Tuesday 3 December 2019

قد وڌڻ To grow taller 💎اصغر ساگر💎

ھڪ نئين ڪتاب جي مصنف ”بين ڪوٽس“ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري ٿو تہ ڪھڙي طرح دنيا جي ھن قوم کير - ڏھي ۽ پنير جو استعمال ڪري پنھنجو قد وڌايو ۽ ريس جوڳي قوم بنجي وئي. بي بي سي جي رپورٽ مطابق ڊچ قوم جي کير - پنير ۽ ڏھي صرف روز جي خوراڪ ناھي پر قومي علامتي حيثيت رکي ٿي. سون سالن تائين جڏھن نيڌرلينڊ جي ماڻهن پنھنجي آزادي جي جنگ وڙھي پنھنجي ڌرتي کي آزاد ڪرايو تہ انهن کي گاھ سان زرخيز ڌرتي ملي جاڏي ڪاڏي ساوڪ ملي ۽ گنج چراگاھ مليا. انهن ھزارين چوپايا جانور پاليا. کير ايترو عام ٿي ويو جو جھڙوڪر پاڻي کان جهجهو لڳو پئي. کير پيئندڙن کان کير وڌي ويو جو کير مان ڏھي - پنير ۽ مکڻ ٺاھڻ لڳا. ائين ڊچ قوم ۾ پنير اھم حيثيت ٺاھي ورتي ۔ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ عام استعمال ۾ اچي ويو. تقريبن ڏيڍ صدي پھرين ڊچ قوم يورپ ۾ سڀ ننڍي قد واري قوم ھئي پر پوين ڏيڍ سو سالن کان انهن پنير ۽ کير جو خوب استعمال ڪيو پر اڄ ڊچ قوم نہ صرف يورپ کان پر دنيا جي سڀني قومن کان  قداور قوم آھي. نيدر لينڊ ۾ عورتن جو سراسري قد 5 فٽ 7 انچ ۽ مردن جو سراسري قد 6 فٽن کان مٿي آھي. ماھرن مطابق ان سموري ڪارفرما ۾ ڊيري مصنوعات جو وڏو عمل دخل آھي. نيدرلينڊ ۾ کير مان ٺھندڙ شيون آمريڪا - برطانيہ ۽ جرمني جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ واپرايون وڃن ٿيون. ھن ملڪ جو مقبول ترين ناشتو پنير - بريڊ ۽ کير آھي. صبح جي وقت ماڻھو ريل گاڏين ۾ سفر ڪندي ماڻھو پنير ۽ کير مان ٺھيل شيون کائيندي نظر اچن ٿا.
جڏھن اسان مٿئين عنوان تي نظر رکون ٿا تہ اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪيلشم قد وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ڇوجو ڪيلشم ھڏن جي نشونما کي فروغ ڏئي ٿي جنھن جي ڪري قد وڌڻ جي اوسر ۾ ڪابہ رڪاوٽ نٿي رھي. ماضي ۾ سنڌي گهرن ۾ مائرون ڄمندي ٻار کي مکڻ جو دڪو وجهنديون ھيون جنھن جا مثبت اثر زندگي جي آخر تائين رھندا ھيا ۽ ڄمندي ٻار جي ماء کي سچي گھ ۾ مختلف شين جي چورن ٺاھي ڏني ويندي ھئي يا روز بصري کارائي ويندي ھئي جنھن سان عورت جي جسم ۾ حيض جو زھريلو مادو خارج ٿي ويندو ھو ۽ صحتمند ٿي ويندي ھئي پر ھاڻي اسان جي سنڌي سماج ۾ کير مکڻ کائڻ واري روايت ختم ٿي وئي سڄو ڏينھن مالوند گهرن ۾ چانھ جا ٻاٽا ڪڙھن ٿا پيا.
قد وڌائڻ لاء جتي ڪيلشم ضروري آھي اتي ٻار جي ڄمندي ان کي خشڪ گرم ۽ گرم خشڪ شين کان پاسو ڪرائڻ کپي ڇوجو ٻار جو ھڏ ڪمزور ٿيندو آھي ان جي گرم شين جي استعمال ڪرڻ سان ھڏين جي نشو نما رڪجي وڃي ٿي نتيجي طور ٻار جي قد ۾ رڪاوٽ جا امڪان اچي وڃن ٿا ۽ ٻار سدائين ڪمزور رھي ٿو.
مون کي ياد آھي تہ ھڪ ڀيري سائين حڪيم حاجي رسول بخش سيال جي پسارڪي دڪان تي ويٺس. ڀرسان 75 سالن جو پوڙھو ويٺل ھيو. پوڙھي کي سھڪو ھيو. ساھ مان سوٽن جو آواز نڪري رھيو ھو ڄڻ ڪا سيٽي وڄي رھي ھجي.
مون پوڙھي جي ڳچي طرف ڏٺو جيڪا پنھنجي مقرر حد کان سنهي ھئي.
چاچا توھان کي ننڍي لاء کنگھ ٿي ھئي؟ پوڙھي کان مون پڇيو.
جي پٽ! ننڍي لاء مون کي شديد خشڪ کنگھ ٿي ھئي. پوڙھي وراڻي ڏني.
چاچا توھان کي مائٽن کنگھ ختم ڪرڻ لاء ڪا گرم شي ڏني؟
جي پٽ مائٽن مون کي سنڍ ۽ ماکي ملائي چٽڻ لاء ڏني. بس دوا چٽڻ جي دير ھئي ۔ مان کنگھ ۾ ٻٽجي ويس اھو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن کنگھ نہ ڇڏيو ۽ ڪمزوري ساٿ ساٿ ھلندي آئي. ڳالهائيندي پوڙھو سھڪڻ لڳو.
ٻار کي بخار ٿئي يا کنگھ ٿئي ڪڏھن بہ ان کي گرم شيون نہ ڏجن جيئن سنڍ ۔ ادرڪ ۔ ٿوم ۔ ڪارا مرچ ۔پپريون وغيرھ. خاص ڪري سنڍ ۔ ادرڪ ۽ ٿوم کي ڀاڄين  ۽ تر ۾ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪجي ڇوجو اھي تمام گرم آھن ۽ جسم تي منفي اثر ڇڏين ٿيون ۽ ھڏين کي ڪمزور ڪن ٿيون. ھڪ ڳالھ اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي. سنڌ گرم علائقو آھي ھتي گرم مزاج رھن ٿا. انهن کي گرم مصالحن ۽ گرم شين کان ڪنارو ڪرڻ کپي ڇوجو گرم مزاج جو گرم شيون کائڻ ائين آھي جيئن باھ ۾ باھ وجهڻ باقي ٿوم کي دالين ۽ مڇي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. گرم شيون جسم ۾ ڪيلشم جي کوٽ پيدا ڪن ٿيون ۽ اڳيئي ھتي رھندڙ ماڻھن ۾ ڪيلشم جي کوٽ آھي. ھڪ ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي ڀاڄي ۾ روز بصرن کي گهڻو داغ ڏيڻ پنھنجي جيري کي داغ ڏيڻ آھي ڇوجو بصرن کي داغ ڏيڻ سان بصرن ۾ موجود گنڌڪ Sulphur  زھريلو ٿي وڃي ٿو نتيجي طور جيري تي سوڄ ڪري ٿو.
ھڪ ڏينھن دادو ۾ پنھنجي دوست حڪيم عبداللطيف منگي سان ان جي مطب خاني تي ڪچھري ڪري رھيو ھوس تہ ايتري ۾ ھڪ سپاھي کيڪار ڪري ويجهو ويٺو. ان جي ھٿ ۾ دوائن جو پرچيون ھيون.
ايتريون ڍڳ پرچيون! خير تہ آھي.
مون تجسس مان پڇيو.
سائين جيري جي سوڄ آھي. سڀ پرچيون ان عارضي جي علاج جون آھن. حيدرآباد ۾ LMC جي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو. انهن تشخيص ڪري جيري جي سوڄ ٻڌائي آھي.
سپاھي جي منھن تي سوڄ بکي رھي ھئي ھئي. ساھن ۾ سھڪومحسوس ٿي رھيو ھو.
ڊاڪٽرن بيماري جو سبب ڇا ٻڌايو؟ مون پڇيو.
ڊاڪٽرن جي تشخيص مطابق بيماري روز بصرن کي داغ ڏيڻ واري کاڌي کائڻ مان ٿي آھي. ڊاڪٽرن بصرن جي داغ ڏنل کاڌي کان روڪيو آھي.
سپاھي جي جواب مون کي بيماري جي نئين ڄاڻ مرقوم ڪئي.
 اسان وٽ بورچيخاني ۾ جڏھن ڀاڄي پچندي آھي تہ پيڪيٽ مان گرم مصالحو وڌو ويندو آھي جنھن ۾ سنڍ ۔ لونگ ۔ ھرٻو ۔ وڏو ڦوٽو ۽ جعفر موجود ھوندا آھن جيڪي تمام گرم ھوندا آھن واڌو ڪسر ٿوم وجهي ڀاڄي کي اڃان بہ گرم ترين ڪيو ويندو آھي جنھن جي روز کائڻ سان جسم ۾ لطيف بلغمي جوھر خارج ٿيڻ لڳندو آھي ۔ عورت ۽ مرد عارضن جو شڪار ٿيڻ لڳن ٿا، عورت زنانين بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. ھر وقت مٿي ۾ سور ۔ چيلھ ۾ سور ۔ حيض جي گهٽ وڌائي ۔ جسم تي سوڄ ۔ سھڪو ۽ ليڪوريا عورت انهن عارضن سان سان ٻہ چار ٿي وڃي ٿي نتيجن پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار ڪمزور ڄمي ٿو ۔ ماء جي ڀاڄين ۾ گرم مصالحن ۽ گرم شين جي وجهڻ ڪري ماء ۽ ٻار ڪيلشم جي کوٽ جو شڪار رھن ٿا نتيجي طور ٻار ۾ قد جي اوسر پوري ساري نٿي رھي ۽ ڄمندي ئي ٻار ڪنگي ۽ سائي جي ور چڙھي وڃي ٿو.

قد وڌائڻ ۾ ڪيلشم جو ڪردار:-
جسم جي ھڏين جي افزائش ۽ جوڙجڪ  ۾ ڪئلشم اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻار کان 24سالن جي عمر تائين ڪئلشم ھڏين جي اوسر ڪري قد وڌائي ٿي ۔ ھڏين کي مضبوطي ڏئي ٿي ۽ مڪمل نشونما جي مرحلي کي پورو ڪري ٿي. 24 سالن کان پوء قد وڌڻ جا مرحلا رڪجي وڃن ٿا. ان ڪري ٻار جي ڄمندي ٻار جي قد وڌائڻ جي سوچ کي اپنائجي. وٽامن ڊي جو استعمال ڪندو رھجي ان سان گڏ پروٽين کي کاڌي ۾ شامل ڪجي.

قد وڌائڻ لاء ڇا ضروري آھي؟

کير:-
کير ھڪ وقت وٽامن ڊي ۽ ڪيلشم جو پوراء ڪري ٿو گڏ گڏ ھڏين جي افزائش ڪري ٿو ۔ بتدريج قد وڌائي ٿو ۽ جسم کي بھترين نشونما ڏئي ٿو. ٻار کي مينھن جو گهاٽو کير پيئڻ لاء نہ ڏجي پر مينھن جو کير ھڪ حصو ٻہ حصا پاڻي ملائي حسب ضرورت مٺو ڪري ٻار کي پيئڻ لاء ڏجي.
ھي جهارو نرم ۽ لطيف جهارو آھي جيڪو ٻار کي طاقت ڏيڻ سان گڏ پيٽ کي نرم ڪندو ۔ پيٽ کي صاف ڪندو ۽ پيٽان ويھاريندو. ھي جهارو گهاٽي کير کان وڌيڪ ٻار کي توانائي مھيا ڪري ٿو ۽ مثبت اثر مھيا ڪري ٿو.

ترڻ ۽ ھلڻ:-
ترڻ سان مشڪن جي ورزش ٿئي ٿي نتيجي طور جسم کلي ٿو ۽ قد وڌي ٿو. جڏھن توھان اھڙيون ورزشون ڪريو ٿا تہ چرٻي استعمال ۾ اچي ٿي ۽ ڪيلشم ھڏين ۾ جذب ٿي ھڏين جو حصو ٿي وڃي ٿي ۽ قد وڌڻ جو رستو کلي ٿو.

پروٽين:-
قد وڌائڻ لاء پروٽين واريون شيون کائڻ ضروري آھن. پروٽين ڪيلشم کي تحليل ڪري ٿي ۽ ڪيلشم پروٽين کي مرحلن مان گذاري جسم جي نشونما کي فروغ ڏئي ٿي. پروٽين ۾ گوشت ۔ بيدا ۔مڇي ۽ پنن واريون ڀاڄيون اچي وڃن ٿيون.

احتياط:-
ڀاڄين ۾ جيترو ٿي سگهي ٿوم ۽ سنڍ جو استعمال گهٽ ڪجي بھتر آھي تہ نہ ڪجي.
ڀاڄي ۾ بصرن کي گهٽ داغ ڏجي.
گرم مصالحا گهٽ استعمال ڪجن. اڄڪلھ مارڪيٽ ۾ ڪيميائي آئسنس وارا مصالحا آھن جيڪي بيمارين جو سبب بنجن ٿا ۽ ٻار جي قد جي افزائش ۾ رڪاوٽون وجهن ٿا.
مصالحيدار تريل شين کان پاسو ڪرڻ کپي.

قد وڌائڻ جا نسخا:-
نسخو 1:-
اسگند        2 تولا
تر              2 تولا
تخم ڪونچ 2 تولا
مصري   6 تولا
ڪٽي پائوڊرڪري ڇاڻي پاڻ ۾ ملائي رکجي.
ٻار کي رتي تا 2 رتيون روز
نوجوان کي ماشو روز
قد وڌائڻ لاء بھترين آھي. 6 سالن کان 24 سالن وارا نوجوان بہ استعمال ڪري سگهن ٿا.

نسخو 2:-
اسگند   2 تولا
سنگهاڙا 2 تولا
مصري   4 تولا
پائوڊر ڪري پاڻ ۾ ملائي رکجي.
ٻار کي رتي روز
نوجوان کي ماشو روز
ھي دوا بھترين ڪئلشم رکي ٿي.

نسخو 3 :-
ڪشتہ سنک ھمدرد   تولو
سھاڳو ڦليل             تولو
ٻنھي کي کرل ڪري پاڻ ۾ ملائي رکجي.
ٻار کي رتي روز
نوجوان کي 4 رتيون تا ماشو
ھي دوا بھترين ڪيلشم جو مرڪب آھي.
سھاڳي ڦلائڻ جو طريقو :- سھاڳو 4 تولا وٺي ان کي تئي تي ڦلائجي. اتان 2 تولا کڻجن ۽ ڪشتہ سنک سان کرل ڪري رکجي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment