Friday, 3 January 2020

اک Eye 💎اصغر ساگر💎

اک اھڙو عضوو آھي جيڪو روشني جو ادراڪ (احساس) رکي ٿي ۽ بصارت (بينائي) جو ڪم ڪري ٿي. انساني اک عڪسڀري Camera سان ملي جلي ٿي.

 اک جي بناوٽ:
اک جي بناوٽ کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.
(1) اندرين بناوٽ
(2) ظاھري بناوٽ

(1) اندرين بناوٽ
انساني اک جي گول بناوٽ جيڪا سامهون اڀريل ٿئي ٿي جيڪا کوپڙي جي سامهون نرڙ ھيٺان گول ھڏي ۾ رکيل آھي. ھن پيالي جھڙي حلقي ۾ رڳون ۽ ٻيون دماغ کان ايندڙ رڳون موجود ٿين ٿيون. ھڪ اک جو قطر 2.4 سينٽي ميٽر يعني ھڪ انچ کان گهٽ ٿئي ٿو. اک جي سامهون پپوٽا ٿين ٿا جن جي حرڪت تي روشني جي آمد جو مدار ٿئي ٿو. ھن روشني جي اچڻ سان تمام شين جون شڪليون اک ۾ جنم وٺن ٿيون.

(2) اندروني بناوٽ:
اک جي اندروني بناوٽ ٽن تھن تي مشتمل ٿئي ٿي 
(1) اکاڇو Sclera
(2) اکوپو Choroid
(3) نرعڪسي Retina

(1) اکاڇو  Sclera
اَکاڇو Sclera اک جو مٿيون تھ ۽ اڇو حصو آھي جيڪو پوتلي Cornea جي آسپاس آھي. درحقيقت، اَکاڇو اک جي بال جي تھ ايراضي جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ جوڙجڪ ڪري ٿو جيڪو پوتلي Cornea کان نُوري تنت Optic nerve جي سموري رستي تائين پکڙيل آھي جيڪو اک جي پٺ جو وجود رکي ٿو. صرف اکاڇي جي اڳئين حصي جو ننڍو حصو نظر اچي ٿو. ھي ٻاھريون تھ ٿئي ٿو. رنگت ۾ سفيد ۽ ڪجھ سخت ٿئي ٿو. ھن ۾ پوتلي Cornea اڀريل ٿئي ٿي. 

(2) اکوپو  Choroid
ھي وچون تھ ٿئي ٿو ۽ مايي Volume ۽ نسيڄن Vascular وارو ٿئي ٿو. ھي پوتلي Cornea کان پھرين مڙي وڃي ٿو ۽ ھن موڙ کي تارو Iris چئجي ٿو جيڪو بلور Lense سان جڙيل ٿئي ٿو. بلور جو سوراخ ننڍو يا وڏو ٿي عڪس جي بيھڪ کي بيھاري ٿو. اکوپو Choroid جنھن کي اکوپيو Choroidea يا اکي کوپو Choroid coat سڏيو وڃي ٿو، اھو اک جو نسي تھ Vascular layer آھي جيڪو مليل اوڄن Connective tissues تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ نرعڪسي Retina ۽ اکاڇي Sclera جي وچ ۾ ٿئي ٿو. انساني اکوپو Human choroid اک جي 0.2 ملي ميٽر گهڻي دوري کان گهاٽوترين ٿئي ٿو جڏھن تہ اھو ٻاھرين ايراضين Outlying areas کان 0.1 ملي ميٽر تائين سوڙھو ٿئي ٿو.
اکوپو Choroid نرعڪسي Retina کي غذائي جزا Nutrients پھچائي ٿو ۽ اک جي پد Temperature ۽ مقدار Volume کي برقرار رکي ٿو. اکوپي دورو Choroidal circulation جيڪو اک ۾ سموري رت جي وھڪ Blood flow جو سمورو 85 سيڪڙو بيھي ٿو اھو نسبتن گهٽ آڪسيجني مواد Low oxygen content جي نسبت سان وڏو وھڪي سرشتو High-flow system آھي. اکوپي دوري Choroidal circulation
 تي خاص طور تي مضبوط عصبيت Sympathetic innervation سان ضابطو پاتو وڃي ٿو ۽ ھن کي پاڻ موافق Autoregulated سمجهيو نٿو وڃي. پاڻ موافقيت Autoregulation جي کوٽ اکوپي کي عيني تراھٽي داٻ Ocular perfusion pressure سان پاڻ آڌاري Dependent بنائي ٿي.

(3) نرعڪسي  Retina
نرعڪسي Retina حس جهلي Sensory membrane آھي جيڪا اک بال جي پويان اندريين تھ Inner surface ۾ ليڪ ڌارون ڪڍي ٿي. اھا ڪيترن تھن سان مرتب ٿئي ٿي، ھر ھڪ خاص گهرڙن Specialized cells تي مشتمل ٿئي ٿي جن کي عڪسڀارو Photoreceptors سڏبو آھي. نِرعڪسي Retina روشني حاصل ڪري ٿي جنھن تي بلور Lens مرڪوز ٿيل ھوندو آھي، اھا روشني کي تنتي اشارن Neural signals ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ انهن اشارن کي عڪسي سڃاڻپ Visual recognition لاء دماغ ڏي موڪلي ٿي.
اسان جون اکيون ڏسڻ جو ذريعو آھن پر ان جي اندريان عضوا عڪسيت جي بحالي ڪن ٿا. مثال طور ھڪ جڳھ جي ڇت تي پاڻي جي ٽانڪي آھي. ھيٺ ھڪ ماڻھو ٽونٽي ذريعي پاڻي ڪڍي رھيو آھي. اسان ڏسون ٿا تہ پاڻي ٽونٽي مان اچي رھيو آھي پر ظاھر ۾ پاڻي جو اصل ذريعو مٿي پيل ٽانڪي آھي، نڪي ٽونٽي آھي. ٽونٽي صرف پاڻي ڪڍڻ ۾ مدد ڪري رھي آھي. ائين ڏسڻ ۽ عڪسيت Imaging جو ڪم نراغ Forebrain جي حصي سراري Cerebrum جي ڪياڙي لوٿ Occipital lobe ۾ ٿئي ٿو.
اکيون انسان ۾ وصولن Receptors جو ڪم ڪن ٿيون. اھڙا عضوا جيڪي محرڪي stimuli طور ڪم ڪن، انهن کي حسي عضوا  Sense organs يا وصولا Receptor سڏيو وڃي ٿو. اسان جون اکيون کوپڙي جي ٻن حصن ۾ موجود ٿين ٿيون جن کي حلقو (گول دائرو) Orbit سڏجي ٿو. اک جي بناوٽ کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو. اک جو ٻاھريون تھ اکاڇو Sclera ۽ پوتلي Cornea تي مشتمل ٿئي ٿو. اکاڇو Sclera
 اک کي اڇي روشني ڏئي ٿو. ھي ٿلهن ڳنڍيندڙ اوڄن Connective tissues جي ٺھيل ٿئي ٿو جيڪي ٻين اوڄن Tissues کي سھارو ڏين ٿا ۽ انهن کي جوڙين ٿا. اکاڇو Sclera اک جي اندرين حصن جي حفاظت ڪري ٿو ۽ انهن جي شڪل برقرار رکي ٿو. سامهون اکاڇو Sclera پوتلي Cornea کي ٺاھي ٿو. پوتلي Cornea روشني کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏئي ٿي ۽ روشني جي شعاعن کي اھڙي طرح موڙي ٿي جو شعاع مرڪوزيت تي اچي وڃن ٿا. ھاڻي اک ۾ وچون تھ اچي وڃي ٿو جنھن کي اکوپو Choroid سڏجي ٿو. اکوپي Choroid ۾ رت جون رڳون Blood vessels ٿين ٿيون جيڪي ڪاري رنگ جون ٿين ٿيون. اکين جي رنگ جو تعين جين Gene ڪن ٿا جيڪي ڀوري رنگ جا رنگا ميلان Melanin ٿين ٿا. ميلان Melanin ھڪ رنگو آھي جنھن جو ھي فائدو آھي تہ روشني جي موڙن کي بي ترتيب ٿيڻ نٿو ڏئي. پوتلي Cornea جي پويان اکوپو Choroid اندر طرف مڙيل ٿئي ٿو ۽ ھڪ مشڪي دائرو جوڙي ٿو جنھن کي تارو Iris سڏيو وڃي ٿو. تاري Iris جي مرڪز ۾ گول سوراخ ٿئي ٿو جنھن کي ماڻڪي Pupil سڏيو وڃي ٿو. روشني پوتلي Cornea سان ٽڪرائڻ بعد ماڻڪي Pupil مان گذري ٿي. تاري Iris ۾ ٻن قسمن جون مشڪون پاتيون وڃن ٿيون
(1) شعاعي مشڪون ۔ تجل مشڪون  Radial muscles
(2) دائري مشڪون ۔ گول مشڪون  Circular muscles
تيز روشني ۾ تاري Iris جون دائري مشڪون سڪڙن ٿيون ۽ ماڻڪي Pupil تنگ ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح جهيڻي روشني ۾ شعاعي مشڪون Radial muscles سڪڙجي وڃن ٿيون ۽ ماڻڪي Pupil پکڙجي وڃي ٿي. اھو انهي ڪري ٿئي ٿو جو اک ۾ تمام گهڻي روشني سان نرعڪسي Retina کي نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ ماڻڪي Pupil سڪڙجڻ ڪري ان کي نقصان کان بچائي ٿي. جيڪڏھن روشني گهٽ ھجي تہ ڏسڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو تہ ماڻڪي Pupil ان وقت پکڙجي وڃي ٿي جنھن ڪري گهڻي روشني اک ۾ وڃي ٿي ۽ ڏسڻ آسان ٿي وڃي ٿو. تاري Iris جي پويان اپٽيل بلور Convex lens ٿئي ٿو جيڪو روشني کي نرعڪسي Retina تي مرڪوز (فوڪس) ڪري ٿو. وڌيڪ فاصلي تي موجود شين کي ڏسڻ لاء واردار مشڪون Ciliary muscles رليڪس ٿين ٿيون ۽ بلور گهٽ اپٽيل (اڀريل) Less Convex ٿي وڃي ٿو. گهٽ فاصلي تي موجود شين کي ڏسڻ لاء واردار مشڪون Ciliary muscles سڪڙجي وڃن ٿيون جنھن ڪري بلور Lens وڌيڪ اپٽيل (اڀريل) More convex ٿي وڃي ٿو. واردار مشڪون Ciliary muscles اھي مشڪون ٿين ٿيون جيڪي بلور ۾ دائري نما تندوڙي تنجڻي Suspensory ligament جي مدد سان ٺھيل ٿين ٿيون.
اک جو اندروني تھ حسي Sensory آھي جنھن کي نرعڪسي Retina سڏجي ٿو. ان ۾ روشني وارا حساس گهرڙا لٺ گهرڙا Rods ۽ نبات گهرڙا Cones ۽ ان سان منسوب نبات گهرڙا Cones ٿين ٿا.

(1) لٺ گهرڙا Rods
لَٺيا Rods يا لٺ گهرڙا Rod cells اک جي نرعڪسي Retins ۾ عڪسُولا گهرڙا Photoreceptor cells آھن جيڪي بَصرِي عَڪسُولِي Visual photoreceptor يعني نبات گهرڙن Cone cells جي ٻئي نموني کان گهٽ تکي روشني ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا. لٺيا Rods اڪثر نَرعڪسي Retina جي ٻاھرين ڪِنارن تي دائِرِي بصارت Peripheral vision ۾ ڳُوڙھا Concentrated پاتا وڃن ٿا. ھي جهيڻي روشني لاء حساس ٿين ٿا.

(2) نبات گهرڙا Cones
نِباتِيا Rods يا نِبات گهرڙا Cone cells ڪرنگهيدار اکين Vertebrate eyes جي نرعسي Retina ۾ عڪسُولا گهرڙا Photoreceptor cells آھن (مثال طور انساني اک). اھي روشني جي مختلف لھري ڊيگهن Different wavelengths کي مختلف نموني موٽ ڏين ٿا ۽ ان ڪري شفاف روشني جي تعلق سان  رنگي نظريت Color vision ۽ ڪارج Functionab جا بھتر نموني ذميوار ٿين ٿا. لٺ گهرڙن Rod cells جي ڀيٽ ۾ جيڪي جِهيڻي روشني Dim light ۾ بھتر نموني ڪم ڪن ٿا. ھي تيز روشني لاء حساس ٿين ٿا ۽ رنگن جي سڃاڻپ ڪن ٿا. انسان جي اک ۾ تقريبن 125 لک لٺ گهرڙا ۽ 7 لک نبات گهرڙا ٿين ٿا.
نرعڪسي Retina تي اھم 2 جڳھون ٿين ٿيون.
(1) اکامو   Fovea
(2) بصري ٿالهي  Optic disc

(1) اکامو   Fovea
ھي نرعڪسي Retina جي بلڪل ھڪ گهرائي ۾ ٿئي ٿو. ھن ۾ نبات گهرڙن Cone cells جي تعداد تمام گهڻي ٿئي ٿي ۽ ھي جڳھ رنگن جي سڃاڻپ جي ذميوار ٿئي ٿو.

(2) بصري ٿالهي  Optic disc
ھي اھا جڳھ آھي جتي بصري ٿالهي نرعڪسي Retina ۾ داخل ٿئي ٿي. ھن جڳھ تي لٺ گهرڙا Rod cells ۽ نبات گهرڙا Cone cells پاتا نٿا وڃن جنھن کي انڌي جڳھ Blind spot سڏيو وڃي ٿو.
تاري Iris جي ڪري اک جو کانچو ٻن خانن ۾ تقسيم ٿيل آھي.
(1) اڳيون نرخانو Anterior chamber
(2) پويون نرخانو Posterior chamber

(1) اڳيون نرخانو Anterior chamber
اڳيون خانو پوتلي Cornea ۽ تاري Iris جي وچ ۾ اک جو اڳ وارو خانو آھي. ھي روشني جي تعداد کي قابو ڪري ٿو جيڪا ماڻڪي Pupil جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ سان اک ۾ داخل ٿئي ٿي. اڳيون خانو اک ۾ تاري Iris ۽ پوتلي Cornea جي گهڻي اندريين تھ جي وچ ۾ خال واري نرٺ (نرپاڻيٺ) Aqueous humor-filled space سان ڀريل ٿئي ٿو، ان اندريين تھ کي منجهستر Endothelium سڏجي ٿو.

(2) پويون نرخانو Posterior chamber:
اک ۾ تاري Iris جي پويان ۽ بلور Lense جي اڳيان ھي خال ٿئي ٿو. تارو Iris اوڄن جي رنگي منڊي آھي جيڪا اک ۾ گهڙندي روشني جي تعداد کي باقائدي ڪري ٿي ۽ ماڻڪي Pupil جي ماپ کي برقرار رکي ٿي. بلور Lens اک ۾ شفاف ٻہ سطحي جسم آھي جيڪو روشني کي موڙي ٿو.
پويون خانو تاري Iris جي تھي حصي جو سوڙھو خال ۽ تاري Iris جي بلور جي تندوڙي تنجڻن Suspensory ligament of the lens جو اڳيون حصو آھي ۽ تاندوري مرحلن جو اڳيون حصو آھي. اڳيون خانو ننڍي خال تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪو سڌي طور تاري Iris جي اڳيان اچي ٿو پر بلور جي پويان اچي ٿو.
جيڪو خانو تاري Iris جي سامهون آھي انهي کي پوتلي Cornea سڏجي ٿو ۽ پويان خانو تاري Iris ۽ نرعڪسي Retina جي درميان اڳئين خاني ۾ ھڪ صاف پاڻي ٿئي ٿو جنھن کي نرٺ (نرپاڻيٺ) Aqueous Humour سڏجي ٿو ۽ پوئين چيمبر ۾ جيلي وانگر پاڻيٺ ٿئي ٿي جنھن کي اوجيل (نرجيل) Vitreous humour سڏجي ٿو. ھي اک جي شڪل برقرار رکڻ ۾ اک جي مدد ڪري ٿو ۽ نازڪ بلور کي ساڪت رکي ٿو. 
 جڏھن ڪنھن شي سان روشني ٽڪرائي اک ۾ داخل ٿئي ٿي تہ روشني پوتلي Cornea ۔ ماڻڪي Pupil ۔ پاڻيٺي ڳار نرٺ Aqueous Humour ۔ بلور Lens ۽ اوجيل  vitreous humour کان گذري ٿي، بلور Lens ان روشني کي نرعڪسي Retina تي بہ مرڪوز (فوڪس) ڪري ٿو ۽ نتيجي طور نرعڪسي Retina تي عڪس ٺھي ٿو. لٺ گهرڙا Rods ۽ نبات گهرڙا Cones بصري تنت Optic nerve ۾ تنتي ڇڪون Nerve impulses پيدا ڪن ٿا انهن ڇڪن کي دماغ جي اڳئين حصي نراغ Forebrain ۔ نراغ Forebrain جي حصي سراري Cerebrum ۔ سراري Cerebrum جي حصن اڌ گولارن Hemispheres ۔ اڌ گولارن Hemispheres جي مٿئين تھ مغزي ڇوڏ Cerebral cortex ۔ مغزي ڇوڏ (مغزي ڇوڏو) Cerebral cortex جي ڪياڙو لوٿ Occipital lobes ۾ پھچايو وڃي ٿو جتي پھرين موجود تصويرن سان ۽ معلومات سان ان جو موازنو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڏسڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. ان سڄي ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ صرف ۽ صرف اڌ سيڪنڊ درڪار ٿئي ٿو مطلب ھي جيڪا پوسٽ پڙھي رھيا آھيو انهن لفظن کان منعڪس ٿيندڙ روشني توھان جي اک ۾ اڌ سيڪنڊ اڳ داخل ٿي ھئي پر ھن جو عڪس اڌ منٽ ۾ ٺھيو آھي. 

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment