Saturday, 18 January 2020

ڪشش ثقل Gravity 💎اصغر ساگر💎

گريوٽي Gravity جنھن کي ثقالت، قوتِ ثقل يا ڪششِ ثقل جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو. پراڻي زماني ۾ ڪشش ثقل بابت ڪوبہ مستند نظريو ڪونہ ھو. مذھبي مطابق گرھ پنھنجي جڳھ تي بيٺل آھن. جيئن ڌرتي بابت عقيدو آھي تہ ڏاند ان کي پنھنجي سنڱن تي کنيو بيٺو آھي. ڌرتي کي ٿالهي وانگر ڄاڻيو ويو جيڪا خلا ۾ بيٺي آھي. خود ارسطو جو نظريو ھو تہ زمين تي ڪاشي ڪري ان ڪري جو زمين ان جي ماء آھي. پھاڙ تان پٿر ھيٺ گڙڪي ٿو، ان ڪري جو اھو پٿر زمين جو اولاد آھي. گيليلو ارسطو جي نظريي سان متفق نہ ھيو. ھن جي نظر ۾ اڃان ڪا ٻي شي آھي جنھن جي ڪري ڪاشي زمين تي ڪري ٿي ۽ پٿر پھاڙ تان ھيٺ گڙڪن ٿا. ھن ھڪ ٽاور تان بندوق جي گولي ۽ توب جو گولو ڪيرايا جيڪي ساڳي رفتار سان اچي ھيٺ ڪريا. گيليلو جيڪي شيون ڪيرايون اھي وڏيون ۽ ننڍيون ھيون پر ڪرندي سندن رفتار ساڳي رھي جنھن سان ھن ثابت ڪيو تہ جسم جي ننڍي يا وڏي هجڻ سان سندس ڪرڻ جي رفتار تي ڪوئي اثر نہ ٿو پوي ۽ ھن ڪشش ثقل جي نظريي جو بنياد رکيو.
نيوٽن گيليلو جي نظريي کي فروغ ڏيندي ڪشش ثقل جي نظريي سان انقلاب آڻي ڇڏيو. ھن مطابق
”جسم ڪشش ثقل رکن ٿا. جيترو وڏو جسم اوتري وڌيڪ ڪشش ثقل رکي ٿو ۽ جيترو ننڍو جسم اوتري گهٽ ڪشش ثقل رکي ٿو. ڪائنات ۾ ھر ھڪ جزو ڪشش ڪري ھر ٻئي پارٽيڪل کي ھڪ طاقت سان جيڪو سڌي نسبت رکي ٿو پنهنجي مايي جي پيداوار ڏانهن ۽ پنهنجي مرڪزن جي مايي جي وچ ۾ ابتي نسبت رکن ٿا.“
 نيوٽن اڃان اڳتي وکون وڌيو. ھن روشني ۽ ان جي ذرڙن تي سوچيو. نظريو مستحڪم ٿيندو ويو. روشني بابت ھن جو خيال جڙي ويو.
”روشني سڌي لڪير تي سفر ڪري ٿي پر اصل ۾ روشني بہ ڪنھن وڏي مادي جي ڪشش ثقل جي ڪري وري ٿي.“
روشني بہ ننڍڙن ذرڙن جي ٺھيل آهي. روشني تي بہ ڪشش جو اثر ائين ئي ٿيندو جيئن هڪ راڪيٽ ۽ گرهن تي ٿئي ٿو. روشني کي ورندي اسان ان ڪري نٿا ڏسي سگهون ڇو تہ اسان جي ڌرتي جي ڪشش ڪمزور آهي.“
آئنسٽائن جي نظريي کان اڳ زمان ۽ مڪان کي الڳ تصور ڪيو ويندو ھيو. آئنسٽائن ان نظريي جي نفي ڪري رد ڪيو. ھن جي نظريي مطابق
”مادو ۽ توانائي ساڳي هڪ ئي شي جو نالو آهي. اهي ٻئي هڪٻئي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا.
زمان ۽ مڪان هڪ ڪپڙي وانگر آهي.جنهن ۾ موجود مادي ۽ توانائي جي ڪري جهول پيدا ٿئي ٿو.ڪائنات ۾ ڪشش ثقل جو لھرون هڪ ارب نوري سال پري ٻن بليڪ هولن سيارن جي ٽڪرائڻ سسب پيدا ٿيون.“
سائنس جي دنيا ۾ اهو نظريو خصوصي نسبيت جي نالي سان مشھور ٿيو.
 1917 ۾ ڪشش ثقل وارين لهرن جي اڳڪٿي ڪندي آئنسٽائن ثقلي لھرن بابت نظريو ڏنو، انهي نظرئي جي روشني ۾ هن ئي سال آمريڪا جي ٻن يونيورسٽين جي پروفيسرن تجربو ڪري ڪشش ثقل جي لھرن کي ڳولي لڌو آهي.
ڪوبہ مشين جيڪا اسان استعمال ڪريون ٿا اھا ڪشش ثقل جي ڪري ڪم ڪري ٿي ۽ ھڪ جڳھ تي رھي ٿي. جيڪڏھن مشين ڪشش ثقل کي استعمال نہ ڪري تہ ھيڏي ھوڏي ڦرندي ۽ ان کي گهمائڻ مشڪل ٿي ويندو.
ھوا تي بہ ڪشش ثقل جو اثر رھي ٿو. اسان جي زمين جي ڪشش ثقل ئي ھوا کي زمين سان جوڙيون رکي ويٺي آھي. اسان جي مٿان 280 مڻ  ھوا جو دٻاء آھي جنھن جي ڪري اسان جو اندروني ۽ بيروني دٻاء قائم رھي ٿو. ھوا ھر جاء کي گھيري رکندي آھي. زمين جي گولي تي گھاٽو سمنڊ ھوا سان گهريل ٿئي ٿو جيڪو ھوا جي ڪشش ثقل جي ڪري زمين کان الڳ نٿو ٿئي. 
تنھن ڪري ھوا ۾ وزن ٿيندو آھي جئين ھوا اسان جي چوڌاري آھي تنھن ڪري ھي جنھن شيء ۾ بہ ھجي انھي جو وزن وڌائيندي آھي
سڄي ڪائنات ڪشش ثقل جي ڪري بيٺل آھي. سج چنڊ گرھ پنھنجي مدار ۾ يڪسان رفتار سان گهمي رھيا آھن. ڌرتي ۽ چنڊ پنھنجي پوزيشن تبديل ڪن ٿا تہ چانڊوڪي راتين ۾ چنڊ موج مستي ڪري ٿو ۔ ويرون چڙھن ٿيون ۔ ويرون لھن ٿيون اھو ڪشش ثقل جي ڪري آھي. ڌرتي سج کي ڦري ٿي نتيجي طور ڏينھن ۽ رات وجود ۾ اچن ٿا ۔ مندون ٺھن ٿيون ۔ مندون ڦرن ٿيون ۔ ڪڏھن سيارو ۔ ڪڏھن بھار ڪڏھن اونهارو ۔ ڪڏھن سرء اچن ٿا. اھو سڀ ڪشش ثقل جي ڪري آھي.
سان ڄاڻون ٿا تہ ڪشش اسان جي زمين جي بنياد کي صحيح مقام تي قائم ڪيو ان کي سج کان پري رکيو بيٺي آھي. ڪشش بغير ڪنھن ذريعي جي خلا ۾ وڏي تيزي سان سفر ڪري ٿي.
ھن ڪائنات جي ھر جسم Object جو مايو يا مقدار ڪائنات ۾ موجود ٻئي جسم پنھنجي طرف ڇڪڻ لاء ھڪ قوت کي خارج ڪري ٿو جنھن کي اسان ڪشش ثقل Gravity سڏيون ٿا.  ڪشش ثقل جو وڌيڪ يا گهٽ ھجڻ جسم جي مايي يا مقدار ۽ ٻئي جسم جي درميان فاصلي تي منحصر ٿئي ٿو يعني جسم جيترو وڏو ھوندو ان ۾ اوتري ڪشش ثقل وڌيڪ ھوندي. جسم کان فاصلو وڌڻ يا دور ھجڻ سان گڏ گڏ ڪشش ثقل بہ ڪمزور ٿي وڃي ٿي. وڏن جسمن ۾ ڪشش ثقل جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو پر ننڍن جسمن ۾ ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿئي ٿو.
نيوٽن مطابق ڪائنات ۾ موجود جسم ڪشش ثقل ذريعي ھڪ ٻئي جسم کي پنھنجي طرف ڇڪن ٿا. جنھن جسم جو مايو يا مقدار وڌيڪ ھوندو اھو گهٽ مفاصلي تي ھوندو ۽ ان ۾ ڪشش ثقل وڌيڪ ھوندي.
نيوٽن چوي ٿو تہ ٻہ مايا يا ٻہ مقدار ھڪ ٻئي کي پنھنجي اندرين قوت ڪشش ثقل جي ٻل تي ھڪ ٻئي کي پنھنجي طرف ڇڪن ٿا. نيوٽن خلا کي شامل نہ ڪيو ھو جنھن جي ڪري ڪائنات ۾ جسم ھڪ ٻئي کي توازن ۽ فاصلي تي رکيون ويٺا آھن. جڏھن آئنسٽائن ان کي شامل ڪندي چيو تہ ٻہ مايا ھڪ ٻئي کي بغير ڪنھن واسطي جي نٿا ڇڪن پر وڏو مايو زمان ۽ مڪان Space and time جي پکڙيل چادر ۾ اھڙو خم پيدا ڪري ٿو جنھن ڪري آسپاس خلا ۾ ترندڙ ٻيا ننڍا مايا وڏي مايي جي چوڌاري ڀڄڻ لڳن ٿا يعني نيوٽن ڪشش ثقل کي مايي يا مقدار جي اندرين نڪرندڙ ڪا قوت سمجهي ٿو جڏھن تہ آئنسٽائين ڪشش ثقل کي زمان ۽ مڪان جي چادر تي ڪنھن مايي يا مقدار جي پيدا ٿيندڙ خم سمجهي ٿو. بھرحال نيوٽن ڪشش ثقل کي قوت چوي ٿو ۽ آئنسٽائين ڪشش ثقل کي انهي قوت جي وڏي پيماني تي حالت يا Situation چوي ٿو.
مقداري ميڪانيات جيڪا شين کي خوربين ڏيک Microscopic view ڏئي ٿي ان مطابق ڪنھن بہ جسم جا نظر نہ ايندڙ ذرا ثقلا Graviton ٿين ٿا جيڪي ڪشش ثقل جو سبب بنجن ٿا ھي ثصلا لھرن جي صورت ۾ سفر ڪن ٿا. جيڪڏھن ثقلن جو وجود آھي تہ انهن جو نڪو مايو نڪو مقدار ھوندو ۽ انهن جي حرڪت جو انداز Spin يا Rotate ھوندو.
ڪشش ثقل جسم جي تناسب سان ان ڪري ٿئي ٿو جو ھر اھا شي جيڪا مايو رکي ٿي اھا ننڍن ننڍن ذرن ثقلن Gravitons تي مشتمل ٿئي ٿي انهن کي خارج ڪري ٿي جيڪي ڪشش ثقل جو سبب بنجن ٿا. جيڪڏھن ڪنھن جسم جو مايو وڌيڪ ھوندو تہ اھو وڌيڪ ثقلن کي خارج ڪندو جنھن سان ڪشش ثقل وڌيڪ خارج ٿيندو.
وڌيڪ ثقلا ان جسم جي چوگرد ڪڪر وانگي گهيريل ٿين ٿا. جڏھن ان شي جو فاصلو وڌي ٿو تہ ثقلن جي گهاٽائي Density گهٽ ٿي وڃي ٿي ان ڪري ڪشش ثقل گهٽ ٿي وڃي ٿو.
نظام شمسي ۾ سج وڏو جسم آھي جيڪو وڌيڪ ثقلا پيدا ڪري ٿو نتيجي طور وڌيڪ ڪشش ثقل پيدا ٿئي ٿي جيڪا نظام شمسي کي ٻڌيون ويٺي آھي. فاصلو وڌڻ سان ڪشش ثقل ڪمزور ٿئي ٿي سج جو ويجهي سياري عطارد تي وڌيڪ اثر ٿئي ٿو. سج جي وڌرڪ ڏور سيارن تي ڪشش ثقل تي وڌيڪ اثر نٿي ڪري. جڏھن شين کي اوچائي کان زمين طرف ڪيرايو وڃي تہ ڪشش ثقل جي رفتار جي ڪرى ان جي رفتار تيز ٿي وڃي ٿي.
ڪارو مادو ۽ ڪشش ثقل
سائنس شڪ شبھن جي بنياد تي قائم آھي. نيوٽن جتي ڪشش ثقل جو نظريو ڏنو بلڪل صحي ھيو پر ان ۾ جهول ھيا. ھن سڄي ڪائنات جا گرھ ۔ اپ گرھ ۽ سج جيڪي پنھنجي محوري رفتار ۾ ڦري رھيا آھن ڪشش ثقل انهن کي ھڪ ھنڌ توازن ڏيڻ لاء ناڪافي آھي. ڪشش ثقل ۾ ايتري گهاٽائي ناھي جيڪا گرھن جي وچ ۾ فاصلاتي توازن رکي. اتي نيوٽن جو نظريو مار کائي ويو. ھن مطابق ڪھڪشائون ۔ گرھ ۔ سج ۔ چنڊ ۽ تارا ڪشش ثقل جي ڪري بيٺل آھن جيڪو نظريو غلط آھي. ڪشش ثقل ھڪ تحريڪ آھي جيڪا گرھن ۽ چنڊن کي ڦيرائي ٿي پر ڪارو مادو ئي ھن ڪائنات جي ڪھڪشائن کي توازن ۾ رکيو بيٺو آھي. ڪائنات جي چادر ۾ جڏھن گرھن جو وزن پوي ٿو تہ جهول پيدا ٿئي ٿو. اھو گهيريل ڪاري مادي جي ڪري ٿئي ٿو جيڪو گرھن توڙي ڪھڪشائن کي گهيري توازن ۾ جهليو بيٺو آھي. جڏھن گرھ ڪائنات جي چادر ۾ جهول پيدا ڪن ٿا تہ تحريڪ پيدا ٿئي ٿي ۽ گرھ ڦرڻ شروع ٿي وڃن ٿا، اھا تحريڪ جيڪا گرھن کي مداري رفتار ۾ ڦيرائي ٿي اھا ڪشش ثقل آھي.
اسان کي پھرين ڪشش ثقل کي سمجهون ٿا جيئن اسان کي ڪاري مادي جي وڌيڪ اھميت جي خبر پوي تہ ڪيئن ڪارو مادو پاڻ ۾ وڏي ڪشش ثقل رکي ٿي انهي سان گڏ وڏي ڌڪ رکي ٿو ۽ بي انتھا تيزي رکي ٿو جيڪي عمل ڪشش ثقل ۾ موجود ناھن.
ھي ڪائناتون ھڪ ٻئي کان ڀڄنديون پري ٿينديون رھن ٿيون ڇا اتي توانائي سان پوراء ٿئي ٿو يا ڪشش ثقل سان. ايڏي وڏي ڪائنات جي پکڙجڻ لاء ڪشش ثقل تمام گهٽ آھي ان جو گهڻو مقدار کپي. اسان جي ڪائنات جو سمورو مادو بہ ملي ان جو پوراء نٿو ڪري سگهي. تہ پوء اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا مادي کي ھڪ ٻئي پرتي ڌڪي رھي آھي.
ڪشش ثقل ڪنهن بہ صورت ۾ ڪائنات جو بنيادي فورس نہ آهي پر هڪ هنگامي حقيقت آهي جيئن گرميءَ جو درجو هڪ هنگامي نتيجو آهي جيڪو خوردبيني ذرڙن جي چرپر مان اڀري ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪائنات ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي انهيءَ ۾ ڪشش ثقل هڪ سائيڊ افيڪٽ آهي نہ ڪي سبب. ڪاري مادي جو نظريو خلا Space، وقت Time ۽ ڪشش ثقل Gravity واري نطريي کي يڪسر تبديل ڪري رھيو آھي.
ڪاري مادي جي نظريي اڀرڻ سان اسان مشاهدي هيٺ ايندڙ ڪائنات کي ڏسون ٿا تہ ڪارو مادو ڪائنات جي اندر ڪھڪشائن ۾ موجود ڪشش ثقل Gravity، مادي Matter ۽ گيس Gas جي مجموعي قوت کان وڌيڪ آهي.
ڪاري مادي جو نظريو انقلابي نظريو آھي جيڪو خلا Space ۔ وقت Time ۽ ڪشش ثقل Gravity تي ٻيھر سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ جھڙوڪر آئنسٽائين جي ڪشش ثقل واري نظريي کي رد ڪري ٿو.
ڪنھن بہ مادي يا شي کي ڏسڻ لاء ضروري آھي تہ اھو مادو روشني کي پاڻ ۾ جذب ڪري ٿو يا خارج ڪري ٿو. جيڪڏھن اھو مادو روشني خارج ڪري تہ اھا شي اسان کي رنگين نظر ايندي، اھو مادو جيڪڏھن روشني کي جذب ڪندو تہ اھا شي ڪاري نظر ايندي. پر اھي علامتون ڪاري مادي ۾ موجود ناھن باقي ڪارو مادو ڪشش ثقل جي تمام وڏي مقدار فراھم ڪري ٿو. ھي مادو لڪل آھي. ڪشش ثقل فراھم ڪرڻ جي بنياد تي ڪارو مادو مختلف ڪھڪشائن جي ترتيب رکيون ويٺو آھي. ڪاري مادي جي ڪري تارا ۽ سيارا ڪھڪشان نٿا ڇڏين. ڪائنات وسيع آھي ڏينھون ڏينھن پکڙجي رھي آھي. اسان جا ستارا ۽ سيارا ڪھڪشان کي ڪاري مادي جي ڪري نٿا ڇڏن جيڪو کين سڪ پڪڙيون بيٺو آھي.
By Asghar Sagar

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment