Monday 6 January 2020

ايٿول Ethanole 💎اصغر ساگر💎

ايٿول Ethanol کي ڪحل Alcohol ۔ ايٿو ڪحل Ethyl alcohol ۔ داڻي ڪحل Grain alcohol ۽ ڪحل Alcohol پڻ سڏجي ٿو ۽ ڪحلي مشروبن Alcoholic beverages ۾ اھم جزو جيئن شراب Beer ۔ وائين Wine يا برانڊي Brandy آھي. ايٿول ھڪ سادي ڪحل Simple alcohol جي ڪيميائي گهاڙ C ₂H ₆O سان ھڪ ڪيميائي مرڪب Chemical compound آھي انهي جي گهاڙ Formula کي ھن ريت لکي سگهجي ٿو.
CH ₃−CH ₂−OH or C ₂H ₅OH
۽ انهي جو مخفف EtOH طور نڪري ٿو. ايٿول ھلڪي غير خاصيتي بوء Slight characteristic odor سان غير مستحڪم Volatile ۔ شعلي جوڳو Flammable - بي رنگ پاڻيٺ Colorless liquid آھي. ايٿول Ethanol يا ايٿو ڪحل Ethyl alcohol فقط ڪحل Alcohol جو قسم آھي جيڪو سنجيدگيء سان پاڻ کي نقصان پھچائڻ کان سوا توھان پي سگهو ٿا ۽ پوء ڏسجي تہ انهي سان طبع بدلجي نٿي يا انهي ۾ زھري ڪچايون Toxic impurities شامل ناھن. ڪڏھن ڪڏھن ايٿول کي داڻي ڪحل (اناجي ڪحل) Grain alcoho سڏجي ٿو ڇوجو اھو اھو ڪحل Alcohol جو اھم نمونو آھي جيڪو داڻي ڪشيدڪاري Grain fermentation سان پيدا ٿئي ٿو.
ٻارڻ واري ايٿول Fuel grade ethanol ۾ خطرناڪ ڪچايون Dangerous impurities ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪڏھن بہ واپرائڻ نہ کپي. ايٿول C2H6O ڪحلي مشروبن ۾ ڪحل آھي جنھن کي ڪحل سڏجي ٿو. ميٿول CH3OH  Methanol جنھن کي ڪڏھن ڪڏھن ڪاٺي Wood alcohol سڏجي ٿو سو وڏو زھريلو آھي.
ايٿولي ٻارڻ Ethanol fuel ايٿو ڪحل Ethyl alcohol آھي. ساڳو ڪحل مشروبن ۾ پاتو وڃي ٿو جنھن کي پڻ ٻارڻ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ايٿولي ٻارڻ کي موٽر ٻارڻ Motor fuel طور استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪو گيسرول Gasoline لاء جيوٻارڻ اضافو Biofuel additive آھي.

ايٿول جو ٺھڻ:
ايٿول ٻوٽن جي ڪشيدڪاريء جي قدرتي ضمني اپت Natural byproduct آھي ۽ ايٿليڻ Ethylenea جي آبيدگي Hydration مان تيار ڪري سگهجي ٿي.
نشاستي Starch جي مختلف طريقن سان ايٿول جي ڪشيدڪاري Fermented ڪئي وڃي ٿي جن ۾ مڪئي Corn ۔ ڪڻڪ Whear ۔ جوار Grain sorghum ۔ جو Barely ۔ پٽاٽن Potatoes ۽ کنڊي فصلن  Sugar crops مان  جيئن ڪمند Sugar cane ۽ جوار Sweet sorghumac شامل آھن. ڪمند ۾ ايٿول جو جهجهو وسيلو آھي، گهڻو تڻو ايٿول آمريڪا ۾ مڪئي مان ٺاھيو وڃي ٿو.
ايٿول کي گهڻو ڪري ڪشيدڪار مرحلي Fermentation process ذريعي کنڊ مان نڪتل مٺاڻ Glucose جيئن ڪمند Sugar cane ۔ ڳڙ Molasses ۔ چقندري کنڊ Sugar beet ۔ نشاستي Starch جيئن مڪئي Corn ۔ ڪڻڪ Wheat ۽ اناج Grains يا گهروستي Cellulose جيئن جنگلي اپتن Forest products کي خام مالن Raw materials طور استعمال ڪندي جيومايي Biomass مان پيدا ڪيو وڃي ٿو. ترڪيبي ايٿول Synthetic ethanol ناقابل تجديد وسيلن Non-renewable sources جيئن ڪوئلي Coal ۽ گيس Gas مان پڻ پيدا ڪري سگهجن ٿا.

ايٿول جا فائدا:

گهرو سينگاري شين جو جز:
ايٿول سينگاري شين Cosmetics ۽ سونھن جي اپتن Beauty products جو ھڪ جزو Ingredient آھي. اھا خشڪ دوا Astringent طور ڪم ڪري چمڙي کي صاف ڪري ٿي، لوشنن ۾ محافظ Preservative طور ڪم ڪري ٿي ۽ پڪ ڏياري ٿي تہ لوشن جا جزا ڌار نٿا ٿين ۽ وار جي اسپري Hairsprays ۾ وارن کي ڄمرائي ٿي. ڇوجو ڇوجو ايٿول خورد جيوتن Microorganisms جيئن جيوڙا Bacteria ۔ ڦنگي Fungi ۽ وائرن Virsuses کي مارڻ ۾ پر اثر رھي ٿو. اھو مختلف صافن Hand sanitizers ۾ عام جز آھي. يو ايس سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول ۽ پروينشن اھڙي وقت ھن جي صافي جي استعمال جي تجويز ڏئي ٿو جڏھن صابڻ ۽ پاڻي موجود نہ ھجن.

خوردبين جيوتن کي ماريندڙ:
ايٿول پاڻي ۽ ڪيترن نامياتي مرڪبن Organic compounds سان ملي وڃي ٿو ۽ چٽن Paints ۔ سونھري روغنن Lacquers ۽ وارنش جي Varnish استعمال ۽ ذاتي سنڀال Personal care ۽ گهرو صاف ڪندڙ اپتن Household cleaning products لاء ھڪ اثرائتو ڳار Solvent ٺاھي ٿو. ان کان سوا ايٿول Ethanol خوردجيوتن Microorganisms کان بچائڻ لاء محافظ طور ڪم ڪري ٿو جيڪي واپرايندڙن کي لڳن ٿيون.

گيسرول پيٽرول طور استعمال ٿيندڙ:
آمريڪا جو 97 سيڪڙي کان مٿي، گيسرول Gasoline ۾ ايٿول Ethanol نموني ملاوٽ طور موجود آھي جنھن کي E10 سڏيو وڃي ٿو جيڪو ٻارڻ Fuel کي آڪسائڻ ۽ ھوا مان آلودگي Air pollution گهٽ ڪرڻ لاء 10 سيڪڙو ايٿول ۽ 90 سيڪڙو گيسرول جو ٺھيل آھي. ايٿول ۾ ڪٺ Octane جو تعداد گيسرول کان مٿي آھي ۽ واڌوتري ملاوٽي خوبيون Premium blending properties مھيا ڪري ٿو. گهٽ ۾ گهٽ ڪٺ Octane جو تعداد انجڻ جي کڙڪي Engine knocking کان بچائي ٿو ۽ سواريت Drivability برقرار رکي ٿو.

کاڌي جي اپتن ۾ استعمال ٿيندڙ:
ايٿول وڏو شعلي جوڳو Highly flammable آھي ۽ ڪڏھن بہ کليل شعلن Open flames اڳيان استعمال نہ ڪرڻ کپي. ايٿول جي ساھڪاري Ethanol inhalation سان کنگھ Coughing ۽ مٿي جو سور Headaches ٿي سگهي ٿو. FDA ايٿول جي محفوظ مواد Safe substance طور ضمانت ڏئي ٿو تہ انهي جو استعمال کاڌي جي اپتن Food products ۾ محفوظ آھي ڇوجو ايٿول ڪحل جي نج جوڙ آھي. آمريڪا ۾ انهي جو استعمال کاڌي ۽ واپرئڻ ۾ ڪيو وڃي ٿو.

صافي اپتن ۾ استعمال ٿيندڙ:
صافي اپتن  Hand sanitizers products
 يا ذاتي سنڀال Personal care جي نج ڪوحلي کي پيئڻ کان بچائڻ لاء ڌپيرو مواد Denaturant ملايو وڃي ٿو. ڌپيري مواد Denaturant جي ملائڻ سان انسان ايٿول کي پي نٿو سگهي ۽ ايٿول جي خوبي ۾ ڪا تبديلي نٿي اچي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment