Wednesday 25 December 2019

سج گرھڻ Solar Eclipse 💎اصغر ساگر💎

جڏھن چنڊ پنھنجي مدار ۾ حرڪت ڪندو سج ۽ زمين جي وچ ۾ اچي وڃي ٿو تہ سج کي گرھڻ لڳي ٿو. انهي مد ۾ ٻن قسمن جي ڇانو جڙي ٿي.
(1) مڪمل ڇانو    Umbra
(2) جزوي ڇانو     Penumbra
زمين جي جن علائقن تي مڪمل ڇانو Umbra پوي ٿي ۽ سج جي روشني جي درميان چنڊ مڪمل طور اچي وڃي ٿو اتي مڪمل سج گرھڻ Total Eclipse ٿئي ٿو.
زمين جي جن علائقن تي جزوي ڇانو Penumbra پوي ٿي اتي سج جي روشني درميان چنڊ مڪمل طور نٿو اچي پر چنڊ سج جي ٿوري حصي کي ڍڪي ٿو ان ڪري اتي Partial Eclipse جزوي سج گرھڻ ٿئي ٿو.
زمين جو مدار سج جي چوڌاري بيضوي ٿئي ٿو ۽ چنڊ جو مدار ڌرتي جي چوڌاري بيضوي ٿئي ٿو، ان ڪري زمين پنھنجي مدار ۾ جڏھن سج جي قريب نقطي تي پھچي ٿي تہ زمين تي سج جي ٽڪي وڏي ۽ چنڊ جي ٽڪي ننڍي نظر اچي ٿي ۽ ان صورت ۾ چنڊ سج جي مقابل ٿي وڃي تہ چنڊ سج کي مڪمل نٿو ڍڪي ۽ عين درميان اچڻ باوجود سج جي ٽڪي ڪنارن کان ڪنارن کان نظر ايندي آھي ۽ ھڪ ڇلي جو منظر پيش ڪري ٿي ان صورت ۾ ڇلوي سج گرھڻ Annular Eclipse ٿئي ٿو ۽ ان گرھڻي صورت ۾ ڇانو کي مڪمل ڇانو Umbra چئجي ٿو. ھي ڇانو جو اھو حصو آھي جتي روشني جون تمام شعاعون بلاڪ ٿي وڃن ٿيون پر ڪناري واريون شعائون اک تائين پھچن ٿيون، ان ڪري ان گرھڻ ۾ چنڊ ۽ سج جو سامهون اچڻ ڇلي جو منظر پيش ڪري ٿو. اھڙي صورت ۾ زمين مٿان چنڊ جي ڇانو پوي ٿي ڇوجو زمين کان سج جو مفاصلو زمين جي چنڊ جي مفاصلي کان 4 سوڀيرا وڌيڪ آھي ۽ سج جو محيط بہ چنڊ جي محيط کان 4 سو ڀيرا وڌيڪ آھي ان ڪري گرھڻ جي موقعي تي چنڊ سج کي مڪمل يا ڪافي حد تائين ڍڪي ٿو.

سج گرھڻ جو ھنڌ:-
سج گرھڻ سڄي ڌرتي تي نٿو ٿئي پر محوري ڦيري جي ڪري ڌرتي جي ڪجھ حصن تي ٿيندو آھي، ڪٿي مڪمل سج گرھڻ ٿيندو آھي، ڪٿي وري جزوي سج گرھڻ ٿيندو آھي تہ ڪٿي وري نہ ٿيندو آھي. مطلب سج جي جتي روشني پوي ٿي اتي سج گرھڻ ۽ جتي نٿي پوي اتي اھو علائقو آجو رھي ٿو. مثال طور ھڪ انڌيري ڪمري ۾ ڪجھ فاصلي تي پيل فٽ بال تي ٽارچ جي روشني ھڻجي تہ بال جي سامهئين حصي تي روشنيء جو ٽڪو نظر ايندو ۽ پويون حصو بنا روشني ھوندو. مطلب اھو نڪتو سج جي جتي روشني پوي ٿي اتي سج گرھڻ جا آثار رھن ٿا ۽ ڌرتيء جا ٻيا علائقا آجا رھن ٿا. مڪمل سج گرھڻ ھڪ علائقي ۾ تقريبن 370 سالن بعد ڏسي سگهجي ٿو ۽ وڌ کان وڌ گرھڻ 7 منٽ چاليھ سيڪنڊن تائين برقرار رھي سگهي ٿو پر جزوي سج گرھڻ کي سال ۾ ڪافي دفعا ڏسي سگهجي ٿو. 1999ع ۾ يورپ ۾ ڏٺل سج گرھڻ مڪمل سج گرھڻ ھيو ۽ تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ مڪمل سج گرھڻ ھيو.

سج گرھڻ کي سڌو ڏسڻ جا نقصان:-
سج گرھڻ کي ڏسڻ ان ڪري خطرناڪ آھي جو جڏھن روشني گهٽ ٿئي ٿي تہ اک جون ماڻڪيون Pupils مڪمل کليل ھونديون آھن جنھن جي ڪري اکين کي مڪمل نقصان پھچي سگهي ٿو. ھڪ تہ روشني جو توازن اوچتو تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ گرمي پد Temperature گهٽ ٿي وڃي ٿو جڏھن تہ روزانو ائين نٿو ٿئي. جھڙي طرح اکين ۾ سينسر لڳل ٿين ٿا، اھڙي طرح روز جي حساب سان رونما ٿيندڙ ماحولياتي تبديليون دماغ ۾ رڪارڊ ٿين ٿيون. سج گرھڻ جي ڪري اوچتو اکين جي سرشتي ۾ خلل پيدا ٿي سگهي ٿو جڏھن تہ چنڊ جو اونداھو رخ ۽ زمين تي پيل ان جي ڇانو جي ڪري اونداھو رخ ٻئي يڪسان طرف ۾ ٿين ٿا. گرمي پد ۽ روشني جي ڪرڻن جي دٻاء جي ڪري زمين ۽ چنڊ ڪشش جي دائري ۾ لرزي سگهن ٿا ۽ نڪري بہ سگهن ٿا.
سج يا سج گرھڻ ڏي ڏسڻ اکين لاء نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. سج گرھڻ ڇلوي گرھڻ Annular Eclipse ھجي يا جزوي گرھڻ Partial Eclipse، ان مان ٿورڙي روشني ايندي ھجي اھڙي حالت ۾ سج ڏي ڏسڻ سڌو سنئون نقصانڪار آھي. 
سج مان نڪرندڙ ٿورڙو ڪرڻو ايتري روشني رکي ٿو جو اکين کي نقصان پھچي سگهي ٿو. ھڪ فيصد کان گهٽ چمڪندڙ سج جي روشني چنڊ جي روشني کان 4 ھزار ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿئي. سج گرھڻ کي بغير ڪنھن بصري مدد جي سڌو سنئون ڏسڻ سان اک جي نرعڪسي Retina ٽيھ سيڪنڊن ۾ جلي سگهي ٿي. جيڪڏھن ڪو ماڻھو دوربين سان ڏسي تہ اک جي نرعڪسي Retina ھڪ سيڪنڊ ۾ سڙي سگهي ٿي.
وڏي خطرناڪ ڳالھ اھا تہ اکين جي نرعڪسي Retina ۾ درد محسوس ڪرڻ وارا وصولا Receptor نٿا ٿين ۽ اکين کي پھتل نقصان جي خبر نہ پوندي. نقصان جا اثر ڪلاڪن بعد ظاھر ٿيندا.
مڪمل سج گرھڻ يا 70 فيصد کان مٿي سج گرھڻ جي ڪري گرمي پد ھڪدم گهٽجي وڃي ٿو.
سنئون سڌو سج گرھڻ طرف ڏسڻ ڪري اک جي نرعڪسي Retina سيڪنڊ ۾ سڙي سگهي ٿي ۽ ماڻھو انڌو ٿي سگهي ٿو ان ڪري سج طرف ڏسڻ نہ گهرجي.
ڪافي طريقا ۽ سامان آھن جن جي مدد سان ڏسي سگهجي ٿو اھي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا جن ۾ ڌنڌلو شيشو Smoked glass ۔ گاڏين جو شيشو ۔ اڪسري فلم ۔ سج جا چشما Sun glasses ۽ ڪيميرا فلٽر Camera filter شامل آھن. سبب ھي آھي تہ سڀ طريقا سج جي شدت جي روشني کي گهٽ ڪن ٿا پر اھي سج مان نڪرندڙ تابڪاري شعائن کي روڪي نٿا سگهن.

سج گرھڻ کي ڏسڻ جا طريقا:-

(1) مائلر فلٽر Mylar Filter
ھن ۾ پلاسٽڪ جي شيٽ کي اليومينيم سان ڪوٽ ڪيو وڃي ٿو. ھن سان سج گرھڻ کي ڏسي سگهجي ٿو.

(2) ويلڊر گلاس Welder Glass
ولڊنگ وارا شيشا سج گرھڻ کي ڏسڻ لاء استعمال ڪري سگهجن ٿا جنھن سان ڪوبہ نقصان نٿو ٿئي.

آمريڪا ۾ سج گرھڻ:-
26 ڊسمبر 2019 تي آمريڪا ۾ مڪمل سج گرھڻ ٿيندو جنھن کي ملڪ ڀر ۾ ڏٺو ويندو. آمريڪا ۾ سج گرھڻ کي ڏسڻ جون تياريون زور شور سان آھن. ناسا سج گرھڻ ڏسڻ ۾ دلچسپي رکندڙن ۾ مفت خاص عينڪون ورھايون آھن. ماھرن مطابق ھاپڪن ويز جو علائقو سج گرھڻ جو مرڪز ھوندو جتي ڏينھن جو 1:20 وڳي انڌيرو ٿي ويندو ۽ ھي اونداھي ٻہ منٽ چاليھ سيڪنڊن تائين جاري رھندي.

پاڪستان ۾ سج گرھڻ:-
پاڪستان جي تمام جنوبي علائقن ۾ 20 سالن کان پوء 26 ڊسمبر تي سج گرھڻ کي ڏسي سگهجي ٿو. آخري بار سج گرھڻ 11 اگسٽ 1999ع تي ٿيو ھو 
جڏھن شام 5:26 وڳي ڪراچي ۾ خاص طور تي مڪمل سج گرھڻ ٿي ويو ھو ۽ شام ڳاڙھي انڌيري ۾ ڍڪجي وئي ھئي. ھي سج گرھڻ ڪراچي ۾ مڪمل سج گرھڻ ھيو ۽ سج چنڊ ۾ مڪمل لڪي چڪو ھيو.
ھاڻي پورن 20 سالن بعد 26 ڊسمبر 2019 تي صبح 7:34 وڳي کان سج چنڊ پويان لڪڻ شروع ڪندو ۽ صبح 8:46 وڳي سڀ کان وڌيڪ سج گرھڻ ٿيندو ۽ صبح 10:10 وڳي سج گرھڻ ختم ٿي ويندو. سج گرھڻ ڪٿي وڌيڪ ٿيندو انهن علائقن ۾ جنوبي پاڪستان جي خاص طور علائقن ڪراچي ۽ گوادر ۾ سڀ کان ٿيندو جتي تقريبن سج جو 80 سيڪڙو چنڊ پويان لڪي ويندو ۽ ڏينھن جو وقت ڪجھ رات ۾ تبديل ٿي ويندو. سج گرھڻ پاڪستان جي ڪجھ علائقن ۾ جزوي طور ڏسي سگهجي ٿو.

سج گرھڻ جا اثر:-
سج گرھڻ ۾ ھلڻ يا ڪمري مان نڪرڻ پيٽ واري عورت يا مرد لاء نقصانڪار ناھي پر سج طرف نہ ڏسجي. اسان وٽ اھا ھٿ ٺوڪي ڳالھ آھي تہ سج گرھڻ جا شعاع پيٽ واري عورت کي نقصان پھچائن ٿا ۽ پيٽ ۾ ان جي ٻار کي نقصان پھچائين ٿا ھي ڪوڙ آھي.
سج گرھڻ ۾ پيٽ واريون عورتون ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ ٻاھر ھلي سگهن ٿيون مٿن سج گرھڻ جو ڪوبہ اثر نٿو ٿي سگهي.
سج گرھڻ محوري ڦيري جو ھڪ حصو آھي جيڪو رونما ٿيندو ۽ وقت سان ھليو ويندو ان ڪري پريشان ٿيڻ نہ کپي ۽ نڪي عقيدت واري نظريي سان ان کي عذاب سمجهڻ کپي.
ڪجھ عقيدائين ليکي سج گرھڻ آفت آھي پر اھو غلط نظريو آھي. سج گرھڻ ڪابہ آفت ناھي. چنڊ جي محوري ڦيري ۽ چنڊ جو سج سامهون اچڻ ڪري سج گرھڻ ٿي وڃي ٿو ۽ سج جي روشني اسان وٽ نٿي پھچي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment