Wednesday 18 December 2019

تنتو Neuron 💎اصغر ساگر💎

تنتا Neurons جن کي تنتي گهرڙا Nerve cells پڻ سڏيو وڃي ٿو اھي توھان جي دماغ مان اشارا Signals موڪلن ۽ وٺن ٿا. تنتا پنھنجي جوڙجڪن ۽ ڪارجن ۾ انوکا Unique ٿين ٿا.
تنتا Neuron يا تنتي گهرڙا Nerve cells دماغ ۽ اعصابي نظام جي بنياد آھن. تنتن جي ذريعي ئي ٻاھرين دنيا جو احسس ظھور پذير ٿئي ٿو ڇو جو ھي تمام ٻاھرين معلومات دماغ تائين پھچائين ٿا. تنتا اڪساء وٺي برقي اشارا Electrical signals پيدا ڪن ٿا جن کي تنتي ڇڪون Electrical impulses سڏجي ٿو. انهن برقي اشارن ذريعي تنتا پاڻ ۾ ڄاڻ جي منتقلي ڪن ٿا. جڏھن تنتا اڪساء کائن ٿا تہ اھي پيغامن جي اشارن کي وٺي وڃڻ واري خاص ڪيميائي مادي کي خارج ڪن ٿا جن کي تنفوذو Neurotransmitter سڏيو وڃي ٿو. ھي تنفوذا Neurotransmitters ھڪ تنتي کان ٻئي تنتي تائين معلومات کي منتقل ڪن ٿا. تنفوذا Neurotransmitters اسان جي زندگي ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ھي اسان جي ساھ کڻڻ کان ڌڙڪڻ تائين مطلب سڀن جسماني ۽ نفسياتي فعلن کي ترتيب ڏين ٿا. سائنسدان ھن مھل تائين تنفوذن Neurotransmitters
 جي صحيح تعداد معلوم ناھن ڪري سگهيا پر 100 کان وڌيڪ اھم ڪيميائي مادن کي دريافت ڪري چڪا آھن.
تنتا پاڙ نما پکيڙن Rootlike extensions ذريعي اشارا حاصل ڪري سگهن ٿا جن کي تنتاخا Dendrites سڏجي ٿو. ڄمڻ وقت پڪي تصديق مطابق انساني دماغ 100 بلين تنتن تي مشتمل ٿئي ٿو. ٻين گهرڙن جي ابتڙ تنتا وري پيدا نٿا ٿين نڪي پيدا ڪيا وڃن ٿا. تنتا تني گهرڙي Cell body ۔ تنتاخي Dendrite ۔ تنترن Axons ۽ تنتري ڇيڙي Axon terminal جا ٺھيل آھن.
تنتي جي اندر ناڀ Neucleus کان تنتي جي ڇيڙي Terminal تائين معلومات برقار Voltage جي شڪل ۾ سفر ڪري ٿي. ھتي ڪجھ ڪيميائي مادا تنفوذن Neurotransmitters نڪرن ٿا، اھڙي طرح تنفوذيت Neurotransmission جي نوعيت برقيت کان ڪيميائي ٿي وڃي ٿي. ھي تنفوذا اڳين تنتن يا مشڪن کي فعال يا غير فعال ڪن ٿا. اھڙي طرح پيغام اڳئين تنتي يا مشڪ وٽ منتقل ٿي وڃي ٿو.
ھڪ تنتو ٻئي تنتي يا مشڪ Muscle سان ھڪ ئي وقت ۾ سوين جوڙ Connection ٺاھي سگهي ٿو. اھڙي ھر جوڙ Connection کي تنجوڙ Synapse سڏيو وڃي ٿو. تنتن جي وچ ۾ رابطيڪاري Communication يا تنفوذيت Neurotransmission جو عمل ان جوڙ يا تنجوڙ Synapse ۾ انجام پائي ٿو.
تنتن ۾ بجلي چارج ٿئي ٿي. محرڪن Stimuli جي ڪري چارج Axon ۾ خارج ٿئي ٿي جنھن کي تنتن جي فائرنگ چيو وڃي ٿو. فائرنگ کان پوء تنتن تي چارج گهٽ ٿي وڃي ٿي جيڪا آھستي آھستي تنتي Neuron تي ڪٺي ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ چند ملي سيڪنڊ بعد واپس پھرئين جيتري چارج ٿي وڃي ٿي. ان کان پوء تنتا وري فائرنگ ڪرڻ جي قابل ٿي وڃن ٿا.
نون تنتي گهرڙن Cell bodies جي تخليق کي تنتيت Neurogenesis سڏجي ٿو. ڄمڻ کان پوء تنيت دماغ جي ڪجھ حصن ۾ رونما ٿئي ٿي. تحقيق مطابق تنتن Neurons ۽ تنتيت Neurogenesis ۾ ڪيترائي تنتا تنت بي اپت بيمارين Neurodegenerative diseases جي ڪڙين کولڻ لاء ڪم ڪن ٿا جيئن ويسر Alzheimer’s يا تنتي بگيڙ Parkinson's. تنت بي اپت بيمارين Neurodegenerative diseases ۾ تنتن جي کوٽ يا گهڻائي جي ڪري ڳڻتي Anxiety، ذھني مونجھ Depression، مرگی Eclipsy، ذھني خبط Schizophrenia، بيخوابي، او سی ڊي ۽ ٻيون نفسیاتی بيماريون پيدا ٿين ٿيون.
اسان جي جسم ۾ تنتا گهرڙن کي اشارا منتقل ڪرڻ ۽ ھلائڻ لاء تمام اعلا سطح تي تيار ڪيا ويا آھن. ھڪ تنتو تنتي سرشتي جي مختلف حصن ۾ ڪيئي قسمن جا فعل سرانجام ڏين ٿو. شڪل ۔ نموني ۽ برقي ڪيميائي خاصيتن جي بنياد تي تنتا ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا. انگياتي جوڙجڪ جي حساب سان تنتي کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو.

تنتي جا ڀاڱا  Parts of a neuron
تنتا ماپ ۾ مختلف ٿين ٿا. انهن جي جوڙجڪ انهن جي جڳھ ۽ ڪردار تي دارومدار رکي ٿي. تنھن ھوندي بہ تنتن جا 4 اھم حصا آھن. 
1) تني گهرڙو    Cell body
(2) تنترو           Axon
(3) تنتاخا           Dendrites
(4) تنتري ڇيڙو Axon terminal

(1) تني گهرڙو    Cell body
تني گهرڙي کي پڻ جسي Soma جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. تني گهرڙو Cell body تنتي Neuron جو ترو Core آھي. تني گهرڙو جينياتي معلومات Genetic information کڻي ھلي ٿو ۔ تنتي Neuron جي جوڙجڪ کي برقرار رکي ٿو ۽ سرگرمين Activities ھلائڻ لاء توانائي ميسر ڪري ٿو.
تني گهرڙن Cell bodies وانگر، تنتي جو جسو Soma ناڀ Nucleus ۽ خاص گهڱن Organelles تي مشتمل ٿئي ٿو. اھو جهليء  Membrane سان گهيريل ٿئي ٿو جيڪا انهي جو بچاء ڪري ٿي ۽ انهي کي انهي جي آسن پاسن Surroundings سان ميل جول  Interacting ڪرڻ ڏئي ٿي. تنتي جي جسم کي جسو سڏيو وڃي ٿو. ھي ناڀ تي مشتمل ٿئي ٿو. ھڪ تنتي گهرڙي ۾ گهڻا پروٽين ان حصي ۾ ترڪيب پائن ٿا. ناڀ جو قطر 3 کان 18 مائيڪرو ميٽر تائين ٿئي ٿو.

(2) تنترو    Axon
تنترو Axon ڊيگھ ۾ جسي Soma کان ڏھ يا سو ڀيرا وڌيڪ پکيڙ تي محيط ٿئي ٿو. تنترا جسي کان برقي اشارا وٺن ٿا ۽ ڪجھ قسم جي معلومات ان کي فراھم بہ ڪن ٿا. تنترن جو ڪم ٻين گهرڙن کي مرڪوز ڪري پيغام پھچائين ٿا. تنتري جو ھڪ حصو جيڪو ان کي جسي Soma جي جسم سان ملائي ٿو ان حصي کي تنتري ٽڪري Axon hillock سڏجي ٿو. انگياتي جوڙجڪ کان سوا ھي حصو تمام گهاٽائي وارو ٿئي ٿو جو برقار Voltage سان ڀرپور سوڊيم چينلن تي مشتمل ٿئي ٿو. ھي حصو ھڪ تنتي جو سڀ کان وڌيڪ پرجوش ۽ لاھ چاڙھ کان باخبر حصو ٿئي ٿو. تنترا معلومات جي رواني ۽ رسائي ۾ بہ شامل ٿين ٿا جيڪي ٻين تنتن کان درآمدون وصول ڪن ٿا.
تنترو ھڪ ڊگهي پڇ واري جوڙجڪ Tail-like structurea جھڙو ٿئي ٿو جيڪو تني گهرڙي Cell body کي ھڪ سنڌي Junction وٽ ملائي ٿو جنھن کي تنتري ٽڪري Axon hillock سڏجي ٿو. ڪيترا تنترا چرٻي واري مواد سان نفوذيت Insulating ڪن ٿا يا چرٻي جي تھ ۾ گهيريل ٿين ٿا جن کي چروٻو Myelin چئبو آھي. چروٻو برقي اشارن کي بيھارڻ ۾ تنترن جي مدد ڪري ٿو. عام طور تي تنتن کي ھڪ اھم تنترو ٿئي ٿو.

(3) تنتاخا    Dendrites
تنتي جي پنھنجي گهرڙي ڊيگھ کي تنتاخو Dendrite چئبو آھي جيڪو شاخن تي مشتمل ٿئي ٿو. ھن مڪمل ساخت ۽ شڪل کي استعاراتي طور تي تنتاخي وڻ Dendritic tree سڏيون ٿا. ھي اھا جڳھ آھي جتي گهڻي ۾ گهڻا تنتاخي ڪرنگهي Dendritic spine جي ذريعي مرحلاتي اشارا Process signals درآمد ڪندا رھن ٿا.
تنتاخا Dendriteea تاندوري پاڙون Fibrous roots آھن جن جون شاخون تني گهرڙن Cell bodies مان نڪرن ٿيون. اينٽينا  Antennae وانگر، تنتاخا ٻين تنتن Neurons جي تنترن Axons کان مرحلاتي اشارا Process signals وٺن ٿا. تنتن کي تنتاخن  Dendrites جي سيٽ کان وڌيڪ سيٽ ٿين ٿا جن کي تنتاخي وڻ Dendritic trees سڏجي ٿو. اھي سڀ پنھنجي ڪردار تي ڀاڙين ٿا. مثال طور ڇاڳل گهرڙا Purkinje cells تنتي جو خاص نمونو آھن جيڪي نماغ Cerebellum ۾ ملن ٿا. اھي گهرڙا وڏي پيماني تي تنتاخي وڻن Dendritic trees جي اوسر رکن ٿا جيڪي انهن کي ھزارين اشارا وٺڻ ڏين ٿا.

(4) تنتري ڇيڙو Axon terminal
ھي ھڪ تنتي جو آخري حصو ٿين ٿا جيڪي جسي Soma کان پري واقع ٿين ٿا. ھي حصو تنجوڙن Synapses تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪو ٻن تنتن کي ڳانڍاپڻ ۽ جوڙڻ جو سبب بنجي ٿو. ھتي تنجوڙي بٽڻ لڳل ٿئي ٿو. ھي بٽڻ خاص شڪل وارو ٿين ٿا جتي تنفوذي  ڪيميائي مادا neurotransmitter chemicals کي ٻين نشانيوارن تنتن سان جڙڻ لاء خارج ڪن ٿا. ان کان سوا تنتري جي جسم تي ھڪ ٻيو بٽڻ بہ نصب ٿئي ٿو جنھن کي تنجوڙي بٽڻ En passant سڏجي ٿو.
تنترا Axon ۽ تنتاخا Dendrites مرڪزي تنتي سرشتي ۾ ٿلها ٿين ٿا پر استري تنتي سرشتي Peripheral nerve system ۾ ھي وڌيڪ ٿلها ٿين ٿا. جسا عام طور تي 10 کان 25 مائيڪرو ميٽر تائين جي وشالتا رکن ٿا ۽ عام طور تي جنھن گهرڙي جي ناڀ تي مشتمل ٿين ٿا ان کان گهٽ ٿين ٿا. انسان جي گرڻي تنتي Motor neuron جو سڀ کان وڏو تنترو Axon ھڪ ميٽر تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪو پير جي پنجي کان ڪرنگهي جي ھڏي جي پوئين ڪالم تائين پکڙيل ٿئي ٿو. بالغ ماڻھو ۾ ان جي ڊيگھ 1.5 ميٽر تائين ٿئي ٿي. زرافي جھڙي جانور ۾ ھي ڊيگھ ميٽرن تي مشتمل ٿئي ٿي جيڪا ھن جي گردن تائين مڪمل پکڙيل ٿئي ٿي. تمام گهرڙن وانگر ھر تنتي جو گهرڙي جسم جيوجهلي Plasma membrane جي اندر ٿئي ٿو.

تنتن جا ڪم Function of neurons

تنتا عملي حرڪن Action potentials کي استعمال ڪندي اشارا موڪلن ٿا. عملي حرڪو Action potential تنتي جي برقي حرڪي Electric potential ۾ منتقلي Shifting آھي جيڪو تنتي جهلي Neural membrane جي اندر ۽ ٻاھر اوڻن Ions جي وھڪ Flow مان پيدا ٿئي ٿو. عملي حرڪا  Action potentials ٻنهي ڪيميائي تنجوڙن Chemical synapses ۽ برقي تنجوڙن Electrical synapses حرڪت ڏين ٿا.

(1) ڪيميائي تنجوڙ Chemical synapses
ڪيميائي تنجوڙ Chemical synapse ۾، عملي حرڪا Action potentials خال Gap رستي تنتن Neurons وچ ۾ ٻين تنتن Neurons تي اثر وجهن ٿا جنھن کي تنجوڙ Synapse سڏجي ٿو. تنجوڙا Synapses
 اڳ تنجوڙي پڇڙي Presynaptic ending
 ۔ تنجوڙي ڦوٽ Synaptic cleft
 ۽ پٺ تنجوڙي پڇڙي Postsynaptic ending تي مشتمل ٿين ٿا. جڏھن عملي حرڪو Action potential پيدا ٿئي ٿو اھو تنتري Axon سان اڳ تنجوڙي پڇڙي Presynaptic ending ڏي کڄي ھلي ٿو. اھو ڪيميائي پيغامڪارن Chemical messengers جي نيڪال Release کي حرڪت ڏئي ٿو جن کي تنفوذا Neurotransmitters سڏجي ٿو. اھي پراڻا Molecules تنجوڙي ڏار Synaptic cleft
 کي پار ڪن ٿا ۽ تنتاخي Dendrite
 جي پٺ تنجوڙي پڇڙي Postsynaptic ending ۾ وصولن Receptors سان ڳنڍجي وڃن ٿا. تنفوذا Neurotransmitters پٺ تنجوڙي تنتن Postsynaptic neuron کي اڪسائين ٿا ۽ انهي کان پاڻ عملي حرڪا Action potential پيدا ڪرائن ٿا. متبادل طور تي اھي پٺ تنجوڙي تنتي Postsynaptic neuron کي روڪن ٿا جنھن صورت ۾ اھو عملي حرڪو Action potential پيدا ڪري نٿو سگهي.

(2) برقي تنجوڙا  Electrical synapses
برقي تنجوڙا Electrical synapses صرف اڀار ڏين ٿا. اھي پيدا ٿين ٿا جڏھن جڏھن 2 تنتا Neurons خال واري جوڙ Gap junction رستي ملن ٿا. ھي خال تنجوڙ Synapse کان گهڻو ننڍو ٿئي ٿو ۽ اوڻي چينلن Ion channels تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪي واڌو برقي اشارن Positive electrical signal جي منتقلي Transmission جي سھولت ڏين ٿا نتيجي طور برقي تنجوڙا Electrical synapses ڪيميائي تنجوڙن Chemical synapses کان گهڻو تيز ٿي وڃن ٿا. تنھن ھوندي بہ اشارو ھڪ تنتي کان ٻئي تنتي تائين گهٽ ٿئي ٿو ۽ تنتي کي منتقلي Transmitting ۾ گھٽ اثر بنائي ٿو.

تنتن جا قسم Types of neurons

تنتا جوڙجڪ structure ۔ ڪارج function
 ۽ جينياتي ميڪپ genetic makeup ۾ مختلف ٿين ٿا. تنتن جي خالص تعداد ھئڻ ڪري اھي ھزارن مختلف نمونن جا ٿين ٿا گهڻا ڌرتي تي زندھ جيوتن living organisms جي ھزارين جنسن species جھڙا ٿين ٿا. ڪارج function جي اصطلاحن ۾، سائنسدانن تنتن جي ٽن وشال نمونن ۾ درجا بندي ڪئي آھي.

(1) حسي ٿنتا     Sensory neurons
(2) گرڻا تنتا        Motor neurons
(3) منجهنتا تنتا   Interneurons
يا
ڪڙولا تنتا   Relay neurons
تنتن جا ٽئي قسم ھڪ ٻئي قسم جي تنتن کان مختلف ڪم ڪرائڻ لاء نہ صرف وقف ٿين ٿا پر پنھنجا فعل سرانجام ڏيڻ جي مناسبت سان جسم جي صرف انهن حصن ۾ موجود ٿين ٿا جتي انهن جي قدرتي طور ضرورت ٿئي ٿي. تمام قسمن جا تنتا اعصابي نظام يا تنتي سرشتي ۾ رھي پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.

(1) حسي ٿنتا     Sensory neurons
حسي تنتا ٻاھرين معلومات وٺڻ لاء وصولن جيئن اکين ۔ ڪنن ۔ زبان ۽ چمڙي ۾ ملن ٿا ۽ تنتي ڇڪن کي ڪرنگهي Spinal cord ۽ دماغ Brain ڏي کڻي وڃن ٿا. جڏھن تنتي ڇڪون Nerve impulses دماغ وٽ پھچن ٿيون اھي حسيتن Sensations جيئن دور نظري Vision ۔ ٻڌڻ ۔ چکڻ ۽ ڇھڻ ۾ ترجمو ٿين ٿيون. ھي برقي اشارن يا تنتي ڇڪن کي حرام مغز ۽ مرڪزي دماغ جي حصن تائين پھچائن ٿا جتي ڇڪن جي حسيت sensations جي صورت يعني ڏسڻ ۔ ٻڌڻ ۔ محسوس ڪرڻ ۔ سنگهڻ ۔ چکڻ ۽ ڇھڻ ۾ ٿئي ٿي تنھن ھوندي بہ سڀ حسي تنتا دماغ وٽ نٿا پھچن جڏھن تہ ڪجھ ڪرنگهي Spinal cord وٽ ترسن ٿا ۽ جلدي عڪسي عمل ڏين ٿا جن کان ڪجھ ملڻ وارن پيغامن تي جلدي ردعمل طور عڪسي حرڪت Reflex action جو نظام قائم ٿئي ٿو.
حسي تنتا توھان جي آسپاس ذائقي taste ۔ سنگهڻ smellig ۔ ٻڌڻ hearing ۔  ڏسڻ seeing ۽ شين کي محسوس ڪرڻ feeling things ۾ مدد ڏين ٿا. حسي تنتا توھان جي ماحول جي طبعي لاڳتن physical input ۽ ڪيميائي لاڳتن  chemical inputs پاران تحرڪ ۾ اچن ٿا. آواز Sound ۔ ڇھاء touch ۔ گرمي heat ۽ روشني Light طبعي لاڳتون آھن. سنگهڻ Smell ۽ چکڻ Taste ڪيميائي داخلي شيون chemical inputs آھن.
مثال طور گرم واري تي پير رکڻ سان حسي تنتا توھان جي پيرن جي ترن soles ۾ سرگرم ٿين ٿا. اھي تنتا توھان جي دماغ کي پيغام موڪلين ٿا جيڪي اوھان کي اس کان خبردار ڪن ٿا.

(2) گرڻا تنتا  Motor neurons
گرڻا تنتا جسم جي عضون جي حرڪت تي پنھنجو قابو رکن ٿا ۽ ھي مرڪزي اعصابي نظام ۾ موجود ٿين ٿا. جڏھن گرڻا تنتا معلومات وٺي حرڪت ۾ اچن ٿا تہ ھي تنفوذن Neurotransmitters کي خارج ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ عضوا پنھنجو ردعمل ڏين ٿا جنھن جو حاصل حرڪت ۾ ملي ٿو.
گرڻا تنتا تحريڪ Movement ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا جيڪو رضاڪارانہ تحريڪن voluntary movements
 ۽ غير رضاڪارانہ تحريڪن involuntary movements تي مشتمل آھي. اھي تنتا دماغ ۽ ڪرنگهي کي مشڪن Muscles ۔ عضون Organs ۽ غدودن Glands سان سڄي جسم ۾ رابطيڪاري ڪرڻ ڏين ٿا. گرڻن تنتن جا 2 قسم آھن
(1) ھيٺيان گرڻا تنتا  Lower motor neurons
(2) مٿيان گرڻا تنتا  Upper motor neurons
ھيٺيان گرڻا تنتا ڪرنگهي spinal cord کان لسين مشڪن smooth muscles ۽ ڍانچي مشڪن skeletal muscles ڏي اشارا کڻي ھلن ٿا. مٿيان گرڻا تنتا دماغ ۽ ڪرنگهي جي وچ ۾ اشارا کڻي ھلن ٿا.
مثال طور جڏھن توھان کائو ٿا ڪرنگهي ۾ ھيٺيان گرڻا تنتا کاڌنلي esophagus ۔ معدي stomach ۽ آنڊن intestines ۾ لسين مشڪن ڏي پيغام موڪلن ٿا. اھي مشڪون پاڻ ۾ رابطو رکن ٿيون جيڪو کاڌي کي ھاضمي واري رستي ذريعي اچڻ ڏئي ٿو.

(3) منجهنتا  Interneurons
      يا
      ڪڙولا تنتا Relay neurons

ڪڙولا تنتا Relay neurons حسي داخلا Sensory input ۽ گرڻي نيڪال Motor output ۾ ملن ٿا. ڪڙولا تنتا دماغ Brain ۽ ڪرنگهي Spinal cord ۾ ملن ٿا ۽ حسي تنتن Sensory neurons ۽ گرڻن تنتن Motor neurons جي وچ ۾ رابطيڪاري ڪن ٿا.
حسي تنتن Sensory neurons ۽ گرڻن تنتن Motor neurons جي وچ ۾ معلومات جو تبادلو ڪڙولا تنتا Relay neurons ڪن ٿا. ڪڙولا تنتا يا منجهنتا Interneurons دماغ ۽ حرام مغز ۾ ٿين ٿا ۽ حسي تنتن Sensory neurons ۽ گرڻن تنتن Motor neurons جي وچ ۾ پل وارو ڪم ڪن ٿا. ھي حسي تنتن Sensory neurons کان معلومات کي گرڻن تنتن Motor neurons سان ونڊ ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا يعني حسي تنتن Sensory neurons کان ملندڙ پيغامن تي گرڻا تنتا Motor neurons پنھنجو ردعمل ڏيکارڻ لاء پيغام ڏين ٿا.
منجهنتا تنتي وچارا neural intermediaries آھن جيڪي دماغ ۽ ڪرنگهي ۾ ملن ٿا. اھي گهڻو ڪري تنتي جا عام نمونا آھن. اھي حسي تنتن sensory neurons کان اشارا گذارين ٿا ۽ ٻين منجهنتن interneurons کي گرڻن تنتن motor neurons ۽ ٻين منجهنتن ڏي گذارين ٿا. اڪثر ڪري اھي پيچيدھ برقش complex circuits جوڙن ٿا جيڪي ٻاھرين محرڪن external stimuli سان رد عمل ڪرڻ ۾ تنھنجي مدد ڪن ٿا
مثال طور جڏھن توھان ڪنھن گرم شي کي ڇھو ٿا تہ توھان جي آڱرين جي لڪيرن ۾ حسي تنتا ڪرنگهي ۾ منجهنتن ڏي پيغام موڪلين ٿا. ڪڏھن ڪڏھن منجهنتا توھان جي ھٿ ۾ گرڻن تنتن ڏي پيغام موڪلين ٿا جيڪي توھان جي ھٿ کي پري ڪرڻ لاء چون ٿا. ٻيا منجهنتا دماغ ۾ پيڙ مرڪز pain center ڏي پيغام موڪلين ٿا ۽ توکي درد ٿئي ٿو.

تنتا Neurons

تنتي گهرڙا Nerve cells

 انوکا Unique

پاڙ نما پکيڙون Rootlike extensions

تنتاخو ۔ نراخو ۔ تنت شاخو Dendrites

 تنتاخا ۔ نراخا ۔ تنت شاخا Dendrites

 ناڀ ۔ مرڪز Neucleus

سرو ۔ ڇيڙو Terminal

برقار ۔ بجلي جي رفتار Voltage

اعصابي نفوذا ۔ تنتي نفوذا ۔ تنفوذا Neurotransmitters

Neurotransmission
اعصابي نفوذيت ۔ تنتي نفوذيت ۔ تنفوذيت

مشڪ Muscle

جوڙ Connection

 تنجوڙ ۔ ٻنڌوڙ Synapse

رابطيڪاري Communication
Neurotransmission
اعصابي نفوذيت ۔ تنتي نفوذيت ۔ تنفوذيت

محرڪا ۔ تحرڪا Stimuli

تنترو ۔ تنتر Axon

 تنتي گهرڙا ۔ جسمي گهرڙا Cell bodies

 تنتيت ۔ حسيت Neurogenesis

 تنت بي اپت بيماريون Neurodegenerative

ڳڻتي ۔ ڳاراڻو Anxiety

ذھني مونجھ Depression

بيخوابي Insomnia

ذھني خبط ۔ ذھني وھم Schizophrenia

مرگهي Epilepsy

بيخوابي Insomnia

تني گهرڙو    Cell body

تنترو           Axon

تنتري ڇيڙو ۔ تنتري سرو Axon terminal

ويسر Alzheimer’s

تنتي بگيڙ Parkinson's

جسو ۔ جسمو Soma

 ترو Core

جينياتي معلومات Genetic information

 گهڱا ۔ گهرڙن جا عضوا Organelles

گهڱو ۔ گهرڙي جا عضوو Organelles

جهلي  Membrane

آسا پاسا Surroundings

ميل جول ۔ ميل ۔ رل مل  Interacting

تنتري ٽڪري ۔ تنتري پھاڙي Axon hillock

ڊگهي پڇ واري جوڙجڪ جھڙو Tail-like structurea

سنڌو ۔ ٻنڌو Junction

چروٻو ۔ چرٻي وارو تھ Myelin

 تنتاخي وڻ ۔ تنت شاخي وڻ Dendritic tree

ڇاڳل گهرڙا ۔ صراحي گهرڙا Purkinje cells

تاندوري پاڙون Fibrous roots

تنجوڙي بٽڻ ۔ ٻنڌوڙي بٽڻ Synaptic button

Neurotransmitter chemicals
تنفوذي ڪيميائي مادا ۔ تنتي نفوذي ڪيميائي مادا ۔ اعصابي نفوذي ڪيميائي مادا

 تنجوڙي بٽڻ ۔ ٻنڌوڙي بٽڻ  En passant

 عملي حرڪو Action potential

عملي حرڪا Action potentials

برقي حرڪو Electric potential

برقي حرڪا Electric potentials

Presynaptic ending
اڳ تنجوڙي پڇڙي ۔ اڳين تنجوڙي پڇڙي

تنجوڙي ڦوٽ ۔ ٻنڌوڙي ڦوٽ     Synaptic cleft

Postsynaptic ending
پٺ تنجوڙي پڇڙي ۔ پوئين تنجوڙي پڇڙي

تنتي جهلي Neural membrane

اوڻا ۔ اڻرا ۔ اڻڪا Ions

ڪيميائي پيغامڪار Chemical messengers

ڪيميائي تنجوڙ ۔ ڪيميائي ٻنڌوڙ Chemical synapses

برقي تنجوڙ ۔ برقي ٻنڌوڙ Electrical synapses

 اوڻي چينل ۔ اڻري چينل Ion channels

واڌو برقي اشارا Positive electrical signal

منتقلي Transmitting

جوڙجڪ Structure

ڪارج ۔ ڪم Function

 جينياتي ميڪپ ۔ جينياتي سنوار Genetic makeup

زندھ جيوتون Living organisms

جنسن Species

حسي تنتا     Sensory neurons

گرڻا تنتا        Motor neurons

منجهنتا        Interneurons

طبعي لاڳتون ۔ طبعي گهيڙ Physical input

ڪيميائي لاڳتون ۔ ڪيميائي گهيڙ  Chemical inputs

رضاڪارانہ تحريڪون     Voluntary movements

 ۽ غير رضاڪارانہ تحريڪون Involuntary movements

مشڪون Muscles

عضوا Organs

غدود Glands

ھيٺيان گرڻا تنتا  Lower motor neurons

مٿيان گرڻا تنتا  Upper motor neurons

لسين مشڪون Smooth muscles

ڍانچي مشڪون Skeletal muscles

تنتي وچارا Neural intermediarie

پيچيدھ برقش Complex circuits

ٻاھريان محرڪا External stimuli

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment