Wednesday, 25 December 2019

سج گرھڻ Solar Eclipse 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جڏھن چنڊ پنھنجي مدار ۾ حرڪت ڪندو سج ۽ زمين جي وچ ۾ اچي وڃي ٿو تہ سج کي گرھڻ لڳي ٿو. انهي مد ۾ ٻن قسمن جي ڇانو جڙي ٿي.
(1) مڪمل ڇانو    Umbra
(2) جزوي ڇانو     Penumbra
زمين جي جن علائقن تي مڪمل ڇانو Umbra پوي ٿي ۽ سج جي روشني جي درميان چنڊ مڪمل طور اچي وڃي ٿو اتي مڪمل سج گرھڻ Total Eclipse ٿئي ٿو.
زمين جي جن علائقن تي جزوي ڇانو Penumbra پوي ٿي اتي سج جي روشني درميان چنڊ مڪمل طور نٿو اچي پر چنڊ سج جي ٿوري حصي کي ڍڪي ٿو ان ڪري اتي Partial Eclipse جزوي سج گرھڻ ٿئي ٿو.
زمين جو مدار سج جي چوڌاري بيضوي ٿئي ٿو ۽ چنڊ جو مدار ڌرتي جي چوڌاري بيضوي ٿئي ٿو، ان ڪري زمين پنھنجي مدار ۾ جڏھن سج جي قريب نقطي تي پھچي ٿي تہ زمين تي سج جي ٽڪي وڏي ۽ چنڊ جي ٽڪي ننڍي نظر اچي ٿي ۽ ان صورت ۾ چنڊ سج جي مقابل ٿي وڃي تہ چنڊ سج کي مڪمل نٿو ڍڪي ۽ عين درميان اچڻ باوجود سج جي ٽڪي ڪنارن کان ڪنارن کان نظر ايندي آھي ۽ ھڪ ڇلي جو منظر پيش ڪري ٿي ان صورت ۾ ڇلوي سج گرھڻ Annular Eclipse ٿئي ٿو ۽ ان گرھڻي صورت ۾ ڇانو کي مڪمل ڇانو Umbra چئجي ٿو. ھي ڇانو جو اھو حصو آھي جتي روشني جون تمام شعاعون بلاڪ ٿي وڃن ٿيون پر ڪناري واريون شعائون اک تائين پھچن ٿيون، ان ڪري ان گرھڻ ۾ چنڊ ۽ سج جو سامهون اچڻ ڇلي جو منظر پيش ڪري ٿو. اھڙي صورت ۾ زمين مٿان چنڊ جي ڇانو پوي ٿي ڇوجو زمين کان سج جو مفاصلو زمين جي چنڊ جي مفاصلي کان 4 سوڀيرا وڌيڪ آھي ۽ سج جو محيط بہ چنڊ جي محيط کان 4 سو ڀيرا وڌيڪ آھي ان ڪري گرھڻ جي موقعي تي چنڊ سج کي مڪمل يا ڪافي حد تائين ڍڪي ٿو.

سج گرھڻ جو ھنڌ:-
سج گرھڻ سڄي ڌرتي تي نٿو ٿئي پر محوري ڦيري جي ڪري ڌرتي جي ڪجھ حصن تي ٿيندو آھي، ڪٿي مڪمل سج گرھڻ ٿيندو آھي، ڪٿي وري جزوي سج گرھڻ ٿيندو آھي تہ ڪٿي وري نہ ٿيندو آھي. مطلب سج جي جتي روشني پوي ٿي اتي سج گرھڻ ۽ جتي نٿي پوي اتي اھو علائقو آجو رھي ٿو. مثال طور ھڪ انڌيري ڪمري ۾ ڪجھ فاصلي تي پيل فٽ بال تي ٽارچ جي روشني ھڻجي تہ بال جي سامهئين حصي تي روشنيء جو ٽڪو نظر ايندو ۽ پويون حصو بنا روشني ھوندو. مطلب اھو نڪتو سج جي جتي روشني پوي ٿي اتي سج گرھڻ جا آثار رھن ٿا ۽ ڌرتيء جا ٻيا علائقا آجا رھن ٿا. مڪمل سج گرھڻ ھڪ علائقي ۾ تقريبن 370 سالن بعد ڏسي سگهجي ٿو ۽ وڌ کان وڌ گرھڻ 7 منٽ چاليھ سيڪنڊن تائين برقرار رھي سگهي ٿو پر جزوي سج گرھڻ کي سال ۾ ڪافي دفعا ڏسي سگهجي ٿو. 1999ع ۾ يورپ ۾ ڏٺل سج گرھڻ مڪمل سج گرھڻ ھيو ۽ تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ مڪمل سج گرھڻ ھيو.

سج گرھڻ کي سڌو ڏسڻ جا نقصان:-
سج گرھڻ کي ڏسڻ ان ڪري خطرناڪ آھي جو جڏھن روشني گهٽ ٿئي ٿي تہ اک جون ماڻڪيون Pupils مڪمل کليل ھونديون آھن جنھن جي ڪري اکين کي مڪمل نقصان پھچي سگهي ٿو. ھڪ تہ روشني جو توازن اوچتو تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ گرمي پد Temperature گهٽ ٿي وڃي ٿو جڏھن تہ روزانو ائين نٿو ٿئي. جھڙي طرح اکين ۾ سينسر لڳل ٿين ٿا، اھڙي طرح روز جي حساب سان رونما ٿيندڙ ماحولياتي تبديليون دماغ ۾ رڪارڊ ٿين ٿيون. سج گرھڻ جي ڪري اوچتو اکين جي سرشتي ۾ خلل پيدا ٿي سگهي ٿو جڏھن تہ چنڊ جو اونداھو رخ ۽ زمين تي پيل ان جي ڇانو جي ڪري اونداھو رخ ٻئي يڪسان طرف ۾ ٿين ٿا. گرمي پد ۽ روشني جي ڪرڻن جي دٻاء جي ڪري زمين ۽ چنڊ ڪشش جي دائري ۾ لرزي سگهن ٿا ۽ نڪري بہ سگهن ٿا.
سج يا سج گرھڻ ڏي ڏسڻ اکين لاء نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. سج گرھڻ ڇلوي گرھڻ Annular Eclipse ھجي يا جزوي گرھڻ Partial Eclipse، ان مان ٿورڙي روشني ايندي ھجي اھڙي حالت ۾ سج ڏي ڏسڻ سڌو سنئون نقصانڪار آھي. 
سج مان نڪرندڙ ٿورڙو ڪرڻو ايتري روشني رکي ٿو جو اکين کي نقصان پھچي سگهي ٿو. ھڪ فيصد کان گهٽ چمڪندڙ سج جي روشني چنڊ جي روشني کان 4 ھزار ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿئي. سج گرھڻ کي بغير ڪنھن بصري مدد جي سڌو سنئون ڏسڻ سان اک جي نرعڪسي Retina ٽيھ سيڪنڊن ۾ جلي سگهي ٿي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو دوربين سان ڏسي تہ اک جي نرعڪسي Retina ھڪ سيڪنڊ ۾ سڙي سگهي ٿي.
وڏي خطرناڪ ڳالھ اھا تہ اکين جي نرعڪسي Retina ۾ درد محسوس ڪرڻ وارا وصولا Receptor نٿا ٿين ۽ اکين کي پھتل نقصان جي خبر نہ پوندي. نقصان جا اثر ڪلاڪن بعد ظاھر ٿيندا.
مڪمل سج گرھڻ يا 70 فيصد کان مٿي سج گرھڻ جي ڪري گرمي پد ھڪدم گهٽجي وڃي ٿو.
سنئون سڌو سج گرھڻ طرف ڏسڻ ڪري اک جي نرعڪسي Retina سيڪنڊ ۾ سڙي سگهي ٿي ۽ ماڻھو انڌو ٿي سگهي ٿو ان ڪري سج طرف ڏسڻ نہ گهرجي.
ڪافي طريقا ۽ سامان آھن جن جي مدد سان ڏسي سگهجي ٿو اھي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا جن ۾ ڌنڌلو شيشو Smoked glass ۔ گاڏين جو شيشو ۔ اڪسري فلم ۔ سج جا چشما Sun glasses ۽ ڪيميرا فلٽر Camera filter شامل آھن. سبب ھي آھي تہ سڀ طريقا سج جي شدت جي روشني کي گهٽ ڪن ٿا پر اھي سج مان نڪرندڙ تابڪاري شعائن کي روڪي نٿا سگهن.

سج گرھڻ کي ڏسڻ جا طريقا:-

(1) مائلر فلٽر Mylar Filter
ھن ۾ پلاسٽڪ جي شيٽ کي اليومينيم سان ڪوٽ ڪيو وڃي ٿو. ھن سان سج گرھڻ کي ڏسي سگهجي ٿو.

(2) ويلڊر گلاس Welder Glass
ولڊنگ وارا شيشا سج گرھڻ کي ڏسڻ لاء استعمال ڪري سگهجن ٿا جنھن سان ڪوبہ نقصان نٿو ٿئي.

آمريڪا ۾ سج گرھڻ:-
26 ڊسمبر 2019 تي آمريڪا ۾ مڪمل سج گرھڻ ٿيندو جنھن کي ملڪ ڀر ۾ ڏٺو ويندو. آمريڪا ۾ سج گرھڻ کي ڏسڻ جون تياريون زور شور سان آھن. ناسا سج گرھڻ ڏسڻ ۾ دلچسپي رکندڙن ۾ مفت خاص عينڪون ورھايون آھن. ماھرن مطابق ھاپڪن ويز جو علائقو سج گرھڻ جو مرڪز ھوندو جتي ڏينھن جو 1:20 وڳي انڌيرو ٿي ويندو ۽ ھي اونداھي ٻہ منٽ چاليھ سيڪنڊن تائين جاري رھندي.

پاڪستان ۾ سج گرھڻ:-
پاڪستان جي تمام جنوبي علائقن ۾ 20 سالن کان پوء 26 ڊسمبر تي سج گرھڻ کي ڏسي سگهجي ٿو. آخري بار سج گرھڻ 11 اگسٽ 1999ع تي ٿيو ھو 
جڏھن شام 5:26 وڳي ڪراچي ۾ خاص طور تي مڪمل سج گرھڻ ٿي ويو ھو ۽ شام ڳاڙھي انڌيري ۾ ڍڪجي وئي ھئي. ھي سج گرھڻ ڪراچي ۾ مڪمل سج گرھڻ ھيو ۽ سج چنڊ ۾ مڪمل لڪي چڪو ھيو.
ھاڻي پورن 20 سالن بعد 26 ڊسمبر 2019 تي صبح 7:34 وڳي کان سج چنڊ پويان لڪڻ شروع ڪندو ۽ صبح 8:46 وڳي سڀ کان وڌيڪ سج گرھڻ ٿيندو ۽ صبح 10:10 وڳي سج گرھڻ ختم ٿي ويندو. سج گرھڻ ڪٿي وڌيڪ ٿيندو انهن علائقن ۾ جنوبي پاڪستان جي خاص طور علائقن ڪراچي ۽ گوادر ۾ سڀ کان ٿيندو جتي تقريبن سج جو 80 سيڪڙو چنڊ پويان لڪي ويندو ۽ ڏينھن جو وقت ڪجھ رات ۾ تبديل ٿي ويندو. سج گرھڻ پاڪستان جي ڪجھ علائقن ۾ جزوي طور ڏسي سگهجي ٿو.

سج گرھڻ جا اثر:-
سج گرھڻ ۾ ھلڻ يا ڪمري مان نڪرڻ پيٽ واري عورت يا مرد لاء نقصانڪار ناھي پر سج طرف نہ ڏسجي. اسان وٽ اھا ھٿ ٺوڪي ڳالھ آھي تہ سج گرھڻ جا شعاع پيٽ واري عورت کي نقصان پھچائن ٿا ۽ پيٽ ۾ ان جي ٻار کي نقصان پھچائين ٿا ھي ڪوڙ آھي.
سج گرھڻ ۾ پيٽ واريون عورتون ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ ٻاھر ھلي سگهن ٿيون مٿن سج گرھڻ جو ڪوبہ اثر نٿو ٿي سگهي.
سج گرھڻ محوري ڦيري جو ھڪ حصو آھي جيڪو رونما ٿيندو ۽ وقت سان ھليو ويندو ان ڪري پريشان ٿيڻ نہ کپي ۽ نڪي عقيدت واري نظريي سان ان کي عذاب سمجهڻ کپي.
ڪجھ عقيدائين ليکي سج گرھڻ آفت آھي پر اھو غلط نظريو آھي. سج گرھڻ ڪابہ آفت ناھي. چنڊ جي محوري ڦيري ۽ چنڊ جو سج سامهون اچڻ ڪري سج گرھڻ ٿي وڃي ٿو ۽ سج جي روشني اسان وٽ نٿي پھچي.

Sunday, 22 December 2019

برقوحرڪيات Electrodynamics 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
برقوحرڪيات حرڪت ۾ چارج ٿيل جسمن ۽ مختلف برقي ۽ چقمقي ميدانن سان لاڳاپيل مظھر جي پڙھائي آھي. جيئن ھلندڙ چارج برقي ميدان پيدا ڪري ٿي، برقوحرڪيات چقمقيت Magnetism ۔ برقي چقمقي تابڪار Electromagnetic radiation  ۽ برقي چقمقي داخلا Electromagnetic induction سان لاڳاپجي وڃي ٿو جنھن ۾ عملي ڪم جيئن برقي اپاتو Electric generator ۽ برقي گرڻو Electric motor اچي وڃن ٿا. برقوحرڪيات جي ھي ايراضي اڪثر ڪري ڪلاسيڪي برقوحرڪيات Classical electrodynamics ڄاتي وڃي ٿي جنھن کي پھرين سرشتڪ نموني طبعي ماھر جيمس ڪلرڪ ميڪسويل پاران وضاحت ڪئي وئي. ميڪسويل جون جوڙون جيڪي سيٽ جون مختلف جوڙون آھن اھي عام مناسبت سان ايراضي جي مظھر کي بيان ڪن ٿيون. وڏيڪ نئين اوسر مقداري برقوحرڪيات آھي جنھن کي مادي سان برقوحرڪيات جي ميل جول کي بيان ڪرڻ لاء جوڙ ڏني وئي جنھن تي مقداري نظريو لاڳو ٿئي ٿو. طبعي ماھر پي اي ايم ڊريڪ ۔ ڊبليوھيسنبرگ ۽ ڊبليو پالي مقداري برقوحرڪيات جي جوڙ جا باني آھن. جڏھن چارج ٿيل ذرن جون رفتارون سمجهوتي تحت روشني جي رفتار سان مقابل ٿين ٿيون نسبتي نظريي ۾ ملوث ٿيندڙ تصحيحون جڙن ٿيون. نظريي جي ھن شاخ کي نسبتي برقوحرڪيات سڏجي ٿو. اھا تيزاري جزن Particle accelerators سان ملوث ٿيندڙ مظھر تي لاڳو ٿئي ٿي ۽ برقي نالين سان جيڪي وڏن برقارن Voltages جا موضوع آھن ۽ ڳريون ڌارون کڻي ھلن ٿا.
Electrodynamics is a study of phenomena associated with charged bodies in motion and varying electric and magnetic fields; since a moving charge produces a magnetic field , electrodynamics is concerned with effects such as magnetism , electromagnetic radiation , and electromagnetic induction , including such practical applications as the electric generator and the electric motor. This area of electrodynamics, often known as classical electrodynamics, was first systematically explained by the physicist James Clerk Maxwell. Maxwell's equations, a set of differential equations, describe the phenomena of this area with great generality. A more recent development is quantum electrodynamics, which was formulated to explain the interaction of electromagnetic radiation with matter, to which the laws of the quantum theory apply. The physicists P. A. M. Dirac, W. Heisenberg, and W. Pauli were the pioneers in the formulation of quantum electrodynamics. When the velocities of the charged particles under consideration become comparable with the speed of light, corrections involving the theory of relativity must be made; this branch of the theory is called relativistic electrodynamics. It is applied to phenomena involved with particle accelerators and with electron tubes that are subject to high voltages and carry heavy currents.

Wednesday, 18 December 2019

تنتو Neuron 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
تنتا Neurons جن کي تنتي گهرڙا Nerve cells پڻ سڏيو وڃي ٿو اھي توھان جي دماغ مان اشارا Signals موڪلن ۽ وٺن ٿا. تنتا پنھنجي جوڙجڪن ۽ ڪارجن ۾ انوکا Unique ٿين ٿا.
تنتا Neuron يا تنتي گهرڙا Nerve cells دماغ ۽ اعصابي نظام جي بنياد آھن. تنتن جي ذريعي ئي ٻاھرين دنيا جو احسس ظھور پذير ٿئي ٿو ڇو جو ھي تمام ٻاھرين معلومات دماغ تائين پھچائين ٿا. تنتا اڪساء وٺي برقي اشارا Electrical signals پيدا ڪن ٿا جن کي تنتي ڇڪون Electrical impulses سڏجي ٿو. انهن برقي اشارن ذريعي تنتا پاڻ ۾ ڄاڻ جي منتقلي ڪن ٿا. جڏھن تنتا اڪساء کائن ٿا تہ اھي پيغامن جي اشارن کي وٺي وڃڻ واري خاص ڪيميائي مادي کي خارج ڪن ٿا جن کي تنفوذو Neurotransmitter سڏيو وڃي ٿو. ھي تنفوذا Neurotransmitters ھڪ تنتي کان ٻئي تنتي تائين معلومات کي منتقل ڪن ٿا. تنفوذا Neurotransmitters اسان جي زندگي ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ھي اسان جي ساھ کڻڻ کان ڌڙڪڻ تائين مطلب سڀن جسماني ۽ نفسياتي فعلن کي ترتيب ڏين ٿا. سائنسدان ھن مھل تائين تنفوذن Neurotransmitters
 جي صحيح تعداد معلوم ناھن ڪري سگهيا پر 100 کان وڌيڪ اھم ڪيميائي مادن کي دريافت ڪري چڪا آھن.
تنتا پاڙ نما پکيڙن Rootlike extensions ذريعي اشارا حاصل ڪري سگهن ٿا جن کي تنتاخا Dendrites سڏجي ٿو. ڄمڻ وقت پڪي تصديق مطابق انساني دماغ 100 بلين تنتن تي مشتمل ٿئي ٿو. ٻين گهرڙن جي ابتڙ تنتا وري پيدا نٿا ٿين نڪي پيدا ڪيا وڃن ٿا. تنتا تني گهرڙي Cell body ۔ تنتاخي Dendrite ۔ تنترن Axons ۽ تنتري ڇيڙي Axon terminal جا ٺھيل آھن.
تنتي جي اندر ناڀ Neucleus کان تنتي جي ڇيڙي Terminal تائين معلومات برقار Voltage جي شڪل ۾ سفر ڪري ٿي. ھتي ڪجھ ڪيميائي مادا تنفوذن Neurotransmitters نڪرن ٿا، اھڙي طرح تنفوذيت Neurotransmission جي نوعيت برقيت کان ڪيميائي ٿي وڃي ٿي. ھي تنفوذا اڳين تنتن يا مشڪن کي فعال يا غير فعال ڪن ٿا. اھڙي طرح پيغام اڳئين تنتي يا مشڪ وٽ منتقل ٿي وڃي ٿو.
ھڪ تنتو ٻئي تنتي يا مشڪ Muscle سان ھڪ ئي وقت ۾ سوين جوڙ Connection ٺاھي سگهي ٿو. اھڙي ھر جوڙ Connection کي تنجوڙ Synapse سڏيو وڃي ٿو. تنتن جي وچ ۾ رابطيڪاري Communication يا تنفوذيت Neurotransmission جو عمل ان جوڙ يا تنجوڙ Synapse ۾ انجام پائي ٿو.
تنتن ۾ بجلي چارج ٿئي ٿي. محرڪن Stimuli جي ڪري چارج Axon ۾ خارج ٿئي ٿي جنھن کي تنتن جي فائرنگ چيو وڃي ٿو. فائرنگ کان پوء تنتن تي چارج گهٽ ٿي وڃي ٿي جيڪا آھستي آھستي تنتي Neuron تي ڪٺي ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ چند ملي سيڪنڊ بعد واپس پھرئين جيتري چارج ٿي وڃي ٿي. ان کان پوء تنتا وري فائرنگ ڪرڻ جي قابل ٿي وڃن ٿا.
نون تنتي گهرڙن Cell bodies جي تخليق کي تنتيت Neurogenesis سڏجي ٿو. ڄمڻ کان پوء تنيت دماغ جي ڪجھ حصن ۾ رونما ٿئي ٿي. تحقيق مطابق تنتن Neurons ۽ تنتيت Neurogenesis ۾ ڪيترائي تنتا تنت بي اپت بيمارين Neurodegenerative diseases جي ڪڙين کولڻ لاء ڪم ڪن ٿا جيئن ويسر Alzheimer’s يا تنتي بگيڙ Parkinson's. تنت بي اپت بيمارين Neurodegenerative diseases ۾ تنتن جي کوٽ يا گهڻائي جي ڪري ڳڻتي Anxiety، ذھني مونجھ Depression، مرگی Eclipsy، ذھني خبط Schizophrenia، بيخوابي، او سی ڊي ۽ ٻيون نفسیاتی بيماريون پيدا ٿين ٿيون.
اسان جي جسم ۾ تنتا گهرڙن کي اشارا منتقل ڪرڻ ۽ ھلائڻ لاء تمام اعلا سطح تي تيار ڪيا ويا آھن. ھڪ تنتو تنتي سرشتي جي مختلف حصن ۾ ڪيئي قسمن جا فعل سرانجام ڏين ٿو. شڪل ۔ نموني ۽ برقي ڪيميائي خاصيتن جي بنياد تي تنتا ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا. انگياتي جوڙجڪ جي حساب سان تنتي کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو.

تنتي جا ڀاڱا  Parts of a neuron
تنتا ماپ ۾ مختلف ٿين ٿا. انهن جي جوڙجڪ انهن جي جڳھ ۽ ڪردار تي دارومدار رکي ٿي. تنھن ھوندي بہ تنتن جا 4 اھم حصا آھن. 
1) تني گهرڙو    Cell body
(2) تنترو           Axon
(3) تنتاخا           Dendrites
(4) تنتري ڇيڙو Axon terminal

(1) تني گهرڙو    Cell body
تني گهرڙي کي پڻ جسي Soma جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. تني گهرڙو Cell body تنتي Neuron جو ترو Core آھي. تني گهرڙو جينياتي معلومات Genetic information کڻي ھلي ٿو ۔ تنتي Neuron جي جوڙجڪ کي برقرار رکي ٿو ۽ سرگرمين Activities ھلائڻ لاء توانائي ميسر ڪري ٿو.
تني گهرڙن Cell bodies وانگر، تنتي جو جسو Soma ناڀ Nucleus ۽ خاص گهڱن Organelles تي مشتمل ٿئي ٿو. اھو جهليء  Membrane سان گهيريل ٿئي ٿو جيڪا انهي جو بچاء ڪري ٿي ۽ انهي کي انهي جي آسن پاسن Surroundings سان ميل جول  Interacting ڪرڻ ڏئي ٿي. تنتي جي جسم کي جسو سڏيو وڃي ٿو. ھي ناڀ تي مشتمل ٿئي ٿو. ھڪ تنتي گهرڙي ۾ گهڻا پروٽين ان حصي ۾ ترڪيب پائن ٿا. ناڀ جو قطر 3 کان 18 مائيڪرو ميٽر تائين ٿئي ٿو.

(2) تنترو    Axon
تنترو Axon ڊيگھ ۾ جسي Soma کان ڏھ يا سو ڀيرا وڌيڪ پکيڙ تي محيط ٿئي ٿو. تنترا جسي کان برقي اشارا وٺن ٿا ۽ ڪجھ قسم جي معلومات ان کي فراھم بہ ڪن ٿا. تنترن جو ڪم ٻين گهرڙن کي مرڪوز ڪري پيغام پھچائين ٿا. تنتري جو ھڪ حصو جيڪو ان کي جسي Soma جي جسم سان ملائي ٿو ان حصي کي تنتري ٽڪري Axon hillock سڏجي ٿو. انگياتي جوڙجڪ کان سوا ھي حصو تمام گهاٽائي وارو ٿئي ٿو جو برقار Voltage سان ڀرپور سوڊيم چينلن تي مشتمل ٿئي ٿو. ھي حصو ھڪ تنتي جو سڀ کان وڌيڪ پرجوش ۽ لاھ چاڙھ کان باخبر حصو ٿئي ٿو. تنترا معلومات جي رواني ۽ رسائي ۾ بہ شامل ٿين ٿا جيڪي ٻين تنتن کان درآمدون وصول ڪن ٿا.
تنترو ھڪ ڊگهي پڇ واري جوڙجڪ Tail-like structurea جھڙو ٿئي ٿو جيڪو تني گهرڙي Cell body کي ھڪ سنڌي Junction وٽ ملائي ٿو جنھن کي تنتري ٽڪري Axon hillock سڏجي ٿو. ڪيترا تنترا چرٻي واري مواد سان نفوذيت Insulating ڪن ٿا يا چرٻي جي تھ ۾ گهيريل ٿين ٿا جن کي چروٻو Myelin چئبو آھي. چروٻو برقي اشارن کي بيھارڻ ۾ تنترن جي مدد ڪري ٿو. عام طور تي تنتن کي ھڪ اھم تنترو ٿئي ٿو.

(3) تنتاخا    Dendrites
تنتي جي پنھنجي گهرڙي ڊيگھ کي تنتاخو Dendrite چئبو آھي جيڪو شاخن تي مشتمل ٿئي ٿو. ھن مڪمل ساخت ۽ شڪل کي استعاراتي طور تي تنتاخي وڻ Dendritic tree سڏيون ٿا. ھي اھا جڳھ آھي جتي گهڻي ۾ گهڻا تنتاخي ڪرنگهي Dendritic spine جي ذريعي مرحلاتي اشارا Process signals درآمد ڪندا رھن ٿا.
تنتاخا Dendriteea تاندوري پاڙون Fibrous roots آھن جن جون شاخون تني گهرڙن Cell bodies مان نڪرن ٿيون. اينٽينا  Antennae وانگر، تنتاخا ٻين تنتن Neurons جي تنترن Axons کان مرحلاتي اشارا Process signals وٺن ٿا. تنتن کي تنتاخن  Dendrites جي سيٽ کان وڌيڪ سيٽ ٿين ٿا جن کي تنتاخي وڻ Dendritic trees سڏجي ٿو. اھي سڀ پنھنجي ڪردار تي ڀاڙين ٿا. مثال طور ڇاڳل گهرڙا Purkinje cells تنتي جو خاص نمونو آھن جيڪي نماغ Cerebellum ۾ ملن ٿا. اھي گهرڙا وڏي پيماني تي تنتاخي وڻن Dendritic trees جي اوسر رکن ٿا جيڪي انهن کي ھزارين اشارا وٺڻ ڏين ٿا.

(4) تنتري ڇيڙو Axon terminal
ھي ھڪ تنتي جو آخري حصو ٿين ٿا جيڪي جسي Soma کان پري واقع ٿين ٿا. ھي حصو تنجوڙن Synapses تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪو ٻن تنتن کي ڳانڍاپڻ ۽ جوڙڻ جو سبب بنجي ٿو. ھتي تنجوڙي بٽڻ لڳل ٿئي ٿو. ھي بٽڻ خاص شڪل وارو ٿين ٿا جتي تنفوذي  ڪيميائي مادا neurotransmitter chemicals کي ٻين نشانيوارن تنتن سان جڙڻ لاء خارج ڪن ٿا. ان کان سوا تنتري جي جسم تي ھڪ ٻيو بٽڻ بہ نصب ٿئي ٿو جنھن کي تنجوڙي بٽڻ En passant سڏجي ٿو.
تنترا Axon ۽ تنتاخا Dendrites مرڪزي تنتي سرشتي ۾ ٿلها ٿين ٿا پر استري تنتي سرشتي Peripheral nerve system ۾ ھي وڌيڪ ٿلها ٿين ٿا. جسا عام طور تي 10 کان 25 مائيڪرو ميٽر تائين جي وشالتا رکن ٿا ۽ عام طور تي جنھن گهرڙي جي ناڀ تي مشتمل ٿين ٿا ان کان گهٽ ٿين ٿا. انسان جي گرڻي تنتي Motor neuron جو سڀ کان وڏو تنترو Axon ھڪ ميٽر تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪو پير جي پنجي کان ڪرنگهي جي ھڏي جي پوئين ڪالم تائين پکڙيل ٿئي ٿو. بالغ ماڻھو ۾ ان جي ڊيگھ 1.5 ميٽر تائين ٿئي ٿي. زرافي جھڙي جانور ۾ ھي ڊيگھ ميٽرن تي مشتمل ٿئي ٿي جيڪا ھن جي گردن تائين مڪمل پکڙيل ٿئي ٿي. تمام گهرڙن وانگر ھر تنتي جو گهرڙي جسم جيوجهلي Plasma membrane جي اندر ٿئي ٿو.

تنتن جا ڪم Function of neurons

تنتا عملي حرڪن Action potentials کي استعمال ڪندي اشارا موڪلن ٿا. عملي حرڪو Action potential تنتي جي برقي حرڪي Electric potential ۾ منتقلي Shifting آھي جيڪو تنتي جهلي Neural membrane جي اندر ۽ ٻاھر اوڻن Ions جي وھڪ Flow مان پيدا ٿئي ٿو. عملي حرڪا  Action potentials ٻنهي ڪيميائي تنجوڙن Chemical synapses ۽ برقي تنجوڙن Electrical synapses حرڪت ڏين ٿا.

(1) ڪيميائي تنجوڙ Chemical synapses
ڪيميائي تنجوڙ Chemical synapse ۾، عملي حرڪا Action potentials خال Gap رستي تنتن Neurons وچ ۾ ٻين تنتن Neurons تي اثر وجهن ٿا جنھن کي تنجوڙ Synapse سڏجي ٿو. تنجوڙا Synapses
 اڳ تنجوڙي پڇڙي Presynaptic ending
 ۔ تنجوڙي ڦوٽ Synaptic cleft
 ۽ پٺ تنجوڙي پڇڙي Postsynaptic ending تي مشتمل ٿين ٿا. جڏھن عملي حرڪو Action potential پيدا ٿئي ٿو اھو تنتري Axon سان اڳ تنجوڙي پڇڙي Presynaptic ending ڏي کڄي ھلي ٿو. اھو ڪيميائي پيغامڪارن Chemical messengers جي نيڪال Release کي حرڪت ڏئي ٿو جن کي تنفوذا Neurotransmitters سڏجي ٿو. اھي پراڻا Molecules تنجوڙي ڏار Synaptic cleft
 کي پار ڪن ٿا ۽ تنتاخي Dendrite
 جي پٺ تنجوڙي پڇڙي Postsynaptic ending ۾ وصولن Receptors سان ڳنڍجي وڃن ٿا. تنفوذا Neurotransmitters پٺ تنجوڙي تنتن Postsynaptic neuron کي اڪسائين ٿا ۽ انهي کان پاڻ عملي حرڪا Action potential پيدا ڪرائن ٿا. متبادل طور تي اھي پٺ تنجوڙي تنتي Postsynaptic neuron کي روڪن ٿا جنھن صورت ۾ اھو عملي حرڪو Action potential پيدا ڪري نٿو سگهي.

(2) برقي تنجوڙا  Electrical synapses
برقي تنجوڙا Electrical synapses صرف اڀار ڏين ٿا. اھي پيدا ٿين ٿا جڏھن جڏھن 2 تنتا Neurons خال واري جوڙ Gap junction رستي ملن ٿا. ھي خال تنجوڙ Synapse کان گهڻو ننڍو ٿئي ٿو ۽ اوڻي چينلن Ion channels تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪي واڌو برقي اشارن Positive electrical signal جي منتقلي Transmission جي سھولت ڏين ٿا نتيجي طور برقي تنجوڙا Electrical synapses ڪيميائي تنجوڙن Chemical synapses کان گهڻو تيز ٿي وڃن ٿا. تنھن ھوندي بہ اشارو ھڪ تنتي کان ٻئي تنتي تائين گهٽ ٿئي ٿو ۽ تنتي کي منتقلي Transmitting ۾ گھٽ اثر بنائي ٿو.

تنتن جا قسم Types of neurons

تنتا جوڙجڪ structure ۔ ڪارج function
 ۽ جينياتي ميڪپ genetic makeup ۾ مختلف ٿين ٿا. تنتن جي خالص تعداد ھئڻ ڪري اھي ھزارن مختلف نمونن جا ٿين ٿا گهڻا ڌرتي تي زندھ جيوتن living organisms جي ھزارين جنسن species جھڙا ٿين ٿا. ڪارج function جي اصطلاحن ۾، سائنسدانن تنتن جي ٽن وشال نمونن ۾ درجا بندي ڪئي آھي.

(1) حسي ٿنتا     Sensory neurons
(2) گرڻا تنتا        Motor neurons
(3) منجهنتا تنتا   Interneurons
يا
ڪڙولا تنتا   Relay neurons
تنتن جا ٽئي قسم ھڪ ٻئي قسم جي تنتن کان مختلف ڪم ڪرائڻ لاء نہ صرف وقف ٿين ٿا پر پنھنجا فعل سرانجام ڏيڻ جي مناسبت سان جسم جي صرف انهن حصن ۾ موجود ٿين ٿا جتي انهن جي قدرتي طور ضرورت ٿئي ٿي. تمام قسمن جا تنتا اعصابي نظام يا تنتي سرشتي ۾ رھي پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.

(1) حسي ٿنتا     Sensory neurons
حسي تنتا ٻاھرين معلومات وٺڻ لاء وصولن جيئن اکين ۔ ڪنن ۔ زبان ۽ چمڙي ۾ ملن ٿا ۽ تنتي ڇڪن کي ڪرنگهي Spinal cord ۽ دماغ Brain ڏي کڻي وڃن ٿا. جڏھن تنتي ڇڪون Nerve impulses دماغ وٽ پھچن ٿيون اھي حسيتن Sensations جيئن دور نظري Vision ۔ ٻڌڻ ۔ چکڻ ۽ ڇھڻ ۾ ترجمو ٿين ٿيون. ھي برقي اشارن يا تنتي ڇڪن کي حرام مغز ۽ مرڪزي دماغ جي حصن تائين پھچائن ٿا جتي ڇڪن جي حسيت sensations جي صورت يعني ڏسڻ ۔ ٻڌڻ ۔ محسوس ڪرڻ ۔ سنگهڻ ۔ چکڻ ۽ ڇھڻ ۾ ٿئي ٿي تنھن ھوندي بہ سڀ حسي تنتا دماغ وٽ نٿا پھچن جڏھن تہ ڪجھ ڪرنگهي Spinal cord وٽ ترسن ٿا ۽ جلدي عڪسي عمل ڏين ٿا جن کان ڪجھ ملڻ وارن پيغامن تي جلدي ردعمل طور عڪسي حرڪت Reflex action جو نظام قائم ٿئي ٿو.
حسي تنتا توھان جي آسپاس ذائقي taste ۔ سنگهڻ smellig ۔ ٻڌڻ hearing ۔  ڏسڻ seeing ۽ شين کي محسوس ڪرڻ feeling things ۾ مدد ڏين ٿا. حسي تنتا توھان جي ماحول جي طبعي لاڳتن physical input ۽ ڪيميائي لاڳتن  chemical inputs پاران تحرڪ ۾ اچن ٿا. آواز Sound ۔ ڇھاء touch ۔ گرمي heat ۽ روشني Light طبعي لاڳتون آھن. سنگهڻ Smell ۽ چکڻ Taste ڪيميائي داخلي شيون chemical inputs آھن.
مثال طور گرم واري تي پير رکڻ سان حسي تنتا توھان جي پيرن جي ترن soles ۾ سرگرم ٿين ٿا. اھي تنتا توھان جي دماغ کي پيغام موڪلين ٿا جيڪي اوھان کي اس کان خبردار ڪن ٿا.

(2) گرڻا تنتا  Motor neurons
گرڻا تنتا جسم جي عضون جي حرڪت تي پنھنجو قابو رکن ٿا ۽ ھي مرڪزي اعصابي نظام ۾ موجود ٿين ٿا. جڏھن گرڻا تنتا معلومات وٺي حرڪت ۾ اچن ٿا تہ ھي تنفوذن Neurotransmitters کي خارج ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ عضوا پنھنجو ردعمل ڏين ٿا جنھن جو حاصل حرڪت ۾ ملي ٿو.
گرڻا تنتا تحريڪ Movement ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا جيڪو رضاڪارانہ تحريڪن voluntary movements
 ۽ غير رضاڪارانہ تحريڪن involuntary movements تي مشتمل آھي. اھي تنتا دماغ ۽ ڪرنگهي کي مشڪن Muscles ۔ عضون Organs ۽ غدودن Glands سان سڄي جسم ۾ رابطيڪاري ڪرڻ ڏين ٿا. گرڻن تنتن جا 2 قسم آھن
(1) ھيٺيان گرڻا تنتا  Lower motor neurons
(2) مٿيان گرڻا تنتا  Upper motor neurons
ھيٺيان گرڻا تنتا ڪرنگهي spinal cord کان لسين مشڪن smooth muscles ۽ ڍانچي مشڪن skeletal muscles ڏي اشارا کڻي ھلن ٿا. مٿيان گرڻا تنتا دماغ ۽ ڪرنگهي جي وچ ۾ اشارا کڻي ھلن ٿا.
مثال طور جڏھن توھان کائو ٿا ڪرنگهي ۾ ھيٺيان گرڻا تنتا کاڌنلي esophagus ۔ معدي stomach ۽ آنڊن intestines ۾ لسين مشڪن ڏي پيغام موڪلن ٿا. اھي مشڪون پاڻ ۾ رابطو رکن ٿيون جيڪو کاڌي کي ھاضمي واري رستي ذريعي اچڻ ڏئي ٿو.

(3) منجهنتا  Interneurons
      يا
      ڪڙولا تنتا Relay neurons

ڪڙولا تنتا Relay neurons حسي داخلا Sensory input ۽ گرڻي نيڪال Motor output ۾ ملن ٿا. ڪڙولا تنتا دماغ Brain ۽ ڪرنگهي Spinal cord ۾ ملن ٿا ۽ حسي تنتن Sensory neurons ۽ گرڻن تنتن Motor neurons جي وچ ۾ رابطيڪاري ڪن ٿا.
حسي تنتن Sensory neurons ۽ گرڻن تنتن Motor neurons جي وچ ۾ معلومات جو تبادلو ڪڙولا تنتا Relay neurons ڪن ٿا. ڪڙولا تنتا يا منجهنتا Interneurons دماغ ۽ حرام مغز ۾ ٿين ٿا ۽ حسي تنتن Sensory neurons ۽ گرڻن تنتن Motor neurons جي وچ ۾ پل وارو ڪم ڪن ٿا. ھي حسي تنتن Sensory neurons کان معلومات کي گرڻن تنتن Motor neurons سان ونڊ ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا يعني حسي تنتن Sensory neurons کان ملندڙ پيغامن تي گرڻا تنتا Motor neurons پنھنجو ردعمل ڏيکارڻ لاء پيغام ڏين ٿا.
منجهنتا تنتي وچارا neural intermediaries آھن جيڪي دماغ ۽ ڪرنگهي ۾ ملن ٿا. اھي گهڻو ڪري تنتي جا عام نمونا آھن. اھي حسي تنتن sensory neurons کان اشارا گذارين ٿا ۽ ٻين منجهنتن interneurons کي گرڻن تنتن motor neurons ۽ ٻين منجهنتن ڏي گذارين ٿا. اڪثر ڪري اھي پيچيدھ برقش complex circuits جوڙن ٿا جيڪي ٻاھرين محرڪن external stimuli سان رد عمل ڪرڻ ۾ تنھنجي مدد ڪن ٿا
مثال طور جڏھن توھان ڪنھن گرم شي کي ڇھو ٿا تہ توھان جي آڱرين جي لڪيرن ۾ حسي تنتا ڪرنگهي ۾ منجهنتن ڏي پيغام موڪلين ٿا. ڪڏھن ڪڏھن منجهنتا توھان جي ھٿ ۾ گرڻن تنتن ڏي پيغام موڪلين ٿا جيڪي توھان جي ھٿ کي پري ڪرڻ لاء چون ٿا. ٻيا منجهنتا دماغ ۾ پيڙ مرڪز pain center ڏي پيغام موڪلين ٿا ۽ توکي درد ٿئي ٿو.

تنتا Neurons

تنتي گهرڙا Nerve cells

 انوکا Unique

پاڙ نما پکيڙون Rootlike extensions

تنتاخو ۔ نراخو ۔ تنت شاخو Dendrites

 تنتاخا ۔ نراخا ۔ تنت شاخا Dendrites

 ناڀ ۔ مرڪز Neucleus

سرو ۔ ڇيڙو Terminal

برقار ۔ بجلي جي رفتار Voltage

اعصابي نفوذا ۔ تنتي نفوذا ۔ تنفوذا Neurotransmitters

Neurotransmission
اعصابي نفوذيت ۔ تنتي نفوذيت ۔ تنفوذيت

مشڪ Muscle

جوڙ Connection

 تنجوڙ ۔ ٻنڌوڙ Synapse

رابطيڪاري Communication
Neurotransmission
اعصابي نفوذيت ۔ تنتي نفوذيت ۔ تنفوذيت

محرڪا ۔ تحرڪا Stimuli

تنترو ۔ تنتر Axon

 تنتي گهرڙا ۔ جسمي گهرڙا Cell bodies

 تنتيت ۔ حسيت Neurogenesis

 تنت بي اپت بيماريون Neurodegenerative

ڳڻتي ۔ ڳاراڻو Anxiety

ذھني مونجھ Depression

بيخوابي Insomnia

ذھني خبط ۔ ذھني وھم Schizophrenia

مرگهي Epilepsy

بيخوابي Insomnia

تني گهرڙو    Cell body

تنترو           Axon

تنتري ڇيڙو ۔ تنتري سرو Axon terminal

ويسر Alzheimer’s

تنتي بگيڙ Parkinson's

جسو ۔ جسمو Soma

 ترو Core

جينياتي معلومات Genetic information

 گهڱا ۔ گهرڙن جا عضوا Organelles

گهڱو ۔ گهرڙي جا عضوو Organelles

جهلي  Membrane

آسا پاسا Surroundings

ميل جول ۔ ميل ۔ رل مل  Interacting

تنتري ٽڪري ۔ تنتري پھاڙي Axon hillock

ڊگهي پڇ واري جوڙجڪ جھڙو Tail-like structurea

سنڌو ۔ ٻنڌو Junction

چروٻو ۔ چرٻي وارو تھ Myelin

 تنتاخي وڻ ۔ تنت شاخي وڻ Dendritic tree

ڇاڳل گهرڙا ۔ صراحي گهرڙا Purkinje cells

تاندوري پاڙون Fibrous roots

تنجوڙي بٽڻ ۔ ٻنڌوڙي بٽڻ Synaptic button

Neurotransmitter chemicals
تنفوذي ڪيميائي مادا ۔ تنتي نفوذي ڪيميائي مادا ۔ اعصابي نفوذي ڪيميائي مادا

 تنجوڙي بٽڻ ۔ ٻنڌوڙي بٽڻ  En passant

 عملي حرڪو Action potential

عملي حرڪا Action potentials

برقي حرڪو Electric potential

برقي حرڪا Electric potentials

Presynaptic ending
اڳ تنجوڙي پڇڙي ۔ اڳين تنجوڙي پڇڙي

تنجوڙي ڦوٽ ۔ ٻنڌوڙي ڦوٽ     Synaptic cleft

Postsynaptic ending
پٺ تنجوڙي پڇڙي ۔ پوئين تنجوڙي پڇڙي

تنتي جهلي Neural membrane

اوڻا ۔ اڻرا ۔ اڻڪا Ions

ڪيميائي پيغامڪار Chemical messengers

ڪيميائي تنجوڙ ۔ ڪيميائي ٻنڌوڙ Chemical synapses

برقي تنجوڙ ۔ برقي ٻنڌوڙ Electrical synapses

 اوڻي چينل ۔ اڻري چينل Ion channels

واڌو برقي اشارا Positive electrical signal

منتقلي Transmitting

جوڙجڪ Structure

ڪارج ۔ ڪم Function

 جينياتي ميڪپ ۔ جينياتي سنوار Genetic makeup

زندھ جيوتون Living organisms

جنسن Species

حسي تنتا     Sensory neurons

گرڻا تنتا        Motor neurons

منجهنتا        Interneurons

طبعي لاڳتون ۔ طبعي گهيڙ Physical input

ڪيميائي لاڳتون ۔ ڪيميائي گهيڙ  Chemical inputs

رضاڪارانہ تحريڪون     Voluntary movements

 ۽ غير رضاڪارانہ تحريڪون Involuntary movements

مشڪون Muscles

عضوا Organs

غدود Glands

ھيٺيان گرڻا تنتا  Lower motor neurons

مٿيان گرڻا تنتا  Upper motor neurons

لسين مشڪون Smooth muscles

ڍانچي مشڪون Skeletal muscles

تنتي وچارا Neural intermediarie

پيچيدھ برقش Complex circuits

ٻاھريان محرڪا External stimuli

Friday, 6 December 2019

سرشتو ۽ ان جا نمونا System and it's types 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

سرشتو قانونن ۔ شين جي نظم پڻي يا لاڳاپيل شين جي گروپ جو سيٽ آھي جيڪو عام مقصد آڏو ڪم ڪري ٿو. سرشتي جو مثال پنھنجي ڪوٺي کي تشڪيل ڏيڻ آھي. سرشتي جو مثال سڀ عضوا آھن جيڪي ھاضمي لاء گڏجي ڪم ڪن ٿا.
سرشتو موجود شين سان ميل جول يا اندريون ڳانڍاپو رکڻ وارو گروپ آھي. سرشتي کي پنھنجي مڪاني ۽ دنياوي چوديوارن سان بيان ڪري سگهجي ٿو جيڪي پنھنجي ماحول سان گهيريل ۽ زير اثر آھن جيڪو پنھنجي جوڙجڪ ۽ مقصد سان بيان ٿيل آھي ۽ پنھنجي ڪارجن ۾ وضاحت ڪيل آھي.
The definition of a system is a set of rules, an arrangement of things, or a group of related things that work toward a common goal. ... An example of a system is the way someone organizes their closet. An example of a system is all the organs that work together for digestion.
A system is a group of interacting or interrelated entities that form a unified whole. A system is delineated by its spatial and temporal boundaries, surrounded and influenced by its environment, described by its structure and purpose and expressed in its functioning.

سرشتي جا ٽي نمونا آھن.
(1) Open system       وائکو سرشتو ۔ کليل سرشتو
(2) Closed system  بند سرشتو ۔ پوريل سرشتو
(3) Isolated system    ويراڳي سرشتو ۔ ھيڪل سرشتو

(1) Open system       وائکو سرشتو ۔ کليل سرشتو

کليل سرشتو ھڪ سرشتو آھي جنھن وٽ چوديواريء ۾ يا ٻاھران ٻاھرين ميل جول ۔ توانائي ۽ مادي تبادلا آھن جيڪو نظم ضبط تي ڀاڙي ٿو جيڪو خيال کي بيان ڪري ٿو.
کليل سرشتي جي ھيئن وضاحت ڪري سگهجي ٿي
”اھو پنھنجي ماحول سان مادي جي تبادلي وارو ھڪ سرشتو آھي جيڪو درآمد ۽ برآمد ڪري ٿو ۽ پنھنجي مادي جي جزن جي تشڪيل ۽ ڀڃ ڊاھ ڪري ٿو.“
کليل سرشتي جو مڪمل مثال حياتياتي جيوت آھي جيئن انسانذات. اسان آزادي سان پنھنجي ماحول سان ميل جول ڪريون ٿا جيڪو ماحول يا اسان ٻنهين لاء تبديلين جو نتيجو ڏئي ٿو مثال طور اسان کاڌو کائڻ لاء توانائي حاصل ڪريون ٿا. 
An open system is a system that has external interactions. Such interactions can take the form of information, energy, or material transfers into or out of the system boundary, depending on the discipline which defines the concept.
An open system is defined as a “It is a system in exchange of matter with its environment, presenting import and export, building-up and breaking-down of its material components.”
A perfect example of an open system is a living organism such as a human being. We actively interact with our environment, which results in changes to both the environment and us. For example, we eat to acquire energy.

(2) Closed system  بند سرشتو ۔ پوريل سرشتو

بند سرشتو ھڪ طبعي سرشتو آھي جيڪو تبادلن جيئن (مايي جو تبادلو يا توانائي جو تبادلو) جي يقيني نمونن کي اجازت نٿو ڏئي. تبادلن جي انهن نمونن جي خاصيت جيڪا خارج ٿئي ٿي اھا طبعيات ۔ علم ڪيميا يا انجڻگيري ۾ مختلف ٿئي ٿي.
بند سرشتو گرموحرڪياتي سرشتي جو نمونو آھي جتي مايو سرشتي جي چوديوارن ۾ محفوظ ٿئي ٿو پر توانائي سرشتي ۾ اچڻ يا سرشتي مان نڪرڻ لاء آزاد ٿئي ٿي.
ڌرتي خاص طور تي بند سرشتو ٿئي ٿو. اھا سج کان گهڻي توانائي وٺي ٿي پر ٻاھر سان مادي جي ڏي وٺ گهڻو ڪري ٻڙي ٿئي ٿي. ويراڳي سرشتا ٻاھرئين سرشتي سان نڪي توانائي نڪي مادي جي ڏي وٺ ڪن ٿا جڏھن تہ اھي وڏن سرشتن جو حصو ٿي سگهن ٿا اھي ڪنھن بہ نموني ٻاھر سان ميل جول نٿا ڪن.
بند سرشتو گرمي ۽ ڪم جي تبادلي سان پنھنجن آسن پاسن سان توانائي جي مٽاسٽا ڪري سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪم ۽ گرمي جوڙجڪون آھن جو توانائي سرشتي جي چوديواري مان منتقل ٿي سگهي ٿي. حرڪي نظريي تي ٻڌل، گرمي کي ايٽمن ۽ ماليڪيولن جي اتفاقي حرڪتن سان ڳانڍاپيل توانائي طور بيان ڪري سگهجي ٿو.
سڀ تازيون ڍنڍون کليل ٿين ٿيون. جيڪڏھن پاڻي ندي يا نيڪال ذريعي ڍنڍ مان نڪري ٿو انهي کي کليل چئبو. جيڪڏھن پاڻي ڍنڍ مان ٻاڦ ذريعي نڪري ٿو تہ ڍنڍ بند آھي. بند ڍنڍون اڪثر ڪري شوردار يا لوڻيٺي ھونديون آھن.
A closed system is a physical system that does not allow certain types of transfers (such as transfer of mass or energy transfer) in or out of the system. The specification of what types of transfers are excluded varies in the closed systems of physics, chemistry or engineering.
. A closed system is a type of thermodynamic system where mass is conserved within the boundaries of the system, but energy is allowed to freely enter or exit the system.
The Earth is essentially a closed system; it obtains lots of energy from the Sun but the exchange of matter with the outside is almost zero. Isolated systems can exchange neither energy nor matter with an outside system. While they may be portions of larger systems, they do not communicate with the outside in any way.
A closed system can exchange energy with its surroundings through heat and work transfer. In other words, work and heat are the forms that energy can be transferred across the system boundary. Based on kinetic theory, heat is defined as the energy associated with the random motions of atoms and molecules.
If water leaves a lake by a river or other outlet, it is said to be open. All freshwater lakes are open. If water only leaves a lake by evaporation, the lake is closed. Closed lakes usually become saline, or salty.

(3) Isolated system    ويراڳي سرشتو ۔ ھيڪل سرشتو

ويراڳي سرشتو گرموحرڪياتي سرشتو آھي جيڪو سرشتي جي چوديواري ٻاھران نہ توانائي نڪي مادي جي ڏي وٺ ڪري ٿو. ھتي ٻہ طريقا آھن جنھن ۾ ھي رونما ٿي سگهي ٿو. سرشتو ٻئي سرشتي کان ايترو مفاصلاتي ٿي سگهي ٿو جو اھو انهن سان رل مل ڪري نٿو سگهي. ھي گرموحرڪياتي سرشتو ڪڙڪ بي تحرڪ ڀتين سان بند ٿيل آھي جن مان نڪي مايو نڪي توانائي گذري ٿي. ويراڳي سرشتو گرمي ۔ ڪم ۽ آسپاس واري مادي سان ڏي وٺ نٿو ڪري جڏھن تہ کليل سرشتو توانائي ۽ مادي جي ڏي وٺ ڪري ٿو.
ھي سرشتو پنھنجي آسپاس سان ميل جول نٿو رکي. اھو پنھنجي ڪل توانائي تي ڀاڙي ٿو ۽ ھن جي حرڪار Momentum اڻ تبديل رھي ٿي. گرموحرڪيات ۾ ويراڳي سرشتو اشاري ڏيڻ لاء استعمال ٿئي ٿو تہ سرشتي جي توانائي تبديل نٿي ٿئي. ميڪانيات ۾، اھو اشاري ڏيڻ لاء استعمال ٿئي ٿو تہ سرشتي جي حرڪار Momentum تبديل نٿي ٿئي.
ڪائنات ويراڳي سرشتو آھي ڇوجو اھا ھر ڪا شي رکي ٿي ۽ ان ڪري ھتي ھر ڪنھن شي سان ڏي وٺ ٿي سگهي ٿي.
An isolated system is a thermodynamic system that cannot exchange either energy or matter outside the boundaries of the system. There are two ways in which this may occur: The system may be so distant from another system that it cannot interact with them. This thermodynamic system enclosed by rigid immovable walls through which neither mass nor energy can pass.
An isolated system cannot exchange any heat, work, or matter with the surroundings, while an open system can exchange energy and matter.
This system does not interact with its surroundings. It depends on its total energy or its momentum stay constant. In thermodynamics, isolated is usually used to indicate that the system's energy does not change. In mechanics it is used to indicate that the system's momentum does not change.
A system is isolated when there is no energy exchange with the surroundings. For example the contents of a vacuum flask are isolated. ... The universe or space are isolated systems, because it contains everything, and thus there can be no exchange of energy with anything.

Wednesday, 4 December 2019

حرڪار ۔ حرڪت جي رفتار Momentum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
حرڪار طبيعات جو اصطلاح آھي. اھو مفعول جي حرڪت طرف اشارو ڪري ٿو. راند واري ٽيم جيڪا جيڪا چرپر ۾ آھي اھا حرڪار ۾ آھي. جيڪڏھن ڪو مفعول چرپر ۾ آھي اھو حرڪار ۾ آھي. حرڪار جي مايي ۾ حرڪت طور وضاحت ڪري سگهجي ٿي. حرڪار مايي جي تبديلين ۽ رفتار تي ڀاڙي ٿو. نيوٽن جي ميڪانيات ۾ ليڪي حرڪار ۔ رجمي حرڪار يا سادو حرڪار مفعول جي رفتار ۽ مايي جي اپت آھي. اھو مقداري خط آھي جيڪو امڪ ۽ ٽہ مقداري خلا رکي ٿو. وڪيپيڊيا
Momentum is a physics term; it refers to the quantity of motion that an object has. A sports team that is on the move has the momentum. If an object is in motion (on the move) then it has momentum. Momentum can be defined as "mass in motion." Momentum depends upon the variables mass and velocity.
In Newtonian mechanics, linear momentum, translational momentum, or simply momentum is the product of the mass and velocity of an object. It is a vector quantity, possessing a magnitude and a direction in three-dimensional space.Wikipedia

حرڪار ۔ حرڪت جي رفتار ۔ زور جي قوت   Momentum

طَبيعات                       Physics

اِصطلاح                            Term

مِقدار                          Quantity

حَرڪت                         Motion

مَفعُول                            Object

مايو                                Mass

مايي جي تبديليون - مايي جي تبديلين  Variables mass

رَفتار                              Velocity

نيوٽني ميڪانيات           Newtonian mechanics

لڪيري حرڪار                linear momentum

رَجمِي حرڪار                  Translational momentum

سادو حرڪار                   Simply momentum

مِقداري خط ۔ مقداري لڪير          Vector quantity

اُمَڪ (مقدار ۔ وسعت)                 Magnitude

ٽِہ مقداري خلا - ٽہ پيمائشي خلا
Three-dimensional space

Tuesday, 3 December 2019

قد وڌڻ To grow taller 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ھڪ نئين ڪتاب جي مصنف ”بين ڪوٽس“ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ٿو تہ ڪھڙي طرح دنيا جي ھن قوم کير - ڏھي ۽ پنير جو استعمال ڪري پنھنجو قد وڌايو ۽ ريس جوڳي قوم بنجي وئي. بي بي سي جي رپورٽ مطابق ڊچ قوم جي کير - پنير ۽ ڏھي صرف روز جي خوراڪ ناھي پر قومي علامتي حيثيت رکي ٿي. سون سالن تائين جڏھن نيڌرلينڊ جي ماڻهن پنھنجي آزادي جي جنگ وڙھي پنھنجي ڌرتي کي آزاد ڪرايو تہ انهن کي گاھ سان زرخيز ڌرتي ملي جاڏي ڪاڏي ساوڪ ملي ۽ گنج چراگاھ مليا. انهن ھزارين چوپايا جانور پاليا. کير ايترو عام ٿي ويو جو جھڙوڪر پاڻي کان جهجهو لڳو پئي. کير پيئندڙن کان کير وڌي ويو جو کير مان ڏھي - پنير ۽ مکڻ ٺاھڻ لڳا. ائين ڊچ قوم ۾ پنير اھم حيثيت ٺاھي ورتي ۔ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ عام استعمال ۾ اچي ويو. تقريبن ڏيڍ صدي پھرين ڊچ قوم يورپ ۾ سڀ ننڍي قد واري قوم ھئي پر پوين ڏيڍ سو سالن کان انهن پنير ۽ کير جو خوب استعمال ڪيو پر اڄ ڊچ قوم نہ صرف يورپ کان پر دنيا جي سڀني قومن کان  قداور قوم آھي. نيدر لينڊ ۾ عورتن جو سراسري قد 5 فٽ 7 انچ ۽ مردن جو سراسري قد 6 فٽن کان مٿي آھي. ماھرن مطابق ان سموري ڪارفرما ۾ ڊيري مصنوعات جو وڏو عمل دخل آھي. نيدرلينڊ ۾ کير مان ٺھندڙ شيون آمريڪا - برطانيہ ۽ جرمني جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ واپرايون وڃن ٿيون. ھن ملڪ جو مقبول ترين ناشتو پنير - بريڊ ۽ کير آھي. صبح جي وقت ماڻھو ريل گاڏين ۾ سفر ڪندي ماڻھو پنير ۽ کير مان ٺھيل شيون کائيندي نظر اچن ٿا.
جڏھن اسان مٿئين عنوان تي نظر رکون ٿا تہ اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪيلشم قد وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ڇوجو ڪيلشم ھڏن جي نشونما کي فروغ ڏئي ٿي جنھن جي ڪري قد وڌڻ جي اوسر ۾ ڪابہ رڪاوٽ نٿي رھي. ماضي ۾ سنڌي گهرن ۾ مائرون ڄمندي ٻار کي مکڻ جو دڪو وجهنديون ھيون جنھن جا مثبت اثر زندگي جي آخر تائين رھندا ھيا ۽ ڄمندي ٻار جي ماء کي سچي گھ ۾ مختلف شين جي چورن ٺاھي ڏني ويندي ھئي يا روز بصري کارائي ويندي ھئي جنھن سان عورت جي جسم ۾ حيض جو زھريلو مادو خارج ٿي ويندو ھو ۽ صحتمند ٿي ويندي ھئي پر ھاڻي اسان جي سنڌي سماج ۾ کير مکڻ کائڻ واري روايت ختم ٿي وئي سڄو ڏينھن مالوند گهرن ۾ چانھ جا ٻاٽا ڪڙھن ٿا پيا.
قد وڌائڻ لاء جتي ڪيلشم ضروري آھي اتي ٻار جي ڄمندي ان کي خشڪ گرم ۽ گرم خشڪ شين کان پاسو ڪرائڻ کپي ڇوجو ٻار جو ھڏ ڪمزور ٿيندو آھي ان جي گرم شين جي استعمال ڪرڻ سان ھڏين جي نشو نما رڪجي وڃي ٿي نتيجي طور ٻار جي قد ۾ رڪاوٽ جا امڪان اچي وڃن ٿا ۽ ٻار سدائين ڪمزور رھي ٿو.
مون کي ياد آھي تہ ھڪ ڀيري سائين حڪيم حاجي رسول بخش سيال جي پسارڪي دڪان تي ويٺس. ڀرسان 75 سالن جو پوڙھو ويٺل ھيو. پوڙھي کي سھڪو ھيو. ساھ مان سوٽن جو آواز نڪري رھيو ھو ڄڻ ڪا سيٽي وڄي رھي ھجي.
مون پوڙھي جي ڳچي طرف ڏٺو جيڪا پنھنجي مقرر حد کان سنهي ھئي.
چاچا توھان کي ننڍي لاء کنگھ ٿي ھئي؟ پوڙھي کان مون پڇيو.
جي پٽ! ننڍي لاء مون کي شديد خشڪ کنگھ ٿي ھئي. پوڙھي وراڻي ڏني.
چاچا توھان کي مائٽن کنگھ ختم ڪرڻ لاء ڪا گرم شي ڏني؟
جي پٽ مائٽن مون کي سنڍ ۽ ماکي ملائي چٽڻ لاء ڏني. بس دوا چٽڻ جي دير ھئي ۔ مان کنگھ ۾ ٻٽجي ويس اھو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن کنگھ نہ ڇڏيو ۽ ڪمزوري ساٿ ساٿ ھلندي آئي. ڳالهائيندي پوڙھو سھڪڻ لڳو.
ٻار کي بخار ٿئي يا کنگھ ٿئي ڪڏھن بہ ان کي گرم شيون نہ ڏجن جيئن سنڍ ۔ ادرڪ ۔ ٿوم ۔ ڪارا مرچ ۔پپريون وغيرھ. خاص ڪري سنڍ ۔ ادرڪ ۽ ٿوم کي ڀاڄين  ۽ تر ۾ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪجي ڇوجو اھي تمام گرم آھن ۽ جسم تي منفي اثر ڇڏين ٿيون ۽ ھڏين کي ڪمزور ڪن ٿيون. ھڪ ڳالھ اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي. سنڌ گرم علائقو آھي ھتي گرم مزاج رھن ٿا. انهن کي گرم مصالحن ۽ گرم شين کان ڪنارو ڪرڻ کپي ڇوجو گرم مزاج جو گرم شيون کائڻ ائين آھي جيئن باھ ۾ باھ وجهڻ باقي ٿوم کي دالين ۽ مڇي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. گرم شيون جسم ۾ ڪيلشم جي کوٽ پيدا ڪن ٿيون ۽ اڳيئي ھتي رھندڙ ماڻھن ۾ ڪيلشم جي کوٽ آھي. ھڪ ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي ڀاڄي ۾ روز بصرن کي گهڻو داغ ڏيڻ پنھنجي جيري کي داغ ڏيڻ آھي ڇوجو بصرن کي داغ ڏيڻ سان بصرن ۾ موجود گنڌڪ Sulphur  زھريلو ٿي وڃي ٿو نتيجي طور جيري تي سوڄ ڪري ٿو.
ھڪ ڏينھن دادو ۾ پنھنجي دوست حڪيم عبداللطيف منگي سان ان جي مطب خاني تي ڪچھري ڪري رھيو ھوس تہ ايتري ۾ ھڪ سپاھي کيڪار ڪري ويجهو ويٺو. ان جي ھٿ ۾ دوائن جو پرچيون ھيون.
ايتريون ڍڳ پرچيون! خير تہ آھي.
مون تجسس مان پڇيو.
سائين جيري جي سوڄ آھي. سڀ پرچيون ان عارضي جي علاج جون آھن. حيدرآباد ۾ LMC جي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو. انهن تشخيص ڪري جيري جي سوڄ ٻڌائي آھي.
سپاھي جي منھن تي سوڄ بکي رھي ھئي ھئي. ساھن ۾ سھڪومحسوس ٿي رھيو ھو.
ڊاڪٽرن بيماري جو سبب ڇا ٻڌايو؟ مون پڇيو.
ڊاڪٽرن جي تشخيص مطابق بيماري روز بصرن کي داغ ڏيڻ واري کاڌي کائڻ مان ٿي آھي. ڊاڪٽرن بصرن جي داغ ڏنل کاڌي کان روڪيو آھي.
سپاھي جي جواب مون کي بيماري جي نئين ڄاڻ مرقوم ڪئي.
 اسان وٽ بورچيخاني ۾ جڏھن ڀاڄي پچندي آھي تہ پيڪيٽ مان گرم مصالحو وڌو ويندو آھي جنھن ۾ سنڍ ۔ لونگ ۔ ھرٻو ۔ وڏو ڦوٽو ۽ جعفر موجود ھوندا آھن جيڪي تمام گرم ھوندا آھن واڌو ڪسر ٿوم وجهي ڀاڄي کي اڃان بہ گرم ترين ڪيو ويندو آھي جنھن جي روز کائڻ سان جسم ۾ لطيف بلغمي جوھر خارج ٿيڻ لڳندو آھي ۔ عورت ۽ مرد عارضن جو شڪار ٿيڻ لڳن ٿا، عورت زنانين بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. ھر وقت مٿي ۾ سور ۔ چيلھ ۾ سور ۔ حيض جي گهٽ وڌائي ۔ جسم تي سوڄ ۔ سھڪو ۽ ليڪوريا عورت انهن عارضن سان سان ٻہ چار ٿي وڃي ٿي نتيجن پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار ڪمزور ڄمي ٿو ۔ ماء جي ڀاڄين ۾ گرم مصالحن ۽ گرم شين جي وجهڻ ڪري ماء ۽ ٻار ڪيلشم جي کوٽ جو شڪار رھن ٿا نتيجي طور ٻار ۾ قد جي اوسر پوري ساري نٿي رھي ۽ ڄمندي ئي ٻار ڪنگي ۽ سائي جي ور چڙھي وڃي ٿو.

قد وڌائڻ ۾ ڪيلشم جو ڪردار:-
جسم جي ھڏين جي افزائش ۽ جوڙجڪ  ۾ ڪئلشم اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻار کان 24سالن جي عمر تائين ڪئلشم ھڏين جي اوسر ڪري قد وڌائي ٿي ۔ ھڏين کي مضبوطي ڏئي ٿي ۽ مڪمل نشونما جي مرحلي کي پورو ڪري ٿي. 24 سالن کان پوء قد وڌڻ جا مرحلا رڪجي وڃن ٿا. ان ڪري ٻار جي ڄمندي ٻار جي قد وڌائڻ جي سوچ کي اپنائجي. وٽامن ڊي جو استعمال ڪندو رھجي ان سان گڏ پروٽين کي کاڌي ۾ شامل ڪجي.

قد وڌائڻ لاء ڇا ضروري آھي؟

کير:-
کير ھڪ وقت وٽامن ڊي ۽ ڪيلشم جو پوراء ڪري ٿو گڏ گڏ ھڏين جي افزائش ڪري ٿو ۔ بتدريج قد وڌائي ٿو ۽ جسم کي بھترين نشونما ڏئي ٿو. ٻار کي مينھن جو گهاٽو کير پيئڻ لاء نہ ڏجي پر مينھن جو کير ھڪ حصو ٻہ حصا پاڻي ملائي حسب ضرورت مٺو ڪري ٻار کي پيئڻ لاء ڏجي.
ھي جهارو نرم ۽ لطيف جهارو آھي جيڪو ٻار کي طاقت ڏيڻ سان گڏ پيٽ کي نرم ڪندو ۔ پيٽ کي صاف ڪندو ۽ پيٽان ويھاريندو. ھي جهارو گهاٽي کير کان وڌيڪ ٻار کي توانائي مھيا ڪري ٿو ۽ مثبت اثر مھيا ڪري ٿو.

ترڻ ۽ ھلڻ:-
ترڻ سان مشڪن جي ورزش ٿئي ٿي نتيجي طور جسم کلي ٿو ۽ قد وڌي ٿو. جڏھن توھان اھڙيون ورزشون ڪريو ٿا تہ چرٻي استعمال ۾ اچي ٿي ۽ ڪيلشم ھڏين ۾ جذب ٿي ھڏين جو حصو ٿي وڃي ٿي ۽ قد وڌڻ جو رستو کلي ٿو.

پروٽين:-
قد وڌائڻ لاء پروٽين واريون شيون کائڻ ضروري آھن. پروٽين ڪيلشم کي تحليل ڪري ٿي ۽ ڪيلشم پروٽين کي مرحلن مان گذاري جسم جي نشونما کي فروغ ڏئي ٿي. پروٽين ۾ گوشت ۔ بيدا ۔مڇي ۽ پنن واريون ڀاڄيون اچي وڃن ٿيون.

احتياط:-
ڀاڄين ۾ جيترو ٿي سگهي ٿوم ۽ سنڍ جو استعمال گهٽ ڪجي بھتر آھي تہ نہ ڪجي.
ڀاڄي ۾ بصرن کي گهٽ داغ ڏجي.
گرم مصالحا گهٽ استعمال ڪجن. اڄڪلھ مارڪيٽ ۾ ڪيميائي آئسنس وارا مصالحا آھن جيڪي بيمارين جو سبب بنجن ٿا ۽ ٻار جي قد جي افزائش ۾ رڪاوٽون وجهن ٿا.
مصالحيدار تريل شين کان پاسو ڪرڻ کپي.

قد وڌائڻ جا نسخا:-
نسخو 1:-
اسگند        2 تولا
تر              2 تولا
تخم ڪونچ 2 تولا
مصري   6 تولا
ڪٽي پائوڊرڪري ڇاڻي پاڻ ۾ ملائي رکجي.
ٻار کي رتي تا 2 رتيون روز
نوجوان کي ماشو روز
قد وڌائڻ لاء بھترين آھي. 6 سالن کان 24 سالن وارا نوجوان بہ استعمال ڪري سگهن ٿا.

نسخو 2:-
اسگند   2 تولا
سنگهاڙا 2 تولا
مصري   4 تولا
پائوڊر ڪري پاڻ ۾ ملائي رکجي.
ٻار کي رتي روز
نوجوان کي ماشو روز
ھي دوا بھترين ڪئلشم رکي ٿي.

نسخو 3 :-
ڪشتہ سنک ھمدرد   تولو
سھاڳو ڦليل             تولو
ٻنھي کي کرل ڪري پاڻ ۾ ملائي رکجي.
ٻار کي رتي روز
نوجوان کي 4 رتيون تا ماشو
ھي دوا بھترين ڪيلشم جو مرڪب آھي.
سھاڳي ڦلائڻ جو طريقو :- سھاڳو 4 تولا وٺي ان کي تئي تي ڦلائجي. اتان 2 تولا کڻجن ۽ ڪشتہ سنک سان کرل ڪري رکجي.

Tuesday, 26 November 2019

ڳوڙھا ۽ سائنس Tears and Science 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ٻار روئڻ لڳو مگر ماء ڌيان نہ ڌريو. ٻار جذبات ۾ رانڀاٽ شروع ڪيا، ماء ڊوڙندي اچي ھن کي ڳلي لڳايو. ڳلي لڳڻ شرط ٻار جو احتجاج ماٺو ٿي ويو ۽ کيس ننڊ اچي وئي پر ڪجھ دير تائين ڳوڙھا ھليا.
ھي روئڻ ۔ ھي ڳوڙھا ڳاڙڻ فطرت جي نشاندھي ڪن ٿا جيڪي ڪائنات ۾ معصوم روپ سروپ سان موجود آھن. ڪڪرن جو اڀ تي مڙڻ ۔ سارنگ جو ساٺ ڪرڻ ۔ پياسي ڌرتي کي پلر جي پالوٽ ڏيڻ ۽ ڌرتي تي سرسبز شادابي اچڻ ۔ ارزان ان ٿيڻ ۽ سنگهارن لاء سک ٿيڻ ھي سڀ ڪيفيتون فطرت جي زرخيز ھجڻ اشارو ڪن ٿيون.
سارنگ   سار   لَڌِي
آگَميا           اَبَر

سَڄو سُونھن ٿَر
چُميو چُم مَلِير کي.
”اصغر ساگر“

محبوب جو رسڻ ۔ عاشق جو تڙپڻ ۔ حيلا وسيلا ھلائڻ ۔ ايلاز منٿون ڪرڻ ۔ ڪوبہ وس نہ ڇڏڻ ۔ فطرت اھو عشق انسان جي جيء سان جڙي ڇڏيو. محبت ۾ پاڻ کي ڪنھن سان منسوب ٿيڻ ۽ ان کان ڌار ٿيڻ دردن جو اڻ کٽ سلسلو جنھن ۾ ڳوڙھا ڳاڙڻا پون ٿا ۔ راتو ڏينھن روئجي ٿو ۽ ريجهائڻ لاء ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.
روئڻ سان جي ريجهن تہ راتو ڏينھن روئان
لاڙي لڙڪ اکين مان    پيرين   ھوند   پوان
ڌرتي سڀ ڌوئان  لڙڪن سان  لطيف چوي.
”شاھ لطيف“

ڳوڙھا جتي عاشق پنھنجي جاني جي جدائي کي ظاھر ڪن ٿا، اتي پڇتاء وارا ڳوڙھا اکين ۾ ڪر کڻن ٿا ۽ روئندي پاڻ تي ملامت کڻڻي پوي ٿي. اتي ساڳي ھنڌ گوتم ٻڌ جو مرندي ڪامل مراقبو نظر اچي ٿو ۽ موت جي ڪابہ فلڪ سندس منھن تي نظر نٿي اچي، مرڻ وقت بہ گوتم ٻڌ ڌيان ۽ گيان ۾ رھيو.
ڌِيان       گِيان       مُراقبو
سوچُون سُونھن سُرڪ

سَدا      کيڏِي     مُرڪ
گوتَم   تُنھنجي   لَبن   تي.
”اصغر ساگر“
ھندوستان ۾ ذات پات واري اونداهي نظام کي للڪاريندڙ ۽ ٻڌمت جو باني - انسانيت جي پرچار ڪندڙ - انساني محبت ۾ يقين رکندڙ ۽ مذھبن جي متڀيد کان مٿانھون سوچيندڙ سڌارٿ عرف گوتم ٻڌ جنھن کي کي کنڀيون  ڏاڍيون وڻنديون هيون. سندس هڪ پيروڪار کنڀيون پچائي سندس خدمت ۾ پيش ڪيون ۔
 اتفاقاً ان ۾ زهريليون کنڀيون بہ شامل ٿي ويون ، جيڪي گوتم ٻڌ کاڌيون ۔ ان کان پوءِ سندس طبيعت ناساز ٿيڻ لڳي.  هاڻي سندس پوئلڳ کي پنھنجي غلطي ۽ لاپرواهي تي پشيماني ۽ شرمندگي ٿيڻ لڳي. پوئلڳ  زارو زار روئڻ لڳو ۽ گوتم ٻڌ کان معافي گهرڻ لڳو.
مھاتما ٻڌ، جيڪو حد درجي جو رحمدل هو ، تنهن ھن ڳالھ کي ليکي ۾ نہ آندو - گوتم ٻڌ ھن سان اھڙي نموني ڳالهايو ڄڻ تہ ڪجھ ٿيو ئي نہ ھجي ۽ اطمينان سان کيس چوڻ لڳو :
"ڪا ڳالھ ناهي منهنجا دوست ! کاڌو واقعي مزيدار هو ۔ "

موت جو ڊِڄ نَہ مُنھن تي
نَظَر   نَڪو   نِراس

مُراقِبو      قائِم      يَڪو
ساڳا سَڀ اِحساس

کُنڀيُن  جو سَواس
پڇ    مرندي   گوتم  کان.
”اصغر ساگر“
اهڙي طرح ان زهر جي اثر سبب  483 ق۔م ۾ هن عظيم اڳواڻ جي وفات جو واقعو پيش آيو.
ڪن ڪن عاشقن دلپشوري طور بہ عشق ڪيو آھي ۽ يادن ۾ حوالي طور ناٽڪ نموني ڳاڙيا آھن. انهن ناٽڪ وارن ڳوڙھن کي بہ اسان جذباتي ڳوڙھا چونداسين.
ھڪ دفعي جوش مليح آبادي پنھنجي گهر ۾ ڪجھ بي تڪلف دوستن سان پنھنجي محبوبائن جو ذڪر ڪري رھيو ھو. ذڪر ڪندي ڪندي ھو ايترو جذباتي ٿي ويو جو ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ايتري ۾ ھن جي گهر واري ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ جوش کي روئندو ڏسي روئڻ جو سبب پڇيو
جوش صاحب ورندي ڏني
”بس ٿورو اڳ امان ياد اچي وئي ھئي.“

ڳوڙھا وھائڻ جتي مرد جي جذبن جي اظھار ظاھر ڪن ٿا، اتي عورت جي معصومپائپ کي نمايان ڪن ٿا پر ڪڏھن ڪن جا ڳوڙھا مانگر مڇ جي ڳوڙھن وانگر لڳندا آھن. عام جائزي مطابق مرد سال ۾ ڏھ ڀيرا ڳوڙھا وھائي ٿو تہ عورتون سال ۾ 50 ڀيرا روئن ٿيون. اکين ۾ ڳوڙھن جا خاص غدود نير غدود  Lacrimal glands ٿين ٿا جتان ڳوڙھا وھي نڪرن ٿا. ڳوڙھن جي مربوط نظام کي نيري سرشتو Lacrimal system چئبو آھي جيڪي اک ۾ ڳوڙھا پيدا ڪن ٿا ۽ ان کي ٻاھر خارج ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿا. جيڪي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ سان نڪرن ٿا، اھي انهن ڳوڙھن کان مختلف ٿين ٿا جيڪي عام طور تي مٽي پوڻ ۔ بصر ڪٽڻ جي خارج ٿيل گئس جي اثر جي ڪري خارج ٿين ٿا. اھي خارج ٿيندڙ ڳوڙھا ان گئس جي ڪري ٿين ٿا جيڪا بصر جي گهرڙن ۾ موجود گنڌو تيزاب sulfenic acid ۽ خاص خامري لسڻ  Alliinase جي ميلاپ سان گنڌڪ گئس Sulphur gas جڙي ٿي جنھن کي نيرڪار جزي ترڪيب  Lachrymatory-factor synthase  سڏيو وڃي ٿو جنھن سان بصر پاڻ تي حملو ڪندڙ خردوبا  Microbes ۔ جنگلي جانورن ۽ اسان کي رلائڻ لاء استعمال ڪن ٿا. گئس جي حالت ۾ گنڌڪ يا ٻئي ڪنھن جز جي ڪري اکين کي اھا تڪليف اچي ٿي جنھن کي توھان غير جذباتي چئي سگهو ٿا.
نير غدود  Lacrimal gland اکين جي پنبڻين ھيٺان ٿورو مٿان واقع ٿين ٿا ۽ پنبڻين جهپٽڻ سان ڳوڙھا اک جي سطح تي اچن ٿا ۽ پوء ناسي نالين Lacrimal punctum ذريعي نڪ ۾ لھي اچن ٿا. جيڪڏھن ڳوڙھن جو وھڪرو وڌيڪ آھي تہ ناسي ناليون ڳوڙھن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ ڳوڙھا اک تان ڇلڪي ڳلن تي قطرن جي صورت ۾ ٽم ٽم ٽمڪن ٿا.
اکين ۾ پوسل قائم رکڻ لاء ڳوڙھا ڪيترن نموني مفيد ٿين ٿا ۽ ھي لڳاتار جڙندا رھن ٿا. ھر سال اکين مان 15 کان 30 گيلن ڳوڙھا خارج ٿين ٿا. ڳوڙھن ۾ چرٻا Lipids ۔ پروٽين Protein ۔ تابڪارا Electrolyte ۽ لوڻياٺ موجود ٿين ٿا جيڪي اکين کي جيوڙن ۽ وائرن کان تحفظ ڏيڻ سان ٻين فائدن سان ھمڪنار ڪن ٿا. ڳوڙھن کي سائنسدانن ٽن قسمن ۾ ورھايو آھي.

(1) Psychic tears
جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:

(2) Basal tears
اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:

(3) Reflex tears
عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا:

(1) Psychic tears
جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:-
اھي وڏي جذبات جي ڪري رونما ٿين ٿا. ھي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ ۔ ڏک درد ۔ جسماني تڪليف يا غم خوشي جي ڪري نڪري اچن ٿا. جذباتي ڳوڙھن مان قدرتي طور تي ھڪ ھارمون لڪانتو Leu-enkephalin خارج ٿئي ٿو جيڪو درد جي شدت گهٽ يا ختم ڪري ٿو جنھن جي ڪري ڏک غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ توھان پاڻ کي ھلڪو محسوس ڪيو ٿا. روئڻ دوران دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي ۔ ساھ جي رفتار گهٽ ٿيڻ سان پگهر اچڻ لڳي ٿو ۔ ھڏڪيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۔ ڳوڙھن جي نڪ ۾ زڪام پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ ائين ڳلو وٺجي وڃي ٿو.

2) Basal tears
اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:-
ھي ڳوڙھا اکين کي ھر وقت تر رکن ٿا ۽ خشڪ ٿيڻ نٿا ڏين ۽ جراثيمن کان بچائن ٿا.

(3) Reflex tears
عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا ۔ اضطراري ڳوڙھا:
ھي ڳوڙھا پوتلي Cornea جي صفا رکڻ لاء جڙيل آھن. ھي ڳوڙھا اکين کي ڌوڙ ۔ دونھين يا بصر مان نڪرندڙ گئس يا ٻي ماحول جي ناسازگاري تي اچن ٿا.
 ابھم ٻارن جي روئڻ کي جذبات جو اظھار نٿو سمجهيو وڃي پر والدين تائين ڳالھ پھچائڻ ۽ مڃرائڻ جو نمونو آھي جنھن بھاني سان ھن کي ٿيڻ واري تڪليف کان نجات ملي ٿي. ننڍي ٻار جي روئڻ کي جسماني درد ۔ بک لڳڻ ۔ ڊڄي وڃڻ ۽ ڪنھن ڳالھ تي غصو اچڻ يا ڳالھ مڃرائڻ ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ وڏي ٿيڻ سان اھي انداز ٻيو نمونو اختيار ڪن ٿا. جذبات ۾ رلائڻ جو ذميدار دماغ جو پنھنجو سرشتو انگڪار سرشتو Limbic system آھي جنھن ۾ جذبن کي اڀارڻ يا قابو ڪرڻ جو ذميدار ھڪ مخصوص حصو مغزوٽو Hypothalamus آھي جيڪو ٻيا اھم ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ھي دماغ جي خودڪار اعصابي نظام جنھن تي توھان جو قابو ناھي، ان سان جڙيل ٿئي ٿو. اھو ھڪ ڳوڙھن وھائڻ واي نظام اعصابي نفوذي تنتابي (تنتي لعابو) Acetylcholine جي ذريعي نيريت Lacrimal system کي ضابطي ۾ رکي ٿو. ھن ھي اعصابي نفوذي جي تحريڪ ذريعي ڳوڙھن جي برسات شروع ٿئي ٿي.
سادي نموني اعصابي نظام غم ۽ خوشي ۽ ڏک ۽ درد کان متاثر ٿئي ٿو ۽ پوء ھي ڳوڙھن جي بھاني سان ڳوڙھن جي نظام کي حڪم جاري ڪري ٿو. ڳوڙھن ۾ ھر قسم جا خامرا ۔ چرٻا ۔ تابڪارا ۔ پاڻي ۽ نامياتي مرڪب ٿين ٿا. ڳوڙھن تي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ڳوڙھن جي فلم Tear film جي جي درجابندي کي ٽن تھن Layers ۾ ورھايو آھي.

(1) Oil layer = Lipid layer
تيلي تھ ۔ چرٻ تھ ۔ تيلي استر ۔ چرٻ استر

(2) Water layer = Aqueous layer
آبي تھ ۔ رطوبتي تھ ۔ آبي استر ۔ رطوبتي استر

(3) Mucin layer = Mucous layer
بلغمي تھ ۔ لعابي تھ ۔ بلغمي استر ۔ لعابي استر
اھي ٽئي تھ اسان جي اکين جي صحت برقرار رکڻ ۽ ڇوت ختم ڪرڻ لاء گڏجي ڪم ڪن ٿا. ڳوڙھن جا آبي پرت پروٽين ۔ پاڻي ۽ تابڪارن تي مشتمل ٿين ٿا جڏھن تہ ٻاھريون پرت جنھن کي  Oily layer سڏيو وڃي ٿو ان ۾ ڪيترن قسمن جا چرٻا پاتا وڃن ٿا. ٽيون اندروني پرت Mucin layer آھي. ڪجھ سائنسدانن جو خيال آھي تہ جذباتي ڳوڙھن ۾ ڪجھ اھڙا پروٽين ۽ حرڪيرا Hormone پاتا وڃن ٿا جيڪي ٻين قسمن جي ڳوڙھن ۾ پاتا نٿا وڃن جن ۾ چوکيرو Prolactin حرڪيرو ۔ لڪانتو Leu-enkephalin سان گڏ پوٽيشم ۽ معدنيات Manganese شامل آھن. 
اسان کي اھا ڳالھ بہ سمجهڻ کپي تہ جذبات ۾ روئڻ دماغ جي حڪمت عملي آھي جنھن سان وڌيڪ پھتل تڪليف ۔ غم ۔ خوشي جيڪا دماغ کي نقصان پھچائي ٿي ان کي روئڻ زائل ڪري ٿو ۽ ٻيھر جسم جان ۾ توازن قائم ڪري ٿو.

ڳوڙھا صحت لاء ضروري:-
دريا خان سنڌي روئڻ جي اھميت کي اجاڳر ڪندي لکي ٿو
” روئڻ انساني صحت لاءِ ضروري ۽ فائديمند آهي. انهيءَ لاءِ مرد، عورت، ٻار ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کي هفتي ۾ هڪ دفعو لازم روئڻ گهرجي. روئڻ سان نفسياتي دٻاءۡ ۽  ٿڪاوٽ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. روئڻ وارو ماڻهو روئڻ کان پوءِ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو. سمهڻ، آرام وٺڻ ۽ هڪ ڪپ چانھن پيئڻ کان سٺو آهي تہ ھفتي ۾ هڪ دفعو روئي وٺجي. روئڻ سان زندگيءَ کي سٺو بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ روئڻ جي ڪوشش جي دوران اکين مان ڳوڙها جو اچڻ بہ لازمي آهي. جاپان ۾ هڪ ماڻهو ھيڊ ڦومي يوشيدافي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو روائڻ جو ماهر آهي. اهو ماڻهن کي روئڻ جا طريقا سيکارڻ سان گڏوگڏ ان جي فائدي تي بہ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ پنھنجي شاگردن کي اکين مان ڳوڙها ڳاڙڻ جا طريقا سيکاري ٿو. ھن جو جو چوڻ آهي تہ گانا ٻڌڻ، دردن ڀريون فلمون ڏسڻ ۽ ڪھاڻيون پڙهڻ سڀ معمول مطابق زندگيءَ جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون پر هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو روئڻ پرسڪون زندگيءَ ۽ پاڻ کي نفسياتي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهي.“

روئڻ جا فائدا:-
اسان جي معاشري ۾ روئندڙ کي ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري کي جتي روئڻو پوي ٿو اتي اھي نٿا روئن. ھڪ تحقيق مطابق پاڪستان ۾ عورتون مھيني ۾ 5 يا 7 دفعا روئن ٿيون جڏھن تہ مرد مھيني ۾ ھڪ دفعو روئن ٿا. 5 اھڙيون بيماريون آھن جيڪي روئڻ سان ختم ٿين ٿيون. ان ڪري جيڪڏھن ڪنھن کي اھڙي بيماري آھي اھو روئي ان بيماري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو اھي بيماريون ھي آھن.

(1) ڇڪتاڻ ۽ مونجھ:
ھڪ نئين تحقيق مطابق روئڻ سان مونجھ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو فرحت محسوس ڪري ٿو. ماھرن مطابق روئڻ سان ٿوري ديرکان پوءِ ذھني مونجھ موڪلائي وڃي ٿي جنھن سان گھري ننڊ اچي ٿي. طبي سائنس مطابق روئڻ سان پراسمپٿيٽڪ سرشتو بيدار ٿي وڃي ٿو ۽ ھي تنتي سرشتو دماغ کي پرسڪون ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

(2) رت جو دٻاءُ:
رت جو دٻاءُ خطرناڪ بيماري ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري دل جو دورو - بڪيون ختم ۽ فالج جھڙيون خطرناڪ بيماريون اچي وڃن ٿيون. ماھرن مطابق روئڻ سان رت جو دٻاء پورو پنو ٿي وڃي ٿو ۽ دل جون ڌڙڪنون قابو ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ ٺيڪ ٿي وڃن ٿيون.

(3) فاضل مادا خارج ٿين ٿا:
روئڻ سان اکين جي صفائي ٿئي ٿي ۽ مير نڪري وڃي ٿو. روئڻ سان گڏ بيڪار مادا خارج ٿين ٿا جيڪي ڇڪتاڻ دوران وڌن ٿا ۽ اسان جي جسم جي ڪورٽيسول حد ٺيڪ ٿي وڃي ٿي. ڪورٽيسول ھڪ ھارمون آھي جنھن جي وڌڻَسان ذھني مونجھ وڌي ٿي.

(4) موڊ تبديل ٿئي ٿو.
غصي ۽ پريشاني جي دوران مزاج ناگوار ٿي ويندو آھي ۽ روئڻ سان مينگانيز جي تعداد وڌيڪ خارج ٿئي ٿي جنھن ڪري اھا مزاج کي متاثر ڪري ٿي ۽ جڏھن اھا خارج ٿئي ٿي تہ اسان جو مزاج خوشگوار ٿي وڃي ٿو ۽ سڪون جي ننڊ اچي ٿي.

(5) درد جو خاتمو:
جسماني درد جي صورت ۾ روئڻ سان تڪليف گهٽ ٿئي ٿي اھڙي طرح شديد غم جي صورت ۾ روئڻ سان غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ دماغي ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي ٿي.
ماھرن جو چوڻ آھي تہ روئڻ سان ڳوڙھن سان گڏ جسم مان اھڙا ڪيميائي مادا خارج ٿين ٿا جيڪي جسماني دردن کي گهٽ ڪن ٿا ۽ غم جي احساس کي ميسارين ٿا.

Friday, 15 November 2019

تَنتو - تَنتِيو Neuron 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
تَنتو (جنھن کي تنتيو يا تنتي گهرڙو پڻ سڏجي ٿو) اھو ھڪ گهرڙو آھي جيڪو برقي ڇڪون کڻي ھلي ٿو. تَنتا بنيادي ( ڪارجي ۽ جوڙجڪي) ايڪا آھن. ھر ھڪ تنتو گهرڙي جسم ( جنھن کي تَناتو يا جِياگهو پڻ سڏجي ٿو ) ۔ نَراخن ۽ جياگهي جو ٺھيل آھي. نَراخا ۽ تَناتا تنتي تاندورا آھن.
A neuron (also called neurone or nerve cell) is a cell that carries electrical impulses. Neurons are the basic (functional & structural) units of our nervous system. Every neuron is made of a cell body (also called soma or cyton), dendrites and an axon. Dendrites and axons are nerve fibers.

Neuron ۔ Neurone ۔ Nerve cell
تَنتو ۔ تَنتِيو ۔ تنتي گهرڙو

Neuron  تَنتو
تَنتِيو    Neurone

Nerve cell  تنتي گهرڙو

برقي ڇڪون  Electrical impulses

Functional  ڪارجي

جوڙجڪي  Structural

Units  ايڪا
تنتي سرشتو   Nervous system

Cell body  گهرڙي جسم

جُسو ۔ تَنو  Soma

Cyton  جِياگهو ۔ جِيوگهو

Dendrites ۔ Dendrons
نَراخا ۔ تَنتاخا ۔ نَرشاخا ۔ تَنت شاخا ۔ نَري جون شاخون ۔ تنتي گهرڙي جون شاخون

Thursday, 14 November 2019

نِرَنگي ۔ نِرعَڪسي Retina 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِرَنگي حس جهلي آھي جيڪا اک بال جي پويان اندريين تھ ۾ ليڪ ڌارائون ڪڍي ٿي. اھا ڪيترن تھن تي مرتب ٿئي ٿي ھر ھڪ خاص گهرڙن تي مشتمل ٿئي ٿي جن کي فوٽوگرافر سڏبو آھي. نِرَنگي روشني حاصل ڪري ٿي جنھن تي بلور مرڪوز ٿيل ھوندو آھي ۔ روشني کي تنتي اشارن ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ انهن اشارن کي عڪسي سڃاڻپ لاء دماغ ڏي موڪلي ٿي.
The retina is the sensory membrane and thin layer that lines the inner surface of the back of the eyeball. It's composed of several layers, including one that contains specialized cells called photoreceptors. It is located near the optic nerve. Retina receives light that the lens has focused, converts the light into neural signals, and sends these signals on to the brain for visual recognition.

Retina
نِرَنگِي - نِرُوپي - نِرحَس ۔ نِرجوتِي - حَس جهلي - نِرعڪسي - نِرڌار

حس جهلي Sensory membrane

Inner surface  اندريون تھ

مرتب ھجڻ ۔ مرتب ٿيڻ  To be composed

Specialized cells  خاص گهرڙا

 Photoreceptor - Photoreceptor cell
عَڪسُول - عَڪسُولو - عڪس وُصُولو - عَڪسول گهرڙو - عَڪسُولو گهرڙو - عَڪس وُصُولو گهرڙو - عَڪس وٺندڙ گهرڙو

To be located  واقع ھجڻ ۔ واقع ٿيڻ

نظري تنت ۔ بصري تنت Optic nerve

To be focused مرڪوز ٿيڻ ۔ مرڪوز ھجڻ

اعصابي اشارا ۔ تنتي اشارا Neural signals

Visual recognition  عڪسي سڃاڻپ

اَکاڇو - اَکاڇ Sclera 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اَکاڇو اک جو اڇو حصو آھي جيڪو پوتلي جي آسپاس آھي. درحقيقت، اَکاڇ اک بال جي تھ ايراضي جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ جوڙجڪ ڪري ٿو جيڪو پوتلي کان نُوري تنت جي سموري رستي تائين پکڙيل آھي جيڪو اک جي پ جو وجود رکي ٿو. صرف اکاڇي جي اڳئين حصي جو ننڍو حصو نظر اچي ٿو.
The sclera is the white part of the eye that surrounds the cornea. In fact, the sclera forms more than 80 percent of the surface area of the eyeball, extending from the cornea all the way to the optic nerve, which exits the back of the eye. Only a small portion of the anterior sclera is visible.

Sclera = The white of the eye
اَکاڇو ۔ اکاڇ ۔ اک اڇ ۔ اک جو اڇو حصو

Cornea
پوتلي ۔ پوت ۔ نِرمِلي ۔ نِروتِي - نِروجِهي - اک جي نرت جو شفاف حصو

Eyeball  اک بال

نُوري تنت - بَصري تنت - نظري تنت Optic nerve

Small portion  ننڍو حصو

اکاڇي جو اڳيون حصو Anterior sclera

Visible ڏسڻ جوڳو

Wednesday, 13 November 2019

ڳوڙھن جا نمونا Types of tears 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
There are three different types of tears.
ڳوڙھن جا ٽي مختلف قسم آھن.

(1) Psychic tears
جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:

They are caused by extreme emotions.
اھي وڏي جذبات جي ڪري رونما ٿين ٿا.

(2) Basal tears
اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:

They are made to keep the cornea lubricated.
اھي پوتلي Cornea جي صفا رکڻ لاء جڙيل آھن.

(3) Reflex tears
عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا:

They come out in response to something else.
اھي ڪنھن ٻي شي جي موٽ ۾ نڪرن ٿا.

ڳوڙھن جي فلم جا نمونا Layers of the tear film 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اسان جي ڳوڙھن جي فلم ٽن تھن جي ٺھيل آھن.
Our tear film is made up of three layers.

(1) Oil layer = Lipid layer
تيلي تھ ۔ چرٻ تھ ۔ تيلي استر ۔ چرٻ استر

(2) Water layer = Aqueous layer
آبي تھ ۔ رطوبتي تھ ۔ آبي استر ۔ رطوبتي استر

(3) Mucin layer = Mucous layer
بلغمي تھ ۔ لعابي تھ ۔ بلغمي استر ۔ لعابي استر

اھي ٽئي پرت اسان جي اکين جي صحت برقرار رکڻ ۽ ڇوت ختم ڪرڻ لاء گڏجي ڪم ڪن ٿا.
These three layers work together to help maintain the health of our eyes and ward off infection.