئي ٿو. رنگت ۾ سفيد ۽ ڪجھ سخت ٿئي ٿو. ھن ۾ پوتلي Cornea اڀريل ٿئي ٿي. 

(2) اکوپو  Choroid
ھي وچون تھ ٿئي ٿو ۽ مايي Volume ۽ نسيڄن Vascular وارو ٿئي ٿو. ھي پوتلي Cornea کان پھرين مڙي وڃي ٿو ۽ ھن موڙ کي تارو Iris چئجي ٿو جيڪو بلور Lense سان جڙيل ٿئي ٿو. بلور جو سوراخ ننڍو يا وڏو ٿي عڪس جي بيھڪ کي بيھاري ٿو. اکوپو Choroid جنھن کي اکوپيو Choroidea يا اکي کوپو Choroid coat سڏيو وڃي ٿو، اھو اک جو نسي تھ Vascular layer آھي جيڪو مليل اوڄن Connective tissues تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ نرعڪسي Retina ۽ اکاڇي Sclera جي وچ ۾ ٿئي ٿو. انساني اکوپو Human choroid اک جي 0.2 ملي ميٽر گهڻي دوري کان گهاٽوترين ٿئي ٿو جڏھن تہ اھو ٻاھرين ايراضين Outlying areas کان 0.1 ملي ميٽر تائين سوڙھو ٿئي ٿو.
اکوپو Choroid نرعڪسي Retina کي غذائي جزا Nutrients پھچائي ٿو ۽ اک جي پد Temperature ۽ مقدار Volume کي برقرار رکي ٿو. اکوپي دورو Choroidal circulation جيڪو اک ۾ سموري رت جي وھڪ Blood flow جو سمورو 85 سيڪڙو بيھي ٿو اھو نسبتن گهٽ آڪسيجني مواد Low oxygen content جي نسبت سان وڏو وھڪي سرشتو High-flow system آھي. اکوپي دوري Choroidal circulation
 تي خاص طور تي مضبوط عصبيت Sympathetic innervation سان ضابطو پاتو وڃي ٿو ۽ ھن کي پاڻ موافق Autoregulated سمجهيو نٿو وڃي. پاڻ موافقيت Autoregulation جي کوٽ اکوپي کي عيني تراھٽي داٻ Ocular perfusion pressure سان پاڻ آڌاري Dependent بنائي ٿي.

(3) نرعڪسي  Retina
نرعڪسي Retina حس جهلي Sensory membrane آھي جيڪا اک بال جي پويان اندريين تھ Inner surface ۾ ليڪ ڌارون ڪڍي ٿي. اھا ڪيترن تھن سان مرتب ٿئي ٿي، ھر ھڪ خاص گهرڙن Specialized cells تي مشتمل ٿئي ٿي جن کي عڪسڀارو Photoreceptors سڏبو آھي. نِرعڪسي Retina روشني حاصل ڪري ٿي جنھن تي بلور Lens مرڪوز ٿيل ھوندو آھي، اھا روشني کي تنتي اشارن Neural signals ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ انهن اشارن کي عڪسي سڃاڻپ Visual recognition لاء دماغ ڏي موڪلي ٿي.
اسان جون اکيون ڏسڻ جو ذريعو آھن پر ان جي اندريان عضوا عڪسيت جي بحالي ڪن ٿا. مثال طور ھڪ جڳھ جي ڇت تي پاڻي جي ٽانڪي آھي. ھيٺ ھڪ ماڻھو ٽونٽي ذريعي پاڻي ڪڍي رھيو آھي. اسان ڏسون ٿا تہ پاڻي ٽونٽي مان اچي رھيو آھي پر ظاھر ۾ پاڻي جو اصل ذريعو مٿي پيل ٽانڪي آھي، نڪي ٽونٽي آھي. ٽونٽي صرف پاڻي ڪڍڻ ۾ مدد ڪري رھي آھي. ائين ڏسڻ ۽ عڪسيت Imaging جو ڪم نراغ Forebrain جي حصي سراري Cerebrum جي ڪياڙي لوٿ Occipital lobe ۾ ٿئي ٿو.
اکيون انسان ۾ وصولن Receptors جو ڪم ڪن ٿيون. اھڙا عضوا جيڪي محرڪي stimuli طور ڪم ڪن، انهن کي حسي عضوا  Sense organs يا وصولا Receptor سڏيو وڃي ٿو. اسان جون اکيون کوپڙي جي ٻن حصن ۾ موجود ٿين ٿيون جن کي حلقو (گول دائرو) Orbit سڏجي ٿو. اک جي بناوٽ کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو. اک جو ٻاھريون تھ اکاڇو Sclera ۽ پوتلي Cornea تي مشتمل ٿئي ٿو. اکاڇو Sclera
 اک کي اڇي روشني ڏئي ٿو. ھي ٿلهن ڳنڍيندڙ اوڄن Connective tissues جي ٺھيل ٿئي ٿو جيڪي ٻين اوڄن Tissues کي سھارو ڏين ٿا ۽ انهن کي جوڙين ٿا. اکاڇو Sclera اک جي اندرين حصن جي حفاظت ڪري ٿو ۽ انهن جي شڪل برقرار رکي ٿو. سامهون اکاڇو Sclera پوتلي Cornea کي ٺاھي ٿو. پوتلي Cornea روشني کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏئي ٿي ۽ روشني جي شعاعن کي اھڙي طرح موڙي ٿي جو شعاع مرڪوزيت تي اچي وڃن ٿا. ھاڻي اک ۾ وچون تھ اچي وڃي ٿو جنھن کي اکوپو Choroid سڏجي ٿو. اکوپي Choroid ۾ رت جون رڳون Blood vessels ٿين ٿيون جيڪي ڪاري رنگ جون ٿين ٿيون. اکين جي رنگ جو تعين جين Gene ڪن ٿا جيڪي ڀوري رنگ جا رنگا ميلان Melanin ٿين ٿا. ميلان Melanin ھڪ رنگو آھي جنھن جو ھي فائدو آھي تہ روشني جي موڙن کي بي ترتيب ٿيڻ نٿو ڏئي. پوتلي Cornea جي پويان اکوپو Choroid اندر طرف مڙيل ٿئي ٿو ۽ ھڪ مشڪي دائرو جوڙي ٿو جنھن کي تارو Iris سڏيو وڃي ٿو. تاري Iris جي مرڪز ۾ گول سوراخ ٿئي ٿو جنھن کي ماڻڪي Pupil سڏيو وڃي ٿو. روشني پوتلي Cornea سان ٽڪرائڻ بعد ماڻڪي Pupil مان گذري ٿي. تاري Iris ۾ ٻن قسمن جون مشڪون پاتيون وڃن ٿيون
(1) شعاعي مشڪون ۔ تجل مشڪون  Radial muscles
(2) دائري مشڪون ۔ گول مشڪون  Circular muscles
تيز روشني ۾ تاري Iris جون دائري مشڪون سڪڙن ٿيون ۽ ماڻڪي Pupil تنگ ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح جهيڻي روشني ۾ شعاعي مشڪون Radial muscles سڪڙجي وڃن ٿيون ۽ ماڻڪي Pupil پکڙجي وڃي ٿي. اھو انهي ڪري ٿئي ٿو جو اک ۾ تمام گهڻي روشني سان نرعڪسي Retina کي نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ ماڻڪي Pupil سڪڙجڻ ڪري ان کي نقصان کان بچائي ٿي. جيڪڏھن روشني گهٽ ھجي تہ ڏسڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو تہ ماڻڪي Pupil ان وقت پکڙجي وڃي ٿي جنھن ڪري گهڻي روشني اک ۾ وڃي ٿي ۽ ڏسڻ آسان ٿي وڃي ٿو. تاري Iris جي پويان اپٽيل بلور Convex lens ٿئي ٿو جيڪو روشني کي نرعڪسي Retina تي مرڪوز (فوڪس) ڪري ٿو. وڌيڪ فاصلي تي موجود شين کي ڏسڻ لاء واردار مشڪون Ciliary muscles رليڪس ٿين ٿيون ۽ بلور گهٽ اپٽيل (اڀريل) Less Convex ٿي وڃي ٿو. گهٽ فاصلي تي موجود شين کي ڏسڻ لاء واردار مشڪون Ciliary muscles سڪڙجي وڃن ٿيون جنھن ڪري بلور Lens وڌيڪ اپٽيل (اڀريل) More convex ٿي وڃي ٿو. واردار مشڪون Ciliary muscles اھي مشڪون ٿين ٿيون جيڪي بلور ۾ دائري نما تندوڙي تنجڻي Suspensory ligament جي مدد سان ٺھيل ٿين ٿيون.
اک جو اندروني تھ حسي Sensory آھي جنھن کي نرعڪسي Retina سڏجي ٿو. ان ۾ روشني وارا حساس گهرڙا لٺ گهرڙا Rods ۽ نبات گهرڙا Cones ۽ ان سان منسوب نبات گهرڙا Cones ٿين ٿا.

(1) لٺ گهرڙا Rods
لَٺيا Rods يا لٺ گهرڙا Rod cells اک جي نرعڪسي Retins ۾ عڪسُولا گهرڙا Photoreceptor cells آھن جيڪي بَصرِي عَڪسُولِي Visual photoreceptor يعني نبات گهرڙن Cone cells جي ٻئي نموني کان گهٽ تکي روشني ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا. لٺيا Rods اڪثر نَرعڪسي Retina جي ٻاھرين ڪِنارن تي دائِرِي بصارت Peripheral vision ۾ ڳُوڙھا Concentrated پاتا وڃن ٿا. ھي جهيڻي روشني لاء حساس ٿين ٿا.

(2) نبات گهرڙا Cones
نِباتِيا Rods يا نِبات گهرڙا Cone cells ڪرنگهيدار اکين Vertebrate eyes جي نرعسي Retina ۾ عڪسُولا گهرڙا Photoreceptor cells آھن (مثال طور انساني اک). اھي روشني جي مختلف لھري ڊيگهن Different wavelengths کي مختلف نموني موٽ ڏين ٿا ۽ ان ڪري شفاف روشني جي تعلق سان  رنگي نظريت Color vision ۽ ڪارج Functionab جا بھتر نموني ذميوار ٿين ٿا. لٺ گهرڙن Rod cells جي ڀيٽ ۾ جيڪي جِهيڻي روشني Dim light ۾ بھتر نموني ڪم ڪن ٿا. ھي تيز روشني لاء حساس ٿين ٿا ۽ رنگن جي سڃاڻپ ڪن ٿا. انسان جي اک ۾ تقريبن 125 لک لٺ گهرڙا ۽ 7 لک نبات گهرڙا ٿين ٿا.
نرعڪسي Retina تي اھم 2 جڳھون ٿين ٿيون.
(1) اکامو   Fovea
(2) بصري ٿالهي  Optic disc

(1) اکامو   Fovea
ھي نرعڪسي Retina جي بلڪل ھڪ گهرائي ۾ ٿئي ٿو. ھن ۾ نبات گهرڙن Cone cells جي تعداد تمام گهڻي ٿئي ٿي ۽ ھي جڳھ رنگن جي سڃاڻپ جي ذميوار ٿئي ٿو.

(2) بصري ٿالهي  Optic disc
ھي اھا جڳھ آھي جتي بصري ٿالهي نرعڪسي Retina ۾ داخل ٿئي ٿي. ھن جڳھ تي لٺ گهرڙا Rod cells ۽ نبات گهرڙا Cone cells پاتا نٿا وڃن جنھن کي انڌي جڳھ Blind spot سڏيو وڃي ٿو.
تاري Iris جي ڪري اک جو کانچو ٻن خانن ۾ تقسيم ٿيل آھي.
(1) اڳيون نرخانو Anterior chamber
(2) پويون نرخانو Posterior chamber

(1) اڳيون نرخانو Anterior chamber
اڳيون خانو پوتلي Cornea ۽ تاري Iris جي وچ ۾ اک جو اڳ وارو خانو آھي. ھي روشني جي تعداد کي قابو ڪري ٿو جيڪا ماڻڪي Pupil جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ سان اک ۾ داخل ٿئي ٿي. اڳيون خانو اک ۾ تاري Iris ۽ پوتلي Cornea جي گهڻي اندريين تھ جي وچ ۾ خال واري نرٺ (نرپاڻيٺ) Aqueous humor-filled space سان ڀريل ٿئي ٿو، ان اندريين تھ کي منجهستر Endothelium سڏجي ٿو.

(2) پويون نرخانو Posterior chamber:
اک ۾ تاري Iris جي پويان ۽ بلور Lense جي اڳيان ھي خال ٿئي ٿو. تارو Iris اوڄن جي رنگي منڊي آھي جيڪا اک ۾ گهڙندي روشني جي تعداد کي باقائدي ڪري ٿي ۽ ماڻڪي Pupil جي ماپ کي برقرار رکي ٿي. بلور Lens اک ۾ شفاف ٻہ سطحي جسم آھي جيڪو روشني کي موڙي ٿو.
پويون خانو تاري Iris جي تھي حصي جو سوڙھو خال ۽ تاري Iris جي بلور جي تندوڙي تنجڻن Suspensory ligament of the lens جو اڳيون حصو آھي ۽ تاندوري مرحلن جو اڳيون حصو آھي. اڳيون خانو ننڍي خال تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪو سڌي طور تاري Iris جي اڳيان اچي ٿو پر بلور جي پويان اچي ٿو.
جيڪو خانو تاري Iris جي سامهون آھي انهي کي پوتلي Cornea سڏجي ٿو ۽ پويان خانو تاري Iris ۽ نرعڪسي Retina جي درميان اڳئين خاني ۾ ھڪ صاف پاڻي ٿئي ٿو جنھن کي نرٺ (نرپاڻيٺ) Aqueous Humour سڏجي ٿو ۽ پوئين چيمبر ۾ جيلي وانگر پاڻيٺ ٿئي ٿي جنھن کي اوجيل (نرجيل) Vitreous humour سڏجي ٿو. ھي اک جي شڪل برقرار رکڻ ۾ اک جي مدد ڪري ٿو ۽ نازڪ بلور کي ساڪت رکي ٿو. 
 جڏھن ڪنھن شي سان روشني ٽڪرائي اک ۾ داخل ٿئي ٿي تہ روشني پوتلي Cornea ۔ ماڻڪي Pupil ۔ پاڻيٺي ڳار نرٺ Aqueous Humour ۔ بلور Lens ۽ اوجيل  vitreous humour کان گذري ٿي، بلور Lens ان روشني کي نرعڪسي Retina تي بہ مرڪوز (فوڪس) ڪري ٿو ۽ نتيجي طور نرعڪسي Retina تي عڪس ٺھي ٿو. لٺ گهرڙا Rods ۽ نبات گهرڙا Cones بصري تنت Optic nerve ۾ تنتي ڇڪون Nerve impulses پيدا ڪن ٿا انهن ڇڪن کي دماغ جي اڳئين حصي نراغ Forebrain ۔ نراغ Forebrain جي حصي سراري Cerebrum ۔ سراري Cerebrum جي حصن اڌ گولارن Hemispheres ۔ اڌ گولارن Hemispheres جي مٿئين تھ مغزي ڇوڏ Cerebral cortex ۔ مغزي ڇوڏ (مغزي ڇوڏو) Cerebral cortex جي ڪياڙو لوٿ Occipital lobes ۾ پھچايو وڃي ٿو جتي پھرين موجود تصويرن سان ۽ معلومات سان ان جو موازنو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڏسڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. ان سڄي ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ صرف ۽ صرف اڌ سيڪنڊ درڪار ٿئي ٿو مطلب ھي جيڪا پوسٽ پڙھي رھيا آھيو انهن لفظن کان منعڪس ٿيندڙ روشني توھان جي اک ۾ اڌ سيڪنڊ اڳ داخل ٿي ھئي پر ھن جو عڪس اڌ منٽ ۾ ٺھيو آھي.