Friday 12 July 2019

سيويو ۔ کنڊ ٻوٽو Stevia 💎اصغر ساگر💎

سيويو پنھنجن مٺن پنن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھي قدرتي طور تي پيراگوئي ۽ برازيل ۾ پاتو وڃي ٿو پر ھن جي پوکي دنيا ڀر ٿي چڪي آھي. ھن جا پن کنڊ کان 15 ڀيرا وڌيڪ مٺا آھن ۽ ھن جو عرق کنڊ کان 2 سو کان 3 سو ڀيرا وڌيڪ مٺو ٿئي ٿو. ھن جي نشاستي ۾ حرارا نہ ھجڻ جي برابر آھن جنھن ڪري ھي شڳر جي مريضن لاء مفيد آھي. ھي رت ۾ شڳر جي مقدار ۽ بي پي کي گهٽ ڪري ٿو. ھن مان تيار ڪيل کاڌا مريض بنا ھچڪ جي استعمال ڪري سگهن ٿا. اسٽيويا کنڊ جو بھترين متبادل آھي.
تحقيقن بعد ھي ڳالھ مشاھدي ۾ آئي آھي تہ جيڪڏھن اسٽيويا جي پنن کي چانھن جي پتي طور استعمال ڪيو وڃي تہ چانھن بنا کنڊ بلڪل مٺي ٿي سگهي ٿي. ھي جراثيم ڪش آھي ان ڪري ھن کي ڏند جي پيسٽن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھي ڏندن ۽ ھڏن کي مضبوط ڪري ٿو ڇوجو ھن ۾ ڪيلشم وافر مقدار ۾ موجود آھي جيڪا عورتن ۽ ٻارن جي نشونما لاء مفيد آھي. سيويو ھاضمي جي نظام ۽ معدي جي فعل کي درست ڪري ٿو ۔ معدي جي السر کي گهٽ ڪري ٿو ۔ رت جي گهرڙن کي ٺھڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۔ رت جي نالين کي مضبوط ڪري ٿو ۽ انساني جسم ۾ روٽا وائرس خلاف اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. 
ماھرن جي تجزيي مطابق ھي ٻوٽو سڄي پاڪستان ۾ پوکي سگهجي ٿو. جيڪڏھن ھن جي پنن مان چانھن جي پتي ٺاھڻ درڪار ھجي گل اچڻ کان پھرين ھنن جي پنن کي ٽوڙي پيھي انهن جو پائوڊر ٺاھيو وڃي ۽ چانھن يا کاڌن ۾ استعمال ڪيو وڃي. ھن ٻوٽي کي ٿوري تڪليف سان گهرن ۾ بہ پوکي سگهجي ٿو.
نرسرين ۾ ھي ٻوٽو سو کان ٽن سون تائين وڪرو ٿئي ٿو پر ايوب زرعي تحقيقاتي اداري ۾ جهنگ کان فيصل آباد تائين ھي ٻوٽو 5 روپين ۾ ملي سگهي ٿو پر ھن جي نرسري کي پھرين ٿڌن علاقن ۾ تيار ڪري پوري ملڪ ۾ فراھمي ڪئي وڃي ٿي. ھن غير روايتي فصل طرف توجھ ڏيئي نفعي ڪمائڻ سان گڏ گهر جي مٺاڻ جي ضرورت پوري ڪرڻ کان سوا چانھن ۾ پوندڙ ھٿراڌو ڪيميائي مادن کان بچي سگهجي ٿو. ھن جي ٻج جي ڦٽڻ جي شرح گهٽ ٿئي ٿي. جيڪڏھن ٻج پوکڻا ھجن تہ ٺڪر جي ڪپن ۾ مٽي ۾ 2 يا 3 ٻج وجهي ان تي پاڻي جي ڇڻڪار ڪجي ۽ شاپر سان ڍڪجي. ھن جي قلم مان ٻوٽو ڦٽي ٿو. 

فائدا :- 
اسٽيوا بي زھر آھي. جنوبي آمريڪا جا ماڻهو صدين کان کائيندا اچن ٿا پر زھر ناھي پاتو ويو
گهٽ ڪيلرين ھجڻ ڪري ھن جا پن کاڌن ۽ شربتن ۾ وڌا وڃن ٿا. ھن جا پن شڳر ۔ ٿولھ ۽ ڪچ ھڏ arteriosclerosis جي ماڻھن لاء موزون آھن.
سٽیلوزائڊ آساني سان پاڻي ۽ الڪوحل ۾ حل ٿئي ٿو ۽ سڪروز ۔ فرڪڪوز ۽ آورومائيزڊ ھن جي کنڊ سان ملن ٿا تڏھن ذائقو بھتر ٿئي ٿو.
ھي منفرد مٺو ذائقو رکي ٿو ۽ مٺيون خاصيتون رکي ٿو. ھن کي ذائقي جي کاڌن ۽ ڪينڊين وغيرھ لاء استعمال ڪري سگهجي ٿو. ھي ذائقي دار ايجنٽ طور استعمال ٿئي ٿو ۽ خوراڪي دوائن ۾ بہ ڪم آندو وڃي ٿو.
ھن کي دواسازي ۔ شربتن ۔ دالن ۽ حبن جي تيار ڪرڻ لاء متبادل سينڪلي Sucrose طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ھن کي مصالحن ۔ آچارن ۔ ڪاسميٽڪ ۽ سگريٽ لاء ڪم آڻي سگهجي ٿو.

پوکي :-
سيوين جي پوکي جو بھترين طريقو آھي تہ ھنن جي قلمن ۾ پوکي ڪجي. پوکي جي بھترين موسم بھار جي شروعات ۾ ٿئي ٿي ۽ ٽن سالن تائين ھي ٻوٽا پيداوار ڏيئي سگهن ٿا. سردين ۾ ھن جي واڌ رڪجي وڃي ٿي. ھن کي پيسٽيسائيڊ نہ ڏجي ڇوجو ھن ۾ ڪيڙا تمام گهٽ پون ٿا. جيڪڏھن نظر اچن تہ نموري ڪلو کي 16 ڪلو پاڻي ۾ ڪاڙھجي جڏھن 8 ڪلو بچن تہ جوشاندي کي ڇاڻي رکجي. زمين ۾ ڪلر نہ ھجي تہ صرف گوبر استعمال ڪجي تہ جيئن پي ايڇ 6 کان 7 انچ رھي. ھن جي نرسري جي تياري دوارن گرمي پد 15 کان 20 ڊگري سينٽيگريڊ ھجڻ کپي. ھن جو فصل 50 کان 70 مڻ في ايڪڙ لھي سگهي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment